تازيون خبرون

Daily Archives: April 4, 2015

پاڪستان ۽ ترڪي جو يمن مسئلي جي پرامن حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق

انقره (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ترڪي، يمن مسئلي جي پــُرامن حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو، وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ترڪ هم منصب احمد دائود اوگلو جو چوڻ آهي ته ڏکئي وقت ۾ ٻئي ملڪ سعودي عرب سان گڏ آهن. انقره ۾ وزيراعظم نواز شريف،پنهنجي ترڪ منصب احمد دائود اوگلو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر خاص طور يمن جي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته يمن ۾ قانوني حڪومت جي خاتمي تي ڳڻتي آهي ۽ اتان جي صورتحال ڏينهن ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. هن چيو ته يمن مسئلي جي پـُرامن حل لاءِ پاڪستان ٿو ڪري ۽ ترڪيءَ سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي. وزيراعظم چيو ته يمن جي صورتحال تي سڄو خطو متاثر آهي، هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان ۽ ترڪي سعودي  عرب سان گڏ آهن. ان موقعي تي ترڪ وزيراعظم احمد دائود اوگلو چيو ته خطي جي صورتحال تي ترڪي ۽ پاڪستان ساڳيو موقف رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته يمن جي صورتحال تي سڀني کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي جڏهن ته هــُو ان حوالي سان ايران ۽ سعودي عرب سان رابطي ۾ آهن. ترڪ وزيراعظم احمد دائود اوگلو چيو ته پاڪستان جي خوشي پنهنجي خوشي ۽ پاڪستان جو ڏک پنهنجو ڏک آهي. ان کان اڳ وزيراعظم ميان نواز شريف اسلام آباد کان انقره پهتو، جتي ترڪي جي وزير ادريس لوگوس ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري به وزيراعظم سان گڏ آهن.

 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 36هين ورسي اڄ ملهائي ويندي، سنڌ ۾ عام موڪل اعلان

ڪراچي/لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ اڄ  ڇنڇر تي ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿيندڙ جلسو برسات جي سبب نئو ديرو هائوس منتقل ڪيو ويو آهي . اهڙو اعلان پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات  ۽ سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جمع ڏينهن جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته طوفاني برساتن ۽ هوائن سبب 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿيندڙ جلسو هاڻي نئو ديرو هائوس منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پارٽي جي اعلي قيادت ملڪ جي ڏورانهن علائقن مان ايندڙ پارٽي جي ورڪرن کي هدايت ڪئي آهي ته ڇاڪاڻ ته ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي گاهه واري هنڌ پاڻي ڀرجي وڃڻ  سبب هاڻي اتي جلسو ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري هو ڳڙهي خدابخش اچڻ بجاءِ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ورسي جا پروگرام منعقد ڪن ۽ قرآن خواني منعقد ڪن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لاڙڪاڻي، سکر، دادو ۽ بينظيرآباد جا ڪارڪن ورسي ۾ شرڪت لاءِ نئو ديرو هائوس پهچندا ۽ اهي ورسي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندا. جڏهن ته ٻين ضلعن جا ڪارڪن مقامي سطح تي قرآن خواني ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪندا. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته پارٽي جي اعلي قيادت اهو فيصلو ڪارڪنن کي تڪليف ۽ پريشاني کان بچائڻ لاءِ ڪيو آهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت اڄ پوري صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پوري صوبي ۾ عام موڪل هوندي، سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان مطابق سنڌ حڪومت اڄ پوري صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري قائد عوام شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي 36هين يوم شهادت جي موقعي تي جمهوريت پسندن کي چيو آهي ته اهي پاڻ کي جمهوريت جي اعليٰ قدرن لاءِ وقف ڪري ڇڏين ۽ عوام کي خودمختيار ۽ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ گڏيل طور تي اڳتي وڌن شهرين کي بااختيار بنائڻ جو مشن اڳتي وڌائڻ لاءِ عوام کي ايندڙ ٿيندڙ ضلعي حڪومتن جي چونڊن ۾ پنهنجا نمائندا آزادي ۽ بنا خوف خطري جي چونڊن ته جيئن جيڪڏهن ان روٽ جي سطح تي عوام کي بااختيار بڻائي سگهجي آصف زرداري شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هن قوم کي ڪافي تحفا ۽ خوشيون ڏنيون جنهن مان هڪ گڏيل آئين به آهي ۽ ان کان علاوه هڪ پرامن نيوڪليئر پروگرام ڏنو جنهن سان ملڪ جو دفاع مضبوط ٿي ويو. ان جي انهن ٻن اثاثن جي هر صورت ۾ حفاظت ڪرڻي آهي ۽ ڪئي ويندي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو نه صرف عوام کي سجاڳ ڪيو پر ان کي هڪ اميد به ڏني هن پاڪستان جي عوام کي حوصلو ڏنو ته طاقت جو سرشمو عوام آهي ۽ طاقت بندوق جي گولي سان ناهي ايندي اهو ئي سبب آهي جو ڊڪٽيٽر شپ ملڪ ۾ نه واڌ ويجهه ڪري سگهي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو انهيءَ لاءِ اڄ به عوام لاءِ ميناره نور ۽ اميد آهي.

 

صدر ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ واري آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي، جوڊيشل ڪميشن 2013 جي عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي بابت جاچ ڪندي.. صدر ممنون حسين ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ واري آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم نواز شريف آرڊيننس بابت صدر کي سفارش ڪئي هئي. ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ بابت ٻه ڏينهن اڳ ۾ اتفاق ٿيو هيو، صدر ڪميشن جوڙڻ وارو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جوڊيشل ڪميشن 2013 جي عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي بابت جاچ ڪندي، ڪميشن ضرورت پوڻ تي آءِ بي سميت ٻين ڳجهن ادارن کان مدد وٺي سگهندي. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ اتفاق ٿيو هيو ته جوڊيشل ڪميشن 45 ڏينهن جي اندر مبينا ڌانڌلين بابت جاچ ڪري رپورٽ ڏيندي، جيڪڏهن عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ثابت ٿي ته وزيراعظم نواز شريف اسيمبلي ٽوڙي نين چونڊن جو اعلان ڪرڻ جو پابند هوندو.

 

رياست کِي طاقتور ٿيڻو پوندو، بارداڻو ورهائڻ لاءِ تعلقه سطح تي ڪميٽيون جوڙيون آهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ ۽ پ پ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ جي سمورن واهن ۾ پاڻي 25 اپريل کان ڇڏيو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن به ساريون پوکيون ته اُن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، سارين جي پوکي روڪڻ لاءِ اسٽيٽ کي طاقتور ٿيڻو پوندو، ساريون نه پوکڻ سان 50 سيڪڙو سم جو خاتمو اچي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر سکر جي آفيس ۾ آبپاشي، زراعت، خوراڪ، پوليس، روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان سارين جي پوکي، ڪڻڪ جي ٽارگيٽ ۽ ٻين معاملن تي ڪوٺايل مختلف گڏجاڻين جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيد خورشيد احمد شاهه سيڪريٽري آبپاشي کي هدايت ڪئي ته سنڌوءَ جي ليفٽ بينڪ کان سمورن واهن ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي 25 اپريل کان ڇڏيو وڃي، جڏهن ته زرعي آفيسر آبادگارن کي سارين جي پوک سان ٿيندڙ نقصانن بابت آگاهي فراهم ڪن. هن چيو ته سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري سم ۽ ڪلر جي خاتمي لاءِ سارين جي پوکي مڪمل طور روڪڻ لازمي آهي ۽ ساريون نه پوکڻ سان 50 سيڪڙو سم ختم ٿي ويندي، 25 اپريل کان پاڻي ڇڏيو ويندو، اُن باوجود به ڪنهن آبادگار يا زميندار ساريون پوکيون ته اُن خلاف ڪارراوئي ڪري کيس گرفتار ڪيو ويندو ۽ ايف آءِ آرز پڻ ڪاٽيون وينديون. هن ڪمشنر سکر کي هدايت ڪئي ته جنهن علائقي ۾ سارين جي پوکي ٿئي اُتان جي تپيدار، مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسٽيٽ کي ان ڏس ۾ سگهارو ٿيڻو پوندو. هن چيو ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو سارين جي پوکي خلاف مهم هلائي وئي آهي، جيڪا ڪامياب نه ٿي ته هر جڳهه تي سم ۽ ڪلر جو آزار وڌي ويندو. ميڊيا به سارين جي پوکي روڪڻ لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري. پ پ ايم اين اي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي ته سارين جي ٻج جي وڪري تي پابندي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا وڃن ۽ ٻج وڪرو ڪندڙن توڙي وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. سيڪريٽري آبپاشي سنڌ ظهير حيدر شاهه ٻڌايو ته خريف جي مُند لاءِ درياهه ۾ پاڻي موجود آهي ۽ 25 اپريل تي پاڻي ضرور ڇڏيو ويندو، جڏهن ته گڊو وٽان گهوٽڪي فيڊر کي خورشيد احمد شاهه جي موجودگي ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو. ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ ٻڌايو ته هر ضلعي ۾ سيمينار ڪوٺايا ويا آهن ۽ اشتهاري مهم به هلائي وئي آهي، ته جيئن ماڻهن کي سارين جي نقصانن بابت خبر پئجي سگهي، جڏهن ته سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ سارين جي پوکي روڪڻ لاءِ 144 قلم لاڳو ڪيو ويو آهي. بعد ۾ ڪڻڪ جي خريداري، ٽارگيٽ ۽ بارداني جي حوالي سان ٿيل گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته سکر ۾ بارداني جي ورڇ لاءِ تعلقي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون آهن ته جيئن مقرر ٽارگيٽ پورو ڪري سگهجي، ڪميٽين ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، ٻه آبادگار اڳواڻ ۽ خوراڪ کاتي جا عملدار کنيا ويندا ۽ ان ڪميٽي جي صحيح سان ستون فارم جاري ٿيندو بعد ۾ ئي بارداڻو جاري ڪيو ويندو. ستين فارم کانسواءِ بارداڻو ڪنهن کي به نه ملندو، جڏهن ته 2 کان 3 لک وڌيڪ ٻوريون حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهائيندس. هن هدايت ڪئي ته جعلي دوائون ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي تيز ڪندي کين گرفتار ڪري ايف آءِ آرز داخل ڪرايون وڃن. گڏجاڻين ۾ سيڪريٽري ايريگيشن، ايم پي اي احمد علي پتافي، ڊي آءِ جي سکر ڪامران افضل، ڊي سي سکر شهزاد فضل عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ا

 

ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سمورن پاڪستانين کي يمن مان واپس آڻينداسين: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته چند سئو پاڪستاني يمن ۾ رهجي ويا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ تمام پاڪستانين کي يمن مان واپس آڻينداسين، سعودي بچاءَ وزير سان صنعا ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي آهي، مسلم ملڪن سان گڏجي يمن جي مسئلي جو حل ڳولينداسين. هو يمن ۾ ڦاٿل 6 7 1  پاڪستانين جي استقبال جي موقعي تي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته ڪافي  پاڪستانين کي يمن مان ڪڍيو ويو آهي، يمن ۾ حديده ايئرپورٽ ڪم ڪري رهيو آهي، مسڪلا ۽ صنعا ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي به جلد ڪڍيو ويندو. خواجا آصف چيو ته مسلم ملڪن سان گڏجي يمن جي مسئلي جو حل ڳولينداسين. يمن جي صورتحال تي ويچارڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويو آهي، پارليامينٽ جي اجلاس ۾ يمن ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ان حوالي سان حڪومتي قدمن تي ڳالهائبو، سعودي عرب جي علاقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي حمايت جو عزم ڪري رکيو آهي، سعودي حڪام سان صنعا ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ لاءِ مدد جي حوالي سان ڳالهايو آهي.

 

ذوالفقارعلي ڀٽو اسلامي دنيا جو وڏو معتبر ۽ جڳ مشهور سياستدان هو: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي 36هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو پاڪستان جو پر دنيا جو هڪ معتبر ۽ جڳ مشهور سياستدان هو هو هڪ بين الاقوامي سطح جو اڳواڻ هو جنهن جو پاڪستاني سياست ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ ان جي شخصيت بابت جيترو لکيو وڃي ۽ چيو وڃي اهو گهٽ آهي سيد قائم علي شآهه چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي طاقتور بنائڻ لاءِ ايٽمي طاقت ڏني ۽ اسلامي ڪانفرنس لاهور ۾ منعقد ڪري مسلم دنيا کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ ۾ هڪ اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو. وڏي وزير چيو ته پاڪستان اسٽيل مل پورٽ قاسم صنعت صحت تعليم محبت ۽ ٻين ادارن ۾ انقلابي قدم شهيد ڀٽو جي عظيم پاليسين جو هصو آهن جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي انقلابي قدمن ۽ سوچ جي ڪري مخالفن ڪيس پنهنجي رستي تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي ۽ هڪ فوجي آمر راتاهو هڻي هن عظيم قائم جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري غصبانه طريقي سان حڪومت تي قبضو ڪري ورتو ۽ ان کان پوءِ ان عظيم هستي ۽ عالمي پاءِ جي سياستدان ۽ اڳواڻ کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ڏيئي شهيد ڪري ڇڏيو وڏي وير چيو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ٽين دنيا جي عوام جي فلاح ۽ بهبود ترقي لاءِ نوان دڳ متعين ڪيا هن غربت ۽ بدحالي جي خاتمي لاءِ اٽي لٽي ۽ گهر جو نعرو عوام کي ڏنو ۽ سياست کي ڊرائنگ رومن مان ڪڍي ميدانن ۾ آندو هن عوام کي هڪ نئين سڃاڻپ ۽ سوچ ڏني جنهن سبب مزدور طبقي ۾ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو هن قوم کي پهريون عبوري دستور ڏنو ۽ بعد ۾ هڪ گڏيل آئين ڏنو جنهن تي سمورين سياسي پارٽِن جي سربراهن صحيحون ڪيون ۽ ان جو هي ڪارنامو ملڪي سياسي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو هن چيو ته شهيد بينطير ڀٽو پنهنجي عظيم پيءُ جي نقش قدم تي هلندي ان جا اڻپورا خواب ۽ ان مملڪت خداد جي ترقي ۽ خوشحالي جي تڪميل ۽ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ شهادت ماڻي جڏهن ته آصف زرداري بلاول ڀٽو زرداري شهيد ڀٽو جي پروگرام ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي پاليسين تي هلي پاڪستان کي خوشحال ملڪ بنائڻ ۽ پاڪستان جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ اٽو لٽو ۽ گهر فراهم ڪري بيروزگاري ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان کي متحد منظم ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهن انشاءَالله پاڪستان پيپلزپارٽِ پنهنجي شهيد اڳواڻ ذوالفقارعلي ڀٽو جي فڪر نظرين ۽ منشور تي عمل ڪري ملڪ کي عظيم ملڪ بڻائيندي.

 

حددخلين خلاف مهم کي بنا ڪنهن دٻاءُ جي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي: شرجيل ميمڻ جي عملدارن کي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سميت سمورن ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن ۽ ميونسپل ڪمشنرن کي هدايتون ڏنيون آهن ته حددخلين خلاف مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن قسم جو ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي. شهر ۾ سرڪاري زمينن، راندين جي ميدانن، پارڪن ۽ ٻين رفاحي ۽ فلاحي ۾ تي قائم غيرقانوني شادي هالن، ڪمرشل سرگرمين ۽ سياسي ۽ غير سياسي آفيسن جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي. شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ شهر کي روشنين جو شهر بڻائڻ لاءِ هر قسم جا اپاءُ ورتا وڃن. سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ ملازمن کي ترقيون ۽ انعام ڏنا ويندا، جڏهن ته جيڪي آفيسر ۽ ملازم ڪرپشن ۽ ڪم چوري ۾ ملوث هوندا انهن کي سندن نوڪرين مان برخاست ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس به قائم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير جمعي ڏينهن ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ حددخلين خلاف جاري مهم جي مانيٽرنگ دوران آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صوبائي وزير جي خصوصي هدايتن تي ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ غيرقانوني قبضن، شادي هالن ۽ سرڪاري زمينن، پارڪن، راندين جي ميدانن ۽ رفاحي ۽ فلاحي پلاٽن تي قائم قبضن جي خاتمي لاءِ جمعي تي مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۽ سينٽرل ۾ ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم جي سربراهي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ سوڪ لان ۽ فاران ڪلب کي مسمار جڏهن ته جونا ڳڙهه لان کي سيل ڪيو ويو. اهڙي ريت نارٿ ناظم ۾ فلورنس نالي شادي هال کي به مسمار ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ صوبائي وزير جي خصوصي هدايتن تي ايڊمنسٽريٽر سينٽرل ڪمال احمد گذريل ڏينهن سيل ڪيل ٻن غيرملڪي ريسٽورنٽ سميت گرين بيلٽ تي قائم سمورن دڪانن جي ڀتين کي مسمار ۽ ان گريٽ بيلٽ تي قائم ٻين قبضن جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۾ ايڊمنسٽريٽر سجاد احمد ميمڻ جي سربراهي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل بلديا ٽائون سميت مختلف علائقن ۾ قائم ڪيترن قبضن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ ڪورنگي ۾ ايڊمنسٽريٽر عبدالراشد صوبائي وزير جي هدايتن تي شاهه فيصل ڪالوني، لانڍي ۽ ڪورنگي ۾ سرڪاري زمينن تي قائم قبضن جي خاتمي سميت مختلف راندين جي ميدانن ۽ پارڪن ۾ قائم قبضن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ ملير ۾ ايڊمنسٽريٽر طارق مغل ۽ ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ ايڊمنسٽريٽر افضل زيدي به پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ قائم قبضن خلاف مهم کي تيز ڪندي ڪيترن هنڌن تان قبضن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جمعي ڏينهن به ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ ڪيل ڪاررواين جي مانيٽرنگ ڪئي. ان موقعي تي هن ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، ميٽروپوليٽن ڪراچي سميت سمورن ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن ۽ ميونسپل ڪمشنر کي هدايتون ڏنيون ته ان مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن قسم جو ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ قبضن خلاف جاري مهم جي عوام پذيرائي ڪئي آهي ۽ عوام انهن اپائن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته راندين جا ميدان ۽ پارڪ هن شهر جي عوام ۽ خاص ڪري ٻارن لاءِ مختص آهن ۽ هاڻ انهن تي ڪنهن قسم جو ڪوبه قبضو برداشت نه ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته افسوس آهي ته ماضي ۾ ناظمن ۽ ٽائون ناظمن پنهنجن اختيارن کان هٽي ڪري انهن راندين جي ميدانن ۽ پارڪن تي ڪمرشل سرگرميون شروع ڪرايون ۽ انهن هن شهر جي عوام ۽ ٻارن سان ناانصافيون ڪيون آهن. هن چيو ته غيرقانوني شادي هالن کي مسمار ڪرڻ سبب انهن ماڻهن کي ضرور پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جن پنهنجون هتي ٿيندڙ تقريبن لاءِ بڪ ڪرايو هو ۽ آئون انهن سمورن کان معذرت ڪريان ٿو، پر مونکي ان ڳالهه جو به افسوس آهي ته ان لينڊ مافيا ۽ قبضي مافيا خلاف ڪافي ڀيرا اخبارن، خانگي چينلز ۾ خبرن ۽ اشتهار ڏيڻ جي باوجود پنهنجي ان غيرقانوني ڪاروبار کي جاري رکيو ۽ ان جو نتيجو اڄ عوام کي به ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سالن کان ڪراچي ۾ جاري ان غيرقانوني ڪاروبار ۽ ان غيرقانوني سرگرمين جي خاتمي لاءِ ڪنهن کي ته پهل ڪرڻي ئي هئي ۽ اڄ مون ان جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ ان جي پڄاڻي ان ڏينهن ٿيندي جڏهن سمورن راندين جي ميدانن، پارڪن ۽ ٻين سرڪاري زمينن کي انهن قبضن کان پاڪ نٿو ڪرايو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهر جي خوبصورتي لاءِ قائم گرين بيلٽس کي به ماضي ۾ ڪرپشن جي نظر ڪيو ويو ۽ ان تي ڪاروباري سرگرميون شروع ڪرايون ويون، پر هاڻ ان سموري گرين بيلٽس کي به ان لينڊ مافيا کان آزاد ڪرايو ويندو. ان موقعي تي هن سمورن ضلعن ۾ قبضن خلاف مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ ان جا مثبت اثر عوام تائين تي به زور ڏنو

 

پ پ جي خواهش آهي ته سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتون سندن درن تائين پهچايون: فريال ٽالپر

لاڙڪاڻو (بيورو) ايم اين اي  ميڊم فريال ٽالپر چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي هميشه اها خواهش رهي آهي ته سنڌ جي عوام کي سندن بنيادي سهولتون سندن درن تائين پهچايون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پراڻي انڊس هاءِ وي لاڙڪاڻو پورشن جي مرمت ۽ مينٽيننس وارو ترقياتي ڪم جي سنگ بنياد واري تقريب جو افتتاح ڪندي ڪيو. ياد رهي ته هي روڊ وڳڻ باءِ پاس کان  رتوديرو باءِ پاس سان ملندو ۽ هن کي ڊبل روڊ ڪرڻ جي سمري پڻ تيار ڪئي وڃي. واضع رهي ته هن روڊ جي ڊيگھ 13.60  ڪلوميٽر آهي جيڪو 756.470 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. هن اسڪيم جو ترقياتي ڪم هلندڙ آهي، جنهن لاءِ 200 ملين روپيه جاري ڪيا ويا آهن. ان بعد ميڊم فريال ٽالپر بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو سنگ بنياد رکيو، ياد رهي ته هي ڪاليج 143.109 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪئي پئي وڃي، هي ڪاليج ۾ 12 ڪلاس رومز، 08 سائنس ليبارٽريز، ڪمپيوٽر ليبارٽري، لائبرري، پرنسپال آفيس، اسٽاف آفيس ۽ ٻين سهولتن تي مشتمل آهي.ان سان گڏو گڏ  ڪاليج جي ايلوڪيشن 2014-2015 لاءِ 50.000 ملين روپيه آهي جنهن جا 25.000 ملين روپيه رليز ٿي  چڪا آهن، هي ڪاليج انشاءَالله 30 جون 2016 تائين مڪمل ڪئي ويندي. ان بعد ۾ ميڊم فريال ٽالپر گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ وڌيڪ 10 ليڪچر هالن جي ترقياتي ڪم جو سنگ بنياد رکيو،ان موقعي تي ميڊم فريال ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده سنڌ حڪومت، سنڌ ۾ تعليم، صحت، روڊ رستن ۽ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي ته جيئن هتان جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون لکي پڙهي هن ملڪ ۽ قوم جي وڌيڪ خدمت ڪري سگھن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بلاول ۽ آصفه پارٽي کان ناراض نه آهن، بختاور سياست ۾ اڳ ئي موجود آهي، بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي نالي سان ٺهيل اين جي او ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته هوءَ مون سان گڏ پڻ پارٽي جي فلاحي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي. مڪاني چونڊن جي حوالي سان پارٽي جو ڪم زور شور سان جاري آهي. لاڙڪاڻي ڊويزن جي چونڊيل نمائندن، پارٽي عهديدارن کي ووٽر لسٽون جلد از جلد مڪمل ڪرڻ ۽ تڪ بندين جي حوالي سان مشاورت ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. انشاءَالله مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابيون ماڻينداسين. هن چيو ته آءُ ذاتي طور لاڙڪاڻي ضلعي جي ترقياتي ڪمن ۾ دلچسپي وٺي رهي آهيان ته جيئن لاڙڪاڻي ضلعي جي عوام کي بنيادي سهولتون سندن درن تي پهچائي سگھجن جيڪو اسانجي مٿان ذميواري آهي.ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج خان دراني، سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو، ايم اين اي محمد اياز سومرو، ايم اين اي نظير احمد ٻگھيو، ايم اين اي رميش لعل، ايم پي اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي سهيل انور سيال،  ايم پي اي محمد علي ڀٽو،اڳوڻي صوبائي وزير توقير فاطمه ڀٽو ، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جاويد علي جاگيراڻي، پ پ پ جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ جعلي ڊوميسائلن تي ٿيل داخلائون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچيءَ جِي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ جعلي ڊوميسائلن تي ٿيل داخلائن کي رد ڪري ميرٽ تي داخلا ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ رڪني بئنچ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ جعلي ڊوميسائلن تي داخلائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ڊي سي ملير به پيش ٿيو. ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته گڏاپ ٽائون جِي ڪوٽا تي ٻين علائقن جي شاگردن کي جعلي ڊوميسائيلز تي داخلائون ڏنيون ويون آهن. ان موقعي تي جسٽس سجاد علي شاهه ڊي سي ملير کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس کي پرچن جو دڪان ڇو بڻايو ويو آهي؟ عدالت، ڊي سي ملير کي حڪم ڏنو ته جعلي ڊوميسائيل ٺاهڻ فوري طور بند ڪيا وڃن. عدالت سڳوريءَ، اهو به حڪم جاري ڪيو ته گڏاپ جي ڪوٽا تي جعلي ڊوميسائيلن تي ڪيل داخلائون رد ڪري ميرٽ جي بنياد تي نئين سر داخلائون ڪيون وڃن

 

بلديه ٽائون سانحي جي جوابدار شڪيل عرف ڇوٽا سميت 4 ڄڻا 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بلديه ٽائون سانحي فيڪٽري جي جوابدار شڪيل عرف ڇوٽا سميت 4 جوابدارن کي دهشتگردي روڪ جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت کين 14 ڏينهن جي رمانڊ جيل حوالي ڪري ڇڏيو..پوليس بلديه فيڪٽري سانحي کيس ۾ گرفتار جوابدار شڪيل عرف ڇوٽا، حميد، شهزاد ۽ فاروق کي سخت حفاظتي پهري هيٺ دهشتگردي روڪ جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت چئني جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شڪيل عرف ڇوٽا کي فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، چئني جوابدارن کي پريڊي ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو هيو.