تازيون خبرون

Daily Archives: March 17, 2015

صولت مرزا جي موت واري سزا خلاف درخواست جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي

اسلام آباد (بيورو) رجسٽرار آفيس سپريم ڪورٽ جي اعتراضن خلاف صولت مرزا جي اپيل تي ٻڌڻي گذريل ڏينهن ٿيڻي هئي جڏهن ته جوابدار جي وڪيل ايڊووڪيٽ لطيف کوسي جي غير حاضري سبب ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي رجسٽرار آفيس صولت ملرزا جي موت واري سزا خلاف درخواست اعتراض مڙهيا هئا ته موت جي سزا خلاف درخواست ٻڌڻي جي قابل ناهي جوابدار جي موت واري سزا خلاف اپيل ۽ نظرثاني درخواستون پهريان ئي رد ٿي چڪيون آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي ٻئين درخواست داخل نٿي ٿي سگهي چيف جسٽس ناصر الملڪ صولت مرزا جي درخواست تي اعتراضن خلاف اپيل جي ٻڌڻي سڀاڻي پنهنجي چيمبر ۾ ڪندو.

 

پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا پهرين ترجيح هئڻ گهرجي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا اسان جي پهري ترجيح هئڻ گهرجي، چين سان بهترين لاڳاپا آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، مرڪزي ميڊيا سيل مطابق هو ڪميونٽس پارٽي جي دعوت تي چين وڃڻ کان اڳ محمد اڪرم دراني، محمد اجمد خان، اسلم غوري، حاجي شمس الرحمان سمشي ۽ عبدالرزاق عابد لاکو سان ڳالهائي رهيو، مولانا فضل الرحمان وفد سان گڏ اسلام آباد مان بيجنگ روانو ٿي ويو، وفد ۾ سينيٽر تلحه محمود، مفتي ابرار احمد ۽ ٻيا شامل آهن، مولانا محمد اجمد خان ٻڌايو ته مولانا فضل الرحمان چيو ته چين جي حڪمران پارٽي جي دعوت تي هڪ هفتي جي دوري تي ويل آهي جتي جي يو آءِ جي سربراهه جي چين اڳواڻن سان شاگر ۽ گوادر وچ ۾ رستي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو، هن ٻڌايو ته چين جي ڪميونسٽ پارٽي سان مولانا فضل الرحمان 2010 ۾ دوستي ٿي هئي، مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ پاڙيسر ملڪن سان بهتر لاڳاپن جي حق ۾ آهي، هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ماضي وانگر مستقبل ۾ به مضبوط ٿيندا، هن چيو ته جي يو آءِ ملڪ ۾ جمهوري عمل لاءِ ڪم ڪيو آهي.

 

ڊيٿ وارنٽ جاري، اڊيالا جيل ۾ ۾ اڄ ٻن، سڀاڻي پنجن ۽ 19 مارچ تي ٽن ڏوهارين کي ڦاهي چاڙهيو ويندو

راولپنڊي (م.ڊ) سينٽرل جيل اڊيالا ۾ قيد مختلف ڏوهن ۾ ملوث ٻن قيدين کي اڄ اڱاري تي، پنجن کي سڀاڻي اربع ۽ ٽن کي 19 مارچ تي ڦاهي تي لٽڪايو ويندو. ڦاهي وارن قيدين جي گهر ڀاتين سان ملاقاتن وارو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. جيل اختيارين مطابق اڄ اڱاري ڏينهن ملڪ نديم زمان ولد شير زمان، محمد جاويد ولد افسر کي ڦاهي چاڙهيو ويندو. جڏهن ته شوڪت علي، محمد شبير، طالب حسين، ربنواز ۽ قدير احمد کي 18 مارچ تي ڦاهي ڏني ويندي. ٻن سڳن ڀائرن غلام محمد ۽ اصغر علي ولد غلام حسين کي 19 مارچ تي ڦاهي چاڙهيو ويندو. انهن سمورن ڏوهارين جي ڊيٿ وارنٽن تي ڊسٽرڪٽ سيشن جج صحيحيون ڪري جيل انتظاميه ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن.

 

ڪراچي ۾ 16 کان 23 مارچ تائين ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو، حساس هنڌن ۽ عبادت گاهن جي سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي ڪراچي ۾ پوليو مهم سبب 6 ڏينهن لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. جنهن تي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات کان عمل ڪيو ويو آهي ذريعن مطابق پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪراچي پوليس چيف سنڌ جي گهرو کاتي کي ٻيلهه سواري تي پابندي جي سفارش ڪئي هئي جنهن جي منظوري ڏيندي صوبائي گهرو کاتي 23 مارچ تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيوآهي واضح رهي ته هلندڙ سال ڪراچي جي علائقي بنارس بلديه ۽ سعيدآباد ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جا واقعا آڏو اچڻ کان پوءِ پوليو مهم روڪي ويئي هئي. جنهن کي هڪ دفعو ٻيهر ڪامياب ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تحت موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي مڙهي ويئي آهي نوٽيفڪيشن مطابق قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار صحافي بزرگ ٻارڙا ۽ عورتون هن پابندي کان آجا هوندا. ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ اجلاس دوران صوبي ۾ امن امان ۽ پوليو مهم دوران سيڪيورٽي جي صورتحال جو جائزو ورتو، ڪراچي پوليس 16 کان 23 مارچ تائين ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي، آءِ جي سنڌ مذهبي عبادتگاهن ۽ حساس هنڌن جي سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي.  آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي مذهبي عبادتگاهن ۽ حساس هنڌن جي سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪراچي پوليس چيف پوليو مهم لاءِ سڪيورٽي خدشن سبب 16 کان 23 مارچ تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاءِ سفارش ڪري ڇڏي آهي. سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جي صدارت هيٺ سڪيورٽي جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس چيف، ڊي آءِ جيز ۽ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز پاران آءِجي سنڌ غلام حيدر جمالي کي مذهبي عبادتگاهن، اهم شاهراهن ۽ پارڪن جي سڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪراچي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻو پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ 16 کان23 مارچ تائين پابندي جي سفارش ڪئي. آءِ جي سنڌ پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ اهم هنڌن توڙي مذهبي عبادتگاهن جي سڪيورٽي وڌائي وڃي.

 

سنڌ جي عورت تمام گهڻي بهادر آهي، جيڪا قومي مسئلن تي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي:ناياب سرڪش

ڏوڪري(رپورٽر)جسقم ليڊيز ونگ جي صدر ناياب سرڪش چيو آهي ته سنڌ جي عورت تمام گهڻي بهادر آهي، جيڪا قومي مسئلن تي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن چيو ته سنڌ جي مسئلن تي تحريڪ هلائڻ جي نتيجي ۾ نوجوانن جا لاش ملي رهيا آهن، پير ڪنهن به صورت ۾ قدم پوئتي نه ڪيو ويندو. ناياب سرڪش سنڌي طرفان قومي تحريڪ ۾ عورتن جي شموليت ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن سان گڏجي گهر گهر وڃڻ واري مهم دوران نيشنل پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ عورتن ۾ قومي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، عورتن جي شموليت سان قومي تحريڪ وڌيڪ سگهاري ٿيندي. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، ارشاد ٻگهيو، نديم باغي، محمد علي کوسو، فهد ڏيرو، غلام محى الدين، امر سنڌي ۽ بيا پڻ گڏ هئا.

 

راولپنڊي ڪسٽم عدالت ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

راولپنڊي(شوبز نيوز)راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي ماڊل ايان علي طرفان وڪيلن جو پينل ۽ والد محمد حفيظ پيش ٿيا، ٻڌڻي جي موقعي تي ايان ملڪ جي وڪيلن چيو ته اهو اسمگلنگ جو ڪيس ناهي رقم خالد ملڪ ڏني جيڪا زمين وڪرو ڪري حاصل ڪئي وئي هئي پراسيڪيوٽر دليلن جي مخالفت ڪندي چيو ته اهو اسمگلنگ جو ڪيس آهي ايان علي کي اسمگلنگ ڪندي پڪڙيو ويو آهي پراسيڪيوٽو چيو ته رقم جي منتقلي جو طريقيڪار آهي ان جي مطابق ئي رقم منتقل ٿي سگهي ٿي رقم جي اسمگلنگ سبب ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار آهي ٻڌڻي جي موقعي تي ايان علي جي والد عدالت کان ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي سمن جاري ڪري ڇڏيو ايان علي جي والد چيو ته منهنجي ڌيءَ خلاف سازش ڪئي وئي آهي منهنجي ڌيءَ جي حياتي خطري ۾ آهي، ٻئي طرف ڪسٽم اختيارين موقف اختيار ڪيو ته ايان علي کان پڇا ڳاڇا ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي ماڊل ايان علي بيماري جو بهانو ڪيو آهي عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ضمانت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي جج ممتاز قادري ريمارڪس ڏنا ته مني لانڊرنگ جو ڪيس ڪو عام ڪيس ناهي.

 

ڊائريڪٽر علي عباس ظفر جي فلم“ سلطان” ۾ سلمان خان 40 سالن جو باڪسر ٿيندو

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا  مطابق يش راج فلمن جي بينر هيٺ ڊائريڪٽر علي عباس ظفر جي فلم“ سلطان” ۾ سلمان خان 40 سالن جو باڪسر ٿيندو، جتي ان سان گڏ پهريون دفعو بلاڪ بسٽر اداڪاره دپيڪا پڊوڪون اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي، فلم ۾ بهترين اداڪاري جي لاءِ سلمان خان باڪسنگ جي حوالي سان مشقون به ڪندو، جنهن سان هو فلم ۾ باقائده هڪ باڪسر جي صورت  ۾ نظر  ايندو.

بالي ووڊ اداڪارا عاليه ڀٽ 22 سالن جي ٿي وئي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي تيزي سان اڀرندڙ خوبصورت اداڪاره عاليه ڀٽ اڄ پنهنجي 22 هين سالگره ملهائي رهي آهي، معصوم چهرو ۽ اکين ۾ مستي، بالي ووڊ جي چلولي اداڪاره عاليه ڀٽ فلمي ڪيريئر جي شروعات فلم“ سنگهرش” ۾ چائلڊ اسٽار سان ڪئي، فلم اسٽار مهيش ڀٽ جي ڌيءُ ۽پوجا ڀٽ جي ڀيڻ عاليه ڀٽ 2012ع ۾ پهريون ڀيرو مرڪزي ڪردار  فلم“ اسٽوڊنٽ آف دي ائير” ۾ ادا ڪيو، 2014ع ۾ عاليه ڀٽ “ هائي وي” ۾ شاندار اداڪاري سان گڏ گلوڪاري به ڪئي،انهي سال عاليه ڀٽ “ٽو اسٽيٽ” ۽ “همٽي شرما ڪي دلهنيا” جهڙي ڪامياب فلمون ۽ ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا.

 

سوناڪشي سنها بدترين اداڪاري تي ”گولڊن ڪيلا ايوارڊ“ حاصل ڪري ورتو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي دبنگ گرل سوناڪشي سنها 2014ع ۾ بدترين اداڪاري تي گولڊن ڪيلا ايوارڊ حاصل ڪري ورتو جڏهن ته بدترين اداڪار جو ايوارڊ ارجن ڪپور ۽ بدترين فلم ايوارڊ هم شڪل جي نالي  رهيو، گولڊن ڪيلا ايوارڊز جي رنگا رنگ تقريب نئين دلي ۾ ٿي جتي سال 2014ع لاءِ بدترين اداڪاره جو ايوارڊ ايڪشن جيڪسن، هالي ڊي ۽ لينگا لاءِ سوناڪشي سنها کي ڏنو ويو، بدترين اداڪار جو ايوارڊ ارجن ڪپور جي نالي رهيو ان کي هي ايوارڊ فلم غنڊي ۽ ايوري ٿنگ ايلس لاءِ ڏنو ويو، جڏهن ته بدترين فلم جو ايوارڊ هم شڪل جي نالي رهيو، ان کان علاوه بدترين فلم ڊائريڪٽر پرڀو ديوا حاصل ڪيو.

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جو ناڪ آئوٽ مرحلو سڀاڻي کان شروع ٿيندو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) 11 هين آءِ سي سي ورلڊڪپ جي ڪوارٽر فائنل لائين اپ مڪمل ٿي وئي جڏهن ته ناڪ آئوٽ مرحلو سڀاڻي اربع 18 مارچ کان شروع ٿيندو. پهرئين ڪوارٽر فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا جون ٽيمون سڊني گرائونڊ ۾ آمهون سامهون ٿينديون.تفصيل مطابق گروپ ميچن جي پڄاڻي بعد دفاعي چيمپئن ڀارت، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان، سريلنڪا، ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. پول اَي مان نيوزيلينڊ ۽ پول بي مان ڀارت ناقابل شڪست رهڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ناڪ آئوٽ مرحلو 18 مارچ کان شروع ٿيندو. 19 مارچ تي ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ زور آزمائي ٿيندي. ٽئين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ 20 مارچ تي پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ايڊيليڊ اوول ۾ دنگل ٿيندو، جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ڪوارٽر فائنل ۾ نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون 21 مارچ تي ويلنگٽن ۾ مقابلو ڪندو. ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل 24 مارچ، ٻيو 26 مارچ، جڏهن ته عالمي ميلي جو فائنل 29 مارچ تي کيڏيو ويندو.