تازيون خبرون

Daily Archives: March 13, 2015

نائن زيرو ۾ ڪو به نوگو ايريا ناهي، ڊي جي رينجرز جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين نائين زيرو بابت ڊي جي رينجرز جي بيان کي ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته نائين زيرو ۾ ڪو به نوگو ايريا ناهي، ڪورڪمانڊر جو بيان به حقيقتن تي ٻڌل ناهي. لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نائين زيرو جي آسپاس ڪو به نوگو ايريا ناهي، ڊي جي رينجرز جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته نائين زيرو جي ڀرپاسي واري هر گهر ۾ الڳ الڳ ڪٽنب رهي ٿو، نائين زيرو کي نوگو ايريا ڪوٺڻ وارو ڊي جي رينجرز جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. الطاف حسين چيو ته ڪورڪمانڊر ڪراچي جو اهو بيان به حقيقت تي ٻڌل ناهي ته ڪراچي ۾ آپريشن اڻ ڌريو ۽ ايمانداري سان ٿي رهيو آهي. هن ڪورڪمانڊر کان سوال ڪيو ته اوهان جي 68 سالن جي بيوهه ڀيڻ جي گهر تي ڇاپو هنيو وڃي ته اوهان جي دل تي ڇا گذرندي؟ اوهان جي جواب جو انتظار رهندو.

 

نائن زيرو تي ڪارروائي گهڻو وقت اڳ ٿيڻ گهرجي ها: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق سينيٽ جي ميمبر جي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هو سينيٽ ۾ محروم ۽ مظلوم طبقن جي نمائندگي ڪندو ۽ اهڙو طبقن جو آواز ايوان ۾ اٿاريندو، جن جي آواز کي اڳ ۾ ڪڏهن به ايوان ۾ نه ٻڌو ويو آهي. حلف برداري تقريب کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته هو عهد ٿو ڪري پاڪستان جي مظلوم ۽ محروم طبقن جو آواز اٿاريندو ۽ هارين، مزدورن، ريڙهو هلائيندڙن،رڪشو هلائي روزي ڪندڙن، ٽانگي وارن ۽ شاگردن جي نمائندگي ڪندو. هن چيو ته سيد شبلي فراز کي پي ٽي آءِ ڊپٽي چيئرمين جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو آهي، جنهن جي هو به تائيد ڪري رهيا آهن.

 

عهد ٿو ڪريان ته پاڪستان جي مظلوم طبقي جو آواز سينيٽ ۾ اٿاريندس: سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق سينيٽ جي ميمبر جي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هو سينيٽ ۾ محروم ۽ مظلوم طبقن جي نمائندگي ڪندو ۽ اهڙو طبقن جو آواز ايوان ۾ اٿاريندو، جن جي آواز کي اڳ ۾ ڪڏهن به ايوان ۾ نه ٻڌو ويو آهي. حلف برداري تقريب کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته هو عهد ٿو ڪري پاڪستان جي مظلوم ۽ محروم طبقن جو آواز اٿاريندو ۽ هارين، مزدورن، ريڙهو هلائيندڙن،رڪشو هلائي روزي ڪندڙن، ٽانگي وارن ۽ شاگردن جي نمائندگي ڪندو. هن چيو ته سيد شبلي فراز کي پي ٽي آءِ ڊپٽي چيئرمين جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو آهي، جنهن جي هو به تائيد ڪري رهيا آهن.

 

ٽنهي خانز بالي ووڊ ۾ طوفان مچائي ڇڏيو آهي: اميتاب بچن

ممبئي(شُوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق اميتاب بچن ڀارتي فلم نگري تي راڄ ڪرڻ واري شاهه رخ خان، سلمان خان، ۽ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي تعريف ڪندي چيو ته شاهه رخ خان  جو عزم قابل تعريف آهي، جڏهن ته عامر خان بهترين صلاحيتن سان مداحن کي خوب لطف اندوز ڪري ٿو، جڏهن ته دبنگ خان جي باري ۾ چيو ته فلمن ۾ ان جو شاندار ڪيريئر ان جي صلاحيتن جو سبب آهي، اميتاب بچن جي مطابق ٽنهي اداڪارن بالي ووڊ انڊسٽري ۾ ان وقت پير پاتو جڏهن عوام سينيما مان بيزار هئي ۽ انهن خانز پنهنجي اداڪاري جي ذريعي نه صرف سينيما گهرن تي رونقون بحال ڪيو، پر بهترين اداڪاري جي سبب پنهنجن مداحن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ڇڏي.

 

هالي ووڊ اداڪار جوني ڊيپ فلم جي شوٽنگ دوران زخمي

ڪوئنزلينڊ(شوبز نيوز)پائريٽس آف دي ڪيرئيبين Pirates of the caribnean  جي اسٽار جاني ڊيپ سيريز جي پنجي فلم جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ آسٽريليا ۾ موجود هو، جتي جوني ڊيپ جو هٿ زخمي ٿي پيو، آسٽريلوي ميڊيا جي مطابق جوني ڊيپ هٿ جي سرجري جا لاءِ واپس آمريڪا هليو ويو، آسٽريلوي حڪومت ڪوئنز لينڊ ۾ ان فلم جي پروڊڪشن جي حفاظت جي لاءِ 2 ڪروڙ 16 لک ڊالر جي  رقم مقرر ڪئي آهي، ايڪشن فلم 2 جولائي 2017ع ۾ رليز ٿيندي.

 

بالي ووڊ فلم “بروڪن هارسز” جو نئو ن ٽريلر ممبئي ۾ جاري

ممبئي(شوبز نيوز) پروڊيوسر وڌو ونود چوپڙا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم   ٻن ڀائرن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي پهرين هڪ ٻئي تي جان قربان ڪندا آهن ۽ پوءِ هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پون ٿا، ٻن ڀائرن جي پيار، محبت ۽ دشمني جي  داستان تي ٻڌل بالي ووڊ فلم“بروڪن هارسز” جو نئون ٽريلر ممبئي ۾ لانچ ڪيو ويو آهي، تقريب ۾ سپر اسٽار اميتاب بچن ۽ عامر خان به شريڪ ٿيا، ايڪشن سان ڀرپور فلم هلندڙ سال اپريل ۾ سينيما گهرن جي زينت بڻجدي.

 

“پي ڪي” سان جنهن جي به دل آزاري ٿي آهي ته معافي گهران ٿو، عامر خان

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلم “ پي ڪي” جي شوقينن جي وڏي تعداد ان کي پسند ڪيو آهي پر هو ذاتي طور تي فلم کي محسوس ڪن ٿا، جيڪڏهن فلم سان ڪنهن به ماڻهون کي رنج رسيو آهي، ته اهو سٺو عمل نه آهي، ان فلم جي ٺاهڻ جو مقصد اهو نه آهي  ۽ نه ئي ڪنهن جي مذهبي اقدار جو ،مذاق ڪرڻ چاهيان ٿو، عامر خان چيو ته هو سمجهن پيا ته “پي ڪي” کي ڏسندڙن پسند ڪندا، پر انهن کي فلم جي اهڙي ڪاميابي جي توقع نه هئي، واضع رهي ته عامر خان جي “ پي ڪي” کي ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ 500 ڪروڙ کان به وڌيڪ بزنس ڪرڻ واري بالي ووڊ جي پهرين فلم جو اعزاز حاصل آهي.

 

ڏکڻ آفريڪا يو اي اي کي هارائي ڪوارٽر فائنل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز)ڏکڻ آفريڪا يو اي اي کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 146 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ان ڪاميابي کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا ڪوارٽر فائنل ۾ پنهنجي سيٽ پڪي ڪري ورتي آهي پروٽيز پهريان کيڏند ي341 رنسون ٺاهيون، اي بي ڊويليئرز 99 رنسن تي ڪيچ آئوٽ ٿي نروس نائنٽيز جو شڪار ٿيو، روسو 43، ملر 49 ۽ فرحمان بهاردين جارحاڻي بيٽنگ جندي 33 بالن تي 64 رنسون ٺاهيون، يو اي اي طرفان مهمد نويد 3 وڪيٽون وٺي نمايان بالر رهيو، هدف جي حاصلات ۾ يو اي اي جي ٽيم 9 وڪيٽن تي 195 رنسون ٺاهي سگهي، شيمان انور 39، امجد علي 21 ۽ سواپنل پاٽل 57 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا، ڏکڻ آفريڪا طرفان فلينڊر، مورڪل ۽ ڊويليئرز 2،2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته اسٽين، ڊوميني ۽ عمران طاهر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، فهد الهاشمي زخمي ٿيندڙ سبب بيٽنگ نه ڪري سگهيو اي بي ڊويليئرز کي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ  تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

 

روز ٽيلر کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 5 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 34 رنسون گهربل

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي نالي واري بيٽسمين روز ٽيلر چيو آهي ته هو ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پول اي جي پهين ۽ آخري ميچ ۾ ون ڊي ڪيريئر جون پنج هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي پول اي جي اهم ميچ 13 مارچ تي هيلمٽن ۾ کيڏي ويندي، ميگا ايونٽ ۾ شامل ٻنهي ٽيمن جي اها ڇهين ۽ آخري ۽ پول ميچ هوندي ۽ ٻئي ٽيمون اڳ ئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن، روز ٽيلر کي ون ڊي ڪيريئر جون 5 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 34 رنسون گهربل آهن، هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ چوٿون ڪيوي بيٽسمين بڻجي ويندي، ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ٽيلر هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف ميچ ۾ اهو اعزاز حاصل ڪري وٺندو.

 

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ) ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ) جمعي تي ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو، ميگا ايونٽ ۾ جمعي تي کيڏجندڙ ميچ ۾ پول اي ۾ شامل ٽيمون نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش هيملٽن ۾ آمهون سامهون ٿينديون، ٻين ميچ افغانستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي، تفصيل موجب 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ جاري آهن، ميگا ايونٽ ۾ (اڄ) جمعي تي پول اي جي اهم ميچ نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ هيملٽن ۾ کيڏي ويندي، اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت موجب صبح 6 وڳي شروع ٿيندي، ٻين ميچ افغانستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي، اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت موجب صبح جو 8 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي.