تازيون خبرون

Daily Archives: March 16, 2015

لاهور خودڪش حملن خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مسيحي برادري جو احتجاج، ڌرڻا، روڊ بلاڪ، گاڏين تي پٿراءُ

اسلام آباد (بيورو) لاهور جي علائقي يوحنا آباد جي گرجا گهرن ۾ خودڪش حملن خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مسيحي برادري رستن تي نڪري آئي ڪراچي جي مختلف علائقن  عيسيٰ نگري، قيوم آباد ۽ اختر ڪالوني ۾ آباد مسيحي برادري جي مڇرلي ماڻهن احتجاج ڪندي يونيورسٽي روڊ ۽ ڪورنگي روڊ کي مختلف جاين تان بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مظاهرين گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ۽ سرڪاري ملڪيتن کي به نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي مظاهرين جو چوڻ هو ته گذريل سال پشاور ۾ گرجا گهر ۾ دهشتگردي جا زخم اڃان ڀريا نه هئا ته لاهور ۾ 2 گرجا گهرن کي نشانو بڻايو ويو هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ جاري دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ننڪانه صاحب ۾ مسيحي برادري احتجاج ڪندي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 137 تي ٿيندڙ ضمني چونڊن لاءِ جاري پولنگ کي روڪرائي ڇڏيو جڏهن ته ڪجهه دير کانپوءِ پولنگ ٻيهر شروع ڪئي وئي، حيدرآباد ۾ مسيحي برادري توپ چورنگي تي احتجاج دوران ٽائر ساڙيا، سيالڪوٽ ۾ مسيحي برادري سبلائم چوڪ تي احتجاج ڪندي رستن تي هر قسم جي ٽريفڪ کي بند ڪري ڇڏيو ان کان علاوه راولپنڊي، گوجرانوالا ۽ ملتان ۾ به مسيحي برادري طرفان ڀرپور احتجاج ڪيو ويو.

 

چرچ ڌماڪي جي مذمت، حڪومت ٻيهر نا اهلي ڏيکاري: ق ليگ قيادت

لاهور (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم چوڌري شجاعت حسين ۽ اڳوڻي نائب وزيراعظم چوڌري پرويز الاهي هتي يوحنا آباد ۾ رومن ڪيٿولڪ چرچ ۽ ڪرائيس چرچ ۾ ٿيل ڌماڪن تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو  آهي ته حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر نالائقي ڏيکاري، ٻنهي اڳواڻن هڪ بيان ۾ ڌماڪي ۾ مارجي  ويل ۽ زخمي مسيحي ۽ پوليس اهلڪار اسان جا ڀائر آهن، اسان سدن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مارجي ويلن جي وارثن کي صبر ڪرڻ جو حوصلو ڏئي، هن چيو ته اقليتن سميت هر پاڪستاني جي جان ۽ مالي هڪجهڙي اهميت رکندڙ آهن، انهن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي.

 

دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ قوم هٿياربند فوج سان گڏ آهي: الطاف حسين

لنڊن (م.ڊ) متحده قومي موومينٽ قائد الطاف حسين لاهور جي گرجا گهر نتي خودڪش حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ قوم هٿياربند فوج سان گڏ آهي،  لنڊن مان جاري پنهنجي بيان ۾ الطاف حسني چيو ته يوحنا آباد جي گرجا گهرن ۾ بم ڌماڪا ان وقت ڪيا ويا جڏهن ته اتي دعائيه تقريب جاري هئي جيڪو انتهائي دردناڪ ۽ دهشتگردي جو بدترين واقعو آهي هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام ضروري آهي، معصوم ماڻهن کي عبادت دورنا بم ڌماڪا ڪري مارڻ ۽ زخمي ڪندڙ دهشتگردن ۾ انسانيت ناهي، الطاف حسين چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته دهشتگردي خلاف جاري جنگ جو رخ درست ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي خلاف جاري جنگ کي سياسي محاذ آرائي ۽ انتقامي جي ور چاڙهڻ جو عمل بند ڪري سچائي سان ملڪ ۽ قوم کي دهشتگردي کان نجارت ڏيارڻ لاءِ عملي طور تي ڪم ڪيو وڃي.

 

ملتان ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت

ملتان (م.ڊ) ملتان ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ملتان جي علائق بلال نگر ويجهو گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي ڍانچي هيٺان دبجھي 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۾ نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي 2 ٻارڙن سميت 3 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، فوت ٿيندڙن۾ 19 سالا ريحان، 3 مهينن جي ٻارڙي زينب ۽ 8 مهينن جو ٻارڙو احمد شامل آهن ريسڪيو ذريعن مطابق گهر جي ڇت ڪمزور هئڻ سبب ڪري پوليس واقعي جي حوالي سان قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

سلمان خان اڄ به منهنجي زندگي ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، ڪترينا ڪيف

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ۾ ڪترينا ڪيف جو چوڻ هو ته سلمان خان ۽ ان جو خاندان اڄ به هن جا تمام سٺا دوست ۽ انهن جي لاءِ قابلي احترام آهن، “دبنگ” ۾ ڪم کان انڪار تي ان جي ناراضگي ۽ سلمان جي ڀيڻ ارپيتا خان جي شادي جي تقريب ۾ دعوت نه ڏيڻ  جي  خبرن ۾ ڪابه سچائي نه آهي، ڪترينا ڪيف چيو ته سلمان خان انتهائي متاثر ڪندڙ شخصيت جو مالڪ آهي، سلمان خان حقيقي معنيٰ  ۾ عوامي ماڻهون آهي، ان جهڙا ماڻهون دنيا ۾ تمام گهٽ آهن، اها  ئي وجهه آهي ته هو اڄ به ان جي  ذاتي زندگي ۽ بالي ووڊ ڪيريئر ۾ انتهائي اهميت رکي ٿو، ان کا بغير فلم“ نگري” ۾ منهنجو سفر ڪڏهن به سولو نه ٿئي هان.

 

ويرات ڪوهلي پسنديده ڪرڪيٽر نه آهي، انوشڪا شرما

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره انوشڪا شرما ۽ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي دوستي جون خبرون ميڊيا تي ڇانيل هونديون آهن، پر ان جوڙي هميشه انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي،ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڀارتي مئگزين کي انٽرويو ڏيندي، بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره انوشڪا شرما جو چوڻ هو ته دوستي پنهنجي جاءِ تي آهي، پر ويرات ڪوهلي ان جو پسنديده ڪرڪيٽر نه آهي، تمام سوالن کان تنگ اچي انوشڪا شرما اهو به چيو ته ڪرڪيٽ ان جي پسنديده نه آهي، بلڪي ٽينس آهي ۽ جڏهن ويرات ڪوهلي جو ذڪر نڪتو ته انوشڪا شرما اهو چئي ڳالهه ختم ڪئي ته هو اهڙن سوالن جا جواب ڏيڻ ضروري نٿي سمجهي.

 

ماڊل ايان علي پرڏيهي ڪرنسي اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار، جوڊيشل رمانڊ تي جيل منتقل

راولپنڊي(شوبز نيوز)ملڪ جي ناليواري ماڊل ايان علي کي پرڏيهي ڪرنسي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ بينظير انٽرنيشنل ايئرپوٽ تان گرفتار ڪيو ويو ايان علي اسلام آباد کان نجي ايئر لائن جي اڏام ذريعي دبئي رواني ٿي رهي هئي پر اي ايس ايف جي ڪائونٽر تي پهچي جڏهن ان جي سامان جي تلاشي ورتي وئي ته ان جي بيگ جي خفيه خانن مان 5 لک ڊالرن کان وڌيڪ رقم هٿ ڪئي وئي جنهن تي ان کي پرڏيهي ڪرنسي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ان کانپوءِ ايان علي کي رولپنڊي جي خصوصي ڪسٽم عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ڪسٽم اختيارين عدالت کان ايان علي جي 3 ڏينهن واري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي ان دوران ايان علي جي وڪيل ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته هٿ آيل رقم ان جي موڪل جي ئي آهي عدالت ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي ايان علي کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

 

فواد خان فلاحي ادارن جي لاءِ پيسه گڏ ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبزنيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق فواد خان پاڪستان ۾ موجود فلاحي ادارن  لاءِ پيسه گڏ ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا ڏانهن  روانو ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ هو ڪئناڊا ويندو، جتي اداڪار مختلف سرگرمين جي ذريعي رقم گڏ ڪندو، ذريعن جي مطابق پاڪستاني اداڪار شوڪت خانم اسپتال ۽ لاهور جي ريسرچ سينٽر سميت مختلف فلاحي ادارن  لاءِ پيسه گڏ ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، فواد خان پنهنجي اداڪاري سان نه صرف پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مشهور آهي،پر آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ به ان جا هزارين مداح آهن، جيڪي ان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب آهن.

 

سرفراز اڄ به دوکو نه ڏنو، پاڪستان آئرلينڊ کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ جي آخري ۽ فيصلائتي گروپ ميچ ۾ سرفراز احمد جي سينچري جي مدد سان پاڪستان آئرلينڊ کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو، ايڊليڊ اوول گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙميچ ۾ آئرش ڪپتان وليم پورٽرفيلڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته آئرش ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 237 رنسون ٺاهي پويلين واپس هلي وئي جنهن جي جواب ۾ گرين شرٽس هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، اوپننگ بيٽسمين احمد شهزاد ۽ سرفراز احمد پهرين وڪيٽ تي 120 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪندي ٽيم کي سٺي شروعات فراهم ڪئي جڏهن ته شهزاد 7 چوڪن جي مدد سان 63 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جنهن کانپوءِ نئين ايندڙ بيٽسمين حارث سهيل 3 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو ڪپتان مصباح الحق ۽ سرفراز احمد ٽئين وڪيٽ تي 82 رنسون جوڙيون ئي هيون ته 208 رنسن جي مجموعي اسڪور تي مصباح الحق وڪيٽ تي پنهنجو ئي پير لڳڻ سبب آئوٽ ٿيووي ۽ هو 39 رنسون ٺاهي سگهيو، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد آئرش بالرن جي سٺي خاطر توازهه ڪئي ۽ 5 چوڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته ميگا ايونٽ ۾ گرين شرٽس طرفان اها ڪنهن به بيٽسمين جي پهرين سينچري آهي. ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي سرفراز احمد کي مين آف دي ميچ جي اعزاز سان نوازيو ويو.

 

آئرش ڪپتان جي پاڪستان خلاف شاندار سينچري

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) آئرلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان وليم پورٽرفيلڊ ون ڊي ڪيريئرجي ستين سينچري ٺاهي ورتي آهي. گذريل ڏينهن ايڊيليڊ م پاڪستان خلاف ٿيل ميچ ۾آئرش ڪپتان وليم پورٽرفيلڊ شاندار بيٽنگ جون مظاهرو ڪندي 107 رنسن جي اننگز کيڏي جنهن ۾ هڪ ڇڪو ۽ 11 چوڪا پڻ شامل هئا. اها ون ڊي ڪيريئر ۾ سندس ستين سينچري آهي