تازيون خبرون

Daily Archives: March 14, 2015

جتي به هٿيار ۽ فرار ٿيندڙ هجن اتي ڇاپا لڳڻ گهرجن: عاصمه جهانگير

لاهور(م.ڊ) سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير جو چوڻ آهي ته جتي هٿيار ۽ فرار ٿيندڙ هجن اتي ڇاپا لڳڻ گهرجن جڏهن ته ان لاءِ جوڊيشل ميجرسٽريٽ کان اجازت ورتي وڃي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحفظ پاڪستان قانون تحت ڇاپن جي ڇوٽ نه هجڻ گهرجي جتي به فرار ٿيندڙ هجن ۽ هٿيار هجن اتي ڇاپا هنيا وڃن، پر جوڊيشل ميجسٽريٽ کان اجازت وٺڻ گهرجي، هن جو چوڻ هو ته ڇاپن تي اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ جوڊيشل انڪوائري به ٿيڻ گهرجي.

 

طالبان پاڪستان جو اهم ڪمانڊر قاري شڪيل، ڊاڪٽر طارق افغان فورسز سان جهڙپن ۾ مارجي ويا

پشاور (م.ڊ) اهم طالبان ڪمانڊر قاري شڪيل حقاني ۽ ڪيپٽن ڊاڪٽر طارق علي المعروف ابوعبيده الاسلام آبادي افغانستان جي علائقي پرچائو ۾ جهڙپن دوران مارجي ويا ٻنهي جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي ذريعي گروپ جماعت الاحرار سان هو، دهشتگرد ڪمانڊر قاري شڪيل واهگا بارڊر ۽ لاهور پوليس لائنز تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي ۽ ان جو نالو آرمي پبلڪ پشاور تي حملي جي منصوبي ساز طور به سامهون آيو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته قاري شڪيل پابندي مڙهيل تحرڪي طالبان جي اڳوڻي امير حڪيم الله محسود کان اڳ مرڪزي شوريٰ جو رڪن هو جڏهن ته حڪيم الله محسود جڏهن تنظيم جو امير بڻيو ته ٻنهي ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا  ۽ قاري شڪيل کي تنظيم مان ڪڍيو ويو، ڪجهه مهينن کانپوءِ ان کي ٻيهر پابندي مڙهيل تنظيم ۾ شامل ڪيو ويو، حڪيم الله محسود جي مارجڻ کانپوءِ قاي شڪيل کي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي مرڪزيٰ شوريٰ جو امير بڻايو ويو دهشتگرد ڪمانڊر قاري شڪيل جو تعلق شبقدر جي علائقي مچني سان آهي هو حڪومت سان ڳالهيون ڪندڙ طالبان ڪميٽي جو به سربراهه رهيو، مهمند ايجنسي ۾ پاڪ فوج آپريشن شروع ڪيو ته هو افغانستان فرار ٿي ويو، مارجي ويل ٻيون دهشتگرد ڪمانڊر ڊاڪٽر طارق اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن دوران پڪتو به ويو هو پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الاحرار ڪوهاٽي چرچ ڌماڪي، ڪوهستان داسو ۾ 11 پرڏيهين جي مارجڻ جي علاوه ڪراچي ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل جي ذميواري به قبول ڪري چڪي آهي.

 

جيڪب آباد: ڪارنهن الزام هيٺ مڙس ڪهاڙيون هڻي زال ماري وڌي، گرفتار

جيڪب آباد(ڊ.ر) جيڪب آباد ويجهو دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ سلطان گبول ۾ جوابدار مڙس فقير محمد عرف سليمان ولد جند وڏو گبول پنهنجي 35 ورهين جي زال شمشاد اڄڻ کي نوجوان آچر بروهي سان ڪارنهن الزام هيٺ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪارنهن هيٺ آيل نوجوان آچر بروهي جان بچائي فرار ٿي ويو، هوڏانهن اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار فقير محمد عرف سليمان کي واقع ۾ استعمال ڪندڙ ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ مقتولڻ عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جيڪب آباد پهچائي ڇڏيو واضع رهي ته مقتول عورت جو مڙهه رات 2 وڳي کان پوسٽ مارٽم لاءِ ليڊي ڊاڪٽر جي انتظار ۾گذريل 10 ڪلاڪن کان  پيل آهي پر ليڊي ڊاڪٽر ڪو نه پهچي سگهي. پوليس جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ موجب واقعو غيرت جي نانءُ تي پيش آيو آهي جوابدار گرفتار آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون جڏهن ته هن مهل تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

 

ايم ڪيو ايم نائن زيرو تان مليل هٿيارن ۽ گرفتار دهشتگردن بابت وضاحت پيش ڪري: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته وفاقي سرڪار کي بنا ڪنهن ڪپرومائيز جي دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ گهرجن، ايم ڪيو نائين زيرو تان مليل هٿيارن ۽ گرفتار دهشتگردن بابت وضاحت پيش ڪري. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اياز لطيف پليجو جو چوڻ  هو ته عالمي قووتون ملڪ کي غير مستحق ڪرڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته دهشتگرد ڪنهن به پارٽي جا هجن، انهن خلاف بنا ڪنهن فرڪ جي ڪارروائي جاري رهنڻ گهرجن، وفاقي سرڪار کي بنا ڪنهن  ڪمپرو مائيز جيِ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ گهرجن. اياز لطيف پليجو چيو ته ايم ڪيو ايم نائين زيرو تان مليل هٿيارن ۽ گرفتار دهشتگردن بابت وضاهت پيش ڪري ۽ عوام کان معافي وٺي. اياز لطيف پليجو چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ملوث 2 جوابدار برطانيا حوالي ڪيا وڃن، سانحي بلديا جيان، 12 مئي، 22 مئي، 9 اپريل، 10 محرم، نشترپارڪ واقعن جي به جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري ڪري.

 

بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور راڪ آن ٽو لاءِ موسيقي سکندي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور راڪ آن ٽو لاءِ موسيقي سکندي ان حوالي سان هن هلڪي ڦلڪي تربيت وٺڻ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته هاڻ اها موسيقي جو ڪورس به ڪندي، شرڌا فلم راڪ آن ٽو ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي شرڌا چيو آهي ته مختلف راڪ بينڊ ۽ ان جي ميوزڪ جي مطالعي سان ان کي موسيقي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.

 

نوابشاهه ۾ فقير جي ايم مست پروازي طرفان صوفياڻي محفل منعقد

نواب شاھ:(شوبز نيوز) نواب شاھ ۾ ميخانه بيت التصوف تي دور حاضر جي صوفي صفت انسان ۽ حق صوفي ازم ورلڊ جي باني فقير جي ايم مست پروزاي جي طرفان سنڌي مهيني جي 21_شريف مولاءِ ڪائنات حضرت علي عليه اسلام جي شهادت جي نسبت جي حوالي سان صوفياڻي محفل منعقد ٿي جنهن ۾ صوفي فقير غلام رباني چانڊيو، فقير امتياز ۽ خادم حسين سميت ڪيترئن ۽ اديبن، شاعرن، صحافين، دانشورن ۽ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ ڀرپور شرڪت ڪئي، محفل ۾ حق صوفي ازم ورلڊ جي باني فقير جي ايم مست پروازي جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ طالبن عقيدمندن ۽ پيار ڪندڙن مٿس گلن جي ورکا ڪري دوهل شرنائيون وڄائي خوشي ۽ محبت وچان رقص ڪيو ۽ بعد ۾ محفل شروع ٿي جنهن کانپوءِ صوفي فنڪارن فقير غلام رباني چانڊيو، فقير امتياز ۽ خادم حسين صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا ته محفل تي وجدتاري ٿيڻ لڳو ۽ محفل ۾ شريڪ ڪيترائي نوجوان ٻڍا توڙي ٻار رقص ڪرڻ لڳا.اس موقعي تي حق صوفي ازم ورلڊ جي چيئرمين فقير جي ايم مست پروازي خطاب ڪندي چيو ته هن محفل جو مقصد انسانذات سان محبت ڪرڻ آهي ۽ هن محفل ۾ انسانذات سان محبت ڪرڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو، اسان انسانذات سان محبت ڪرڻ ئي الله تعاليٰ جي عبادت سمجھون ٿا، هن چيو ته هن دهشت گردي ۽ نسفا نفسي جي دور ۾ اهڙي محفلون ٿيڻ گهرجن ته جئين ماڻهن جو ڌيان پريشانن کان هٽي سگهي، هن چيو ته تصوف اسلام جو روح آهي ۽ ڪنهن به حوالي سان صوفي اسلام کان ٻاهر ناهن صوفين جو پيغام حق ۽ سچ جي راھ تي وٺي هلي ٿو ۽ اسلام به اهيو ئي پيغام ڏيئي ٿو هن چيو ته اسلام جي صحيح معنيٰ ۾ تبليغ الله جي اوليائن، درويشن، صوفي بزرگن پنهنجي ڪلامن ذريعي ڪئي آهي جنهن کي صرف سمجھڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن جي ڏنل درس تي عمل ڪرڻ سان دهشتگردي، انتهاپسندي جو خاتمو آڻي امن قيام ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو اهيو ئي پيغام آهي ته انسانذات سان محبت ڪيو ۽ ان سان ڀلو سلوڪ ڪيو ۽ ان کي ادب سيکاريو هي ئي عبادت آهي، هي محفل پرھ فٽي تائين پنهنجي ڀرپور اوج ۽ انگوج سان جاري رهي.

 

مشهور ڳائڻو عاطف اسلم 32 هين ۽ شريا گهوشال اڄ 31 هين سالگرهه ملهائيندا

لاهور(شوبز نيوز)جڳ مشهور ڳائڻو ۽ اداڪار عاطف اسلم اڄ پنهنجي 32 هون جنم ڏينهن ملهائي رهيا آهي،جنم ڏينهن تي عاطف اسلم مداحن کي گاني جو تحفو ڏيندو، وزيرآباد ۾ پيدا ٿيندڙ ڳائڻو عاطف اسلم جا سڃي دنيا ۾ ڪروڙين مداح آهن، ڀيگي يادين، احساس ، ماهي وي ، آنکهون سي ، جل پري عاطف اسلم جا مشهور البم آهن، بالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ عاطف اسلم جو خوبصورت آواز گونجي رهيو آهي، ڳائڻ سان گڏوگڏ عاطف اسلم ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا به جوهر ڏيکاريا آهن، تازي رليز ٿيڻ واري بالي ووڊ جي فلم “بدلا پور” جي هڪ گاني ۾ به عاطف اسلم جلوا ڏيکاريا آهن،حڪومت پاڪستان جي طرفان تمغه امتياز کٽڻ وارو عاطف اسلم فلم فئير ، لڪس اسٽائل سميت ڪيترا ئي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي. جيئن ته خوبصورت چهري ۽ مٺڙي آواز سان نوجوان نسل ۾ مقبول شريا گهوشال اڄ 31 سالن جي ٿي وئي آهي، ديوداس سان چاهتن جو سلسلو شروع ڪرڻ واري شريا گهوشال پوئتي هٽي نه ڏٺو،“ويواه” ۾ شاهد ڪپور ۽ امريتا راوء جي محنت کي شريا پنهنجي آواز سان وڌيڪ خوبصورت بڻايو، موسم حسين آهي ته انسان به خوس ٿي وڃي ٿو، عاشقي ٽو ۽ بلاڪ بسٽر ۽ فلم پي ڪي ۾ به شريا پنهنجي خوبصورت آواز جو جادو جاڳايو، لاتعداد بالي ووڊ فلمن ۾ ڳائڻ واري شريا ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ويٺي آهي.

 

مصر ۾ قومي جهنڊي جي توهين تي مشهور بيلي ڊانسر کي قيد جي سزا ٻڌائي وئي

قاهره(شوبز نيوز)مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ رهندڙ هڪ مشهور بيلي ڊانسر کي قومي جهنڊي جي توهين جي الزام ۾ جيل جي سزا کي ،منهن ڏيڻو پئجي ويو ، آرمينيا  سان تعلق رکڻ واري ان بيلي ڊانسر تي الزام آهي ته ان مصرجي ٽن رنگن ،ڳاڙهي، اڇي ۽ ڪاري رنگ  تي مشتمل قومي جهنڊي جهڙو لباس پائي هڪ تقريب  ۾ ڊانس ڪئي ، پرڏيهي ميديا مطابق ان ڊانسر جو ڪيس عدالت ۾ موڪلي ڇڏيو آهي، خوبصورت بيلي ڊانسر سوڙها ڪپڙا پائي رقص ڪن ٿيون ۽ ان جون رنگا رنگ ويڊيو ڪلپ انٽرنيٽ جي ذريعي منظر عام تي اينديون رهن ٿيون،مصري پراسيڪيوٽرز گذريل سال آگسٽ ۾ ان کي قومي جهنڊي جي توهين جي الزام ۾ وڌيڪ تفصيلات جي لاءِ گهرائي ورتو هو، ان بجيره احمر جي ڪناري تي واقع  هڪ پارٽي ۾ ڊانس ڪئي، مارچ جي شروعاتي ڏينهن ۾ مصر ۾ مشهور ان آرمينيا ڊانسر کي ان واقعي جي جاچ  لاءِ گرفتار ڪيو ويو هو، پر ان کي انهي ڏينهن 2620 ڊالرز جي ادائگي جي بدلي ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.

 

ورلڊ ڪپ 2015، انگلينڊ هٿان افغانستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست

سڊني(اسپورٽس نيوز)سڊني ۾ افغانستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون پر رانديگرن کان وڌيڪ برسات پنهنجي راند کيڏاري افغانستان 36.2 اوورن ۾ 7 وڪيٽن تي 111 رنسون ٺاهيون انگلينڊ طرفان ڪرس جورڊن ۽ روي بوپارا 2، 2 رانديگر آئوٽ ڪيا، ان دوران 3 ڀيرا برسات سبب راند کي روڪيو ويو، شفيق الله 30 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، برسات ختم ٿيڻ تي ميچ آفيشلز محدود ڪندي انگلش ٽيم کي 25 اوورن ۾ 101 رنسن جو هدف ڏنو جيڪو هن هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 18.1 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو ايلڪس هيلز 37 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، اين بيل ون ڪيري جي 35 هين هاف سينچري ٺاهي نمايان رهيو هن 52 رنسون ٺاهوين ۽ ناٽ آئوٽ رهيو انگلش ٽيم 6 گروپ ميچن ۾ ٻئين فتح حاصل ڪئي جڏهن ته ورلڊ ڪپ ڊيبيو ڪندڙ افغانستاني ٽيم ايونٽ ۾ صرف هڪ ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي.

 

آئرلينڊ خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم ۾ 2 تبديلين جو امڪان

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز)آسٽريليا جي شهر ايڊليڊ ۾ پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندڙ اهم ميچ ۾ قومي ٽيم ۾ 2 تبديلين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ذريعن مطابق ايڊليڊ جي وڪيٽ اسپنرن لاءِ سازگار هئڻ جي ڪري هڪ فاسٽ بالر جي جاءِ تي اسپنر ياسر شاهه کي موقعو ڏئي سگهجي ٿو جڏهن ته عمر اڪمل جي جاءِ تي حارث سهيل کي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته پليئنگ اليون جي حتمي وڪيٽ ڏسي ڪيو ويندو.