تازيون خبرون

Daily Archives: March 30, 2015

يمن ۾ سعودي عرب ۽ اتحادي ملڪن جي بمباري، حوثي باغي عدن ايئرپورٽ تي پوئتي هٽي ويا

عدن (م.ڊ) يمن ۾ سعودي عرب ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي جهازن جي مسلسل بمباري کانپوءِ حوثي باغين جي مخالف مليشيا عدن جي عالمي هوائي اڏي جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي، پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب ۽ ان جي اتحادي ملڪن طرفان يمن ۾ حوثي باغين جي ٺڪاڻن تي بمباري جو سلسلو جاري آهي ان جي باوجود حوثي باغي ملڪ جي مختلف حصن ۾ مسلسل اڳڀرائي ڪري رهيا آهن ڏکڻ يمن جي سڀ کان اهم شهر عدن ۾ حوثي باغين ۽ ان جي مخالف مليشيا وچ ۾ گذريل 3 ڏينهن کان ويڙهه جاري آهي ۽ حوثي مخالف مليشيا عدن جي هوائي اڏي تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو آهي مصر ۾ منعقد عرب سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سعودي شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو ته يمن ٻاهرين مداخلت جي نتيجي ۾ حوثي مليشيا جي آڱرين تي ڳڻجندڙ گروهه کي پوري ملڪ تي مڙهيو ويو آهي حوثي باغين جا عزم انتهائي خطرناڪ آهن. ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون عرب اڳواڻن تي زور ڏنو آهي ته هو يمن جي بحران کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ واضح لائحه عمل اختيار ڪن، ان کان علاوه يمن جي اڳوڻي صدر علي عبدالله صلاح به چيو آهي ته عرب ليگ يمن جو بحران پرامن طريقي سان حل ڪري ڇو ته اهو مسئلو هوائي حملن سان حل ٿيڻ وارو ناهي.

 

مستونگ ۾ سرچ آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا، 6 زخمي

مستونگ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) مستونگ ۾ سرچ آپريشن دوران ايف سي سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا ايف سي ترجمان مطابق مستونگ جي علائقي گرد گاپ ۾ آئل ٽينڪرز کي ساڙيندڙ شرپسندن جي موجودگي جي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو ويو ته انهن فائرنگ ڪري ڏني جوابي  فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 شرپسند مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن ايف سي کي سرچ آپريشن دوران گهرو وزارت جي هيليڪاپٽر جي مدد به حاصل هئي، ايف سي اغوا ڪيل ڪنٽينرز ڊرائيورن کي به بازياب ڪرائي ورتو، ٽي ڏينهن اڳ سينڊڪ پروجيڪٽ کي تيل فراهم ڪندڙ پنجن آئل ٽينڪرز کي ساڙڻ کانپوءِ ڊرائيورن کي اغوا ڪيو ويو هو.

 

حڪمران آمريڪا ۽ سعودي عرب جي خوش آمد ڪرڻ لاءِ پرائي جنگ ۾ ٽنگ اڙائي رهيا آهن: رسول بخش پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف پنهنجي وجود جي بچاءَ جي جنگ ۾ رڌل آهي، ان ڪري پرائي جنگ ۾ ٽنگ نه اڙائي وڃي، پاڪستان سعودي جي مدد لاءِ ويو ته دشمن فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا پليجو هائوس قاسم آباد تي پريس ڪانفرنس ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو چيو ته پاڪستاني حڪمران آمريڪا ۽ سعودي جي خوش آمد ڪرڻ لاءِ پرائي جنگ ۾ ٽنگ اڙائي رهيا آهن، جنهن عمل سان رياست کي نقصان ٿي سگهي ٿو، امريڪا سدائين ٻين ملڪن کي استعمال ڪري فائدو حاصل ڪيو آهي، انڪري عقل کان ڪم ورتو وڃي. هن چيو ته آمريڪا پاران نائن زيرو تان هٿ آيل نيٽو جي هٿيارن جي ترديد ڪرڻ به پاڪستان جي ساليمت خلاف سازش آهي، ايم ڪيو ايم وٽ موجود تربيت يافته ويڙهاڪ آمريڪا جا دوست آهن، جنهن جي ڪيترائي ڀيرا اخبارون ۾ پڌرائي ڪئي وئي آهي. رسول بخش پليجو چيو ته حڪمرانن کي آمريڪا پاران شروع ڪيل عالمي جنگ جو حصو نه بڻجڻ گهرجي.. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري انور سومرو، نور ڪاتيار ۽ ٻيا پڻ موجود هئ

 

ڪجهه اداڪارن جون گهرواريون مون کان ڊڄنديون آهن: سني ليون

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره سني ليون جو چوڻ آهي ته ڪجهه اداڪارن جون گهرواريون اڃان به مون کان ڊڄنديون آهن ۽ نه چاهيون آهن ته انهن جا مڙس ڪنهن فلم ۾ مون سان گڏ اداڪاري ڪن هڪ انٽرويو ۾ سني ليون چيو ته ڪجهه گهروارين کي شايد اهو ڊپ آهي ته جيڪڏهن انهن جا مڙس مون سان گڏ ڪنهن فلم ۾ اداڪاري ڪندا ته هو انهن کي ڇڏي ڏيندا هن چيو ته ايئن ڪجهه به ناهي، مان صرف انهن سان اداڪاري ڪرڻ چاهيان ٿي  مون کي ڪنهن جي مڙس جي ڪابه ضرورت ناهي ڇو ته مان شادي شده آهيان ڪجهه فنڪار اڃان به اهرا آهن جيڪي مون سان گڏ ڪم ڪرڻ تي راضي نه ٿا ٿين منهنجي پسمنظر کان انهن کي خوف ٿئي ٿو ۽ انهن کي لڳي ٿو ته مون سان اسڪرين شيئر ڪرڻ انهن جي ڪيريئر لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

 

مني لانڊرنگ ڪيس، ماڊل ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ

راولپنڊي(شوبز نيوز) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي جڏهن ته جوابداره جي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ جي درخواست خارج ڪئي وئي ايان علي کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ پوري ٿيڻ تي سخت سيڪيورٽي ۾ ڪسٽم عدلات ۾ پيش ڪيو ويو جتي جج چوڌري ممتاز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ڪسٽم اختيارين طرفان جوابداره جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 2 هفتن جي واڌ جي درخواست ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي ڪسٽم اختيارين کي ايندڙ ٻڌڻي تي چالان پيش ڪرڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ايان علي کي بي ڪلاس ڏيڻ جي درخواست خارج ڪئي وئي، ٻئي طرف ماڊل طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت واري درخواست به داخل ڪئي وئي آهي جنهن جي ٻڌڻي 31 مارچ تي ٿيندي.

 

ڀارتي اسٽارز انوشڪا جي ٽٽل دل کي دلاسو ڏيڻ لڳا

ممبئي(شوبز نيوز): ورلڊ ڪپ جي سيمي فائينل ۾ هڪ شڪست تي جيڪو حال انوشڪا جو ٿيو، اهو سڀ ڪنهن کي غلط لڳو، سشميتا لکيو آهي، ته انوشڪا ميچ ۾ پنهنجي دوست ويرات ڪوهلي کي سپورٽ ڪندي سٺو لڳو، جيڪي ان کي قصوروار چون ٿا، اهي ڪرڪيٽ ڏسڻ ڇڏي ڏين، ديا مرزا چيو ته ڀارت جي شڪست ناقابل برداشت هئي، پر انوشڪا کي ذميدار چوڻ تمام غلط آهي، پريانڪا به ڊائيلاگ هنيو، ته انوشڪا ته صرف ويرات ڪوهلي جي حمايت ڪرڻ وئي هئي، پر تماشاين شڪست تي جيڪو حال ان جو ڪيو اهو غلط هو، بپاشا باسو چوڻ لڳي ته، جيڪڏهن قوم پوري ٽيم کي سپورٽ ڪري سگهي ٿي ته ، هڪ رانديگر جي دوست ڇو نه؟ ڀارتي ٽينس ڪوئن ثانيا مرزا طعنو ڏيندي چيو ته، هاڻي هارايو آهي ته انوشڪا ڌيان هٽايو، پر جڏهن سينچري ٺاهي ٿو ته ان جو ڇا؟

 

ڪترينا ڪيف جو مجسمو لنڊن ۾ مادام تسائو ميوزيم جي زينت بڻجي ويو

لنڊن(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪيوٽ اداڪاره ڪترينا ڪيف مادام تسائو ميوزيم جو حصو بڻجي وئي، سلور گهاگهري تي گلابي پوتي ڪيٽ کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي باربي ڊول ڪترينا ڪيف مجسمي جي رونمائي لاءِ لنڊن پهتي ته ان جي خوشي ڏسڻ لائق هئي اداڪاره پنهنجي مجسمي سان گڏ فوٽو شوٽ به ڪرايو، 20 فنڪارن 4 مهينن جي ڪوششن کانپوءِ ڪترينا جو مجسمو تيار ڪيو آهي جنهن تي هڪ لک 50 هزار پائونٽ لاڳت آئي.

 

انگلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪيون پيٽرسن کي آسٽريلوي پوليس گرفتار ڪري ورتو

لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪيون پيٽرسن کي آسٽريلوي پوليس گرفتار ڪري ورتو ايئن حقيقت ۾ ناهي ٿيو پر هن سيلفي خاطر پاڻ کي پوليس جي حراست ۾ ڏنو، پيٽرسن سماجي ويب سائيٽ تي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ 2 پوليس اهلڪار ان کي ٻانهن کي پڪڙي بيٺا آهن سندس پويان اڳوڻو آسٽريلوي ڪرڪيٽر ايڊم گلڪرسٽ کلندي صاف نظر اچي رهيو آهي.

 

جهڏو ڀرسان درگاهه خاڪي ڀيل جو ميلو جاري

جهڏو (اسپورٽس نيوز) جهڏو ڀرسان درگاهه خاڪي ڀيل جو ميلو جاري، ميلي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جا دلچسپ مقابلا جاري، سانگي ڦرهو جي گل محمد لاشاري جي ڪبوتر ۽ نٻلو ڍڳن ڪريم بخش ڀٽي جي ڍڳن کي ڊوڙ جي مقابلي ۾ هارائي ميلي ۾ موجود هزارين ماڻهن جون دليون کٽيون، جڏهن ته ميلي ۾ جهولن ۽ رنگ برنگي مٺائي دڪانن علائقي جي ڏکن ۽ مصيبتن ۾ ماريل مخلوق کي خوشيءَ ۽ مسرت سان سرشار ڪيو، ميلي ۾ ٻارڙن جي رش جهولن تي گيتن ۽ ٽهڪن جي گونجار پاڻي کوٽ ۽ فصلن جا گهٽ اگهه ملڻ سبب آبادگارن ۽ هارين کي پريشانين کان نجات ڏياري تفريح پهچائي. ميلي ۾ عورتن به درگاهه جي حاضري ڀري دعائن جا ديپ ٻاري ايندڙ مستقبل ۾ علائقي ۾ خوشحاليءَ لاءِ سکائون باسيون. ميلي ۾ آيل علائقي واسين ميڊيا سان ويچار ونڊيندي چيو ته اهڙا ميلا مصيبت ماريل مخلوق کي ڪجهه گهڙين جي خوشي ۽ مسرت مهيا ڪن ٿا، جنهن سبب ورهين جا ٿڪ لهيو وڃن. جڏهن ته ميلي ۾ انتظامي سرگرمي سبب ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو. رابطو ڪرڻ تي پ پ اڳواڻ شاهه جهان شاهه، سيد اصغر شاهه رضوي چيو ته علائقي ۾ معاشي بدحالي سبب ڏڪار واري صورتحال هئي، جنهن ۾ عوام ڪافي ڏکيائين هيٺ آهي، انهن کي خوشيءَ ڏيڻ ۽ روزگار ڏيڻ لاءِ ميلي جو انعقاد ڪيو ويو آهي

 

کاٻي ٻانهن واري اسپنر رضا حسن جو ڊوپ ٽيسٽ مثبت نڪتي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) کاٻي ٻانهن واري اسپنر رضا حسن جو ڊوپ ٽيسٽ مثبت آئي آهي، خابرو اداري موجب کاٻي ٻانهن سان اسپن بال ڪرائيندڙ رضا حسن جو ڊوپ ٽيسٽ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ پينٽگولر سيريز دوران ورتي وئي هئي جيڪا مثبت آيو آهي، پاڪستاني قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچڻ کان پوءِ مٿس ٻن سالن جي لاءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ تي به پابندي لڳي سگھي ٿي.