تازيون خبرون

Daily Archives: April 7, 2015

وزير اعظم جي موجودگي ۾ خواجه آصف جيڪا زبان استعمال ڪئي ان تي ڏک آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو جوڊيشل ڪميشن ٺهي وئي ان لاءِ اسيمبلي ۾ واپس آياسين خواجه آصف جيڪا زبان استعمال ڪئي ان تي ڏک آهي سڀئي پارٽيون چون ٿيون ته ڌانڌلي ٿي پارليامينٽ آئيني ڪيئن آهي پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته بچاءُ واري وزير وزيراعظم جي موجودگي ۾ غلط زبان استعمال ڪئي پارليامينٽ ۾ ڪا تهذيب هوندي آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوڊيشل ڪميشن تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ سموريون پارٽيون اسيمبلي ۾ اچڻ جي دعوت ڏينديون رهيون، عمران خان چيو سڀني چيو اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي پوءِ اسيمبلي ڪيئن قانوني ٿي سگهي ٿي، اسيمبلين ۾ ان لاءِ آياسين ته جوڊيشل ڪميشن ٺهي وئي آهي ۽ اڄ يمن جي صورتحال سبب اسيمبلي آيو هوس پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ٽربيونل گاهه نه وڌي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻڌايو وڃي مون ڪنهن کي گار ڏني آهي عمران خان چيو مولانا فضل لارحمان جي جاءِ تي مون کي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها، اسيمبلي ۾ جيڪي حرڪتون ٿي رهيون آهن اتي ڪابه عقل جي ڳالهه نٿي ٿي سگهي ۽ جهڙي طرح جي پارليامينٽ آهي ان مان ڪابه اميد ناهي  هن جو اهو به چوڻ هو ته يمن جي تڪرار ۾ ڌر بڻجي وياسين هت ٺاهه ڪيئين ڪرائينداسين وزيراعظم کان مطالبو ٿو ڪريان ته اسان سان سچ ڳالهائي سعودي عرب سان ڪيل معاهدو ڪهڙو ڪيو ويو آهي.

 

پارليامينٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي اجنبي تصور ڪيو ويندو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته يمن معاملي تي حڪومتي بريفنگ کان پوءِ خبر پئجي ويندي ته پاڪستان ڪٿي بيٺل آهي. پارليامنٽ جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته پارليامنٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي اجنبي تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته استعيفائون ڏيڻ کان پوءِ سيٽون پاڻمرادو خالي ٿي وينديون آهن. جي يو آءِ سربراهه چيو ته يمن فوج موڪلڻ بابت صورتحال واضح نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب آزمائش ۾ پورا لهڻ وارو دوست ملڪ آهن. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته يمن معاملي تي سمورين جماعتن جو موقف سامهون اچڻ سان صورتحال واضع ٿيندي.

 

سعودي عرب فوج موڪلڻ جو فيصلو آرمي چيف کي ڪرڻو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سعودي عرب فوج موڪلڻ جو فيصلو آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي ڪرڻو آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته فوج موڪلڻ جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي اهو  عقل جو انڌو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ڪمپني جي مشهوري لاءِ آهي، سعودي عرب لاءِ هنن وٽ وڏو احترام آهي، ان جي سلامتي ۽ حفاظت ڪرڻ هر مسلمان جو فرض آهي. هن چيو ته قوم جا وڏا مسئلا آهن، حڪومت واعدن کي ناهي پاڙيو، عوام اڄ مايوس آهي، هو عوامي مسئلا هر فورم تي اٿاريندو رهندو…….

 

بلديه ٽائون سانحي ڪيس جو جاچ آفيسر تبديل، ساجد يوسفزئي نئون آفيسر مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلديه ٽائون فيڪٽري ڪيس جي جاچ آفيسر کي تبديل ڪيو ويو آهي ساجد يوسفزئي کي نئون جاچ آفيسر مقرر ڪيو يوو جي آءِ ٽي رپورٽ جي روشني ۾ نئين سر جاچ ٿيندي بلديه فيڪٽري سانحي جي نئين سر جاچ لاءِ ساجد يوسفزئي کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو جج جي موڪل سبب نئين سرجاچ جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ جمع نه ٿي سگهي اختيارين مطابق جاچ جي آءِ ٽي پرورٽ جي روشني ۾ اڳتي وڌائي ويندي، جوابدار رضوان قريشي جي آءِ ٽي رپورٽ ۾انڪشاف ڪيو آهي ته فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جو واقعو حادثو نه هو، ڀتو نه ڏيڻ تي باهه لڳائي وئي هئي.

 

سلمان خان انٽرنيٽ تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ٿيندڙ شخصيت بڻجي ويو

ممبئي(شُوبز نيوز) ڀارت جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي مقبوليت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، هو نه صرف بالي ووڊ جو نمبر ون اداڪار آهي جن جي مداحن جو تعداد به تمام وڏو آهي پر ان سان گڏوگڏ هو سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ٿيندڙ شخصيت به بڻجي ويو آهي، هاڻوڪن ڏينهن ۾ ٽائمز آف انڊيا جي ڪيل هڪ سروي ۾ جيڪا سيپمٽبر 2014ع ۾ شروع ڪئي وئي ۾ اها حيران ڪندڙ ڳالهه سامهون آئي آهي ته سلمان خان پنهنجن ٻين ساٿي اداڪارن جن ۾ شاهه رخ خان، اڪشي ڪمار، سيف علي خان ۽ ريتڪ روشن شامل آهن انهن سڀني مان انٽرنيٽ ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ ڳولي ويندڙ شخصيت به بڻجي ويو آهي فلم انڊسٽري ۾ نمبر ون اسٽار هجڻ سبب ته سڃاتو ويندو آهي پر ان سان گڏوگڏ هو ڪافي نرم طبيعت جو به واقع ٿيو آهي ۽ آئي ڏينهن سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺڻ ۾ شهرت رکي ٿو.

 

صوفي گلوڪار سجاد بري گهٽ ۾ گهٽ معاوضو 10 هزار رپيا مقرر ڪري ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز) صوفي گلوڪار سجاد بري پنهنجي گائڻ جو معاوضو گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي، سجاد بري اڄڪلهه اسٽيج شوز ۾ گانن جي حوالي سان معاوضو وڌائي رهيو آهي، هن هڪ تقريب ۾ چيو ته هاڻي هو چونڊ پروگرامن ۾ گانا ڳائيندو آهي.

 

فلم جي رليز ٿيڻ تائين معاوضو ناهيان وٺندو: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته هو ڪنهن فلم جو معاوضو ان جي رليز ٿيڻ تائين ناهي وٺندو، هو فلم جي ڪاميابي کان پوءِ پروڊيوسر کان پنهنجي حصي جا پيسا معاوضي طور وٺندو آهي ۽ جيڪڏهن فلم ناڪام ٿي وڃي ته هو هڪ پيسو به ناهي وٺندو، ان ڳالهه جو اظهار عامر خان پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ ڪيو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو فلم جو ان جي مڪمل ٿيڻ ۽ رليز تائين معاوضو نه وٺڻ سبب ڪنهن به قسم جي دٻاءَ کان مڪمل آزاد هوندو آهي، هن چيو ته هو فلم جي چونڊ رڳو سٺو اسڪرپٽ ڏسي ڪندو آهي ۽ کيس ان ڳالهه جو ڪو ڏک ناهي هوندو ته اها فلم ڪيترن ڪروڙن جو بزنس ڪندي ۽ هو پنهنجي ڪردار سان مڪمل انصاف ڪندي تمام گهڻي محنت ڪندو آهي.

 

جان ابراهم پريانڪا کي ڪرينا کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پرڪشش قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)جان ابراهم پريانڪا چوپڙا کي ڪرينا کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پرڪشش قرار ڏئي ڪرينا سان پنهنجو حساب برابر ڪري ورتو، ڀارتي ٽي وي جي هڪ مشهور پروگرام ۾ ڳالهائيندي جان ابراهم جو چوڻ هو ته هو سمجهي ٿو ته ڪرينا جي مقابلي ۾ پريانڪا وڌيڪ خوبصورت ۽ پرڪشش آهي ۽ جان ابراهم ان ڳالهه جو اظهار ڪري شايد ڪرينا کان اهو حساب برابر ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ننڍي نواب جي گهرواري هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ئي ڳلاهه ڪندي جان ابراهم جي اداڪاري کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو، ٻئي طرف بالي ووڊ ۾ ڪرينا ڪپور کي گليمرس سان ڀرپور خوبصورت اداڪاره قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ڪيتريون ئي فلمن ان جي گليمر سان ڀرپور ڪردار سبب ئي باڪس آفيس تي ڪامياب قرار ڏنيون ويون.

 

انگلش ڪائونٽيز احمد شهزاد کي کيڏڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر بيٽسمين احمد شهزاد کي انگلش ڪائونٽيز کيڏڻ جي آڇ ڪري ڇڏي اها آڇ انگلش ڪائونٽي واروڪ شائر ۽ ڊربي شائر طرفان ڪئي وئي، ياد رهي ته ان کان اڳ به احمد شهزاد انگلش ڪائونٽي ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائي چڪو آهي جڏهن ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015ع ۾ ان جي ڪارڪردگي ڪا سٺي نه رهي هئي ۽ تجزيه نگارن طرفان ان کي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو هو ان آڇ تي اڃان تائين احمد شهزاد جو موقف سامهون نه آيو آهي.

 

آءِ پي ايل جي افتتاحي تقريب منعقد ٿيڻ کان اڳ ئي تڪرار جو شڪار

ڪلڪتا(اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل افتتاحي تقريب منعقد ٿيڻ کان اڳ ئي تڪرار جو شڪار ٿي وئي فنڪارن جي تنظيم بغير اجازت گانو هلائڻ خلاف ليگل نوٽس انتظاميه کي موڪلي ڇڏيو لائسنس بغير ميوزڪ جي استعمال تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي انڊين پريميئر ليگ اڳ جيان هن ڀيري به پنهنجي افتتاحي تقريب کي بالي ووڊ جو تڙڪو لڳائڻ جي تياري ڪئي پر تقريب سجڻ کان اڳ ئي تڪرار جو شڪار ٿي وئي، گانن جي رائٽس جو معاملو سامهون اچي ويو آهي ان تقريب ۾ ريتڪ روشڻ، شاهد ڪپور، فرحان اختر، انوشڪا شرما ۽ ٻين فنڪارن کي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻو آهي ڪلڪتا جي سالٽ ليڪ اسٽيڊيم ۾ اربع تي ٿيندڙ ان تقريب کان اڳ ئي انڊين پرفارمنس رائٽ سوسائٽي انتظاميه کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي ان تنظيم ۾ مجموعي طور تي 3500 ليکڪ، شاعر، موسيقار، پبلشر ۽ فلم پروڊيوسرز شامل آهن اها ئي تنظيم ڪنهن به عوامي تقريب ۾ گانو وغيره وڄائڻ يا وري لکت وارو مواد استعمال ڪرڻ جي حوالي سان جاري ڪندي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني لاڳاپيل فنڪارن يا اديبن کي پهچائي ويندي آهي.