تازيون خبرون

Daily Archives: April 6, 2015

اين اي 246 تي ننڍي چونڊ رينجرز ۽ پوليس جي نگراني ۾ٿيندي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته 23 اپريل تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 جي ننڍي چونڊ رينجرز ۽ پوليس جي نگراني ۾ ٿيندي، سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته متحده قومي موومينٽ ۽ تحريڪ انصاف سياسي تدبر جو مظاهرو ڪري ۽هڪ ٻئي تي الزام تراشي بجاءِ منصفاڻي چونڊ لاءِ ڪوششون ڪري، هن چيو ته رينجرز ۽ پوليس تڪ ۾ آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊ کي يقيني بڻائن ٻنهي فورسز گڏجي شهر ۾ امن امان بحال ڪيو ۽ چونڊن جي ڏينهن به امن بحال رکي سگهن ٿيون، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ جاري آپريشن ڏوهارين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، آپريشن سبب ڏوهن ۾ رڪارڊ گهٽتائي اچي وئي آهي، ڏوهارين جو سندن خاتمي تائين پيڇو ڪيو ويندو، امن امان جي بحالي سنڌ سرڪار جي پهرين ترجيح آهي، ڪنهن کي شڪ نه هئڻ گهرجي ته ڪو آپريشن ڪنهن جماعت  يا فرد خلاف پي ٿئي، آپريشن بهتر نتيجا ڏنا آهن.

 

چارسده ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻارڙن ۽ عورتن سميت 10 ماڻهو قتل

پشاور(اي م.ڊ) چارسده ۾ سڱاوتي تڪرار تي 10 ماڻهن کي موت جو کاڄ بڻايو ويو. تفصيل مطابق چارسده جي تعلقي تنگي ۾ هڪ شخص گهر ۾ ستل ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گهر جي سربراهه جمال سميت 10 ماڻهو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. مارجي ويلن ۾ 2 ٻار ۽ 4 عورتون به شامل آهن. مارجي ويلن جي رشتيدارن پوليس ڱي ٻڌايو ته اهو واقعو سڱاوتي جي تڪرار سبب پيش آيو. جوابدار گهر جي سربراهه جمال جو ٿيندڙ ناٺي گل احمد خان آهي جنهن ان واردات کان اڳ پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ ٻن ڀائرن کي به قتل ڪيو هو ۽ بعد ۾ فرار ٿي ويو هو. پوليس مطابق فوت ٿيلن جي رشتيدارن جي بيان جي روشني ۾ شروعاتي  رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي. واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدار گل احمد خان جي تلاش لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. واقعي کان پوءِ مارجي ويلن جا لاش تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال تنگي منتقل ڪيا ويا.

 

سريلنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد(بيورو) سريلنڪا جو صدر پالا سري سينا ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. کيس دوري جي دعوت صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف ڏني هئي. نور خان ايئر بيس تي وزيراعظم محمد نواز شريف سريلنڪا جي صدر ۽ سندس گڏ آيل وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ساڻس گڏ هئا. سري لنڪا جي صدر جي آمد تي کيس 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، ان کان اڳ سريلنڪا جي صدر ڪمرشل اڏام ذريعي ڪراچي پهتو جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سندس استقبال ڪيو. اتي مختصر قيام کانپوءِ صدر پنهنجي وفد سان گڏ پي آءِ اي جي خصوصي اڏام ذريعي اسلام آباد روانو ٿيو. نئين چونڊيل صدر جو پاڪستان جو پهريون دورو آهي

 

پارليامينٽ ۾ اچڻ تي تحريڪ انصاف کي ڀليڪار چوندس: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۾ اچڻ تي ڀليڪار چوندس پي ٽي آءِ جون استعيفائون منظور ٿيڻ نه ڏناسين اهو پ پ جو وزن هو، خورشيد شاهه سکر ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ کي مانجهاندو ڏنو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته اڄ ٻيهر سموري اسلامي دنيا ۾ انتشار ڦهلجي چڪو آهي پاڪستان کي وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، خورشيد شاهه مطابق يمن جي معاملي تي پيپلز  پارٽي چيو هو ته حڪومت پاڻ فيصلو نه ڪري اهو فيصلو پارليامينٽ ۾ ٿيڻ ڏئي.

 

تحريڪ انصاف پاران اسيمبلين ۾ واپس وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف، جوڊيشل ڪميشن جو آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد اسيمبلين ۾ واپس اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو، يمن جي صورتحال تي اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جا ميمبر شرڪت ڪندا. بني گالا اسلام آباد ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگرين ترين، حامد خان، سرور خان، اعجاز چوڌري، عارف علوي، شفقت محمود، شيرين مزاري، سرور خان ۽ ٻين عهديدارن  شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حڪومت طرفان جوڊيشل ڪميشن جي آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد اسيمبلين ۾ وڃڻ، يمن ۾ پاڪستان جي ڪردار بابت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ۽ ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ بابت غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب ڪور ڪميٽي اسيمبلين ۾ واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن ٻڌايو ته عمران خان سميت تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

 

سنڌ ايراضي جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ پنجاب کان مدد گهري ورتي

لاهور (اين اين آءِ) سنڌ صوبي ايراضي جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ پنجاب کي درخواست ڪري ڇڏي، اها درخواست سنڌ صوبي جي سينئر بورڊ آف روينيو شعيب احمد صديقي جي ٰ سربراهي ۾ اعليٰ آفيسرن بورڊ آف روينيو جي اجلاس ۾ ڪئي. ان موقعي تي سينئر بورڊِ آف روينيو پنجاب نديم اشرف کيس بريفنگ ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ ايراضي رڪارڊ جي شفاف ۽ با سهولت خدمتن جي فراهمي لاءِ پنجاب جي وڏي وزير جي خاص توجهه جي ڪري لينڊ رڪارڊ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم منصوبا تيزي سان مڪمل ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته پوري پنجاب جي سمورن 143 تعلقن ۾ قائم ايراضي رڪارڊ سينٽرز جي ذريعي لکين ايراضي مالڪن کي 30 منٽن ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ فرد ۽ 50 منٽن ۾ تصديق انتقال جون خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هڪ محتاط اندازي مطابق گذريل مهيني دوران انهن سينٽرز ۾ 7706 ڪميپوٽرائيزڊ فردات جي جاري ۽ 24809 تصديق انتقالات سان ساڍا 73 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم حڪومتي خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي.

 

عمران ڪراچي ۾ جلسو ڪرائڻ تي ايم ڪيو ايم جو شڪريو ادا ڪيو: جاويد هاشمي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف کان الڳ ٿيندڙ اڳواڻ جاويد هاشمي چيو آهي ته عمران خان ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو ڪرائڻ تي ايم ڪيو ايم جو شڪريو آدا ڪيو هن جو اهو به چوڻ هو ته ڌرڻي ۾ ايم ڪيو ايم کان علاوه پيپلز پارٽي جي شموليت جو به پروگرام هو جاويد هاشمي اها ڳالهه نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ چئي.

 

سنڌ حڪومت عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بهتر قدم کڻي رهي آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو) سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بهتر قدم کڻي رهي آهي. ان لاءِ اڄ لاڙڪاڻو پوليس ٽريننگ سينٽر مان 6 مهينن جي تربيت مڪمل ڪري وڃي رهيا آهن. هتي نوجوانن کي ڏسي مون کي ميرٽ نظر اچي ٿي ته پوليس اهلڪارن جي قد ۽ باڊي جو خيال رکيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته لاڙڪاڻو سميت سمورن پوليس ٽريننگ سينٽرن کي معياري بڻايون ۽ سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي احساس ڪمتري مان ختم ڪري انهن کي پگهارن ۾ ٻين صوبن جيان برابر ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پوليس جي جوانن ۽ آفيسرن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪري عوام جي حفاظت ڪئي آهي. انهن اهڙا انمول مثال قائم ڪيا آهن، جن کي اڄ خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. اهڙيون ڳالهيون هن ڪالهه لاڙڪاڻو پوليس ٽريننگ ۾ پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ باءِ اليڪشن توڙي جنرل اليڪشن ۾ اميدوارن وچ ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ هوندو آهي. انڪري ليڊرشپ مٿان زباني حملا نه ٿيڻ گهرجن. اظهار خيال يا موقف هر سياسي پارٽي کي پيش ڪرڻ جو حق آهي ۽ اهو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم تي لاڳو ٿئي ٿو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ بابت بندوبست ڪري رهي آهي ۽ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو وچ ۾ جيڪو ماحول خراب ٿيو ان کي ختم ڪرائي سرچاءُ ڪرائي ڇڏيو آهي. ان لاءِ اميدوارن کي گهرجي ته پنهنجي چونڊ مهم تي ڌيان ڏين. هن چيو ته ايم آر ڊي يا اي آر ڊي ۾ عوام ووٽرن، ورڪرن جانين جا نذرانا ڏنا آهن ته جيئن جمهوريت قائم ٿئي. پ پ جو ڪارڪن حسن ۽ قوت آهي. جيڪو ڀٽي جي فلسفي ۾ طاقت جو سرچشمو عوام رهيو آهي.

 

آصف زرداري جي پاليسي نواز حڪومت کي ڪرڻ کان بچايو: منظور وساڻ

خيرپور (ڊ ر) صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته آصف علي زرداري جي مفاهمت جي پاليسي نوازشريف جي حڪومت کي ڪرڻ کان بچايو. خيرپور ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي منظور وساڻ جو چوڻ هو ته بلدياتي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سڄي ملڪ مان ڪاميابي حاصل ڪندي. بلدياتي چونڊون هن ئي سال ٿينديون ڪارڪن تياري شروع ڪن. منظور وساڻ چيو ته خيرپور، سانگهڙ، شاڪرپور ۽ ڊسٽرڪٽ ڪونسل ڪراچي جو چيئرمين پيپلزپارٽي ئي چونڊيندي

 

آصف علي زرداري جي تازي تقرير اسان جي ڊيڊ لائين آهي: قمرالزمان ڪائره

سکر (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارتي جي مرڪزي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته وزير اعظم بنا وقت وڃائڻ جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيان مسلمانن جي رهنمائي ڪري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي تازي تقرير اسان جي ڊيڊ لائين آهي. اهڙو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه طرفان ساڌ ٻيلي ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته  مسلمان ملڪن ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ضروري آهن ۽ سمورين قوتن سان رابطا ڪري اسان کي مفاهمت واروڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ واري اجلاس ۾ حڪومت پنهنجو موقف پيش ڪندي. سعودي عرب سان ويجها لاڳاپا آهن جيڪڏهن اتي مقدس هنڌن کي ڪو خطرو ٿيو ته ان جو دفاع ڪنداسين، ڀٽو ۽ بينظير جي مفاهمت جي فلسفي جي ضرورت آهي، آصف علي زرداري به تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني آهي. جيڪڏهن اسان  چونڊن جا نتيجا قبول نه ڪيون ها ته جمهوريت کي نقصان رسي ها، پر اسان ملڪ ۽ قوم خاطري نتيجن کي قبول ڪيو.  هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن ۾ پيپلزپارٽي پنهنجو موقف پيش ڪندي.