تازيون خبرون

Daily Archives: April 2, 2015

اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر برائن لارا پاڪستان اچڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

گيانا(اسپورٽس نيوز) وهاب رياض جي بالنگ جي مداح برائن لارا پاڪستان اچڻ تي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو ٻئي طرف حيران ڪندڙ طور تي پنهنجي ورلڊ ڪپ اليون لاءِ پاڪستاني پيسر کي نظرانداز به ڪري ڇڏيو ماضي جي ليجنڊري بيٽسمين برائن لارا وهاب رياض جي دعوت تي پاڪستان اچڻ لاءِ تيار ٿي ويو هن چيو ته آفيشلي دعوت ڏني وئي ته پاڪستان ضرور ايندس هن ماضي جي يادن کي تازو ڪندي چيو ته 1996ع واري ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪراچي نيشنل اسٽيڊيم ۾ سينچري اسڪور ڪرڻ ان جي ڪيريئر جي يادگار لمحن مان هڪ آهي ويسٽ انڊيز جو اڳوڻو بيٽسمين برائن لارا وهاب رياض جي شين واٽسن خلاف يادگار بالنگ اسپيل کانپوءِ ان جو مداح بڻيو جتي هن آءِ سي سي طرفان مڙهيل ڏنڊ پنهنجي کيسي مان ادا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي اتي ئي نوجوان بالر وهاب رياض سان ملڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو.

 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سينٽرل ڪنٽريڪٽ جو مدو ختم ٿي ويو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سينٽرل ڪنٽريڪٽ جو مدو ختم ٿي ويو جلد نون جي ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو ويندو جنهن ۾ وڏين تبديلين جو امڪان آهي. ڊسمبر 2014ع ۾ سينٽرل ڪنٽريڪٽ جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ 3 مهينن جي واڌ وئي وئي هئي پي سي بي جي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته نئين سينٽرل ڪنٽريڪٽ ۾ اظهر علي ۽ سرفراز احمد کي ڪپتاني ۽ نائب ڪپتاني ملڻ کانپوءِ ترقي جو امڪان آهي انهن کي اي ڪيٽيگري ۾ جاءِ ملي سگهي ٿي سينٽرل ڪنٽريڪٽ ۾ بي ڪيٽيگري مان عمر اڪمل ۽ احمد شهزادي کي هيٺ جو به امڪان آهي ڇو ته عالمي ڪپ ۾ ٻئي رانديگر اميد تي پورو نه لٿا ان کان علاوه چيف ڪوچ وقار يونس به انهن جي خراب رويي جي شڪايت ڪئي، ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ آسٽريليا خلاف شاندار بالنگ تي فاسٽ بالر وهاب رياض کي به ترقي ملڻ جو امڪان آهي جيڪو پراڻي معاهدي جي مطابق بي ڪيٽيگر ۾ هو آل رائونڊر فواد عالم کي به ترقي ملي سگهي ٿي جڏهن ته ڪجهه نون رانديگرن کي سينٽرل ڪنٽرڪيٽ ڏئي سگهجي ٿو.

 

رليون ٺاهيندڙ مائي الهه وڌائي سان انصاف ڪير ڪندو.؟

 

ڏهرڪي ويجهو ٽن وحشين هڪ پورهيت ماءُ ۽ ان جي پورهيت ٻارڙي کي لڄالُٽ کان پوءِ ٻنهي مظلوم عورتن سان ٿيل زيادتيءَ جا پار پتا ۽ حوس جون نشانيون لڪائڻ لاءِ  باهه ڏئي ڇڏي. ٻارڙي 12 ورهين جي شميا ساڳئي ڏينهن رحيم يار خان اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. ماءُ به زندگيءَ ۽ موت جي جنگ ۾ ساهه جون هڏڪيون کڻڻ لڳي. اها ڳالهه ميڊيا جي آڏو تڏهن آئي آهي جڏهن زندگي ۽ موت جي ٻواٽي تي بيوس بڻايل ، رليون ٺاهيندڙ مائي الهه وڌائي هوش ۾ آئي، تنهن پنهنجي اولاد کي ٿيل ڪلور جي باري ۾ ڄاڻ ڏني. مائي الهه وڌائي ڏهرڪي پهچي ميڊيا کي بيان ريڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ٽن وحشين نورحسن، گل ۽ هاشم موچي مبينه طور کين بي هوش ڪري منهنجي معصوم ڌي شيما ۽ مون کي لڄا لٽ بعد ڏوهه لڪائڻ لاءِ اسان ٻنهي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ڌي جي فوت ٿيڻ بعد مان به جيئڻ نه ٿي چاهيان. چاهيان ٿي جوابدارن کي پنهنجي حياتي ۾ ڦاهي تي لٽڪندو ڏسان. پوليس ۽ ڀوتار ڪيس لئي مٽي ڪرڻ چاهين ٿا. ائين ڪيو ويو ته سڄو خاندان باهه ڏئي پنهنجي انت آڻيندو. الهه وڌائي جو پٽ صادق سولنگي واقعي خلاف سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي جنهن تي کينجهو پوليس کي اڄ طلب ڪيو ويو آهي.

اهو واقعو لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ ٿيو هيو. جي مائي الهوڌائي سڙي مري وڃي ها يا ڊاڪٽرن جي مدد سان 26 ڏينهن کانپوءِ کيس هوش نه اچي ها ته رڪارڊ تي اها ڳالهه ايئن چئي وڃي ها ته ”اتفاقي باهه ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ سڙي مري ويون“ ان کان اڳيان جي پوليس زيادتي ٿيل ننگري جي ڀاءُ صادق سولنگي جي فرياد داخل نه ڪري ها يا سيشن ڪورٽ ۾ اها دانهن نه ٻڌي وڃي ها ته به اها ڳالهه ايئن ئي لئي مٽي ٿي وڃي ها، جيئن تر جا رهزن وڏيرا ان کي لئي مٽي ڪرڻ چاهين ٿا. ان شخص کي به شاباس هجي جنهن انهن ٻنهي سڙيل ۽ زخمي ٿيل ۽ اڌ مئل عورتن کي ڏهرڪي ۽ پوءِ رحيم يار خان جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. پر ڪالهه جي ”چڱائي“ جي بنياد تي ڪنهن به بڇڙائيءَ کي بچائڻ وڏو ڏوهه آهي. اها چڱائي ئي نه چئبي جيڪا رڳو ان نيت سان ڪئي وڃي ته اڳيان هلي ان مان کين ڪو ثمر ملندو.

ڏهرڪي ۾ ٿيل ان انسانيت سوز ۽ جيءُ جهوريندڙ واقعي بابت الهه وڌائيءَ جي ڪل مايا سندس پورهيو آهي. هو انتهائي غريب خاندان سان تعلق رکي ٿي. جنهن ۾ سندس نياڻيون ڏينهن رات پورهيو ڪري رِليون ٺاهينديون آهن. جيڪي رليون ڏهرڪي شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ وڪرو ڪري گذر سفر ڪندا آهن. انهن پورهيت عورتن سان ٽن ڄڻن ”کينجهو جي ڳوٺ“ ۾ نشو ملايل چانهه پياري زيادتي ڪئي آهي. ان ۾ نوجوان نينگري زيادتي ۽ صدمي سبب هڪ ڏينهن به جالي نه سگهي آهي ۽ مائي الهوڌائي به موت جي ڪناري تي بيهاري وئي آهي.

ان واقعي جو فيصلو جلد ٿي سگهي ٿو. ان جو انصاف به تڪڙو ملي سگهي ٿو. قانون جي مدد ۾ سڙي مري ويل نينگري ۽ ان جي ماءُ جا جسم گواهيءَ لاءِ موجود آهن. پر رڪاوٽ آهن اسانجي سماج جا اهي ماڻهو جيڪي عورت کي ئي ڪجهه نه ٿا سمجهن ته انهن جي ٿيل لڄالٽ کي وري ڇا سمجهندا هوندا. جيڪي انسانن کي پکين ۽ تترن وانگر شڪار ڪندي خوش رهن ٿا، انهن جي آڏو انساني زندگي، عزتون، عورتون، قانون، انصاف ۽ عدالتون ٻئي نمبر جون بيڪار شيون آهن.

ان ڪيس جي روشنيءَ ۾ سنڌ سرڪار تي لازم بيهي ٿو ته جن به ڏوهه ڪيو آهي، تن کي قانون آهر سزا ملڻ گهرجي. سنڌ سرڪار تي لازم آهي ته انهن هٿن ۽ راڄوڻي ڪوششن کي به روڪائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪري جيڪي ڪوششون چاهين ٿيون ته ” هي ڌڪ پچائي، وري ڪنهن ٻي عورت جو شڪار ڪجي“. هڪ دفعو انهن وحشين کي سندن ڪيل زيادتي ۽ ان جي عيوض ساڻن ٿيندڙ حساب ڪتاب جو رواج کليو ته پوءِ ڪنهن به طرح ، ڪنهن به الهوڌائي ۽ شيما جي شرير سان ڪير به راند ڪري نه سگهندو. ڪير به انهن کي آلن اُلن جي حوالي نه ڪري سگهندو. ڪير به قانون، انصاف ۽ سرڪار سان مذاق نه ڪري سگهندو. ڪير به خون ڦٻائي نه سگهندو.کينجهو جو پوليس وارو، گهوٽڪي جو جج صاحب ۽ گهوٽڪي جا انسان دوست عوام شيما ۽ الهواڌيئي جو ساٿ ڏين. انهن جي مدد ڪن. انهن جا ڀرجهلو ٿين. مائي الهوڌائي سماج کان ٻيو ڪجهه نه ٿي گهري، هو ڪابه رعايت نه ٿي طلبي، هن کي رڳو پنهنجي پورهيت ڌيءَ سان ٿيل نااصافيءَ خلاف انصاف گهرجي. هن کي قانون حرڪت ۾ نظر اچڻ جي خواهش آهي. ان خواهش ۾ اها تمنا ۽ اميد به رکيل آهي ته ڪنهن ڏينهن رڳو زيادتي ڪندڙن کي سزا ملڻ جو رواج پئجي وڃي، ڪنهن به نياڻيءَ تي ميري اک رکڻ وارو ڪير به نه هجي، ڪنهن ڏينهن زيادتي ڪندڙن جا حامي ڪي به وڏيرا سرزمين تي موجود نه هجن ۽ انصاف وڏي واڪي شيما ۽ الهوڌائي سان زيادتي ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻائي.

 

صنفي برابري: رويا تبديل ڪرڻ گهرجن ؛سماني ابڙو

”پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي.“ واري ڳالهه جو سبب اهو ڄاڻايو ويندو آهي ته عورتون زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي سان ڪم سرانجام ڏئي رهيون آهن. هتي گهڻي حد تائين شخصي آزادي آهي ۽ ان شخصي آزادي مان عورتون به مردن وانگر لطف اندوز ٿي رهيون آهن. انهن ڳالهين ۾ ڪافي حد تائين سچائي به آهي. اعليٰ تعليمي ادارن ۾ عورتن جو تعداد هاڻ اڳ جي ڀيٽ کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ به عورتن پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهڙي معاشري ۾ اسان کي صنفي برابري/ امتياز يا صنفي حساسيت جهڙن موضوع تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي؟

جي ها. ۽ ان جو سبب ڄاڻڻ جي لاءِ شايد اسان کي ايڪيهين صدي جي مقرر ڪيل هدف ملينيم ڊولپمينٽ گولز حاصل ڪرڻ وارين پنهنجين ڪوششن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اسان ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترو ڪم ڪيو آهي ۽ ان هدف کي حاصل نه ڪرڻ جا سبب دهشتگردي کانسواءِ ٻيا ڪهڙا آهن. اچو ته پنهنجي آسپاس موجود ڪجهه عام شين مان ان حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.

ڪنهن به سماج جي بنياد لاءِ ڪجهه ٿنڀ قرار ڏنا وڃن ٿا. جيئن ته حڪومت، عدليه، پارليامينٽ وغيره وغيره. بدلجندڙ زماني جي حالتن ۾ انهن ٿنڀن ۾ هڪ مضبوط ٿنڀ جو اضافو ميڊيا جي صورت ۾ ٿيو آهي. ميڊيا ڪيترين جاين تي اسان جي معاشري جي عڪاس آهي ۽ ڪٿي وري اسان جي معاشري ۾ پيدا ٿيل نوان رواج ميڊيا ۾ نمايان هوندا آهن.

معين اختر صاحب پنهنجي چاهيندڙن جي دل ۾ پنهنجي حوالي سان اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. ان کان هڪ انٽرويو ۾ ميڊيا جي ڪردار جي باري ۾ پڇيو ويو. سندس چوڻ هو ته ”ٽي وي تي ڏيکاريندڙ منفي شين يا روايت جي لاءِ ميڊيا اهو چئي پاڻ کي آجو نه ٿي ڪري سگهي ته ’اسان اهو ڏيکاريون ٿا جيڪي ماڻهو ڏسڻ چاهين ٿا.‘“

ميڊيا جو ڪردار ان کان وڌيڪ آهي. ايترو توهان ۾ ڪجهه ڏسڻ جي عادت وجهي سگهي ٿي. توهان ايترا وڏا آهيو، جو توهان ان جو Taste develop ڪري سگهو ٿا ۽ انهيءَ سبب جي ڪري اسان کي پنهنجي ذميداريءَ جو احساس ڪندي ان سلسلي ۾ ڪم ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي.

اسان پنهنجي موضوع ڏانهن واپس ايندي جيڪڏهن ان تجزيي جي روشني ۾ ڏسون ته اسان کي ان حوالي سان بهتر اُميد افزا شيون نظر نه اينديون. ان جو هڪ مثال ٽي وي تي هلندڙ اشتهار آهن. کير، شربت يا کاڌن، ڪپڙي ڌوئڻ وارن ڊٽرجنٽ متعلق ڪيترا اشتهار آهن، جنهن ۾ ڪا ”ڇوڪري“ ڏيکارين ٿا؟ اڪثر ڪري ان ۾ پنهنجن ”پٽن“ جي لاءِ پريشان مائرن کي ڏيکاريو ويندو آهي، جيڪي انهن کي پڙهائيءَ کان ويندي راند روند ۽ ڊوڙ جي مقابلن ۾ انهن کي اڳيان ڏسڻ چاهين ٿيون. توهان اتي ڪيتريون ”ڇوڪريون“ ڏسو ٿا، جن جي لاءِ ان جي ماءُ يا پيءُ کي خواب ڏسندي ڏيکاريو ويندو آهي؟ تمام گهٽ ڇوڪريون توهان کي يا ته شاديءَ تي روئيندي رخصت ٿيندي نظر اينديون يا پوءِ پنهنجي وارن جي لاءِ پريشان.

چمڙي متعلق مصنوعات جي اشتهارن جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي. ائين لڳندو آهي ته سموريون ڇوڪريون پنهنجي گوري رنگ جي ڪري ئي زندگي جي ڊوڙ ۾ پوئتي آهن ۽ صرف رنگ بهتر ٿيڻ سان هو ڪامياب ٿين ٿيون. گهرن ۾ مشينن جيان ڪم ڪندڙ عورتن کي ڏيکاريون وڃي ٿو، جيڪي يا ته کاڌو ٺاهيندي نظر اينديون يا ڪپڙا ڌوئيندي. جيڪڏهن ڪم ڪندڙ عورت ڏيکاري ويندي ته اها پنهنجي رنگ يا وارن سبب پريشان ٿيندي. اشتهارن ۾ عورتن کي پراعتماد ڏيکاريو ئي تڏهن ويندو آهي جڏهن هوءَ ڪنهن ڪريم جي استعمال بعد صاف رنگ حاصل ڪندي آهي ۽ پوءِ اچانڪ ان جي شخصيت پراعتماد نظر ايندي آهي. ڪنهن به جاءِ تي عورت کي مثبت، مضبوط ۽ رول ماڊل طور پيش ڪرڻ ۾ رڪاوٽ ڪهڙي ۽ ڪنهن لاءِ آهي؟

اصل ۾ اسان جي معاشري ۾ شيون ان کان مختلف آهن، مثبت آهن. اسان جي سماج ۾ عورتن ترقي ۾ پنهنجو حصو هميشه ادا ڪيو آهي. فاطمه جناح، بيگم رعنا لياقت علي، بينظير ڀٽو ۽ مليحه لوڌي کان ويندي ملالا يوسفزئي تائين اوهان وٽ بهادر ۽ حوصله مند عورتون آهن، توهان وٽ طب، تعليم، عدليه ۽ وڪالت کان ويندي هاڻ ته فضائيه تائين عورتن پاڻ ملهايو آهي. ته پوءِ هاڻ اسان جون ڇوڪريون عدم توجهي جو شڪار ڇو آهن؟

پاڪستان انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي، جتي ماءُ ٻارن کي جنم ڏيندي ئي موت جي منهن ۾ هليون وڃن ٿيون ۽ اهو ريشو خطرناڪ حد تائين وڌيڪ آهي، جيڪي بچي به وينديون آهن ته اُهي وڏي تعداد ۾ ڪمزوري سبب ٻارن ۾ سگهه جي منتقلي جي قابل ناهن هونديون، جنهن جو سبب کير پيئندڙ ٻار وڏي تعداد ۾ دنيا جو دلڪش حصو ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي منهن موڙي ويندا آهن. اسان کي پنهنجو ڌيان ان طرف ڏيڻ جي ضرورت آهي.

پر شايد ان کان به وڌيڪ اسان کي پنهنجي رويي ۽ شين کي ڏسڻ جي تناظر کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان جي معاشري جي موجوده حالت ۽ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ عدم مساوات کي ڏسندي توهان جي ننڍڙيءَ کي توهان جي پٽ کان وڌيڪ توجه جي ضرورت آهي. توهان بيشڪ ان کي وڌيڪ توجه نه ڏيو پر پنهنجي پٽ جي برابر ضرور ڏيو.

ان شيءِ کي سمجهو ته هوءَ صرف هڪ ٻار، ڇوڪري يا عورت ناهي، هڪ انسان آهي، جيڪا ڪنهن به ٻئي عام انسان وانگر پنهنجي اندر ڪجهه صلاحيتن ۽ رجحان سان قدرتي طور پيدا ٿي آهي. ان کي ان جي فطري صلاحيتن جي بنياد تي پاڻ مڃائڻ ڏجي. ان کي اهو به احساس ڏياريو ته اسان آهيون ته ان لاءِ تنهنجو تحفظ ڪيو پيو وڃي. ان تحفظ جي ديوار ۾ ان جي صلاحيتن کي نه دٻائڻ گهرجي. ٿورو سوچيو ته جيڪڏهن فاطمه جناح يا بينظير ڀٽو کي تعليم ڏيارڻ بجاءِ گهر ۾ ويهاريو وڃي ها ته پاڪستان وٽ نه ئي مادر ملت هجي ها ۽ نه ئي عالم اسلام جي پهرين عورت وزيراعظم جو اعزاز.

انهن سمورن اعزازن جي باوجود بدقسمتي سان اسان هينئر تائين پنهنجو رخ شايد صحيح طور تي هموار ناهيون ڪري سگهيا. مناسب لائحه عمل نه هجڻ سبب اسان جنسي ناانصافين جي خاتمي ۽ مائرن ۽ پيدا ٿيندڙ ٻارڙن جي موت جي شرح کي گهٽائي ملينيم ڊولپمينٽ گولز حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون.

جتي انهن هدف جي حاصلات حڪومتي انتظامي قدمن جي محتاج آهي، اتي روين ۾ تبديلي جي پڻ محتاج آهي. ٿورو غور ڪريو، ڇا حڪومت پاران گهر گهر پوليو جي ڦڙن پيارڻ جي لاءِ ٽيمون نٿيون اماڻيون وڃن؟ ان کانپوءِ به ڪيترائي ماڻهو گهر جي اڱڻ تي ميسر ان سهولت کي موٽائيندا آهن. ان لاءِ اسان کي سڀ کان پهريان پاڻ کي تبديل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجا رويا تبديل ڪنداسين، ته پوءِ ان هدف کي حاصل ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ناهي. جيڪڏهن رويا تبديل نه ڪيا ويندا ته حڪومت پاران صنفي مساوات لاءِ قانون سازي، عورتن تي تشدد جي خلاف قانون پاران سخت پڪڙ ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولت کي يقيني بڻائڻ (الله ڪري) جي باوجود عورتن جي ترقي هڪ خواب ئي رهندي.

*********

 

وَيٺي جِنِين وَٽُ، ڏُکَندو ڏُور ٿِئي ؛ڊاڪٽر ولي محمد کٽياڻ

بيشڪ اولياءَ الله ۽ انهن جون درگاهون، مزارات،  تبرڪات به شاعر الله آهن ۽ انهن جي تعظيم دلين جي تقويٰ آهي، يعني ايمان، تقويٰ ۽ پرهيزگاري اولياءَ الله جي تعظيم ۽ انهن سان محبت رکڻ  ۾ نصيب ٿي سگهن ٿيون.

اولياءَ الله، حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي درٻار ۾ پهچڻ جو ذريعو آهن، جنهن الله وارن مان اسان جا مرشد، حضرت خواجه نعمت الله قريشي نقشبندي دادوي رحه ۽ سندن صاحبزاده خواجه عبدالرحمان قريشي نقشبندي دادوي رحه پڻ دادو شهر ۾ منور آهن.

حضرت سائين نعمت الله قريشي دادوي رحه جي ولادت باسعادت مورخه پهرين اپريل 1920ع خميس جي ڏينهن بمطابق 12 رجب المرجب 1338هه ڳوٺ بالو لاشاري تعلقه سيوهڻ شريف دادو  ۾ ٿي. سندن تعلق مذهبي گهراڻي سان هو ۽ سندن والد محترم سائين جان محمد قريشي رحه درس و تدريس جي مقدس پيشي سان وابسطه هو. پاڻ ابتدائي تعليم تعلقي سيوهڻ جي ننڍڙي ڳوٺ ڳنڀير ۾ چوٿين ڪلاس تائين ورتائون، پنجون ڪلاس ڳوٺ ٻنون تعلقه ميرپور بٺورو ضلعو ٺٽو مان پاس ڪيائون، فائنل جو امتحان ڳوٺ چوهڙ پور ضلعي لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائون، عربي ۽ فارسي جي تعليم استاد محترم ميان احمد قريشي کان حاصل ڪيائون. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ملازمت اختيار ڪيائون ۽ ملازمت دوران ضلعي دادو جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ 1961ع تائين تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا.

1940ع ۾ درگاهه  ويهڙ شريف کان فيض اڪمل حاصل ڪيائون، جيڪا لڳ  ڀان سيد آباد ضلع ڄامشورو ۾ آهي، طلب روحانيت جي 19 سالا دور ۾ 15 مختلف جاين تي 34 روحاني چلا رکڻ فرمايائون. سندن فيض مبارڪ نه رڳو پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بلڪه هن خط ارض جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙجي ويو. پاڻ لکين ماڻهن کي عشق مصطفيٰ صلعم سان سرشار فرمايو.برصغير جو هي روحاني پيشوا ۽ باني تنظيم گلشن روحانيت 11 جماد الثاني 1415هه اڱاري ڏينهن هن فاني دنيا مان آخرت ڏانهن سفر اختيار ڪيائون ۽ 16 نومبر 1994ع تي ٻنپهرن جي نماز بعد  درگاهه شريف اندر مدفن ٿيا.

سندن صاحبزاده سندن درگاهه جا  سجاده نشين حضرت مخدوم  سخي عبدالرحمان قريشي نقشبندي رحه سندن  وصال بعد  سندن  فيض اڪمل کي جاري رکيو ۽ سلسلي نقشبندي جي خدمت ڪندا رهيا. سندن صاحبزادن حضرت سخي سائين عبدالرحمان جن کي طريقت جون سڀئي منزلون سندن والد محترم جن پاڻ بعيت وٺي طئي ڪراِيون ۽ سندن خلافت پنهنجن مرشدن ڪريمن حضرت قبله محمد اشرف ويهڙائي رحه جي هٿن مبارڪن سان درگاهه عاليه ويهڙ شريف ۾ ڪرائي. سخي عبدالرحمان قريشي نقشبندي سائين نعمت قريشي جا اڪيلا فرزند هئا، والد جي وصال بعد سندن مزار مقدس تي عاليشان گنبذ جي تعمير، سندن سوانح حيات هڪ اردو زبان ۾ ۽ ٻي سنڌي زبان ۾ ڇپرائڻ سندن وڏا ڪارناما هيا.درگاهه سائين نعمت الله قريشي جي سونهن سندن هر دلعزيز ۽ پروقار شخصيت  سان  ئي منصوب هئي. سندن وصال مبارڪ 9 جون 2013ع آچر بمطابق 29 رجب المرجب 1434هه ۾ ٿيو. 10 جون 2013ع سومر ڏينهن 30: 9 وڳي پنهنجي  والد خواجه نعمت الله قريشي نقشبندي جي روضي اندر سندن ئي پاسي ۾ هزارين آلين اکين سان مدفن ٿيا. دعا آهي ته الله تعاليٰ هن درگاهه شريف جو فيض قيامت تائين جاري رکي ۽ درگاهه شريف جي موجوده گادي نشين پير حاجي منظور احمد قريشي نقشبندي جي عمر دراز فرمائي ۽ صاحبزاده نعمت الله قريشي جيڪي صغير آهن ۽ قبله سائين سخي عبدالرحمان جا نورِ نظر ۽ جاءِ نشين آهن، الله تعاليٰ کين خضري حياتي عطا فرمائي ۽ سندن درجا بلند فرمائي. (آمين)