تازيون خبرون

Daily Archives: April 11, 2015

الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف کي جناح گرائونڊ ۾ جلسي جي دعوت ڏئي ڇڏي

لنڊن (م.ڊ) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي چيو آهي ته اچو ماضي جو جهيڙو وساري محبت ۽ رواداري جي نئين دور ي شروعات ڪريون ٿا، لنڊن مان صحافين سان ڳالهائيندي الطاف حسين جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم سچي نيت سان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، ان جي گهرواري ريحام خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين ميمبرن کي جناح گرائونڊ تي ڀليڪار چيو ۽ ڀاڄائي لاءِ تحفا خريد ڪيا جيڪي هن وصول نه ڪيا، عمران خان ۽  ريحام خان لاءِ خريد ڪيل تحفا امانت آهن، رابطه ڪميٽي عمران خان سان رابطو ڪري معلوم ڪري وٺي ته اهي تحفا ان کي لاهو وڃي ڏيون يا ان جي ڪراچي اچڻ تي ان کي پيش ڪيا وڃن. الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف کي جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ جلسي جي دعوت ڏيندي چيو ته اسان تحريڪ انصاف کي ڀليڪار چونداسين ۽ جيڪڏهن پي ٽي آءِ شاهراهه پاڪستان تي جلسو ڪرڻ چاهي ٿي هت اسان اتي به انهن سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، الطاف حسين جماعت اسلامي کي به 12 اپريل تي فيڊرل بي ايريا ۾ جلسو منعقد ڪرڻ جي فيصلي کي ڀليڪار چيو، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي چوان ٿو ته تنقيد ۽ اعتراض ٻڌڻ جو حوصلو رکندي جماعت اسلامي جي جلسي ۾ شرڪت ڪريو. الطاف حسين رابطه ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته هو تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ ڀاڄائي ريحام خان لاءِ منهنجي طرفان ڏنل تحفا انهن تائين جلد کان جلد پهچائي ڇڏين متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين رابطه ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته هو ٻن، ٽن ماڻهن جي وفد جي شڪل ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ ريحام خان لاءِ منهنجي طرفان ورتل تحفا انهن تئاين جلد کان جلد پهچائي ڇڏين هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ۽ ريحام خان جا تحفا امانت آهن ان ڪري ايم ڪيو ايم جي رابطه ڪميٽي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪري اهي تحفا ٿورا مڃڻ جي طور تي پهچائي ڇڏين.

 

سعودي عرب امن جو آخري قلعو آهي، حرمين شريفين جي حفاظت ڪنداسين: سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق يمن جي صورتحال بابت ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب امن جو آخري قلعو آهي، ڪنهن به سازش تحت ان کي نقصان نه پهچڻ گهرجي، يمن بحران جي حل لاءِ پاڪستان ترڪي ۽ ايران سان گڏجي ڪردار ادا ڪري. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته يمن معاملي کي مقامي سطح تي حل ڪرڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان سندن واضح موقف هو ته پاڪستان ٽياڪڙي جو  ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته يمن  بابت ترڪي ۽ ايران جو مثبت رد عمل سامهون آيو آهي، اميد آهي ته يمن ۾ جاري ويڙهه جلد ختم ٿي ويندي، پاڪستان کي ان حوالي سان ٻنهي ملڪن کي اعتماد ۾ وٺي اڳتي وڌڻ گهرجي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته جنگ سان سعودي عرب، يمن ۽ عالمي برادري جو نقصان آهي، سعودي عرب امن جو آخري قلعو آهي، ڪنهن به سازش ذريعي ان کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته عوام چونڊيل نمائندن کي پارليامينٽ ۾ اچڻ جو مينڊيٽ وڙهڻ لاءِ نه پر عوامي مسئلا اجاگر ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جو قيام سياسي جرڳي ۽ جمهوريت جي ڪاميابي آهي.

 

حوثي باغين سان مفاهمتي يادداشت ناڪام ٿيڻ جو خدشو آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جـَي يـُو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، يمن معاملي جو حل سفارتي ذريعي سان ڪڍڻ تي زور ڏنو ويو آهي، خطي ۾ امن لاءِ ايران کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه مولا فضل الرحمان چيو ته سعودي عرب جو تحفظ حرمين شريفين جي تحفظ سان مشروط آهي. هن چيو ته پاڪستان يمن جي معاملي تي سنجيده موقف اختيار ڪيو آهي، معاملي جو پر امن ۽ سفارتي حل ڪڍڻ تي زور ڏنو ويو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته حوثي باغين سان مفاهمتي يادداشت ناڪام ٿيڻ جو خدشو آهي، پاڪستان خطي جي ملڪن سان گڏجي يمن معاملي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري، ان لاءِ ايران کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ جي يو آءِ جي سربراهه چيو ته استعيفائن باوجود ايوان ۾ آيل اجنبي آهن، تحريڪ انصاف جي پارليامينٽ ۾ واپسي بابت  کين اسپيڪر جي رولنگ قبول ناهي.

 

قمبر ويجهو ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 3 ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت

قمبر (نمائندو) قمبر ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي ٽن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. قمبر-شهدادڪوٽ روڊ تي ڪارڙا وٽ تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ بهرام بٺي جا رهواسي ميرحسن ميربحر سندس ڀيڻ فاطمه، چئن ورهين جو بلاول، ٻن ورهين جو آصف ۽ هڪ ورهين جي نينگري ٿڏي تي فوت ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال  پهچايا، جيڪي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو،جڏهن پوليس گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. هوڏانهن حادثي ۾ فوت ٿي ويل هڪ ئي گهر جي 5 ڀاتين جا لاش ڳوٺ پهچائڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙيل آهي.

 

ايشوريا پنهنجي مڙس جي هيروئن ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ فلم ۾ پنهنجي مڙس اڀيشڪ بچن جي هيروئن ٿيڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي جاءِ تي قطرينا ڪيف کي ڪاسٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، ڀارتي ميڊيا جي مطابق اڀيشڪ بچن سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ايشوريا پهريون ڀيرو نه ڪيو آهي،پر هو ان کان اڳ به فلم دوستانا، کهيلين هم جي جان سي، ۽ “گيم” ۾ به پنهنجي مڙس جي هيروئن ٿيڻ کان انڪار ڪري چڪي آهي، ايشوريا، قطرينا ڪيف جي وڌندڙ شهرت ڏسندي فلم ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ ان ئي هيروئن کڻڻ جو مشورو ڏنو، جڏهن ته ان سلسلي ۾ فلم انتظاميه يا قطرينا جو موقف سامهون نه اچي سگهي.

 

ملڪه شيراوت کي پيرس ۾ وزيراعظم مودي جي تقرير ٻڌڻ جو دعوت نامو ملي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪارا ملڪه شيراوت جي فلم ڊرٽي پوليٽيڪس جيتوڻيڪ فلاپ ٿي چڪي پر ان هوندي به هوءَ ڪيترن سياسي اڳواڻ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي ۽هاڻ کيس پيرس ۾ ڀارتي وزيراعظم مودي جي تقرير ٻڌڻ لاءِ گهرايو ويو آهي دعوت ملڻ کان پوءِ ٽوئيٽر تي پنهنجي خوشي ظاهر ڪندي هن چيو ته هوءَ ڀارتي وزيراعظم جي تقرير ٻڌڻ لاءِ بيتاب آهي ياد رهي ته ملڪه شيراوت هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ڀارتي وزيراعظم مودي سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪري چڪي آهي

 

ديپکا ۽ رنبير نئين فلم تماشا ۾ گڏ نظر ايندا

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور فلم ساز ساجد جي پروڊيوس ڪيل فلم “تماشا” جي ڪهاڻي هڪ لواسٽوري تي ٻڌل آهي جنهن ۾ رنبير ڪپور چرئي جي ڪردار ۾ نظر ايندو فلم جي ڪاسٽ ۾ سنگيتا بجلاڻي، پونم سنگهه ۽ پاڪستاني اداڪار جاويد شيخ به شامل آهي. فلم جي موسيقي آسڪر ايوارڊ يافته موسيقار اي آر رحمان ڏني آهي. فلم هلندڙ سال ڪرسمس جي موقعي تي سينما گهرن ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

اهي ڀارتي فلمون جيڪي پاڪستاني فلمن مان چورايل گانن مان ڪامياب ٿيون

ممبئي(شوبز نيوز)هونئن ته بالي ووڊ فلمن ۾ ڪيترين ئي هالي ووڊ فلمن جا سين چوري ڪيا ويندا آهن، اهڙي ريت فلمن کي باڪس آفيس تي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ  موسيقي ۽ ڪلام چوري ڪرڻ واري روايت به پراڻي آهي ۽ ان جي فهرست به تمام ڊگهي آهي، پر ڪجهه مشهور گانا ته اهڙا آهن، جيڪي موسيقي سان محبت ڪرڻ وارن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويا آهن ،   شايد تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڌوم مچائڻ واري ايٽم سونگ مني بدنام هوئي اصل ۾ پاڪستاني گاني لڙڪا بدنام هوا حسينه تيري لي جو نڪل آهي، جيڪو فلم انڊسٽري چارلي مان ورتو ويو آهي، ۽ ان کي عمر شريف تي فلم بند ڪيو ويو آهي.

 

ميچ فڪسنگ جي ڏوهه ۾ مڙهيل پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ عامر جي اڄ نيشنل اسٽيڊيم ۾ واپسي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ سي سي پاران پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ فاسٽ بالر محمد عامر آچر تي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ايڪشن ۾ نظر آيندو هو آچر کان شروع ٿيندڙ پيٽرنز ٽرافي گريڊ ٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 4 ڏينهن واري فائنل ۾ ڪي پي ٽي خلاف عمر ايسوسئيشن جي ٽيم جو حصو هوندو ميچ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي پهچندڙ محمد عامر جمعي جي صبح نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ نيٽ پريڪٽس ۾ شريڪ ٿيو اسپاٽ فڪسنگ جي ڏوهه ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تي 5 سالن جي پابندي مڙهيندڙ آءِ سي سي عامر کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ڏوهه قبول ڪرڻ تي برطانوي عدالت پاران 6 مهينن جي قيد جي سزا حاصل ڪندڙ محمد عامر فائنل جي ٻئين ڏينهن سومر تي پنهنجي 23 هين سالگرهه به ملهائيندو.

 

ڪرڪيٽ جو آواز ۽ آسٽريليا جو اڳوڻو ڪپتان رچي بينو لاڏاڻو ڪري ويو

سڊني(اسپورٽس نيوز)آسٽريليا جو اڳوڻو ڪپتان ۽ ڪرڪيٽ جو آواز مڃيو ويندڙ مشهور ڪمينٽيٽر رچي بينو 84 سالن جي مار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آسٽريليا جو ليجنڊري آل رائونڊررچي بينو ڊگهي عرصي کان چمڙي جي ڪينسر ۾ بتلا رهڻ کانپوءِ 84 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو رچي بينو آسٽريليا لاءِ 63 ٽيسٽ ميچون کيڏون جن مان ان کي 28 ۾ ڪپتاني جو اعزاز مليو هو ۽ ان جي ڪپتاني ۾ آسٽريليا هڪ به سيريز نه هارائي، بينو جو شمار آسٽريليا جي بهترين آل رائونڊرز ۾ٿيندو هو ۽ هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 2 هزار رنسون ٺاهڻ سان گڏ 200 وڪيٽون حاصل ڪندڙ پهريون رانديگر هو ڪرڪيٽ جو آواز چيو ويندڙ رچي بينو 1964ع ۾ رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ تي تبصرو ڪرڻ لڳو ۽ تقريبن 40 سال ا پيشي سان لاڳاپيل رهيو ڪار حادثي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ هن 2005 ۾ ڪمينٽري کي به الوداع چئي ڇڏيو هو.