تازيون خبرون

Daily Archives: April 3, 2015

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثا، 4 ڄڻا فوت، 11 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ عورت سميت يارنهن ڄڻا زخمي ٿي پيا. مٺي ۾ ماروي پمپ وٽ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب نوجوان مبين سمون  فوت ٿي ويو ۽ قاسم سمون زخمي ٿي پيو. زخمي کي حيدرآباد اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏنو. ميرپورخاص ۾ ڪوس گهر وٽ چنگچي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو،جنهن جي نتيجي ۾ 30 ورهين جو لياقت علي فوت ٿي ويو ۽ سعيده زخمي ٿي پئي. نصير آباد ويجهو باڊهه روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ محمد سومر ابڙو فوت ٿي ويو،جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نواب ولي محمد ويجهو قومي شاهراهه تي علي آباد اسٽاپ وٽ تيز رفتار وين ڪلٽي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي دولتپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. فيض گنج ويجهو مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عطا محمد مشوري زخمي ٿي پيو،کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو.

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي شهر مان بيريئرز ۽ وال چاڪنگ مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي شهر مان بيريئرز ۽ وال چاڪنگ مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو ڪراچي مان بيريئرز ۽ رڪاوٽن بابت درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته 2011 ۾ بيريئرز جي خاتمي بابت سپريم ڪورٽ جو حڪم نظرانداز ڪيو ويو جڏهن ته رينجرز پاران بيريئرز هٽائڻ جو عمل واکاڻ جوڳو آهي جيڪو عمل جاري رهڻ گهرجي ڇو ته بيريئرز هئڻ سبب ڏوهه وڌي رهيا آهن درخاوست جي ٻڌڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز پاران رپورٽ پيش ڪئي ويئي جنهن ۾ چيو ويو ته بلاول هائوس سميت اڳوڻن صدرن جي رهائشگاهه تان رنڊڪون هٽايون ويون آهن جڏهن ته پرڏيهي سفارتخانن مان سيڪيورٽي سبب رنڊڪون نٿيون هٽائي سگهجن عدالت شهر ۾ بيريئرز جو مڪمل خاتمو آڻي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.

 

ڀارت ڳئون بعد هاڻي اٺ ذبح ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

نئين دهلي(م.ڊ) ڀارتي رياست راجسٿان ۾ اٺ ذبح ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي. ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ڀارت ۾ ڳئون ذبح ڪرڻ ۽ ان جو گوشت کائڻ تي پابندي بعد راجسٿان رياست ۾ اٺ ذبح ڪرڻ ۽ ان جو گوشت کائڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. راجسٿاني اختيارين مطابق پابندي سان گڏوگڏ  اٺ جي روانگي واپار تي به پابندي هوندي پر اٺ کي مال ڍوئڻ ۽ گهريلو ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي. اختارين جو چوڻ آهي ته پابندي هڻڻ جو بنيادي سبب اٺن جو تعداد گهٽ ٿيڻ آهي.

 

ڪراچيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لاش ملڻ جو سلسلو تيز، 5 لاش هٿ، هڪ ڏوهاري مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي نمبر هڪ مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، شهر ۾ اڄ مليل لاشن جو انگ 5 ٿي ويو آهي، ماڙي پور ۾ پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو. ملير ندي مان ٻن ڄڻن جا تشدد ٿيل لاش هٿ آيا، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا. لياري ايڪسپريس هاءِ وي تان به ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، جن کي گوليون لڳل هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، چئني ڄڻن کي گوليون  هڻي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ڪورنگي نمبر هڪ مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. ٻئي طرف ماڙي پور واري علائقي ۾ پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جوابدار قتل سميت مختلف ڏوهن ۾ گهربل هيو.

 

ثنا به آئٽم گرل بڻجي وئي، فلم ”عشق پازيٽو“ ۾ جوهر ڏيکاريندي

لاهور(شُبز نيوز)اداڪاره ثنا به آئٽم سانگر ڪرڻ وارين اداڪارائن ۾ شامل ٿي وئي، اداڪاره ثنا هدايتڪاره سنگيتا جي فلم عشق پازيٽو ۾ آئٽم سانگ ڪندي جنهن لاءِ هوءَ ڪراچي کان لاهور پهچي وئي آهي جتي باري اسٽوڊيو جي وڳٺ ۾ اداڪار سعود، ولي بخاري سميت ٻين  فنڪارن سان گڏ شوٽنگ ۾ حصو ورتو اداڪاره ثنا نجي ٽي وي کي ٻڌايو ته مون کي خبر آهي ته هن وقت پاڪستاني فلمن ۾ ٺاهيا ويندڙ آئٽم سانگز مان ڪوبه هٽ ناهي ٿيو پر مان دعويٰ ڪيان ٿي ته عشق پازيٽو جو آئٽم سانگ مشهور ٿيندو.

 

رنگو اسٽار پنهنجي 18 البم “ پوسٽ ڪارڊز فرام پيراڊائيز ” جاري ڪري ڇڏيو

لاس اينجلس(شوبز نيوز) البم ۾ يارهن گانا آهن، رنگو جو چوڻ آهي، ته هو گانا لکندو آهي ۽ اهو ئي هڪ ڪم آهي جيڪو ان کي اچي ٿو، هن چيو ته هو پنهنجي ماضي جي موسيقي کي اڄ جي موسيقي تي اثرانداز نٿي ٿئي، رنگو جو نالو انهي مهيني موسيقي جي راڪ اينڊ هال آف فيم ۾ درج ڪيو ويندو، اهو بيٽلز جو آخري ميمبر آهي، جنهن کي سولو گلوڪار جي طور تي هال ۾ شامل ڪيو ويندو.

 

رنبير جي دل کٽڻ لاءِ ڪترينا هر جتن ڪرڻ لاءِ تيار

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار ڪترينا ڪيف ۽ رنبير ڪپور جي شادي جون خبرون سڀني جي زبان تي آهن ۽ بالي ووڊ اسٽارز ڪيترين ئي تفريحي جاين تي گڏ نظر آيا آهن نئين پرڻيل ڪنوار کي چوڻي ياد ڏياري ويندي آهي ته مڙس جي دل ۾ جيڪڏهن جاءِ ٺاهڻي آهي ته پيٽ ذريعي رستو ٺاهه ايئن ئي ڪجهه اڄ ڪلهه بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف ڪري رهي آهي جيڪا پنهنجي بواءِ فرينڊ رنبير ڪپور جي دل ڪٺڻ لاءِ ان جا پسنديده کاڌا ٺاهڻ سکي رهي آهي،  برطانيه مان آيل ناز نخرن ۾ پليل باربي ڊول پنهنجي ساهرن جي دل کٽڻ لاءِ طرح طرح جا جتن ڪري رهي آهي ۽ هاڻ اهو رنبير ئي ٻڌائي سگهندو ته ڪترينا کاڌو ڪيئن ٿي ٺاهي.

 

پاڪستاني اداڪارا جي خواهش، رنبير ڪپور وڊيو پيغام موڪلي ڇڏيو

ممبئي(شُوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور پاڪستاني ادڪاره ماورا هوڪين کي محبتن ڀريو پيغام موڪلي ڇڏيو آهي پرڏيهي ميڊيا مطابق پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪاره ماورا ڀارتي اداڪار رنبير ڪپور جي فين آهي ۽ خوبصورت اداڪاره رنبير ڪپور جو هڪ وڊيو پيغام رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ امتياز علي جون خدمتون حاصل ڪوين جڏهن ته رنبير به اداڪاره جي خواهش جو احترام ڪيو ۽ وڊيو پيغام ڏنو جنهن ۾ هو چئي رهوي آهي ته ”هاءِ ماورا! مان رنبير آهيان، اوهان تمام گهڻا خوبصورت آهياو، نهايت ذهين آهي اميد هي ته ڪڏهن اوهان سان ملاقات ٿيندي “ اداڪاره رنبير جي وڊيو پيغام تي جواب ڏنو ته ”هينئر هوءَ شملا ۾ آهي جلد ملاقات جو امڪان آهي،.

 

بنگلاديش سيريز، عمر اڪمل ۽ ناصر جمشيد کي ٽيم مان ٻاهر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي بنگلاديش جي دوري لاءِ ناصر جمشيد ۽ عمل اڪمل کي ٽيم ۾ جاءِ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان جو حتمي فيصلو به جلد ئي ڪيو ويندو، بنگلاديش خلاف ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريزجي اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ سليڪٽرز ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽنهي فارميٽ جي ڪپتانن وچ ۾ ميٽنگ جاري آهي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ چيف سليڪٽر هارون رشيد جي سربراهي ۾ 4 رڪني سليڪشن ڪميٽي جي ميٽنگ قذافي اسٽيڊيم ۾ گذريل 2 ڏينهن کان جاري آهي جنهن دوران بنگلاديش جي دوري دوران اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ذريعن مطابق سليڪشن ڪميٽي نوجوان رانديگرن کي بنگلاديش موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته عمر اڪمل ۽ ناصر جمشيد کي آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي حتمي اسڪواڊ ۾ فواد عالم جي شموليت کي يقيني قرار ڏنو پيو وڃي جڏهن ته نوجوان اوپنر سميع اسلم ۽ بابر اعظم جي شموليت تي به غور ڪيو پيو وڃي.

 

ڪمار سنگاڪارا به سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽر ڪمار سنگاڪارا به سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ورلڊ ڪپ کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ مان رٽائر ٿيندڙ اسٽار بيٽسمين ڪينڊي ڊسٽرڪٽمان عام چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هو يونائيٽيڊ نيشنل پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندو.