تازيون خبرون

Daily Archives: April 7, 2015

محدود اوورن جا مقابلا بالر کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار هوندا آهن: عمران طاهر

نئين دلي(اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل ٽيم دلي ڊيئر ڊيولز جي ڏکڻ آفريڪي اسپنر عمران طاهر جو چوڻ آهي ته محدود اوورن جا مقابلا ئي هڪ بالر کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، هن ورلڊ ڪپ ۾ بهترين پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو هو هاڻ هو آءِ پي ايل لاءِ ڀارت ۾ موجود آهي، عمران طاهر گذريل سال ڊيئر ڊيولز کي جوائن ڪيو هو هن چيو ته محدود اوورن جي ڪرڪيٽ ڪافي مشڪل آهي ان ۾ اندروني سرڪل ۾ پنج فيلڊر موجود هوندا آهن پر ٽي ٽوئنٽي ۾ اسپنرز اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اها شئي انهن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي پهريان کي موجوده ڪرڪيٽ ۾ اوهان کي هر شعبي ۾ ماهر ٿيڻ جي ضرورت هوندي آهي ٽي 20 ۾ بيٽسمين اوهان خلاف اٽيڪ ڪندو آهي، ان لاءِ جتي بالرن لاءِ چئلينجز گهڻا هوندا آهن اتي ئي انهن وٽ بيٽسمين تي قابو ڪرڻ جا چانسز به تمام گهڻي هوندا آهن مان آءِ پي ايل ۾ به بهترين ڪارڪردگي لاءِ پراعتماد آهيان.

 

بنگلاديش جي دوري لاءِ پي سي بي ۽ بي سي بي وچ ۾ معاملا طئه ٿي ويا

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سان معاملا طئه ٿيڻ کانپوءِ بنگلاديش جي دوري جي تصديق ڪري ڇڏي، بنگلاديش 2012ع ۾ پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ تي پي سي بي جي نقصان جي ازالي جي آڃ ڪئي هئي جنهن تي ٻنهي ڪرڪيٽ بورڊز وچ ۾ مالي معاملا طئه ٿي ويا جنهن جي مطابق بنگلاديس بورڊ پي سي بي کي 3 لک 25 هزار ڊالر نقصان جي ازالي جي مد ۾ ڏيندو جنهن کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش جي دوري جي تصديق ڪري ڇڏي،

 

ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال برقرار

 

ٿر ۾ ڏڪاري حالتون وڌيڪ سنگين ٿي ويون آهن، ڇهن تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو،ننگرپارڪر، ڏاهلي تعلقن جي 2300 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ رهندڙ 15لک ماروئڙا سنڌ حڪومت کان وسري ويا آهن،  حالتون بدترين ٿيڻ ڪري کوهه سڪي کارا ٿي ويا آهن، ٿر جي 95 سيڪڙو آبادي مٺي پاڻي کان محروم آهي، مٺي سول اسپتال ۾ پنج معصوم ٻارڙن دم ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺ روهيلو جي ٽن ڏينهن جي رزاق ولد منظور نهڙي ميهاري، هنگورجا جي ٻن مهينن جي ڪيول ولد مهاو جي ڀيل، ڏيپلو جي چار مهينن جي حسن ولد رحيم پاڙهو ڳوٺ ڄام جي وانڍ  جي ڇهه ڏينهن جي زبيده ڌي فياض، ڳوٺ گورا دو جي خان محمد ڏهوٽ جي تازي ڄاول ٻار دم ڏنو آهي، جنهن سبب هڪ ڏينهن ۾ فوتين جو انگ پنج ٿيڻ سان گڏ پنج مهينن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 490 ٿي ويو آهي، ڏڪار ٿر ۾ روزاني پنج کان ست مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جنهن سبب معصوم ٻارڙن جا والدين جگر جي ٽڪرن جا جنازا کڻي کڻي ٿڪجي پيا آهن، پر سنڌ حڪومت ٿر جي مستقبل حل  لاءِ اڃا تائين ڪابه پاليسي ناهي جوڙي سگهي، ٿر جي سمورن ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ صحت جون سهولتون نه هئڻ برابر آهن. مسڪين مارو ماڻهو علاج لاءِ دربدر آهن، ڏڪار  ماريل رهواسي هزارين روپيه ڀاڙو ڀري وڏي مشڪل شهرن جي اسپتالن تائين پهچن ٿا، پوءِ به معصوم ٻارڙن جي حياتي بچي ناهي سگهندي ٻئي پاسي ٿر ۾ امدادي ڪارروايون مڪمل طور بند ڪيون ويون آهن، غريب خاندان هڪ ويلي جي ماني ٽڪر لاءِ پريشان آهن، چوپائي مال  لاءِ چارو نه هئڻ ڪري لکن  جي تعداد ۾ چوپايو مال بکن ۾پاهه ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٿر جي علائقن مان ٻيهر لڏپلاڻ جو سلسلو تيز ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت ڏڪاري حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي، هن سال ۾ ڏڪارر پوڻ جا امڪان نظر اچڻ باوجود سنڌ حڪومت اڳواٽ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا، ٻئي طرف اسلام ڪوٽ، مٺي ڇارو ، ننگر پارڪر سميت ڏيپلو جي سرڪاري اسپتالن ۾ عملي سميت سهولتن جي کوٽ برقرار آهي.

 

پارليامينٽ ۾ ماڻهن جي اڪثريت وڌائڻ جي ضرورت؛وقاص کوسو

دنيا هاڻي مهذب بڻجي وئي،هاڻي اهو دور ويو جو  چگ ويريا وانگر هٿيار کڻي ،جيئي جيئي نعرا هڻندي ڪلاشڪوف جي مدد سان پنهنجا حق وٺجن،ڇو هاڻي انٽرنيٽ  دنيا کي ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي،جڏهن قومن کي پنهنجا حق ڪلاشنڪوف ۽ احتجاجن سان ملندا هئا اهو دور سرد جنگ ۽ ٻن سپر پاور ملڪن (روس ۽ آمريڪا)جي عروج جو دور هيو ،جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ حقن جي لاءِ ڪا بغاوت اٿندي هئي ته انهن ملڪن مان ڪو هڪ ملڪ ان جي مدد ڪندو هو،پر هاڻِ نه روس اهو رهيو آهي نه وري هي سرد جنگ جو دور آهي. هاڻي دنيا تي تاريخ ٻڌائي ته جن ملڪن پنهنجي آجپي ۽ حقن جي تحريڪ   هلائي  انهن پهرين احتجاجن بدران پنهنجي عددي اڪثريت وڌائيندئي   ۽ ان کانپوءِ پنهنجا مطالبا مڃايا آهن. دنيا ۾ کوڙ ساريون اهڙيون قومون آهن، جيڪي پنهنجو عددي انگ وڌائي پنهنجا حق وٺي ويون آهن، سڀ کان پهرين لائبيريا جي ماڻهن 1846ع ۾ پنهنجي حقن جي جدوجهد هلائي آمريڪن ڪالونائيزيشن کان پنهنجي جان آجي ڪرائي ۽ پنهنجا حق روتا،اهڙي ريت ميريلينڊ( Maryland )جي ماڻهن ميلريلينڊ اسٽيٽ ڪالونائيزيشن کان پنهنجا حق ورتا، مينگوليا( Maryland) جي ماڻهن پنهنجي حقن جي جدوجهد لاءِ ريفرنڊم ڪرائي  1945ع ۾ چين کان پنهنجا حق ورتا، اهڙي ريت1970ع ۾ بحرين جي ماڻهن يوڪي(United Kingdom) کان پنهنجا حق ورتا،انهن مثالن مان ظاهر ٿيو ته مهذب ماڻهن پنهنجو پارليامينٽ ۾ انگ وڌائي پنهنجا حق روتا. جيتوڻيڪ ڪجهه اهڙيون قومون به دنيا ۾ آهن، جيڪي عددي اڪثريت نه هجڻ جي ڪري پنهنجي حقن لاءِ ڪرايل ريفرنڊم مان فائدو وٺي نه سگهيون آهن،  ڪينيڊا جو علائقو ڪيوبڪ جنهن پنهنجي حقن جي لاءِ 1980ع ۾آواز ته اٿاريو پر عددي  اڪثريت نه هجڻ جي ڪري ريفرنڊم ڪامياب نه ٿيو  پر ان کان پوءِ انهن (ڪيوبڪ جي ماڻهن)جي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو،ڇو ته اتي اڳ انگريزي واحد ٻولي هوندي هئي جنهن کي قومي ٻولي جو درجو ڏنل هوندو هو، پر ان جي جدوجهد جي ڪري يا کڻي اهو چئون ته حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي ڪري يا جڏهن ڪيوبڪ جي ماڻهن فرنچ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطالبوڪيو ته اتي جي سرڪار ڪيوبڪ جي ماڻهن جي مطالبي کي مان ڏيندي انگريزي سان گڏ فرنچ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ۽  سرڪاري ڪاروهنوار ۾ فرنچ کي شامل ڪيو. جڏهن ته سرڪار اعلان ڪيو ته فرنچ قومي ٻولي آهي ۽ انگريزي رابطن واري ٻولي هوندي،اهڙِي طرح تازو ئي اسڪاٽلينڊ جي ماڻهن برطانيا کان حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪئي پر حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ پارٽي وٽ عددي اڪثريت گهٽ هجڻ جي ڪري انهن کي آجپو نصيب نه ٿيو. اهڙي ريت بنگال جي ماڻهن به پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ وقت ٻولي لاءِ جدوجهد ڪندڙ شيخ مجيب جي عوامي ليگ کي پارليامينٽ ۾ مضبوط ڪيو ،پوءِ نيٺ دنيا ڏٺو ته انهن بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي جي به حيثيت ڏياري پرپنهنجا ٻيا حق نه ورتا،اهڙي ريت بلوچستان جي صورتحال  به اسان کان مختلف آهي، جيتوڻِڪ اتي جي ماڻهن ۾ احساس محرومي ته ضرور آهي پر اهي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ اڳواڻن کي ووٽ ڏيندا،ڪڏهن اهي سردار اختر مينگل جي پارٽي کي چونڊي اقتدار ۾ موڪليندا رهيا آهن ته ڪڏهن وري بلوچ عوام لاءِ آواز اٿاريندڙ قومپرست اڳواڻ عبدالمالڪ بلوچ کي چونڊيندا رهيا آهن،جيڪو هن وقت بلوچستان جو وڏو وزير آهي،اهو ئي سبب آهي جو بلوچستان جي ماڻهن جي هر دور ۾ ڳالهه ٿيندي رهي آهي،ملڪ جي هر ايندڙ حڪمران بلوچ عوام کان معافي ورتي آهي (اهو الڳ مسئلو آهي ته ان معافي کانپوءِ وري ساڳئي روايت تي ڪم ڪندا رهيا) ۽ ڪڏهن بلوچن کي حق ڏيارڻ لاءِ اتان جا چونڊيل نمائيندا قومي اسيمبليءَ مان “آغازحقوق بلوچستان ” پيڪيج وٺي ڏئي چڪا، ان ڪري ئي کين وفاق جي ماتحت هلندڙ ادارن ۾ نوڪرين کان وٺي ٻيا حق مليا آهن،اهو الڳ مسئلو آهي ته اهو سڀ ڪجهه اڃا ايترو نه آهي جو ان تي بلوچ عوام خوش ٿئي پر وري به قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ انهن جي ڳالهه ته ٿيندي آهي.پراسان رڙيون ته ڪندا آهيون ته سنڌ ۾ روڊ ناهن ڇا ڪريون، صوبي ۾ پيئڻ ۽ فصلن جيترو پاڻي ناهي ڪنهن در دانهن ڏجي، روزگار ناهي ڪنهن جي اڳيان واجهايون، ڪرپشن چوٽ چڙهيل آهي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ وقت وڏا واعدا ڪرڻ کانپوءِ وري موٽي نه ٿا اچن، صوبي کي حق نه ٿا ڏنا وڃن، وفاق پاران سنڌ جي قومي ۽ وفاقي اڳواڻن جا لاش موڪليا ٿا وڃن، شهرن ۾ دهشتگردن جو آزار آهي، پ پ ايم ڪيو ايم سان اتحاد ۾ آهي، هاڻي حالت اها آهي جو آبادگار شوگر مل مالڪن جي ظلم کان تنگ اچي پنهنجي محنت سان پوکيل ڪمند کي باهه ڏئي سارڻ لڳا آهن، هاڻي اصل پ پ کي ووٽ نه ڏينداسين، هاڻي سنڌ ۾ تبديلي ضرور ايندي، چونڊن ۾ نمائندن کان پُڇاڻو ڪبو، هاڻ تبديلي اڻٽر آهي، هاڻي ڪجهه ڪري ڏيکارينداسين.پر ٿيندو ڪجهه به نه آهي،بهرحال ان سموري ڳالهه ڪرڻ جو مقصد رڳو اهو هو ته اسان رڳو ڳالهيون ڪندا آهيون ۽ اسان ڳالهين جا ماهر آهيون، ائين کڻي چئون ته ڳالهيون ڪرڻ ۾ اسان جي پي ايڇ ڊي ٿيل آهي، ڇو ته اصل ڪم اسان کي پُڄي ڪونه، جيڪڏهن عمل ڪرڻ اچي ها ته اڄ سنڌ ۾ تبديلي اچي چُڪي هجي ها.پر اڃابه  وقت نه ويو آهي ،جيڪڏهن اسان پنهنجي دردن جو درمان، آجپو ۽ حق  چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي پنهنجي ووٽ سان اهڙن ماڻهن جي چونڊ ڪرڻي پوندي جيڪي اسلام آباد ۽ ڪراچي وڃي سنڌ جي پاڻي،وسيلن، ناڻي ۽ ٻين  ناانصافين تي آواز اٿارين.اهڙي طرح جيڪي آجپي جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر پارليامينٽ ۾ وڃڻ کي گناهه تصور ڪن ٿا، اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا،اهڙي ۾ وري عوام تي اهو فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اهي انهن ماڻهن جا هٿ مضبوط ڪن جيڪي سنڌ جي عزت،آجپي ۽ خوشحالي سوڌو حقن جي نه رڳو ڳالهه ڪن ٿا پر انهن پنهنجن عملن مان به ظاهر ڪيو ته اهي  سنڌ جي هر معاملي تي آواز اٿاريندا رهيا،پر جڏهن سنڌ جي شهرن تي قبضي جي ڳالهه ٿي،جڏهن لنڊن مان ون ٽو جا فارمولا آڇيا ويا ته اهي عملي جدوجهد ۾ مليا پر ڪجهه اهڙا به آهن پاڻ کي سنڌ دوست ته ڪوٺيندا رهن ٿا پر ڌرتي جي سرحدن تي ميري اک رکندڙن کي ٻٽو نظام ڏئي پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر وري انهن ۾ ڪي اهي به هئا جن پهريان ته وڏيون دانهون ڪيون پر پوءِ رات جي اونداهي ۾ انهن جي مهماني به ڪئي،انڪري جڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سيپٽمبر ۾ مڪاني چونڊون ٿيڻون آهن ته انهن  ۾ ووٽ کان اڳ پنهنجي مفادن کي نه پر سنڌ جي حقن ۽ پنهنجن ٻارن جي سٺي مستقبل کي اڳيان رکڻو پوندو،ڇو ته جيڪڏهن ڪو سنڌ دوست پر اهو سنڌ دوست جيڪو رڳو اخباري بيان تي نه ڀاريندو هجي پر ان سنڌ جي حقن ۽ ٻرندڙ مسئلن تيِ ڪجهه عملي جدوجهد به ڪئي هجي ان کي ووٽ ڏجو،نه رڳو هنن چونڊن ۾ پر عام چونڊن ۾ به ،ڇو ته جيڪڏهن ڪو سنڌ دوست اسلام آباد ۽ ڪراچي جي ايوان ۾ ويندو ته پوءِ حق به ملندا ،ان ڪري اسان کي پارليامينٽ ۾ پنهنجي عددي اڪٽريت وڌائڻي پوندي ان کانسواءِ حق ملڻ مشڪل آهن،

***********

 

ڪانگ جي ڪاوڙ اَڪ مڪڙ تي ؛مير اعظم علي ٽالپر

جڏهن به دنيا ۾ ڪو غريب ناراض ٿيندو آهي ته پنهنجي ڪاوڙ امير مٿان ڪڍندو آهي، هي هڪ فطري عمل به آهي. ان وانگر راقم جو يار ڪرم خان ڪنگلو، پنهنجي ڪنگل پائي يعني غربت واري ڪاوڙ سڀ کان پهرين ميرن، ان بعد پيرن ۽ آخر ۾ جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف يڪ راءِ قرارداد پاس ڪري ڪڍندو آهي، جيئن سدائين ڪانگ جي ڪاوڙ اڪ مڪڙ مٿان هوندي آهي، ان کانسواءِ هر سياستدان جي ناراضگي جي گهاڻي جو محور ئي ميرن، پيرن ۽ وڏيرن خلاف گهمندو ڦرندو آهي.تازو هڪ دلچسپ اخباري بيان هڪڙي اخبار ۾ پڙهڻ لاءِ نظر مان گذريو ته ”هڪ خاتون (گهر ۾ ويٺي ويٺي بورچي خانو ڇڏي) هڪ سياسي پارٽي اندر شموليت اختيار ڪئي آهي ۽ ان پارٽي ۾ (شايد پوسٽ به خالي هئي) کيس ليڊيز ونگ جو صدر به مقرر ڪيو ويو آهي. ان خاتون جي بقول ته سندس سياست ۾ اچڻ سان مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ سندس تڪ ۾ وڏو طوفان اچي ويو آهي، پر اصل ۾ اخباري بيان ۾ ان خاتون چيو آهي ته ”جڏهن کان مون سياست ۾ پير پاتو آهي ۽ ليڊيز ونگ جي صدر مقرر ٿي آهيان ته علائقي واسي مير، پير، جاگيردار ۽ وڏيرا منهنجي جان (البته لکيل نه آهي) جا ويري ٿي پيا آهن ۽ ان کانسواءِ هڪ وڏيري پاران هڪڙي مڱڻهار فقير هٿان منهنجي زمين تي قبضو به ڪيو ويو آهي، ان ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي. دماغ جا چارئي طبقا روشن ڪندڙ خبر پڙهڻ شرط عورت سان همدردي ڪرڻ لازمي آهي، پر راقم وارو يار ڪرم خان ڪنگلو چئي ٿو ته انهي خاتون جي علائقي ۾ ڪو به ’مير‘ نه ٿو رهي ۽ ’پير‘ به آباد نه آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪو پير قدرت الله قدرت جهڙو پير هجي ته هجي. هڪ عورت، جنهن تازو سياست ۾ قدم رکيو هجي ۽ سندس عهدو به ليڊيز ونگ جو هجي ته اهو ونگ وارو معنيٰ ته ”ونگ“ خطرناڪ آهي، تنهن جو نالو ڪير وٺندو؟ پر ان ۾ جيڪو ڪجهه ڇپيل آهي ۽ اهو سچ آهي ته به خاتون کي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ شرط اهو آهي ته ان خاتون جيئن چيو آهي، جڏهن ”مون سياست ۾ پير پاتو آهي ته دشمن ٿي پيا آهن“ محترمه جي بيان ۾ هت اهو واضح نه آهي ته هي به خاتون جيئن ٻيون عام حالتن اندر ٽن ڪپڙن ۾ بنا ڪنهن جي ’چُورڻ‘ ۽ برغلائڻ جي گهران نڪرنديون آهن، وانگر بنا ڪو اطلاع ڏيڻ جي اُگهاڙن پيرن سان سياست ۾ پير پاتو آهي ته پوءِ سندس خير ڪونهي، جيڪڏهن هن خاتون سياست ۾ شموليت اختيار ڪرڻ وقت پنهنجن پيرن ۾ کڙي وارو سينڊل پاتو آهي ته پوءِ بقول ڪرم خان ڪنگلو ته کيس ڪا به پرواهه ڪرڻ نه گهرجي. هن بيان ۾ اهو به ڇپيل آهي ته سندس زمين تي هڪ وڏيري پاران هڪ مڱڻهار قبضو به ڪري ورتو آهي.حالانڪه اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇو ته ويچارو مڱڻهار فقير رڳو ڏونڪي تي دَس هڻڻ ۽ مرلي وڄائڻ جو ماهر آهي، زمين ڪيئن سنڀاليندو، البته اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪک هيٺان لک پيو آهي.جڏهن ته ڄاڻايل خاتون جي سياست ۾ آمد کي خوش آمديده، پر پنهنجي ناراضگي پٺيان ميرن، پيرن تي ڪاوڙ اجائي آهي. ڪيترائي مير واچارا کنوڻ تي مال ڪاهيو وتندا آهن، بک جي باهه غريب پيٽ ۾ پورا، ٻين سان ڇا وڙهندا، جڏهن ته سنڌ جا پير به ڦيڻن ۽ ڌاڳن تي گذر سفر ڪرڻ ۾ پورا آهن.حالانڪه ڪيترائي طاقتور مير ۽ پير سنڌ ۾ آهن، پر انهن لاءِ اهو سرعام چوڻ غير مناسب آهي، جاگيردار معنيٰ سرمائيدار، هن کي ڪهڙو لاچار آهي، جو خوامخواهه پاڻ کي بدنام ڪندو گهمي، جڏهن ته ’وڏيرو‘ سنڌ جي هڪ اجتماعي سڃاڻپ واري نشاني آهي، هن لاءِ مرحوم رئيس عبدالحميد جتوئي صاحب چيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو به هڪ وڏيري شاهه نواز ڀٽو جو فرزند هو ۽ وڏيرو سنڌ جي هڪ علامت آهي، ان خلاف نه ڳالهايو. رئيس عبدالحميد جتوئي 1973ع جي آئين تي صحيح نه ڪئي هئي، پر افسوس ته سنڌ ۾ جيڪو به سياست جي ميدان ۾ ايندو آهي، سڀ کان اول ميرن، پيرن ۽ وڏيرن خلاف بيان ڏيندو آهي، جڏهن ته هر سياستدان جي سياسي گاڏي هلندي ئي ميرن، پيرن ۽ وڏيرن جي سياسي پٽڙي تي آهي، پر سياست ڪرڻ وارا صرف پنهنجي ڪامريڊي جي چڪر ۾ اهڙا بيان ڏيندا آهن، جڏهن ته هڪ سرائڪي پهاڪو دعا جيان آهي ته ”ميران دي ميري، پيران دي پيري، ڪڏهن ختم ڪا نه ٿيسي، ڏينهن قيامت تائين پئي هَلسي.“ هن سٺي سڃاڻپ کي بدنام نه ڪيو وڃي، هن کان 45 سال اڳ 1970ع ۾ دنيا ۾ نشيدار شين کي پيار ۽ محبت طور سمجهيو ويندو هو، پر دنيا وارن چيو ته پيار ۽ محبت ڌار آهي، نشو هڪ لعنت آهي. ان نشي ۽ پيار کي ڌار ڪرڻ لاءِ هندستان جي ديو آنند هڪ زبردست فلم ”هري راما، هري ڪرشنا“ ٺاهي هئي ۽ ان ۾ نشي کي عام ڏيکاريو هو ۽ ان جو هڪ مشهور گانو زينت امان تي هو ”بولو صبح، شام هري ڪرشنا هري رام دم مارو دم مٽ جائي غم“ اهڙي ريت سنڌ ۾ به وڏيري سان محبت واري فلم ٺاهڻ گهرجي.هڪ ٻيو اخباري بيان به تازو نظر مان گذريو ته گهوٽڪي ۾ رهندڙ ۽ هر ايندڙ ويندڙ روڊ تي ٽرڪ جي پٺيان لکندڙ رائيٽ آرم ۽ ليفٽ آرم ’ڪفيل ڀائي‘ بيماري ۽ غربت کان تنگ ٿي نيٺ گهوٽڪي ڇڏي ڪراچي ۾ ڪٿي گوش نشين ٿي ويو آهي. آئون گهوٽڪي، اوٻاوڙو، صادق آباد وڃڻ وقت ڪفيل ڀائي سان ڪرڪيٽ جي شوق سبب ۽ سندس ٽرڪن پٺيان لکڻ جي شوق جي ڪري وقت به وقت ملندو هئس، هو گهوٽڪي ۽ اوٻاوڙو باءِ پاس، چاچڙ مارڪيٽ کان به ملندو هو ته شهر ۾ به ملندو هو ۽ سندس شوق هر پنجاب کان سنڌ ايندڙ ۽ ويندڙ ٽرڪ جي پٺيان ’ڪفيل ڀائي‘ ليفٽ آرم، ڪفيل ڀائي رائٽ آرم لکڻ مقصد هوندو، سو به مفت ۾، پر هاڻ هو غائب آهي، جتي به هجي خوش هجي، هن اڃا تائين سنڌ جي ڪنهن مير، پير ۽ وڏيري لاءِ ڪجهه نه چيو آهي ته سندس غربت ۾ هنن جو هٿ آهي، ڇو ته ڪفيل ڀائي سياست ڪرڻ وارو سياستدان نه آهي، ان ڪري هن ڪنهن جو به نالو نه ورتو آهي، پر ڪانگ جي ڪاوڙ اڪ مڪڙ تان لهندي ڪا نه!!

دماغ جا چارئي طبقا روشن ڪندڙ خبر پڙهڻ شرط عورت سان همدردي ڪرڻ لازمي آهي، پر راقم وارو يار ڪرم خان ڪنگلو چئي ٿو ته انهي خاتون جي علائقي ۾ ڪو به ’مير‘ نه ٿو رهي ۽ ’پير‘ به آباد نه آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪو پير قدرت الله قدرت جهڙو پير هجي ته هجي. هڪ عورت، جنهن تازو سياست ۾ قدم رکيو هجي ۽ سندس عهدو به ليڊيز ونگ جو هجي ته اهو ونگ وارو معنيٰ ته ”ونگ“ خطرناڪ آهي، تنهن جو نالو ڪير وٺندو؟ پر ان ۾ جيڪو ڪجهه ڇپيل آهي ۽ اهو سچ آهي ته به خاتون کي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ شرط اهو آهي ته ان خاتون جيئن چيو آهي، جڏهن ”مون سياست ۾ پير پاتو آهي ته دشمن ٿي پيا آهن“ محترمه جي بيان ۾ هت اهو واضح نه آهي ته هي به خاتون جيئن ٻيون عام حالتن اندر ٽن ڪپڙن ۾ بنا ڪنهن جي ’چُورڻ‘ ۽ برغلائڻ جي گهران نڪرنديون آهن،

وانگر بنا ڪو اطلاع ڏيڻ جي اُگهاڙن پيرن سان سياست ۾ پير پاتو آهي ته پوءِ سندس خير ڪونهي، جيڪڏهن هن خاتون سياست ۾ شموليت اختيار ڪرڻ وقت پنهنجن پيرن ۾ کڙي وارو سينڊل پاتو آهي ته پوءِ بقول ڪرم خان ڪنگلو ته کيس ڪا به پرواهه ڪرڻ نه گهرجي. هن بيان ۾ اهو به ڇپيل آهي ته سندس زمين تي هڪ وڏيري پاران هڪ مڱڻهار قبضو به ڪري ورتو آهي.حالانڪه اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي،

ڇو ته ويچارو مڱڻهار فقير رڳو ڏونڪي تي دَس هڻڻ ۽ مرلي وڄائڻ جو ماهر آهي، زمين ڪيئن سنڀاليندو، البته اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪک هيٺان لک پيو آهي.جڏهن ته ڄاڻايل خاتون جي سياست ۾ آمد کي خوش آمديده، پر پنهنجي ناراضگي پٺيان ميرن، پيرن تي ڪاوڙ اجائي آهي. ڪيترائي مير واچارا کنوڻ تي مال ڪاهيو وتندا آهن، بک جي باهه غريب پيٽ ۾ پورا، ٻين سان ڇا وڙهندا، جڏهن ته سنڌ جا پير به ڦيڻن ۽ ڌاڳن تي گذر سفر ڪرڻ ۾ پورا آهن