تازيون خبرون

Daily Archives: April 1, 2015

حرمين شريفين جي حفاظت صرف سعودي عرب نه پر هر مسلمان جو به فرض آهي: سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حرمين شريفين جي حفاطت صرف سعودي عرب جي نه پر مسلمانن جو پڻ فرض آهي حڪومت کي يمن جي معاملي تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻو پوندو هڪ انٽرويو ۾ سراج الحق چيو ته پاڪستان جا سعودي عرب سان پراڻالاڳاپا آهن يمن تڪرار کي وڌائڻ بدران حل ڪرڻ جي ضرورت آهي پاڪستان يمن جي مسئلي ۾ خاص ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو هڪ سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِقومي محدت جي ضرورت آهي.

 

عمران اسماعيل جو عزيز آباد جناح گرائونڊ جو دورو، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ڪارڪن جي هڪ ٻئي خلاف نعريبازي، جهيڙو، پٿراءُ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي عزيز آباد جي جناح گرائونڊ اُن وقت جنگ جو ميدان بڻجي ويو جڏهن ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن هٿين پئجي ويا. تحريڪ انصاف جي اميدوار عمران اسماعيل جي ڪار سميت ڪيترن ئي گاڏين جا شيشا ڀڃي ڇڏيا. عزيز آباد جي جناح گرائونڊ ۾ ننڍي چونڊ لاءِ تحريڪ انصاف جي اميدوار عمران اسماعيل جلسي گاهه جي معائني لاءِ اُتي پهتو هو. جلسي گاهه جي معائني دوران ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن به اُتي جمع ٿي ويا. ڪجهه دير کانپوءِ  عمران اسماعيل ڪارڪنن سان گڏ واپس وڃي رهيو هو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن نعريبازي ڪئي. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جواب ۾ عمران خان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. اُن کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن گو عمران گو جا نعرا هنيا. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي حملو ڪيو ويو. ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن هٿين پئجي ويا. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ڪيترن ئي گاڏين جا شيشا ڀڄي ڇڏيا. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي اميدوار عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ غنڊه گردي هلڻ نه ڏينداسين. عزيز آباد ۾ جلسو ضرور ٿيندو. ميڊيا سان ڳالهائڻ کانپوءِ عمران اسماعيل ڪارڪنن سان گڏ واپس هليو ويو. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي تڪ 246 تان تحريڪ انصاف جي اميدوار عمران اسماعيل پنهنجي گاڏي تي حملي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته حملو ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين جناح گرائونڊ ۾ جيڪو ٿيو اها غنڊه گردي هئي، جناح گرائونڊ حڪومت جي ملڪيت آهي جتي هر صورت جلسو ڪيو ويندو عمران اسماعيل وڌيڪ چيو ته هر صورت ۾ تڪ تان ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي شڪست ڏينداسين.

 

اي اين پي ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پشاور (بيورو) اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي ڪي پي ڪي ۾ جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو ايوب خان ۽ ضياءُ الحق کانپوءِ عمران خان جي زماني ۾ غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڏسي رهيو آهي پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسفند يار ولي چيو ته اڪستان کي يمن جي جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي، ڌارين جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا هن چيو ته صولت مرزا جا الزام سنجيده نوعيت جا آهن، صولت مرزا جي الزامن جي شفاف جاچ ڪرائي  وڃي اسفند يار ولي جو چوڻ هو ته عمران خان ۽ عارف علوي جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه مان واضح ٿي ويو ته ڌرڻي جو مقصد ڇا هو هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرايون وڃن، فاٽا کي به مڪاني نظام ۾ شامل ڪيو وڃي.

 

ڪراچي: پوليس مقابلن ۾ طالبان ۽ گينگ وار سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس اورنگي ٽائون ۽ نيپيئر  ۾ مبينا مقابلن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ گينگ وار سان تعلق رکندڙ 6 جوابدارن کي ماري بارودي مادو  هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئيآهي، تفصيل مطابق ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ  (سي ٽي ڊي) دهشتگردي ٽوڙ گارڊن ۾ مقرر انسپيڪٽر علي رضا اورنگي ٽائون ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 2 جوابدارن کي سخت زخمي حالت ۾ گترفتار ڪري ورتو جيڪو ان کانپوءِ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو سي ٽي دي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو  تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان خان زمان گروپ مان آهي جيڪو دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ پويلس کي گهربل هو جڏهن ته حيرت انگيز طور تي سي ٽي ڊي پوليس کي مارجي ويل دهشتگردن جي نالن جي خبر ناهي پئجي سگهي نيپيئر ۽ ڪلاڪوٽ پوليس گڏيل ڪارروائي دوران ڪشتي چوڪ رحمانيه چوڪ ويجهو مبينا مقابلي ۾ لياري گينگ وار جي 2 گيگسٽرز کي ماري هٿيار ۽ دستي بم هٿ ڪري ورتا، ايس ايڇ او اعظم خان جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو تعلق گينگ وار بابا لاڊلا گروپ سان ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته مقابلي دوران 3 جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته مارجي ويل جوابدارن ڪجهه ڪلاڪ اڳ کارادر علائقي ۾ پوليس اهڪلارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

زندگي ۾ ناڪامي نه اچي ها ته اڄ هن مقام تي نه پهچي سگهان ها، اميتاڀ بچن

قاهره(شوبز نيوز)مصر جي شهر قاهره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اميتاڀ بچن چيو ته، هن فيسٽيول ۾ ايوارڊ ملڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان، هن چيو ته مصر اچي مون کي ايئن لڳي ٿو، ته هي منهنجو پنهنجو ٻيون گهر آهي، مصر جي ماڻهن منهنجي هميشه عزت ۽ احترام ڪيو، هن چيو ته  مون زندگي ۾ ڪاميابين سان گڏوگڏ تمام گهڻيون ناڪاميون به ڏٺيون آهن ۽ جڏهن به مون تي مشڪل وقت آيو ته، مون همت  هارڻ جي بجائي اڳتي وڌڻ جي سوچ رکي، هن وڌيڪ چيو ته هي منهنجي زندگي جي مشڪل وقت  ۽ ناڪامين جي وجهه جو سبب  آهي،ته هينئر مان هن مقام تي آهيان، واضع رهي ته اميتاڀ بچن “ انڊيا باءِ دي نيل فيسٽيول” جي سلسلي ۾ ان ڏينهن ۾مصر آيل هو.

 

ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي

لاهور(شوبز نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ماڊل ايان علي طرفان داخل ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي جسٽس محمود مقبول باجوه ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻڌايو ان کان اڳ سيشن جج ڪسٽم ايان علي طرفان داخل ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي ياد رهي ته 28 مارچ تي راولپنڊي جي مقامي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

 

مريڪي ڳائڻي برٽني سپئيرز رياضي سکڻ شروع ڪري ڏني

نيويارڪ(شوبز نيوز) آمريڪي پاپ اسٽار برٽني سپئير رياضي سکڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان جي ڪري ته پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ ۾ مددڪري سگهي، آمريڪي اخبار جي رپورٽ جي مطابق پاپ ڳائڻي برٽني سپئير پنهنجن ٻارن کي پڙهائي ۾ مدد جي لاءِ پاڻ الجبرا جا ڪلاس وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ان جو چوڻ آهي ته ٻارن جي تعليم ان جي لاءِ نهايت اهم آهي ۽ هو چاهي ٿي، ته ان جي ٻارن کي اعليٰ تعليم ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف جو منهن نه ڏسڻو پوي، پاپ اسٽار وڌيڪ چيو ته ٻارن کي سٺي نتيجي تي تحفا ڏئي، انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، سٺي گريڊ تي هر مهيني ڪو نه ڪو  رانديڪو يا ڪو ٻيو تحفو ٻارن جي حوصلا افزائي جو سبب بڻجي ٿو.

 

بالي ووڊ ڪنگ خان، سلمان ۽ عامر کي “ٽوئيٽر” تي پوئتي ڇڏي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا مطابق سلمان خان جي مقابلي ۾ شاهه رخ خان سوشل ميڊيا، خاص طور تي ٽوئٽر تي تمام وڌيڪ فعال آهن، هو مستقل بنيادن تي نه صرف پنهنجي فلمي مصروفيت سان پنهنجي مداحن کي ڄاڻ ڏيندو رهي ٿو،جڏهن ته پنهنجي گهريلو زندگي ۽ ٻارن جون تصويرون به شيئر ڪندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ان جي فالوورز جو تعداد هڪ ڪروڙ 20 لک کان به وڌي ويو آهي، جڏهن ته عامر خان جي فالوورز جو تعداد هڪ ڪروڙ  19 لک، جڏهن ته سلمان خان جي فالوورز جو تعداد هڪ ڪروڙ 20 لک آهي. واضع رهي ته بالي ووڊ اسٽارز ۾ ٽوئٽر تي اميتاڀ بچن سڀ کان اڳتي آهي، جنهن جي فالوورز جو تعداد هڪ ڪروڙ 39 لک کان وڌيڪ آهي.

 

وهاب جي بالنگ جي بالنگ تي وڪيٽ بچائڻ خوش قسمتي آهي: شين واٽسن

ميلبورن(اسپورٽس نيوز)آسٽريلوي آل رائونڊر شين واٽسن اڃان وڌيڪ ون ڊي انٽرنيشنل کيڏڻ چاهي ٿو ورلڊ ڪپ ڪاميابي تي ون ڊي تان رٽائر ٿيندڙ ئايڪل ڪلارڪ جي هم عمر 33 سالا شين واٽسن چيو ته پرٿ ۾ افغانستان سان گروپ ميچ ۾ ٽيم مان ڊراپ ڪرڻ جي باوجود مون کي پنهنجو ڪيريئر ختم نه ٿيڻ جو يقين هو مون ٻيهر موقعو ملڻ تي ان ڳالهه کي ثابت ڪيو ته اڇان مون ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ باقي آهي ميلبورن فيڊريشن اسڪوائر تي منعقد جشن واري تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي واٽسن چيو ته مان پاڪستاني پيسر وهاب رياض جي خطرناڪ ترين اسپيل تي وڪيٽ بچائڻ ۾ ڪامياب رهڻ تي پنهنجي خوشقسمتي سمجهان ٿو.

 

پاڪستاني ليگ اسپنر فواد احمد آسٽرليوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ليگ اسپنر فواد خان ٽيسٽ ٽيم جي دروازي تي دستڪ ڏئي ڇڏي آهي هلندڙ سال مئي ۾ ويسٽ انڊيز ۽ پوءِ انگلينڊ جي دوري ۾ شيڊول ايشز سيريز لاءِ ان کي آسٽيلوي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي ان کي ورلڊ ڪپ جي هيرو گلين ميڪسويل جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، فواد احمد کي 2013ع جي ايشز سيريز جي موقعي تي آسٽريلوي شهريت ملي هئي پر نوجوان ايشٽون ايگر کي ان تي ترجيح ڏني وئي، فواد احمد هاڻوڪي شيفلڊ سيزن ۾ 24.85 جي ايوريج سان 48 وڪيٽون وٺي آسٽريلوي ٽيسٽ ٽيم جي دروازي تي دستڪ ڏني هو چيمپيئن سائيڊ وڪٽوريا ۾ شامل رهيو ماضي ۾ پاڪستان ڄائو عثمان خواجه به آسٽريلوي ٽيسٽ ٽيم جو حصو بڻيو آهي.