تازيون خبرون

Daily Archives: March 24, 2015

پيپلز پارٽي پاران شيري رحمان کي سنڌ مان سينيٽر بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان کي سنڌ مان سينيٽر بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پيپلز پارٽي جي  سينيٽرن مان هڪ ميمبر کان استعيفيٰ وٺي ان جي جاءِ تي شيري رحمان کي سينيٽر بڻايو ويندو، پ پ جي ذريعن مطابق شيري رحمان سفير جي عهدي تان لهڻ جا 2 سال پورا نه ٿيڻ سبب آئيني پابندي پوري نه ٿيڻ سبب سينيٽ چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهي هئي هوءَ 23 نومبر 2011ع کان 14 مئي 2013ع تائين آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رهي ذريعن مطابق سنڌ مان پيپلز پارٽي جي سينيٽر عبداللطيف انصاري جي جاءِ تي شيري رحمان کي سينيٽر بڻائڻ جو امڪان آهي.

 

جيترو وقت به چيئرمين سينيٽ رهندس پارليامينٽ جي بالادستي ۽ آئين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندس: رضا رباني

لاڙڪاڻو (بيورو) چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن وقت مان شهيد ڀٽو جي دور ۾ سياست جي شروعات ڪئي ته شهيد  ذوالفقار علي ڀٽو منهنجو سياسي استاد هو ۽ اڄ جنهن مڪام تي آهيان اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري آهيان. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ کي مطفقه طور تي 1973ع جو آئين ڏنو جيڪو ان وقت جي سڀني سياسي پارٽين جي رضامندي سان آيو جنهن کي ڊڪٽيٽرن ۽ آمرن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به ان کي ختم نه ڪري سگهيا. هن چيو ته 1973ع جو آئين هن ملڪ جي تحفظ ۽ ادارن جي سلامتي جو ضامن آهي ۽ هن آئين جي ڪري ئي صوبن ۽ مرڪز وچ ۾ اتفاق آهي ۽ مختلف آمريتن جي دور ۾ ڪارڪنن قيد وبند جون سختيون برداشت ڪري هن آئين جي بالادستي کي يقيني بڻايو ۽ ان کي ختم ٿيڻ نه ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو وزن هو جو هن ميثاق جمهوريت کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي جان جو نظرانو ڏنو ۽ ان نقشي قدم تي هلندي گذريل پ پ پ حڪومت صوبن کي 18 آئيني ترميم ڏئي وڌيڪ خودمختيار بڻايو ۽ هينئر آءَ چئني صوبائي حڪومتن کي گذارش ڪندس ته اهي 18 آئيني ترميم تي عمل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته آءُ جيترو وقت به چيئرمين سينيٽ رهندس ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ آئين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندس.  ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، پ پ پ اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو ۽ ٻيا سوين ڪارڪن موجود هئا.

 

عوام (ن) ليگ تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان کي برقرار رکنداسين: خواجه سعيد رفيق

لاهور (م.ڊ) وفاقي وزير ريلوي خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عوام مسلم ليگ (ن) تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اهو اعتماد برقرار رکنداسين موجوده حڪومت عوام جا مسئلا سندس در تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي جمهوريت عوام جي خدمت جو نالو آهي ۽ بي شڪ مقامي چونڊن جي تڪميل سان عوام جا مسئلا گراس روٽ ليول تي حل ٿيندا اهڙن خيالن جو اظهار هن والٽن ڪنٽومينٽ بورڊ جي علائقي اقبال پارڪ ۾ علائقي جي نيڪ مردن پاران مشهور سماجي شخصيت چوڌري طاهر حميد جي وارڊ ست لاءِ ڪائونسل طور نامزدگي جي موقعي تي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي ميمبر ميان نصير اسلم ساحي رانا سعيد ميان سعيد ۽ انصر خان سميت (ن) ليگ جا ڪارڪن ۽ علائقي جو وڏو انگ موجود هو خواجه سعد رفيق چيو ته ان ۾ ڪو شق نه آهي ته گهٽي محلي جي سطح تي مسئلن جي حل لاءِ مڪاني نمائندا بهترين ذريعو آهن ۽ انهن جي مدد سان عوام جو آواز اسيمبلي ميمبرن ۽ حڪومتي ايوانن تائين بهتر نموني پهچي سگهي ٿو علائقي واسين وارڊ ست لاءِ ڪائونسلر لاءِ چوڌري طاهر حميد کي چونڊي شعور ۽ سياسي ڏاهپ جو ثبوت ڏنو آهي.

 

متحدا خلاف صولت مرزا جي بيانن ۾ سچائي نظر اچي رهي آهي: شهريار مهر

سکر (بيورو) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار خان مهر چيو آهي ته، جيڪڏهن گورنر راڄ سنڌ جي فائدي ۾ هوندو ته ان جي حمايت ڪندا، متحده خلاف صولت مرزا جي بيانن ۾ سچائي نظر اچي رهي آهي، پر سنڌ سرڪار کي هاڻي پاليسي واضح ڪرڻي پوندي، سکر ۾ واپارين طرفان ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار خان مهر چيو ته، سنڌ جي حالت خراب آهي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته معاشي طور بچاءُ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو، جيڪڏهن گورنر راڄ لڳو ۽ سنڌ جي فائدي ۾ هوندو ته هو ان جي به حمايت ڪندا، هن چيو ته نائين زيرو تي حڪومت جي سرپرستي ۾ رينجرز آپريشن ڪيو ويو، وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه پاڻ چئي چڪو آهي ته هو ڪراچي آپريشن جو ڪپتان آهي، تنهنڪري حڪومت کي هاڻي پنهنجي پاليسي  واضح ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته صولت مرزا جي طرفان متحده خلاف لڳايل الزامن ۾ سچائي نظر اچي رهي آهي، مرندڙ ماڻهو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي، عزير بلوچ جي حوالي سان چوڻ هو ته هن جي طرفان پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ اڳواڻن تي الزام لڳايا ويا آهن پر ان  تي اڃا خاطر خواهه ڳالهيون سامهون اچڻ گهرجن، هن چيو ته پرويز مشرف جو سڌو سياست ۾ رول نظر نه اچي رهيو آهي، هن چيو ته، آغا سراج دراني طرفان لکي غلام شاهه ۾ ڪرايل ميلي ۾ جوا هلرائڻ جي الزامن ۾ ڪابه صداقت نه آهي  هو  جڏهن بلديات کاتي جو وزير هو، هن ان وقت کان اڄ ڏينهن تائين ادارن جي تباهي ڪئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار سکر شهر جي بهتري لاءِ 20 ارب ڏيڻ باوجود شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نه ڪيو ويو آهي.

 

مستونگ: شرپسند 5 ٽينڪر ساڙي ڇڏيا، 4 ڊرائيور اغوا

مستونگ (م.ڊ) ڪرد گاب جي علائقي ۾ شرپسندن 5 آئل ٽينجرن کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ 4 ڊرائيورن کي اغوا ڪري ڇڏيو شرپسندن مستونگ جي علائقي ڪرد گاب ۾ 5 آئل ٽينڪرن کي باهه ڏئي ڇڏي جڏهن ته 4 ڊرائيورن کي اغوا ڪري گڏ کڻي ويا ٻئي طرف ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته شرپسندن جي حملي ۾ آئل ٽينڪرن کي جزوي نقصان پهتو جڏهن ته حملي آورن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

 

اداڪار شاهد ڪپور ميرا سان شادي ڪرڻ جو فصلو ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (شوبز نوز) ڪرينا ڪپور پريانڪا چوپڙا ۽ بپاشا باسو سميت مختلف بالي ووڊ اداڪارائن سان لاڳاپن سبب خبرن جي زينت بڻجندڙ شاهد ڪپور نئين دهلي ۾ هڪ ڪاليج جي شاگردياڻي ميرا راجپوت سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي مقامي اخبار هندستان ٽائيمز جي رپورٽ مطابق شاهد ڪپور نئين دهلي جي ليڊي شريرام ڪاليج ۾ انگريزي (ٿرڊ ايئر) جي شاگردياڻي ميرا راجپوت سان مڱڻو ڪيو آهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته شاهد هلندڙ سال ڊسمبر ۾ ميرا سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندو هندستان ٽائيمز هڪ انگريزي اخبار جي حوالي سان لکيو ته شاهد ۽ ميرا جي مڱڻي هلندڙ سال جنوري ۾ ٿي 30 سالن جي شاهد جي پنهنجي ٿيڻ واري زال سان ملاقات هڪ مذهبي گروپ راڌا سوامي ست سنگهه بيس جي معرفت ٿي ياد رهي ته هن کان اڳ شاهد ڪپور هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته هو شادي لاءِ تيار آهي جيڪڏهن ڪائي به سٺي ڇوڪري جي خواهش هجي ته کيس شادي جي حوالي سان رابطو ڪري سگهي ٿي.

 

مشهور پاڪستاني اداڪاره ريما جي گهر پٽ جي پيدائش

ويجينيا(شوبز نيوز)پاڪستان جي مشهور اداڪاره ريما آمريڪا جي شهر ورجينيا ۾ پٽ کي جنم ڏنو آهي ان جي مڙس طارق شهاب جو چوڻ آهي ته ٻار ۽ ماءُ ٻئي صحت مند آهن نئين ڄاولٻارڙي جو نالو اذلان محمد سيد شهاب رکيو ويو آهي، ريما خان پٽ جي پيدائش تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ تي پنهنجن پرستارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته هو جلد پاڪستان ايندي پنهنجي پيغام ۾ ريما خان قوم کي يوم پاڪستان جي مبارڪباد به ڏني.

 

هالي ووڊ فلم سينڊريلا باڪس آفيس تي ڇانيل

لاس اينجلس(شوبز نيوز)ٻارن جو مشهور ڪردار سنڊريلا هالي ووڊ باڪس آفيس تي ڌوم مچائي ڇڏي آهي، 13 مارچ تي آمريڪي سينيما گهرن جي زينت بڻجڻ واري فلم هينئر تائين  9 .67  ملين ڊالرز ڪمائي چڪي آهي، خوبصورت ڪهاڻي ۽ منظرن سان ڀريل فلم اڄ به ٻارن ۽ وڏن جي دل وندرائڻ رهي آهي، باڪس آفيس تي  ٻيون نمبر  هالي ووڊ ايڪشن فلم رن آل نائٽ جو آهي، هالي ووڊ هيرو ليام نيسن جي دوهان دار ۽ ايڪشن   سان ڀريل فلم اڄ تائين 15 ملين ڊالرز ڪمائي چڪي آهي، شوقينن مخصوص ايڪشن ۽ مار ڌاڙ کي بي حد پسند ڪيو آهي، ٽئين  نمبر تي ايڊونچر ۽ ايڪشن سان ڀرپور فلم ڪنگز مين: ڊي سيڪريٽ سروس آهي، فلم جي مزاحيا رنگن مان شوقين بي حد لطف اندوز ٿي رهيا آهن.

 

فلم انڊسٽري ۾ تجربي جي تمام اهميت آهي، اداڪار سعود

ممبئي(شوبز نيوز)فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار سعود  جو چوڻ هو ته، مون کي تمام گهڻو سکڻ جو موقعو مليو ۽ اڄ جنهن مقام تي آهيان، انهن ئي ماڻهن جي ڪري آهيان، جنهن هر قدم تي منهنجو ساٿ ڏنو، فلم انڊسٽري ۾ تجربي جي وڏي اهميت آهي، فلمي صنعت جي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪرڻ لاءِ سٺن ڪمن ڪرڻ جو فن ڄاڻڻو آهي، ته هو عوام جي مزاج کي سمجهي ڪم ڪن ٿا. گذريل ڪجهه سالن کان جيڪي ماڻهو فلمون ٺاهي رهيا آهن، انهن وٽ تجربي جي کوٽ آهي، ان جي لاءِ اڃان انهن کي وقت گهرجي، انڊسٽري سان لاڳاپيل انهن ماڻهن کي به اڳيان اچڻ گهرجي.هن فلم جي ڪهاڻي تمام سٺي آهي، اميد آهي ته هي فلم عوام کي پسند ايندي.

 

شاهد آفريدي، سرفراز احمد ۽ سهيل خان وطن واپس پهچي ويا

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ قومي ٽيم جا 3 رانديگر وطن واپس پهچي ويا ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچندڙ رانديگرن ۾ شاهد آفريدي، سرفراز احمد ۽ سهيل خان شامل آهن جن کي سخت سيڪيورٽي ۾ ايئرپورٽ کان ٻاهر آندو ويو جڏهن ته ڪجهه شوقينن پنهنجن ستارن جو ايئرپورٽ تي استقبال به ڪيو ان موقعي تي شوقينن سان مختصر ڳالهائيندي شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته اسان اوهان لاءِ ورلڊ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهياسين ٻئي طرف ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي پيش ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد جي گهر تي شوقينن جي وڏي تعداد جمع ٿي ۽ مسلسل 2 ميچن ۾ بهترين رانديگر جو اعزاز حاصل ڪندڙ سرفراز احمد کي گلن جا هار پارايا ۽ دهل تي رقص به ڪيو.