تازيون خبرون

Daily Archives: March 26, 2015

الطاف حسين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ايندڙ جلسو ڪراچي ۾ ڪرڻ وڃي رهيو آهيان: عمران خان

ميرپور (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته فرعون وانگر الطاف حسين جو وقت به ويجهو اچي ويو آهي ۽ هو الطاف حسين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ايندڙ جلسو ڪراچي ۾ ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ميرپور آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خنا چيو ته ان کي جلسي ۾ عوام کي ڏسي الطاف حسين جو جلسو ياد اچي ويو جنهن ۾ ماڻهن کي زبردستي آندو ويندو آهي الطاف حسين لنڊن مان ٽيليفون تي تقرير ڪندو آهي ۽ ان جي جلسي ۾ زنده لاش ويٺل هوندا آهن جيڪي ڊڄندا آهن ته جيڪڏهن نه کليا ته ڪو انهن کي گولي هڻي ڪڍندو فرعون وانگر الطاف حسين جو وقت ويجهو اچي ويو آهي ۽ هو الطاف حسين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ايندڙ جلسو ڪراچي ۾ ڪرڻ وڃي رهيو آهي، تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو چوڻ هو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري مٿاڇرو وڙهندا آهن ۽ اندر کان ڀائر آهن پر هاڻ هوهنن ڏينهن ۾ پارٽنرشپ ٽوڙي چڪا آهن، جلد ئي گو  نواز گو ٿيڻ وارو آهي ڇو ته جوڊيشل ڪميشن ٺهڻ واري آهي جنهن ۾ اسان ثابت ڪري ڇڏينداسين ته انهن جو مينڊيٽ جعلي آهي عوام تيار ڪري وٺي 2015 چونڊن جو سال آهي، هن چيو ته ننڍڙو طقبو امير ٿيندو پيو وڃي وڏا وڏا سياستدان پنهنجي دولت ٻاهر کڻي وڃي رهيا آهن هن وقت ملڪ کان ٻاهر سڀ کان وڌيڪ دولت نواز شريف ۽ آصف زرداري جي آهي ان لاءِ عوام انهن سياسي پارٽين کي هرگز ووٽ نه ڏئي جن جي دولت هن ملڪ ۾ نه هجي.

 

عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي سهاري ڪراچي تي قبضي جو خواب ڏسي رهيو آهي: رابطه ڪميٽي

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي سهاري سان ڪراچي تي قبضي جو خواب ڏسي رهيو آهي، رابطه ڪميٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته الطاف حسين لاءِ عمران خان پاران ڌمڪي وارو بيان مذمت جوڳو آهي، عمران خان کي الطاف حسين فوبيا ٿي ويو آهي پاڻ کي زميني خدا سمجهي وڏيون دعوائون ڪري رهيو آهي رابطه ڪميٽي جو چوڻ هو ته عمران خان زمين تي خدائي دعويٰ نه ڪري، ڪنهن جو وقت اچي ويو آهي ۽ ڪنهن جو نه اهو صرف الله جي ذات ئي ڄاڻي ٿي عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي سهاري سان ڪراچي تي قبضي جو خواب ڏسي رهيو آهي جڏهن ته ڪشمير مسئلي کان ڀڄڻ بجاءِ ان تي کلي پنهنجو موقف بيان ڪري ٻئي طرف ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته عمران خان ڪراچي تي قابض ٿيڻ چاهي ٿو پر شهر جي عوام ان کي شڪست ڏيندي ۽ ان جو ڪراچي تي قبضي جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، هن چيو ته عمران خان طرفان ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾  ايندڙن جي توهين ڪئي وئي، عمران خان کي ٻلي وانگر خواب ۾ ڇيڇڙا نظر اچي رهيا آهن جڏهن ته هو ملڪ ۾ لال مسجد جو نظام آڻڻ چاهي ٿو.

 

سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف جيلن ۾ وڌيڪ 6 ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي

اسلام آباد (بيورو) سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف جيلن ۾ اڄ به قتل جي 6 ڏوهارين کي موت جي سزا ڏني وئي جڏهن ته 2 جوابدارن جي ڦاهي عين وقت تي روڪي وئي سکر جي سينترل جيل ۾ موت جي سزا ٻڌايل 2 قيدين عبدالرزاق چوهاڻ ۽ جليل جوريجو کي اڄ صبح ڦاه يتي لڙڪايو ويو ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا جيل جي اندر ۽ آس پاس ۾ رينجرز، پوليس ۽ ايف سي جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو، عبدالرزاق چوهاڻ 2001ع ۾ اقرار ميراڻي نالي شخص کي قتل ڪيو هو جڏهن ته جليل موريجو ۽ مقتول جي وارثن وچ ۾ آخري وقت تائين صلح جون ڪوششون ٿينديون رهيون پر ناڪامي تي ان کي به ڦاهي تي لڙڪايو ويو ميانوالي جي سينٽرل جيل ۾ جوابدار محمد خان کي ڦاهي ڏني وئي محمد خان 2001ع ۾ محمد نواز نالي شخص کي قتل ڪيو هو قتل جي ٻئين ڏوهي جهم دار کي ڦاهي مقتول جي وارثن جي صلح کانپوءِ آخري لمحن ۾ روڪي وئي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ به هڪ جوابدار محمد ايوب کي ڦاهي تي لڙڪايو ويو جوابدار کي سيشن ڪورٽ شيخوپوره طرفان موت جي سزا ٻڌائي وئي ئي بهاولپور جي سينٽرل جيل ۾ عورتن سان زيادتي بعد قتل جي جوابدار غلام ياسين کي ان جي منطقي انجام تائين پهچايو ويو ساهيوال جي سينٽرل جيل ۾ قتل جي جوابدار محمد شهباز کي ڦاهي تي لڙڪايو ويو، محمد شهباز ملڪيت جي تڪرار تي هڪ ٻارڙي کي قتل ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته قتل جي ٻئين جوابدار جعفر ڪالي جي ڦاهي تي عملدرآمد مقتول جي وارثن سان صلح کانپوءِ روڪي وئي.

 

بل گيٽس پاران عمران خان کي صحت جي منصوبن جي نگراني لاءِ سيٽلائيٽ سسٽم جي آڇ

پشاور (م.ڊ) مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي خيبرپختونخواهه صوبي ۾ صحت جي منصوبنجي نگراني لاءِ جديد سيٽلائيٽ سسٽم فراهم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي آهي، بل گيٽس طرفان عمران خان کي لکيل خط ۾ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ پوليو سميت ٻين بيمارين جي خاتمي لاءِ عمران خان جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ويو آهي ته پوليو خلاف اوها جو عزم ڏسي اسان جي حوصلا افزائي ٿي ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوليو جو خاتمو انسانيت لاءِ ڪيتري وڏي ترجيح آهي هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته وفاقي، صوبائي حڪومتون ۽ هٿياربند فوج ”صحت جو اتحاد“ پروگرام تحت ڪم ڪري رهيا آهن جنهن ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ خيبرپختونخواهه ۾ صحت جي منصوبن جي اثرائتي نگراني لاءِ جديد ترين سيٽلائيٽ ٽيڪنالوجي فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪا نائيجيريا ۾ به پوليو جي خاتمي لاءِ ڪاميابي سان استعمال ڪئي وڳئي آهي ۽ ان جي مدد سان ڊاڪٽرن، اسپتالن جي بروقت ۽ اثرائتي نگراني ٿي سگهي ٿي. بل گيٽس خط ۾ عمران خان کي مخاطب ڪندي وڌيڪ چيو ته اوهان جي سڌي سنئين نگراني پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ ضروري آهي، اوهان جي چيف سيڪريٽري ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ سان ڳالهه ٻوهه پوليو جي خاتمي جي مهم هلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ ان حوالي سان اوهان سان ڳالهائڻ لاءِ ڊاڪٽر وقار اجمل کي ذميواري ڏني وئي آهي.

 

شاهد ڪپور سان شادي طئه ناهي ٿي، ميرا راجپوت جي ترديد

نئين دلي(شوبز نيوز)ميرا راجپوت اداڪار شاهد ڪپور سان شادي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي دلي جي هڪ ڪاليج جي ٿرڊ ايئر جي شاگردياڻي ميرا راجپوت انهن سمورن افواهن جي ترديد ڪئي آهي ته ان کي شاد ڪپر پنهنجي لاءِ چونڊي ورتو آهي، ميرا جو چوڻ آهي ته هوءَ ته شاهد ڪپور سان ملاقاتون به نه ٿي ڪري نه ڄاڻ شادي جي خبر ڪٿان ٺهي وئي هن چيو ته شاهد ڪپور 13 سال وڏو آهي ان جي ۽ شاهد ڪپور جي خاندان وارن جو هڪ عرصي کان هڪ ٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ آهي ۽ هو فيملي فرينڊز آهن.

 

هالي ووڊ فلم “ گڊ ڪل ” جو نئون ٽريلر جاري

نيويارڪ(شوبز نيوز)هالي ووڊ فلم “ گڊ ڪل ” جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، فلم جي ڪهاڻي ڊرون سان ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهارڻ  واري هڪ آمريڪي پائليٽ جي آهي، جنهن جو ضمير جاڳي پئي ٿو، فلم هلندڙ سال مئي ۾ سينيما گهرن جي جي زينت بڻجدي.

 

ڪنگنا کي 2010ع جي فيشن جو ايوارڊ به ڏنو ويو

نئين دهلي (شوبز نيوز) هڪ ڏينهن اڳ ڪنگنا رناوت پنهنجي 28 هين سالگره ملهائي، پر کيس ڪجھه دير کان پوءِ ڪيريئر جي ٻئي نيشنل ايوارڊ سان نوازيو ويو، ڪنگنا رناوت جي فلم ”ڪوئين“ کي بيسٽ فلم جو ايوارڊ جڏهن ته ڪنگنا کي بيسٽ اداڪارا جي ايوارڊ سان نوازيو ويو، کيس 2010ع جي فيشن جو ايوارڊ به ڏنو ويو. جڏهن ته بيسٽ هندي فيچر فلم لاءِ ڊائريڪٽر وڪاس بهل کي به نيشنل ايوارڊ سان نوازيو ويو. وجي کي به بيسٽ ايڪٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته فلم ”حيدر“ لاءِ شاهد ڪپور، بيسٽ موسيقي ڊائريڪٽر جو ايوارڊ وشال ڀردواج، ۽ بنگالي فلمساز سرجيت مکرجي کي بيسٽ ڊائريڪٽر جو ايوارڊ، پريانڪا چوپڙا جي فلم ”ميري ڪوم“ کي بهترين مشهور فلم جو ايوارڊ سان نوازيو ويو. مڙني ايوارڊ کٽيندڙن کي نئين دهلي ۾ رٿيل تقريب دوران ڀارت جي صدر پرناب مکرجيءَ ايوارڊن سان نوازيو.

 

ششي ڪپور کي “دادا صاحب پهالڪي” ايوارڊ سان نوازيو ويندو

ممبئي(شوبز نيوز): پرٿوي ڪپور، راج ڪپور کان پوءِ ڪپور خاندان جي ٽئين رڪن ششي ڪپور کي ڀارتي سينما جو سڀ کان وڏو  ايوارڊ “دادا  صاحب پهالڪي” ملي رهيو آهي، ڪپور خاندان جو هي هيرو بالي ووڊ ۾ سئو کان به وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري ڪئي، نمڪ حلال، سلسله ، ڪالا پٿر ، جب جب پهول کلي، ڪبهي ڪبهي ، ديوار،  ششي ڪپور جون مشهور فلمون آهن، ٽن سالن کان گردن جي بيماري ۾ مبتلا  77  سالن جو ششي ڪپور اڄڪلهه  سخت بيمار آهي.

 

دفاعي چيمپيئن ڀارت ۽ آسٽريليا (اڄ) سيمي فائنل ۾ مهاڏو اٽڪائيندا

سڊني(اسپورٽس نيوز) دفاعي چيمپيئن ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي ٻئين سيمي فائنل (اڄ) کيڏي ويندي آسٽريليا جي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ پاڪستان وقت مطابق صبح 8 بجه شروع ٿيندي جڏهن ته فاتح ٽيم 29 مارچ تي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ نيوزيلينڊ خلاف فائنل ۾ سامهون هوندي، سيمي فائنل ۾ ڪاميابي لاءِ ٻنهي ٽيمن طرفان ڀرپور پريڪٽس ڪئي وئي ڪينگروز اليون پريڪٽس سيشن دوران فٽبال کيڏي ۽ فيلڊنگ پريڪٽس ڪئي جڏهن ته ڀارتي بيٽسمين آسٽريلين پيسر جي بائونسر کي منهن ڏيڻ لاءِ بيٽنگ جي پريڪٽس ڪئي.

 

ڀارتي بڪيز ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ آسٽريليا کي ئي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي بڪيز ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ آسٽريليا کي ئي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو ماهر جتي هڪ طرف ڌوني اليون ۽ ڪينگروز وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان ظاهر ڪري رهيا آهن اتي ئي بڪيز آسٽريليا کي هاٽ فيوريٽ قرار ڏيندي ان تي هڪ روپي جي داءُ تي 50 پئسن جي آفر ڪري رهيا آهن ڀارت جي ڪاميابي تي هڪ روپيو جوا کيڏندڙن کي بدلي ۾ 2 روپيا ڏيڻ جي آڇ ٿي آهي.