تازيون خبرون

Daily Archives: March 31, 2015

جيڪڏهن سعودي عرب جي سالميت کي خطرو ٿيو ته دفاع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، خواجه آصف

لاهور (بيورو) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته سعودي عرب ۽ يمن جي تڪرار تي پاڪستان جي پاليسي واضح آهي، جيڪڏهن سعودي عرب جي سالميت کي خطرو ٿيو ته دفاع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته يمن ۾ هزارين پاڪستاني ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجهه پاڪستاني ڏيهه پهچي ويا آهن، ڦاٿل شهرين جي واپسي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سعودي اختيارين قومي ايئرلائين کي نو فلائي زون ۾ اجازت ڏني، جنهن  سبب ڦاٿل پاڪستانين جي ڏيهه واپسي شروع ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته يمن جي صورتحال تي پاڪستان جي پاليسي واضح آهي، جيڪڏهن سعودي عرب جي سالميت کي خطرو ٿيو ته پاڪستان ان جو ڀرپور دفاع ڪندو. پاڻي بحران بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته پاڪستان هن وقت پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪرپشن سبب داسو ڊيم به نه ٺهيو سگهيو.

 

اين اي 246، پي ٽي آءِ عمران اسماعيل کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي، عزيز آباد ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف نبيل گبول جي استعيفيٰ بعد خالي ٿيل تڪ اين اي 2 سئو 46 تي عمران اسماعيل کي ٽڪيٽ ڏيڻ ۽ 19 اپريل تي عزيز آباد ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پي ٽي آئي جي اڳواڻ ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر عارف علوي پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو، هن چيو ته  ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه عزيز آباد جي تڪ اين اي 2 سئو 46 تي ڪاميابي لاءِ تحريڪ انصاف ڪوششون تيز ڪري  ڇڏيون آهن، پي ٽي آءِ پاران ان تڪ تي عمران اسماعيل کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 19 اپريل تي پي ٽي آءِ پاران عزيز آباد ۾ئي جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عمران خان پارٽي اميدوار جي ڪاميابي لاءِڪراچي ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. هن چيو ته ڪراچي آپريشن ايم ڪيو جي خلاف نه آهي پر بدامني ڪندڙ خلاف آهي، ايم ڪيو ايم کي گهرجي ته هن آپريشن ۾ مدد ڪري، واضح رهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ نبيل گبول جي استعيفيٰ بعد سيٽ خالي ٿي هئي،جنهن تي ننڍي چونڊ 23 اپريل تي ٿيندي.

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير خلاف غوث علي شاهه جي درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف اڳوڻي وڏي وزير غوث علي شاهه جي درخواست کي ٻـُڌڻ جوڳو قرار ڏيندي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري کي 27 اپريل تي طلب ڪري ورتو. اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ غوث علي شاهه موقف اختيار ڪيو آهي ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سياسي  انتقام طور سندس ڳوٺ کي خيرپور تعلقي کان ڌار ڪري ڪنگري تعلقي سان ملايو آهي جنهن کي عوام کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. عدالت، اهڙي پٽيشن کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي ڌر بڻايل وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي 27 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.

 

ڄامشورو لڳ مسافر وين ڪلٽي، ٻن عورتن سميت 3 مسافر فوت، 6 زخمي، حالت نازڪ

ڄامشورو ( ڊ ر) ڄامشورو ۾ سن ويجهو مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 مسافر فوت ۽ 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن تفصيل موجب محراپور کان ڪراچي ويندڙ مسافر وين سن ويجهو قبي اسٽاپ وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ تي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ موقعي ته هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي سن رورل هليٿ سينٽر ما فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ايل ايم يو اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو جتي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو فوت ٿيل جي سڃاڻپ 50 ورهين جي پروين زال عبدالرزاق راجپوت، فرحه لوڌي ۽ نوجوان سلمان شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ سلمه آرائين، فقير محمد آرائين علي رضا، عامر، عمران ۽ قاسم قمبراڻي شامل آهن.

 

بالي ووڊ خانز مان سلمان کي بيحد پسند ڪندي آهيان، سني ليون

ممبئي(شوبز نيوز) سلمان خان جي پرستارن جي فهرست ۾ هڪ ٻيو نالو شامل ٿي ويو آهي ۽ اهو نالو سني ليون جو آهي، سني ليون پنهنجي پسنديدگي جو اظهار نئين فلم “ايڪ پهيلي ليلا ” ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، صحافين ان کان سوال ڪيو ته بالي ووڊ جي خانز مان ان جو پسنديده خان ڪهڙو آهي، ته هن بغير سوچي سمجهي سلمان خان جو نالو ورتو ۽ چيو ته هو سلمان خان کي بيحد پسند ڪري ٿي، هو عظيم انسان آهي ۽ ان جي خواهش آهي ته هو سلمان خان سان گڏ ڪنهن به فلم ۾ هيروئن جي طور نظر اچڻ چاهي ٿي.

 

فلم “ٿري ايڊيٽس” ۾ عامر خان جي اداڪاري تمام متاثر ڪيو: جيڪي چين

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق هالي ووڊ اداڪار جيڪي چين جو چوڻ هو ته فلم “ٿري ايڊيٽس” ۾ عامر خان جي اداڪاري ان کي تمام متاثر ڪيو، هو تمام گهٽ ڀارتي فلمون ڏسندو آهي، جڏهن ته “ٿري ايڊيٽس” هڪ اهڙي فلم آهي، جيڪا بالي ووڊ جي بهترين فلمن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ هي فلم ڏسي هو عامر خان جي اداڪاري جو قائل ٿي ويو آهي، جيڪي چين ٻڌايو ته فلم“ ٿري ايڊيٽس” کي هانگ ڪانگ ۾ به تمام شهرت ملي آهي.

 

رنبير ۽ ڪترينا ۾ محبت جو مضبوط رشتو آهي، رشي ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز)رشي ڪپور چيو آهي، ته ان جي طرف کان رنبير ڪپور تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه آهي،  هو پنهنجي فيصلي ڪرڻ جو پاڻ خودمختيار آهي، هن پنهنجي پٽ ۽ ڪترينا جي رشتي تي ڪو به اعتراض نه آهي، هو منتظر آهي، ته ڪڏهن ٿا ٻئي شادي جو حتمي فيصلو ڪن، في الحال هو پنهنجي ڪيريئر ٺاهڻ ۾ مشغول آهن ۽ مڪمل توجهه ڪيريئر تي ئي آهي.

 

ڀارت ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي، راحت فتح علي

ڪراچي(شوبز نيوز) ڪراچي ۾ هڪ تقريب جي دوران  ڪراچي جي عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راحت فتح علي خان ٻڌايو ته ڪراچي ۾ آفيس کولڻ  جو مقصد ڪامياب ٿيندو نظر اچي ٿو، ڪراچي جي عوام جي وچ ۾ هفتي تائين رهيو آهيان ۽ محبتون ونڍيون، اڄ ٻيهر آيو آهيان ۽ هتي جي عوام منهنجي ڳائڻ جي انداز کي گهڻو پسند ڪندا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ راحت فتح علي خان جو چوڻ هو ته ايندڙ سال ڀارت جي ٽن  سپر اسٽارز جي فلمن ۾ منهنجا گانا ٻڌڻ لاءِ ملندا، ڀارتي اداڪار شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ اڪشي ڪمار جي ايندڙ نئين فلمن ۾ منهنجا گانا شامل آهن، مون کي ڀارتي فلم ڊائريڪٽرن وڏي عزت ڏني آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو نالو پنهنجي فن جي ذريعي روشن ٿيندو ڏسي خوشي ٿيندي آهي.

 

مصباح ٽيسٽ، آفريدي ٽي ٽوئنٽي ۽ اظهر علي ون ڊي ٽيم جو ڪپتان مقرر

لاهور(اسپورٽس نيوز) مصباح الحق ٽيسٽ، شاهد آفريدي ٽي ٽوئنٽي ۽ اظهر علي ون ڊي ميچن لاءِ قومي ٽيم جو ڪپتان مقرر جڏهن ته سرفراز احمد ون ٽيم جو نائب ڪپتان هوندو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي سي بي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ هو ته مصباح الحق ۽ شاهد آفريدي قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻنهي رانديگرن ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مصباح ٽيسٽ جڏهن ته شاهد آفريدي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رهندو ان کان علاوه هو يونس ان کي به قدر جي نظر سان ڏسي ٿو ڇو ته هو ڊسپلين جي حوالي سان انتهائي لاجواب انسان آهي يونس خان رٽائر نه پيو ٿئي جنهن تي ان کي ڏاڍي خوشي آهي،  شهريار خان جو چوڻ هو ته ميگا ايونٽ ۾ اسان جي فٽنيس عالمي معياري جي ٻين ٽيمن جي مقابلي ۾ نه هئي اسان هاڻ پنهنج يٽيم کي ٻيهر ٺاهي رهيا آهيون ان لاءِ اظهر علي کي ون ڊي فارميٽ ۾ قومي ٽيم جو نئون ڪپتان بڻايو آهي هونئن ته هو ورلڊ ڪپ ۾ ون ڊي ٽيم جو حصو نه هو جڏهن ته ان جي ڊسيپلين کي ڏسندي اهو فيصلو ڪيو آهي  هن چيو ته اظحر علي قومي سطح تي ثابت ڪيو آهي هت هو سٺو ڪپتان به ثابت ٿي سگهي ٿو جڏهن ته سرفراز احمد پاڻ کي مڃرايو آهي ته هو مشڪل حالتن ۾ پنهنجي صلاهيتن جو مظاهرو ڪري سگه يٿو ان لاءِ هن کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جو نائب ڪپتان مقرر ڪيو آهي.

 

ميلبورن ۾ ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم آسٽريليا جي مان ۾ تقريب منعقد

ميلبورن(اسپورٽس نيوز)عالمي ڪپ جي فائنل ۾ ڪينگوز ڪيويز کي هارائي ڪرڪيٽ جو بادشاهه بڻيو ته جشن ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو مليبورن ۾ فاتح ٽيم آسٽريليا جي اعزاز ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي پرائم منسٽر وارن ٽروس ان تاريخي ڪاميابي تي ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو آسٽريلوي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل ڪارڪ ڪاميابي جي جشن  کي ڀرپور انداز ۾: ملهائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ٽرافي کي ۽ پنهنجن فيوريٽ رانديگرن جي ڪاميابي جي خوشي ملهائڻ لاءِ مداحن جي وڏي تعداد موجود هئي