تازيون خبرون

Daily Archives: April 13, 2015

برطانيا جي ٽينس اسٽار پنهنجي مڱيندي ڪم سيئرز سان شادي ڪري ورتي

برطانيا(اسپورٽس نيوز) برطانيا جي ٽينس اسٽار ۽ ورلڊ نمبر ون اينڊي مري ڪالهه پنهنجي مڱيندي ڪم سيئرز سان اباڻي شهر ڊنبلين ۾ شادي ڪري ورتي، سندس شادي مقامي وقت موجب شام چئين وڳي ڊنبلين جي ڪيٿيڊرل ۾ ٿي. اينڊي مري ۽ ڪم ٻئي 27 سالن جا آهن. 12 هين صديءَ جي تاريخي چرچ ۾ شاديءَ جي رسم کان پوءِ ٻنهي ريسيپشن ۾ شرڪت ڪئي، جتي خاندان ۽ چند ويجھن دوستن کي دعوت ڏني وئي هئي. شهر کي پڻ سينگاريو ويو هو. روڊن جي ٻنهي ڪنارن تي جھنڊيون هنيون ويون هيون، جڏهن ته مقامي دڪاندارن به ان ۾ اڳي کان اڳرا نظر آيا. ڪجھه چاهيندڙن گارڊن پارتي جو منصوبو رٿيو هو، اطلاعن موجب منجھند 12 وڳي کان شام جو ڇهين وڳي تائين چرچ جي چؤڦير روڊن کي بند ڪيو ويو هو. مري ڪم سان گذريل نومبر ۾ مڱڻي ڪئي هئي، سنه 2005ع ۾ ٻنهي جي ملاقات ڪم جي پيءُ نائيجل ذريعي ٿي هئي.

 

اظهر علي نوجوان رانديگر ۽ پيشيوراڻي سوچ رکندڙ باصلاحيت ڪپتان آهي : نويد اڪرم چيما

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مينيجر نويد اڪرم چيما چيو آهي ته اظهر علي نوجوان رانديگر ۽ پيشيوراڻي سوچ رکندڙ باصلاحيت ڪپتان آهي، سندس اڳواڻيءَ هيٺ بنگلاديش جي ٽيم خلاف سيريز ۾ ٽيم بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي، قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته لاهور ۾ تربيتي ڪيمپ دوران رانديگرن جي خامين کي دور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي، نويد اڪرم چيما چيو آهي ته ورلڊڪپ ۾ رانديگرن جي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي جو ڪو وڏو واقعو ناهي ٿيو، هن چيو ته پي سي بي ڊسيپلين جي معاملي ۾ زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي.

 

بلوچستان ۾ بدترين دهشتگردي…!

 

بلوچستان ۾ دهشتگردن وحشت جي انتها ڪندي شڪاگو جي شهيدن واري واقعي جي ياد ڏياري ڪري ڇڏي. تربت ۾ هٿياربندن حملو ڪري 7 سنڌ واسين سميت 22 پورهيتن کي ليويز اهلڪارن جي موجودگيءَ ۾ ماري ڇڏيو. بلوچستان جي تربت واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ۾ سهراب ڊيم تي ڪم ڪندڙ 22 پورهيت مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ليويز اختيارين موجب تربت جي علائقي ۾ گگدان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن سهراب ڊيم تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي ڪيمپ تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. فائرنگ جي نتيجي ۾ 22 پورهيت ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ اوٻاوڙو ڀرسان سنڌ پنجاب دنگ واري ڳوٺ شاهپور  ۽ چڪ  212 .203 . 169  جا سولنگي برادري سان واسطو رکندڙ 16 ڄڻا شامل آهن،  جن  ۾  محمد ارشاد سولنگي  ولد جمعو سولنگي . محمد فاروق ولد محمد صديق سولنگي. محمد ساجد ولد لطيف سولنگي . ممتاز حسين ولد سونا خان سولنگي . الله ڏنو ولد نورزمان سولنگي . محمد راڻا ولد ربنواز سولنگي. بلاول خان ولد شبير احمد سولنگي، عبدالرحمان ولد عبدالحميد سولنگي  حاجي  محمد ولد محمد شريف سولنگي، محمد عاشق ولد عبدالمجيد سولنگي. جڏهن ته 20 ڏينهن اڳ شادي ڪندڙ نوجوان سيٺار احمد ولد عبدالمجيد سولنگي شامل آهن، ان کان سواءِ واقعي ۾ الله ڏتو پنجابي ۽ ٻيا زخمي ٿيا. اسلام ڪوٽ واسي پنج ڄڻا مجيد مڪواڻو، مجنون مڪواڻو، نالي مٺو مڪواڻو، صوبدار مڪواڻو، ڏڻي بخش مڪواڻو ۽ بدين جي ڳوٺ حاجي سليمان منگواڻو جا رهواسي ٻه پورهيت اسلم منگواڻو ۽ ايوب منگواڻو به تربت واقعي ۾ مارجي ويا آهن. هوڏانهن  مار جي ويلن جي گهرن ۾  قيامت صغري جو منظر آهي ۽  علائقي  ۾ سوڳ ڇانيل آهي . جڏهن ته  ڪو به چونڊيل نمائندو متاثر ڪٽنبن وٽ  نه پهتو آهي. مارجي ويلن جي وارثن  دانهون ڪندي چيو ته  اسانجا نوجوان مزدوري ڪرڻ لاءَ ويل هيا جن کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي.تربت واقعي ۾ مارجي ويل 7 ڄڻن جا لاش بلوچستان کان حيدرآباد ايئرپورٽ تي آندا ويا، جتان  وارث لاش پنهنجن گهرن ڏانهن کڻائي روانا ٿي ويا، جڏهن ته پنجاب جي پورهيتن جا مڙهه رحيم يارخان آندا ويا، جتي موسم جي مڙهه کڻي ايندڙ هيليڪاپٽر موسم جي خرابي سبب لينڊنگ نه ڪري سگھيو، جنهن سبب مڙهه سکر ايئرپورٽ نيا ويا، جتان لاش اباڻن ڳوٺن ڏانهن اماڻيا ويا. مڪران جي ڪمشنر پسند خان بليدي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل پورهيتن مان 15 ڄڻن جو تعلق پنجاب جي صادق آباد واري علائقي سان آهي، جڏهن ته باقي پورهيتن جو تعلق سنڌ جي شهر حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر سان آهي. ڪمشنر چيو ته واقعي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. ڪمشنر پسند خان بليدي موجب، واقعي کانپوءِ مختلف علائقن ۾ ناڪن ۽ چيڪ پوسٽن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن غفلت جو مظاهرو ڪرڻ تي ڪيمپ جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر سمورن ليويز اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته علائقي جي مختلف ٿاڻن جا ايس ايڇ او پڻ معطل ڪيا ويا آهن

 

نقل لاءِ به عقل کپي ؛شوڪت لوهار

سڄڻ سائين سچ پڇو ته جيئن مڇي پاڻي بنا رهي نٿي سگهي ۽ ڪي سڄڻ نسوار کانسواءِ زندگي کي جيون اجاڙ رستا سمجهن ٿا، ساڳي ريت بوريت جو آڪٽوپس ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ٿو چڪ هڻي جو جند ڇڏائڻ ڏکيو ٿي ٿو پوي.

اوهان به سوچيندا ضرور هوندا ته يار ساڳي ساڳي موضوعن تي ڳاٽي ڀڳا مضمون پڙهي پڙهي رت ٿي پيا آهيون ڪا نواڻ ئي ڪونهي، ڪا مٺاس، ڪا لڻاٺ ڪجهه به ته ڪونهي…! ڇا ڪجي جيڪو ڪُني ۾ هوندو اِهو ئي ٻاٽ ۾ پوندو. جيڪي حالات آهن مڙئي انهن جي مرمت ڪري فرض شناس ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ويٺا ڪريون.

ڪو وقت هو جو اسان جا پوڙهڙا ڪانڀ ڪڍي ويهندا هئا ۽ هي حوال وٺي حوال سان ڳالهه چوربي هئي ۽ رات جي آخري پهرن تائين پيون ڪچهريون هلنديون هيون. وقت ائين پلٽو کاڌو آهي جيئن ڪو ملهه پهلوان پلٽو کائي بک، بيماريون، چوريون، زوريون ۽ ٻيا گهڻا ئي هم قافيا لفظ آهن جن هرڻي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آهي. اڳي اسان جو فائنل پاس ماڻهو اعليٰ تعليم يافته ماڻهو ڪري ليکيو ويندو هو ۽ فائنل ڪرڻ سان ئي ماستري جو آرڊر هٿ ۾ هوندو هو. اڄڪلهه ته ايم اي پاس نوجوانن کي روزگار لاءِ پريشان ڏٺو آهي. وري اسين ايڏا شرميلا نوجوان جو پرنسز فلاويا بابت پڙهي پاڻ کي خوبيده دنيا ۾ گم ڪري ٿا ڇڏيون. پوءِ سيلز مين به ڪو نه ٿينداسين، دڪان وغيره کولڻ هونئن به اسان جي شان وٽان ٿورو ئي آهي. آخرڪار وڃي سگريٽ جو پاسو وٺنداسين ۽ پوءِ سگريٽ کان اڳتي سرندا سرندا وڃي وزم تائين دنگ ڪنداسين. آخر ۾ دماغ ختم، جان ختم ۽ ٻئي جهان ختم!

سدائين لکڻ ۾ اِهو پِٽڪو ته اسان جي تعليم تباهه ٿي ويئي آهي، اسان جي تعليم جي ٻيڙي ٻڏي ويئي آهي. اسان جي تعليم ختم آهي. تعليمي ميدان ۾ اسين ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا ڪو نه آهيون (هونئن وري ڪهڙو ٻين شعبن ۾ منهن ڏيکارڻ جوڳا آهيون). اسان کان تعليم جو حق ڦريو ويو آهي. اسان کي تعليم کان محروم ڪيو ويو آهي. گهوڙا ڙي امتحانن ۾ ڪاپي پئي ٿئي. امتحانن ۾ ڪاپي روڪرائڻ لاءِ ڪي اپاءَ وٺو، هيئن ڪيو نه ته هونئن ٿي ويندو وغيره وغيره سو ڏاها ٿيو، سياڻا ٿيو اڄ ڏينهن تائين اوهان جيترو يوناني دوائون واپرايون آهن، مختلف يوناني ڦڪيون کاڌيون آهن، ڀلي اهي ڪهڙي به ڪمزوري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇو نه هجن، پر جيڪڏهن يوناني دڪان تان ڦڪين جي بجاءِ ٿورو ئي سهي پر يوناني فلسفو پر چوڻ طور ئي وٺون ها ته اڄ هي ڏينهن ڏسڻا ڪو نه پون ٿا، پر نه، اسين پاڻ کي هتان جا مقامي سڪرات ۽ ارسطو سڏيون ٿا، ٻه چار ڪوڙا سوڙا حوالا ڏيو ته ماڻهو اوهان کي افلاطون جو سئوٽ سمجهڻ لڳندا. هڪ اڌ ڪو پرايو ڪتاب اٽڪل ۽ حرفت بازي ڪري لفظن جي چرٻي ۾ لاهي پنهنجي نالي تي ڇپائي پنهنجو پاڻ کي اسٽيفن ليڪاڪ ۽ چومسي جا چاچا ماما سڏائيندي دير ئي ڪو نه ٿا ڪريون. اصل ۾ اسان جو اصل مسئلو جذباتي ٿيڻ آهي. تنهن ڪري جذباتي ٿيڻ کان پهرين سوچجي ته اسين هڪ بصر آهيون، تهه کلندا ويندا ۽ اسان جو وجود ڪجهه ڪو نه وڃي بچندو. اوهان ڀلي ڳوڙها ڳاڙيو، دانهون ڪريو، احتجاج ڪريو، لانگ مارچ ڪري مائو جي روح کي راحت پهچايو پر حقيقت کان اکيون نٿا چورائي سگهو. ڀل اُٺ پکي ٿيو پر پوءِ به حقيقت کي منهن ڏيڻو پوندو.

تعليم حاصل ڪرڻ وارا آگبوٽ ذريعي بمبئي يونيورسٽي ۾ بي اي جو امتحان ناپاس ڪرڻ جي باوجود چار سئو ڪتاب لکي ويا ۽ شمس العلماءُ جا لقب ماڻيائون. اوهان نيو گليڪسي ٽچ اسڪرين سيٽ ۽ ڪنهن سيريز جون گائيڊون وٺي ”لياڪت“ کي ”ڪ“ سان لکو ٿا پر خير هونئن به اسين اجايو کڻي رڻ ٻاريو آهي تعليم حاصل ڪري اُٺ ڪتابن جا پڙهي به آخر ڇا ڪرڻو آهي. ماڻهو جو دٻدٻو ته ڊبل گهوڙا بوسڪي ۽ ٿلهن ٽائرن واري گاڏي ۾ آهي نه ڪي ڪتاب پڙهي پڙهي سلفي ٿيڻ ۾!مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو آهي ته ڪو ڌاريو ملڪ اسان جي ملڪ تي ڪاهه ڪري آيو هجي ۽ اسان کي پڙهڻ کان روڪيو ويو هجي يا اسان جي تعليم تباهه ڪئي هجي. اسان وٽ هميشه اهو روئڻ رنو ويندو آهي ته تعليم تباهه ٿي ويئي آهي. مون کي ڏسيو ته ڪهڙي ملڪ ڊرون ڪيرائي يا مارٽر گولا هلائي اوهان جي تعليم تباهه ڪئي آهي؟ اوهان وٽ تعليم آهي ئي ڪٿي جو تباهه ٿيندي؟ تباهه ته اها شيءِ ٿيندي آهي جنهن جو وجود هجي، اسان وٽ تعليم نالي ڪا شيءِ موجود آهي ئي ڪونهي ته پوءِ تباهه ڇا ٿيو؟اسان وٽ تقريبن هر سال امتحاني موسم ۾ اِهو رينگٽ شروع ٿيندو آهي ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحانن ۾ ڪاپي جي ڌم متل، اهلڪار پاڻ ڦرا کڻي وڃي شاگردن کي پيا پهچائيندا آهن. نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻاهرين ڪلاسن جي ذميوار بورڊن تحت ڪيل انتظاميه طرفان ڪرايل امتحانن جي نگراني کي واضح ڪيو ويندو آهي.امتحان دوران ڪاپي ڇو ٿي ٿئي؟ اِهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن تي هر سال اهڙن ئي ڏينهن ۾ اهڙن ئي پنن ۾ مون جهڙو ڪو اڌ اکريون ويٺو مضمون لکندو آهي. امتحانن ۾ ڪاپي جا ڪارڻ هي آهن هو آهن وغيره وغيره. مائٽ ذميوار آهن، شاگرد ذميوار آهن، انتظاميه ذميوار آهي وغيره وغيره شاگرد بيوس مخلوق آهي تنهن ڪري انهن جو به قصور ڪونهي ته ڪاپي اهي ڇو ٿا ڪن؟ ظاهر آهي ڪاپي ڪرڻ ڏني وڃي ٿي تڏهن ئي ته اهي ڪاپي ڪن ٿا نه. باقي انتظاميه سڳوري پيپر واري ڏينهن ڳِجهن وارا لامارا پيئي ڏيندي ته خبردار ڪاپي نه ڪريو. ضلعي جو چڱو مڙس به ڪفلنگ لڳائي انهيءَ وقت اچي وارد ٿيندو ته خبردار متا ڪاپي ڪئي اٿو؟ هائو ڀائو تون سڄو سال ڪٿي هئين؟ ڪڏهن اها توفيق ڪو نه ٿي جو اچي اسڪول ڪاليج ۾ ڇاپو هڻي پڇا ڳاڇا ڪر ته پڙهائي جو ڪهڙو حال آهي؟ ايئن ڪجي به ڇو؟ اسين هميشه لڪير جا فقير رهيا آهيون، نانگ ڀڄي وڃڻ کانپوءِ ليڪو پيا ڪٽيندا آهيون.منهنجو خيال آهي ته بورڊ انتظاميه خوامخواهه امتحان ٿي ڪرائي، انهيءَ سسٽم کي ئي ختم ڪرايو وڃي. جڏهن اوهان کي سرندي وارن کي پئسا وٺي مارڪون ڏيڻيون ئي آهن ته پوءِ اجايو امتحان ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. خوامخواهه خوار ٿيڻ، ميڊيا جي زينت بڻجڻ جو ڪهڙو شوق آهي. اوهان کي جن کي به مارڪون ڏيڻيون آهن انهن کي بورڊ ۾ گهرائي اگهه مقرر ڪري مارڪ شيٽون ڏيندا وڃو، اي ون هيتري ۾، اي گريڊ هيتري ۾ بي گريڊ هول سيل ريٽ وغيره وغيره يا وري امتحان ڀل ڪرايو پر جوابي ڪاپي ۽ سوال پيپر ماڻهن کي اڳ ئي ڏيئي ڇڏيو جيئن هڪ اهم اداري ۾ ٿي به رهيو آهي انهيءَ کانپوءِ اوهان هڪ مهيني کانپوءِ انهن کان اهو سامان واپس وٺو. گهٽ ۾ گهٽ ڏسي ڪري لکڻ سان به انهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ته قابليت پيدا ٿيندي بجاءِ انهيءَ جي جو هو (شاگرد) امتحاني سينٽر ۾ اچن، مائٽ امتحاني سينٽرن ٻاهران ڪرائي تي ڪو ماڻهو وٺي اچن مختلف قسمن جون گائيڊون ۽ حل ٿيل پرچا خريد ڪن وري انهن جا سوال ڳولين ۽ اهي سوال ڦاڙي پنهنجي سڪليڌي (پٽ) شاگرد تائين پهچرائين. وچ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي خرچيون ڏين، هي ڪيڏو وڏو جهنجهٽ آهي؟ اوهان پاڻ ٻڌايو ان جو حل ڪهڙو نه سولو مون ٻڌايو آهي. جڏهن اوهان سواليه پيپر يا سوال نامو هڪ رات اڳ ۾ ليڪ ڪري ڇڏيو ٿا ته پوءِ هروڀرو مائٽن جو خرچ ڇو ٿا وڌايو يا شهر جي فوٽو اسٽيٽ مشينن سان به اوهان جو ڪو حصو پتي شامل آهي؟اصل ۾ ڪاپي ڪرڻ سان قوم تباهه ڪو نه ٿي ٿئي، قوم هونئن به هيپاٽائيٽس ۽ بنيادي سهولت جي اڻ هوند ڪري تباهه ٿي رهي آهي. رهي سهي ڪسر سنڌ جي ڪينسر جهڙي وڏيرن پوري ڪري ڇڏي آهي. اعليٰ تعليم تائين اسان جي پهچ هونئن به پوري ساري آهي .اسين ڪهڙو وڃي ناسا ۾ نوڪريون ڪنداسين. جيڪڏهن ٿورو پڙهي به وياسين ته وري ڳوٺ شهر، واهڻ واستين ۽ جنم ڀومين کي ڪهڙي ڀلائي جو دڳ ڏيکارينداسين. اسان مان جيڪي پڙهي ويا آهن انهن ڪهڙا ڦاڙها ۽ هرڻ ماريا آهن؟

تنهن ڪري جنهن کي سيڪڙي جي خبر ئي ناهي تنهن کي 80 سيڪڙو مارڪون ئي ڏيڻيون آهن ته پوءِ هي امتحاني ڌمچر ئي بند ڪريو. خاموشي سان ڪو اهڙو طريقو رائج ڪريو، جنهن سان اوهان جي ڪيل ڪارن ڪرتوتن کي قانوني حيثيت ملي سگهي. باقي هر دفعي امتحاني موسم ۾ ڪاپي جو راڳ آلاپڻ ۽ قوم جو بار کڻڻ جي ڳالهه ڪرڻ ئي اجايو آهي. قوم جو بار هاڻ ايڏو وڏو ٿي ويو آهي جو مصر جي احرامن کان به وڌيڪ ڳرو آهي. اهو ڪنهن ڪاپي زده قوم کان هونئن به ڪو نه کڻبو.

سنڌ ۾ بنيادي سهولتن جي هونئن به ڪيتري اڻاٺ آهي اهو اوهين پاڻ به اندازو لڳائي سگهو ٿا؟ ڇا اوهان جي اسڪول ۾ مقرر ٿيل استاد روزانو پنهنجي ڊيوٽي تي پهچي ٿو؟ ڇا اوهان وٽ قائم ٿيل بنيادي صحت مرڪز ۾ مقرر ڊاڪٽر صاحب حاضر آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ڪاپي ٿيڻ جي هيڏي واويلا ڇو؟ اهو ته سٺو آهي جو اڃا تائين اسان جي ٻارن کي گائيڊ يا پني تان ڏسي لکڻ اچي ٿو، ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جڏهن ڇوڪري جي بدران سندس پيءُ ويهي پيپر حل ڪندو؟

 

فضل سليمان قاضيءَ جو قانون تي لکيل لاجواب ڪتاب ؛اسحاق سومرو

سنڌ ۾ دانشوري به نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ حرفت طور استعمال ڪئي ٿي وڃي. اسان جا ڪيترائي دوست، مها ڏاها، دانشور، صحافي ۽ اديب پنهنجي قلم کي قوم دوست بجاءِ خود دوست رکڻ ۾ سرهائي محسوس ڪندا آهن. اسان جا ساڳيا دوست قلم جي نوڪ مان نڪتل ڏاهپ کي سماجي چڱ ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي پاڻ کي ڪو سياسي فائدو ڏيارڻ يا سماجي رتبو مٿڀرو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. هيءَ صورتحال اهڙن معاشرن جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي جي رهواسين وٽ ضمير ۽ قومي سوچ نالي ڪو وکر نه هجي ٿو ۽ هو هڪ اهڙي ميڙ جي شڪل اختيار ڪندا ويندا آهن، جتي هرڪو ماڻهو ذاتيات جي ڪيمسٽريءَ ۾ ڦاٿل نظر ايندو آهي. سندن سياسيات، سماجيات، معيشت ۽ زندگيءَ جا ڪلي ونهوار وکريل هوندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي قومي وحدت ۽ فڪر جي اجتماعي سگهه ۽ وجود جي باقي رهڻ جو سوال، اسان جي خالي دماغن مٿان لامار ڏيندو رهي ٿو.

ان قومي سوچ ۽ اجتماعي فڪر کي ڪنهن هڪڙي هنج جي ضرورت آهي. ان ضروت کي محسوس ڪيو سنڌ جي هڪ ڏاهي، پنهنجي اسلوب ۾ تمام ايماندار ۽ سنڌيت جي خوشبوءِ سان ويڙهيل بظاهر گمنام زندگي گذاريندڙ منهنجي امڙ جي شهر موري ۾ جنم وٺندڙ فضل سليمان قاضي (سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پهريون صدر)، ون يونٽ جي خلاف جدوجهد ڪندڙ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ دعوت ڏيئي وٺي ايندڙ، سنڌ لاءِ هن وقت به مسلسل انگريزيءَ ۾ لکندڙ سنڌ جي مفاد کي ڇيهو رسائيندڙ ادارن توڙي ماڻهن سان جهيڙيندڙ شخص آهي.

پاڻ جڏهن بينڪ جي نوڪري ۾ هو، اتي به سنڌ سندس وجود ۾ رت وانگر موجود هئي ۽ هاڻي به باوجود پوڙهائپ جي ائين ئي موجود آهي. ساڻس ڪچهري ڪندي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ سنڌ ڳالهائيندي هُجي، پنهنجي دردن جي ڪٿا ٻڌائيندي هجي. جيئن ڪو مريض ڊاڪٽر کي پنهنجي مرض جي باري ٻڌائيندو آهي. قاضي صاحب کي لکڻ پڙهڻ جو شوق نه پر سنڌ سان عشق جي ڪري پاڻ ان کي پنهنجي مجبوري ڪوٺين ٿا. ان جستجو جي پورائي لاءِ قاضي صاحب مختلف بين الاقوامي، قومي توڙي علاقائي اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندا رهيا آهن. پاڻ هونءَ ته کوڙ سارا ڪتاب لکيا اٿن پر سندن تازو لکيل ڪتاب پاڪستان ۾ قانون جي لکيل ڪتابن ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. اهو ڪتاب انگريزي زبان ۾  Discretionary Power  جي عنوان سان ڇپيو آهي. جنهن جي مهورتي تقريب زيبسٽ ڪراچي ڪئمپس ۾ جلد متوقع آهي. جيئن ته ڪتاب جي نالي پڙهڻ سان ئي پاڪستاني مملڪت جي بدمست آفيسر شاهيءَ جي تصوير ۽ طاقت هر پڙهندڙ ذهن ۾ مظاهر ٿيندي، ان سان گڏو گڏ وري ڪجهه سوال پڻ جنم وٺندا ته اختيار ۽ وري اهي به “آزاد اختيار”!؟….. ڪتاب جي نالي جو جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته اهو آزاد اختيار ئي ٿيندو. قاضي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ آزاد اختيار جي صوابديد واري ڏنڊي سان ٿيندڙ ڏاڍ، جبر ۽ بربريت جا داستان ڀلوڙ طريقي سان رقم ڪيا آهن. سندس لکڻين ۾ سنڌ ۽ سنڌيت نمايان نظر اچي ٿي. پاڻ هر فورم تي سنڌ سان ٿيندڙ ڏاڍ کي دنيا ۽ سنڌ واسين جي اڳيان پهنجي لکڻين جي ذريعي بيان ڪندو رهندو آهي.

هي ڪتاب پاڪستان لا هائوس طرفان ڇپيو ويو آهي. هي ڪتاب پنهنجي الڳ حيثيت جو ان ڪري آهي جو پاڪستان ۾ ان موضوع تي اڳ ۾ اهڙو ڪتاب پهرئين ڪڏهن به نه لکيو ويو آهي. هي ڪتاب 850 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جو تعارف پاڪستان جي مشهور جسٽس رٽائرڊ حامد علي مرزا صاحب جن لکيو آهي.هن ڪتاب ۾ واسطيدار عنوانن تي ڪافي سارن حوالن سان تمام سهڻي نموني طبع آزمائي ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب جي خاصيت اها آهي جو ان ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ سرڪاري ڪارندن جي طرفان اختيارن جي غلط استعمال کي تاريخي حوالن سان تمام ڳوڙهي نموني پيش ڪيو ويو آهي. انگريزيءَ ۾ قانون جي موضوع تي ٻين سنڌي قانوندانن، دانشورن پڻ ڪتاب لکيا آهن، جنهن ۾ اي ڪي بروهي صاحب جو پاڪستان جي 1960 واري قانون تي لکيل ڪتاب تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ان ڪتاب جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جنهن آئين تي اهو ڪتاب لکيو ويو، اهو آئين ختم به ٿي ويو پر ڪتاب جي حيثيت قانوندانن وٽ اها ئي آهي، جيڪا 1960 واري ڏهاڪي ۾ هئي. ان کان سواءِ  دادو ڄائو ضياءُالحق چنا جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج پڻ هو، ان صاحب پڻ قانون جي مختلف موضوعن تي 8 کن ڪتاب لکي پاڻ ملهايو آهي. ان سان گڏوگڏ ٺٽي جي نامياري وڪيل بي ڪي ڀٽي مسواڙ جي قانون تي پڻ انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو،

جيڪو پنهنجي منفرد حيثيت جو ڪتاب هو. فضل سليمان قاضي جا هن کان اڳ به  انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب Law and Politics in Pakistan  ۽Hand Book of Banking Terms  پڻ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. سندس ڪتاب Law and Politics in Pakistan  تي تعارفي ڪلمات اي ڪي بروهي صاحب لکيا آهن، جن ۾ پاڻ اظهار ڪندي لکي ٿو ته ”مان هي ڪتاب پڙهي ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ڪنهن ليکڪ جي ايتري گهٽ عمر ۾ وڏي قد ڪاٺ واري موضوعن تي ايتري ڏاهپ سان قلم ريزي ڪرڻ تي کيس جس هجي.“

مصنف جو هڪ ٻيو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Hand Book of Banking Terms  جيڪو بينڪ ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاحن تي مشتمل آهي، ان جو تعارف سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ نيشنل بئنڪ جي صدر محمد ميان سومري لکيو آهي. سندن خيال آهي ته ”بئنڪ متعلق لکيل هي ڪتاب بيشڪ بئنڪ سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ تمام گهڻو ڪارآمد ثابت ٿيندو. ان ڪتاب جي تازگي هميشه قائم رهندي.“

مصنف جي لکيل هن Discretionary Power جي عنوان تي قانون واري ڪتاب تي پاڪستان جي اڳوڻي رٽائرڊ جج جناب حامد علي مرزا پنهنجا ويچار ونڊيندي لکيو آهي ته ”هي ڪتاب پنهنجي قلم جي منفرد پورهئي ۽ ان ۾ ڏنل معلومات جي بدولت تمام وڏي مطالعاتي اهميت جو حامل آهي، جيڪو بيشڪ قانون سان واڳيل هر ماڻهوءَ جي لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو.“

ان ڪتاب مطابق حڪومت جي نظام کي هلائڻ لاءِ مقرر ڪيل آفيسرن ۽ ڪارندن کي ڪجهه اهڙا اختيار سونپيا ويندا آهن، جن ۾ هو پنهنجو حق سمجهندي بغير صلاح مشوري جي پنهنجا فيصلا صادر ڪندا آهن. اهڙن اختيارن کي انگريزيءَ ۾ Discretionary Powers چيو ويندو آهي. اهڙن اختيارن جي استعمال تي ڪي قدر قانوني پابنديون پڻ هونديون آهن ته جيئن فيصلا صادر ڪرڻ وقت ڪنهن سان ناانصافي يا ڪنهن جي عزت ۽ وقار مجروح نه ٿئي. خاص طور تي حڪومتي ڪارندا پاڻ کي مليل قانوني اختيار جي غلط استعمال ڪري انصاف ۽ قانون جي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا وٿ نه ڇڏيندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ قانون صرف نالي ۾ ۽ ڪمزور لاءِ موجود آهي. ان ۾ وري اڻ برابري تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن قانون جا هٿ ڪنهن اعلى پائي جي ماڻهوءَ جي ڳچيءَ تائين اچن ٿا ته کيس مليل صوابديد تحت، اهو قانون ڪمزور شڪل اختيار ڪندي کيس سزا کان آجو قرار ڏيئي ٿو. ڪو به آفيسر يا سرڪاري ڪارندو جيڪڏهن چاهي ته ان اختيار کي استعمال ڪندي ڪنهن کي ڪنگال ته ڪنهن کي بادشاهه بڻائي سگهي ٿو. قاضي سليمان پنهجي ڪتاب ۾ بيان ڪندي لکي ٿو ته طاقتور هئڻ يا طاقتور ٿيڻ جي جستجو معاشري کي ٽن طبقن ۾ ورهائي ٿي ”طاقت جي انهن ٽن طبقن مطابق“ پهرئين طبقي ۾ اهي فرد شامل آهن، جيڪي قانون ٺاهين يا ان کي استعمال ڪن ٿا، ٻيا اهي جيڪي ان قانون جي استعمال ٿيڻ يا ڪرڻ سان فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ ٽيان اهي جيڪي ان قانون جي جڪڙ ۾ اچي ان جي نتيجن کي ڀوڳين ٿا.  اسان جو جمهور 1947 کان وٺي هن مهل تائين اهڙن قانونن جي تلوار هيٺ رهيو آهي، جيڪو ٿورن مٿان گهڻن جي حڪومت ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جيئن جو تيئن قائم ۽ دائم آهي.

ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو ته هي نه رڳو قانون جي شاگردن لاءِ پر سياست سان لاڳاپيل هر شخص لاءِ ڪارآمد آهي.