تازيون خبرون

Daily Archives: March 28, 2015

ججز نظربندي ڪيس، پرويز مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ پيش نه ڪئي وئي، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ججز نظربندي ڪيس ۾ پرويز مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته اڳوڻي صدر خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج سهيل اڪرام، اڳوڻي صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پرويز مشرف پاران حاضريءَ کان ڇـُوٽ واري درخواست جمع ڪرائي وئي جنهن تي پراسيڪيوٽر عامر نديم تابش اعتراض اٿاريو ته درخواست ميڊيڪل رپورٽ کانسواءِ جمع ڪرائي وئي ان کي منظور نه ڪيو وڃي. عدالت، حاضري کان ڇوٽ جي درخواست سان گڏ ميڊيڪل رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته جوابدار خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي بيماري جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

ڪراچي:گلشن معمار ۾ پوليس مقابلو، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران پابندي مڙهيل تنظيمن جي چئن دهشتگردن کي مارڻ ۽ سندن قبضي مان هٿيار توڙي بارود هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب اطلاع مليو هو ته گلشن معمار جي علائقي ۾ هڪ گهر اندر ڪجهه ماڻهو تخريبڪاري جو منصوبو جوڙي رهيا آهن جنهن تي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي قيادت ۾ پوليس ٽيم جي ڪارروائي ڪئي. مقابلي دوران پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق رکندڙ 4 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود به برآمد ڪيو ويو.

 

بلوچستان جي علائقي لورالائي ۾ هٿياربندن جو پوليس گاڏي تي حملو، ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪار شهيد

لورالائي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي لورالائي ۾ هٿياربندن جي پوليس جي گاڏيءَ تي دستي بم حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا ، ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي آور چئن ڄڻن کي اغوا پڻ ڪري ويا آهن، بلوچستان جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ گهري ورتي آهي. پوليس موجب لورالائي ۾ چَيچَلو چيڪ پوسٽ ويجهو هٿياربندن پوليس موبائل تي دستي بم سان حملي بعد فائرنگ ڪري ڏني. حملي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او طاهر، اي ايس آءِ رفيق، اهلڪار قيوم، سرفراز، ظريف ۽ پوليس موبائل جو ڊرائيور حبيب الله شهيد ٿي ويا. واقعي بعد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو، پر حملي آور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ليويز ذريعن موجب حملي آور 4 ڄڻن کي اغوا به ڪري ويا آهن، جڏهن ته دستي بم حملي جي نتيجي ۾ چيڪ پوسٽ کي پڻ نقصان رسيو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. بلوچستان جي گهرو وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته اهلڪارن جو قتل رياست تي حملو آهي، ملوث جوابدارن کي انجام تائين پهچايو ويندو.

 

ڪراچي: قائد آباد ۾ پوليس گاڏي ڀرسان بم ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ۾ پوليس ڪمانڊوز جي گاڏي ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽  اهلڪارن سميت  20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي  ٿي پيا، ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ جو چوڻ آهي ته  دهشتگردن پوليس کي نشانو بڻايو ۽ موٽرسائيڪل ۾ نصب بم ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو، ان ۾ 4 کان 5 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو. پوليس ٽريننگ سينٽر رزاق آباد مان ڪمانڊوز جي گاڏي بلاول هائوس ڊيوٽي لاءِ وڃي رهي هئي ته قائد آباد مرغي خاني ويجهو گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽  اهلڪارن سميت  20  کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، اجل جو شڪار اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪمانڊوز چندر ۽ گلزار طور  ٿي آهي.  حملي ۾ زخمي ٿيلن ۾  پوليس اهلڪار الطاف، سليم، سائين بخش ، عبيد ۽ ٻيا شامل آهن. اسپتال ذريعن موجب اسپتال پهچايل زخمين مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي  آهي. ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڌماڪي ۾ 4 کان 5 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو. واقعي واري هنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي منير شيخ چيو ته پوليس جي گاڏي کي رمورٽ ڪنٽرول بم ذريعي نشانوبڻايو ويو. اَي آءِ جي غلام قادر ٿيٻي جو چوڻ هو ته ڌماڪو موٽر سائيڪل ۾ نصب بم ذريعي ڪيو ويو، دهشتگردن جو نشانو پوليس ئي هئي. آصف زرداري ۽ وڏي وزير ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي، آصف زرداري چيو آهي ته دهشتگرد معافي جوڳا ناهن ۽ انهن جو خاتمو ضروري آهي.  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڌماکي کانپوءِ پوليس فيوچر ڪالوني، مرغي خاني واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو آهي، جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌ تان 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.

 

مني لانڊرنگ ڪيس، جاچ ٽيم ايان علي جا فراهم ڪيل ثبوت شڪي قرار ڏئي ڇڏيا

راولپنڊي(شوبز نيوز)ايان علي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڪسٽم ذريعن مطابق ماڊل ڪسٽم اختيارين کي حلفي بيان ۽ نجي ڪمپني جي ليٽر هيڊ تي رقم جي ٽرانزيڪشن جا دستاويزي ثبوت فراهم ڪيا هئا جيڪي ڪسٽم اختيارين طرفان شڪي قرار ڏنا ويا آهن جڏهن ته نجي پراپرٽي ڪمپني ۽ اسٽام فروش کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ڪسٽم جاچ ٽيم پراپرٽي ڊيلر ۽ اسٽام فروش جو بيان رڪارڊ ڪندي ڪسٽم ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته حلفي بيان تي صحيحن ۽ آڱوٺن جا نشان ڪنهن جا آهن.

 

اوپيرا سنگرز جوڙي به جرمن جهاز جي حادثي جو شڪار

برلن(شوبز نيوز) عالمي شهرت رکندڙ اوپيرا سنگرز بيريٽون اوليگ برائيجڪ ۽ ڪونٽرالوماريا يرڊنر ان بدقسمت ماڻهن م شامل هئا، جيڪو جرمن جهاز جي خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويا، انهن ۾ 34 سالن جي  ريڊنر سان گڏ ان جو مڙس ۽ ٻار به هئا، 54 سالن جو برائيجڪ ،جيڪو قازغستان سان تعلق رکندو هو، بارسلونا جي گرانڊ ٿيٽر ۾ جرمن ڪمپوزر جي اوپيرا ۾ شرڪت ڪر ي واپس اچي رهيا هئا، هو ان کان پهرين برلن، شڪاگو، لنڊن، لاس اينجلس، ميونخ، پيرس، ساءوپالو، ٽوڪيو، ويانا ۽ زيورچ جي اسٽيج تي به پرفارمنس ڏئي چڪا هئا.

 

اداڪارا دپيڪا پڊوڪون جي نئين فلم “پي ڪُو” جو نئون ٽريلر جاري

ممبئي(شُبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره دپيڪاپڊوڪون جي نئين فلم “پي ڪُو” جو نئون ٽريلر اچي ويو، اميتاڀ بچن ۽ عرفان خان به فلم ۾خاص ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا، فيملي فلم “پي ڪُو” ۾ اميتاڀ بچن بنگالي پوڙهي شخص جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته دپيڪا پڊوڪون پنهنجي بيمار ڏاڏي جي فڪر ۾ ورتل نظر اچي رهي آهي، عرفان خان ان فيملي جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، شوجيت سڪار جي هي فلم“ پي ڪُو” 8 مئي تي سينما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

سوناڪشي سنها فلم “اڪيرا” ۾ مارشل آرٽس جو ڪرتب ڏيکاريندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ جي حسينه سوناڪشي سنها فلم “ اڪيرا” ۾ مارشل آرٽس جو ڪرتب ڏيکاريندي، سوناڪشي سنها  هنن ڏينهن دوران پنهنجي نئين فلم“اڪيرا” جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، اداڪاره فلم ۾ حقيقي رنگ ڀرڻ جي لاءِ مارشل آرٽس جي تربيت وٺي رهي آهي، سماجي ميڊيا تي ايندڙ هڪ ويڊيو ۾ سوناڪشي هڪ  ماهر رانديگر وانگر مارشل آرٽس جو ڪرتب ڏيکاري رهي آهي، “اڪيرا” جي ڪهاڻي عورتن جي حفاظت جي حوالي سان ٺاهي وئي آهي،جنهن ۾ سوناڪشي سنها جو والد شتروگن سنها به نظر ايندو.

 

ون ڊي ٽيم جي قيادت، وقار يونس پنهنجو ووٽ اظهر کي ڏئي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊڪوچ وقار يونس پي سي بي چيئرمين کي قيادت ۽ سليڪشن ڪميٽي جي حوالي سان پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪري ڇڏيو ٻنهي جي گذريل ڏينهن فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ذريعن مطابق چيف ڪوچ قيادت لاءِ پنهنجو ووٽ اظهر علي کي ڏئي ڇڏيو جڏهن ته سليڪشن ڪميٽي جي سربراهي لاءِ انضمام الحق، راشد لطيف ۽ وسيم باري جا نالا ڏنا آهن، ياد رهي ته ميگا ايونٽ ۾ ناقص ڪارڪردگي سبب شهريار خان سليڪشن ڪميٽي جي تبديلي جو اشارو به ڏئي چڪو آهي نئين چيف سليڪٽر لاءِ اڳوڻن ڪرڪيٽرن وسيم باري، محسن خان ۽ اقبال قاسم جا نالا غور هيٺ آهن.

 

آئي سي سي طرفان ورلڊ ڪپ فائنل لاءِ امپائرن ۽ ريفري جو اعلان

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي پڌرائي موجب آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ 29 مارچ تي ميلبورين ۾ ٿيندڙ فائنل ميچ  ۾ ڌرما سينا ۽ رچرڊ ڪيٽل امپائرنگ جي ذميداري سنڀاليندا، جڏهن ته سريلنڪا جو مدو ڪالي ميچ جو ريفري هوندو.