تازيون خبرون

Daily Archives: April 9, 2015

خواجه آصف جا لفظ حذف ڪيا وڃن: شرين مزاري جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري بچاءُ واري وزير خواجه آصف جا ڪجهه لفظ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ڪارروائي مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيوآهي قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ هن اسپيڪر سردار اياز صادق کي شڪايت ڪئي ته پي ٽي آءِ سربراهه ۽ ميمبرن جي حوالي سان بچاءُ واري  وزير سخت جملا چيا جيڪا ايوان جي ڪارروائي مان ختم ڪيا وڃن ان تي اسپيڪر پي ٽي آءِ اڳواڻ کي چيو ته هو سخت جملن جي نشاندي ڪري ان کي ڪارروائي مان ختم ڪيو وڃي، يمن جي صورتحال تي شيرين مزاري چيو ته يمن جي جنگ ۾ شموليت اسان لاءِ ٺيڪ ناهي ڇو ته سعودي درخواست سان ان جي بچاءُ جو ڪوبه تعلق ناهي پي ٽي آءِ اڳواڻ ان موقعي تي سوال ڪيو ته سعودي عرب يمني باغين جي معاملي تي گڏيل قومن ۾ ڇو نه ويو؟.

 

نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس، مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش

ڪوئيٽا (بيورو) ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، پرويز مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ جي ڪاپي ڌرين کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس جــِي ٻــُڌڻي ڪئي. ڊي جِي صحت بلوچستان، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي طبي معائني بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ميڊيڪل رپورٽ بابت کين اڳواٽ ئي ميڊيا ذريعي معلوم ٿي ويو هو ته ميڊيڪل رپورٽ موجب مک جوابدار سفر نه ٿو ڪري سگهي. وڪيل سهيل راجپوت، پرويز مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ تي اعتراض ڪندي گذارش ڪئي ته کين ان جي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي ته بحث ڪري سگهجي. عدالت ميڊيڪل رپورٽ جي ڪاپي ڌرين کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

ڪراچي: سهراب ڳوٺ ۽ ڪياماڙي ۾ رينجرز ۽ پوليس جا مقابلا، 9 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ۽ ڪياماڙي وارن علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز سان مقابلن دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 رينجرز اهلڪار زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي ملير رائو انوار موجب سهراب ڳوٺ جي علائقي محمد علي ڳوٺ ڀرسان پوليس مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. ايس ايس پي موجب مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ زبير نالي سان ٿي جيڪو پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان فضل الله گروپ سان تعلق رکندو هو ۽ ڊرون حملي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ڪراچي فرار ٿي آيو هو. رائو انوار ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان 2 ٽي ٽي پسٽل، هڪ ڪلاشنڪوف ۽ رائفل به برآمد ٿي آهي. ٻئي طرف رينجرز ترجمان موجب گهربل دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪياماڙي جي علائقي ٽاپو ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ويو ته دهشتگردن طرفان رينجرز اهلڪارن تي دستي بم حملو ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ ۽ دستي بم حملي ۾ 2 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. واقعي بعد رينجرز علائقي جو گهيرو ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ۽ ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا. رينجرز اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي الياس ڪمشيري گروپ سان هو. مارجي ويلن ۾ ڪراچي ۾ گروپ جو امير فهد به شامل آهن جڏهن ته ٻين دهشتگردن جي سڃاڻپ عمر، طلحا، عبدالرئوف جاويد ۽ حسنين جي نالن سان ٿي.

 

سکر ۾ وحشي جوابدارن معصوم نينگر کي قتل ڪري درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، ٽن ڏينهن کانپوءِ لاش هٿ

سکر (بيورو)  سکر ۾ وحشي بگهڙ جون صفتون رکندڙ پاپين معصوم ٻالڪ کي قتل ڪري لاش سان پٿر ٻڌي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ٽن ڏينهن بعد درياءَ ۾ پاڻي گهٽجي وڃڻ سان لاش ظاهر ٿي پيو، پٽ جي ڳولا ۾ نڪتل امڙ اهڙي ڪلور  جي خبر پوڻ شرط بيهوش ٿي وئي، ٻارڙي جو مڙهه پهچڻ شرط علائقي ۾ سوڳ ڦهلجي ويو، خوف سبب مائرن ٻارڙن کي سڏي گهرن اندر بند ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب سي سيڪشن ٿاڻي جي حد رائل روڊ وٽان 3 ڏينهن اڳ ٽئين ڪلاس جو شاگرد 7 ورهين جو گلڙن جهڙو ٻالڪ زبير احمد مهر راند کيڏڻ لاءِ گهران نڪتو ته واپس نه وريو، جنهن تي نينگر جي والد عبدالعزيز مهر سي سيڪشن ٿاڻي تي ٻالڪ جي گمشدگي جو اطلاع ڏنو پر ڪالهه سنڌو درياءَ ۾ پاڻي گهٽجڻ تي جند پير وٽان ٻالڪ جو لاش نظر آيو، اطلاع تي ٻالڪ جا وارث پهچي ويا، جن سندس سڃاڻپ ڪئي، جنهن بعد پوليس پڻ موقعي تي پهچي وئي ۽ امدادي ڪارڪنن لاش ڪڍي ورتو، امدادي ڪارڪنن موجب ٻالڪ جي ڳچيءَ ۾ کٽ جي واڻ واري رسي سان ڳرو پٿر ٻڌل هو، معصوم ٻالڪ جو لاش هٿ اچڻ جي اطلاع تي سندس امڙ بيهوش ٿي وئي، پوليس ٻالڪ جو مڙهه اسپتال کڻائي آئي، جتي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موجب ٻارڙي کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش کي ٻوڙيو ويو، مقتول ٻارڙي جو لاش پهچڻ تي پراڻي سکر ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ علائقي واسي ڪاروبار بند ڪري فوتي ٻالڪ جي تڏي تي پهچي ويا، ٻارڙي جو مڙهه پهچڻ شرط گهر ڀاتي دانهون ڪري بيهوش ٿي ويا، فوتي جي امڙ رات دير تائين هوش ۾ اچڻ بعد وري بيهوش ٿيندي رهي جڏهن ته علائقي ۾ ڏهڪاءُ پڻ پکڙجي ويو ۽ مائرن پنهنجي ٻارڙن کي گهرن اندر محدود ڪري ڇڏيو،  گلن جهڙي ٻارڙي جي قتل بابت مقتول جي چاچي ۽ شاعر جبار مهر جو چوڻ  آهي ته هنن جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ٻارڙو 3 ڏينهن اڳ گهران کيڏڻ لاءِ نڪتو ته واپس نه ٿيو، جنهن بعد هنن ٻالڪ جي گهڻي ڳولا ڪئي ۽ پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو پر پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي ٻارڙي جي ڳولا لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، جنهن بعد ٻالڪ جو لاش هٿ آيو آهي، حد جي ٿاڻي سي سيڪشن جي ايس ايڇ او شوڪت آرائين جو چوڻ آهي ته هنن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، مقتول ٻارڙي جي وارثن جي اچڻ تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري ٿي سگهي.

 

اسد الدين اويسي سلمان خان کي ”موالي“ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جي صدر لوڪ سڀا جي ميمبر اسد الدين اويسي ۽ بالي ووڊ اداڪار سلمان خان وچ ۾ گذريل هڪ سال کانجاري ويڙهه نئون رخ وٺي ڇڏيو آهي اسد الدين هاڻ سلمان خان کي شراب قرار ڏيندي چيو آهي ته سلمان خان پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هٽ اينڊ رن ڪيس ۾ ڄاڻي واڻي پنهنجي ڊرائيور کي  ڦاسائي رهيو آهي  ممبئي ۾ ڳالهائيندي اسد الدين اويسي سلمان خان کي ”موالي“ يعني شراب جو عادي قرار ڏيندي چيو ته موالي پنهنجي ڊرائيور کي ڦاسائي رهيو آهي جيتوڻيڪ حادثي وقت گاڏي هو پاڻ هلائي رهيو هو ۽ ان ئي ماڻهن کي پنهنجي گاڏي جي هيٺان چيڀاٽيو جڏهن ته اسدالدين طرفان ان نئين حملي جو اڃان تائين سلمان طرفان ڪوبه جواب سامهون ناهي اچي سگهيو خابرو اداري مطابق سلمان خان ۽اسد الدين اويسي وچ ۾ ويڙهه گذريل سال تڏهن شروع ٿي جڏهن سلمان خان بي جي پي جي چونڊ مهم ۾شرڪت ڪئي ۽ نريندر مودي جي حمايت ۾ بيان ڏنو هن بي جي پي جي ريلي ۾ نريندر مودي سان گڏج ٽرڪ تي بيهي ماڻهن کي خطاب به ڪيو.

 

جارج ڪلوني جي بنگلي ويجهو اچڻ واري تي ڇهه سو ڊالر جرماڻو

اٽلي(شوبز نيوز)هالي ووڊ جي ناليواري اداڪار جارج ڪلوني پنهنجي گهرواريءَ سان اٽليءَ ۾ موڪلون ملهائڻ لاءِ آيل آهي مئير رهاڪن کي خبردار ڪيو آهي ته ڪير  به اداڪار جي بنگلي جي ويجهو آيو ته ان تي ڇهه سو ڊالر جرماڻو ڀرڻو پوندو. اٽلي جي علائقي لاگيلو ۾ نديءَ ڪناري ٺهيل بنگلي۾جارج ڪلوني پنهنجي گهر واريءَ سان موڪلون ملهائڻ لاءِ آيل آهي. اختيارين رهاڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن جي به گاڏي يا ٻيڙي بنگلي جي ويجهو 100 ميٽرن جي علائقي ۾ نظر آئي ته ان کي ڇهه سو ڊالر جرماڻو ڀرڻو پوندو. اختيارين مطابق اهو سڀ ڪرڻ جو مقصد اداڪار جي فيملي جي پرائيويسي جو خيال رکڻ آهي

 

اميتاڀ بچن ڀارت جو سڀ کان وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو

نئين دهلي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق ڀارت ۾ بگ بي جي نالي سان مشهور اداڪار اميتاڀ بچن کي ان جي فني خدمت جي عيوض ۾ ڀارتي حڪومت اعليٰ ترين سول اعزاز “ پدم ڀوشن ” سان نوازيو آهي، اميتاڀ بچن کي هي ايوارڊ راشٽر پتي ڀون ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ ڏنو ويو، جتي هن ڀارتي صدر پرناب مکر جي هٿان وصول ڪيو، جڏهن ته اميتاڀ بچن جي گهر واري جيا بچن، پٽ اڀيشيڪ بچن، ڌي شويتا ۽ ننهن ايشوريا راءِ بچن به شرڪت ڪئي. واضع رهي ته اميتاڀ بچن کي ان جي بهترين صلاحيتن تي 1984ع ۾ “پدم شري” ۽ 2001ع ۾ “ پدم ڀوشن ” جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي.

 

مودي جو ڪردار ادا ڪرڻ منهنجي لاءِ ڏکيو هوندو: پاريش راول

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار پاريش راول چيو آهي ته  اسڪرين تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو ڪردار ادا ڪرڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻو مشڪل هوندو، ڀارتي ميڊيا مطابق اداڪار صحافين سان ڳالهائينديچيو ته نريندر مودي تي ٺهندڙ فلم جي شوٽنگ آگسٽ ۾ شروع ٿيندي هن چيو ته هڪ اداڪار لاءِ ايتري وڏي ليڊر جو ڪردار ادا ڪرڻ حقيقت ۾ هڪ وڏي چئلينج هوندو آهي ۽ ائين ئي مون سان به آهي هن چيو ته ان ڪردار الاءِ مون کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي.

 

زمبابوي جي ٽيم جلد پاڪستان پاڪستان جو دورو ڪندي: پي سي بي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي ذريعن مطابق ڪينيا کانپوءِ هاڻ زمبابوي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي مهمان زمبابوي ايندڙ مهيني جي آخر تائين پاڪستان جا ويران ميدان آباد ڪرڻ لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ امڪاني سيريز 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل هوندي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز بابت سمورا معاملا طئه ٿي چڪا آهن صرف وينيوز تي حتمي ڳالهه ٿيڻي آهي.

 

بنگلاديش جي دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ ٻئين ڏينهن به جاري

لاهور(اسپورٽس نيوز) قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري تربيتي ڪيمپ ۾ رانديگرن ڪوچ وقار يونس جي نگراني هيٺ ڀرپور انداز ۾ ايڪشن ۾ نظر آيا صهيب مقصود جي جاءِ تي ون ڊي اسڪواڊ  ۾ جاءِ ٺاهيندڙ سعد نسيم به ٽريننگ ڪيمپ کي جوائن ڪري ورتو آهي ٽريننگ سيشن ۾ قومي پليئرز بيٽنگ ۽ بالنگ جون خاميون ختم ڪرڻ لاءِ محنت ڪئي بالرن جي معاونت لاءِ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو هيڊ ڪوچ محمد اڪرم به ڪيمپ ۾ موجود هو.