تازيون خبرون

Daily Archives: March 12, 2015

نائن زيرو تي رينجرز جي ڇاپي جو الزام ن ليگ تي لڳائڻ افسوس جي قابل آهي: راجا ظفرالحق

اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ راجا ظفرالحق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رينجرز جي ڇاپي جو الزام مسلم ليگ ن تي لڳائڻ افسوس جي قابل آهي رينجرز طرفان ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپي تي ردعمل جو اظهار ڪندي راجا ظفرالحق چيو ته مسلم ليگ ن جو رينجرز جي ڇاپي سان ڪوبه تعلق ناهي، ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ٽارگيٽيڊ آپريشن بنا فرق جاري آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن طرفان اهڙي صورتحال ۾ سياسي بالغ نظري جو مظاهرو ڪرڻ بجاءِ ڇاپي جو الزام مسلم ليگ ن لڳائڻ افسوس جي قابل آهي.

 

موجوده حڪومت 2017ع تائين بجلي جي بحران تي ضابطو آڻيندي: خواجه آصف

حيدرآباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته 2017 تائين موجوده حڪومت بجلي جي بحران تي ضابطو آڻي ڇڏيندي ۽ هائيڊل پاور کان علاوه سولر ۽ ونڊ پروجيڪٽ مان 7 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي سگهندي, جنهن سان بجلي جي تمام گهرجن تي ضابطو آڻي سگهبو .ان کان علاوه ايل اين جي منصوبي ذريعي پڻ بجلي کوٽ تي ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته اسان جي اها ڪوشش آهي ته ڪراچي کان پشاور تائين ۽ ملڪ جي ٻين علائقن مان بجلي جي بحران تي ضابطو آڻجي جڏهن ته طلب ۽ رسد ۾ توازن رکي سگهجي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن جهمپير ضلعي ٺٽي ۾ هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ واري 49.5 ميگاواٽ منصوبي جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٿري گورجيس ڪمپني 50 -50 ميگاو اٽ جا 2 _ پروجيڪٽ ٻن سالن ۾ مڪمل ڪندي جڏهن ته ڪمپني 4 هائيڊل بجلي منصوبا درياهه جهلم تي شروع ڪري رهي آهي، جن تي ڪم جون 2015 کان شروع ٿي ويندي. اهڙي طرح ڪمپني وٽ 3300 ميگاواٽ جا بجلي جا منصوبا پائيپ لائين ۾ آهن. هن ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته ڪمپني جيڪو 49.5 ميگاواٽ بجلي جو منصوبو مڪمل ڪيو آهي ان جي ٽيڪنالاجي به اسانکي منتقل ڪئي وئي آهي. هن پاڪ – چين دوستي کي هڪ مثالي قدم قرار ڏيندي چيو ته پاڪ چين زندگي جي هر شعبي ۾ هڪٻئي سان گڏ آهن. هن ٻڌايو ته وزير اعظم محمد ميان نواز شريف اڄ نوري آباد ۾ ڪراچي – حيدرآباد موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، جنهن سان ترقي جي سفر ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو. هن اميد ڏيکاري ته بجلي جا منصوبا پورا ٿيڻ سان پاڪستان معاشي ترقي ڏانهن گامزن ٿيندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناڻي سيد مراد علي شاهه چيو ته بجلي جا منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ معاشي ترقي کي هٿي ملندي جنهن سان ماڻهن کي روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا حاصل ٿيندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ڄاڻايل منصوبو پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. صوبائي وزير سنڌ حڪومت طرفان بجلي جا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ٿري گورجيس ڪمپني جي چيئرمين مسٽر لوچن پروجڪيٽ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ٿري گورجيس فرسٽ ونڊ فارم پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ پاران شروع ٿيندڙ 49.5 ميگاواٽ ونڊ پاور پروجيڪٽ اينڊ سي ايس سي اِي سي ونڊ پاور ايڪويپمينٽ پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ ونڊ ٽاور مينئو فيڪچرنگ فيسليٽي 130.279 ملين ڊالر جي لاڳت آئي آهي ۽ اهو منصوبو ٻن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 1150 ايڪڙ ايراضي تي 33 ونڊ ٽربائين لڳايا ويندا جنهن ۾ 80 ميٽر ڊگهو هر ٽربائين 1.5 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سندس ڪمپني بجلي پيدا ڪرڻ جي ٻين منصوبن تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جي شروعات جون 2015 کان ٿيندي. هن چيو ته پاڪ – چين دوستي مثالي آهي ۽ اسانجي ڪمپني پاڪستان جي ترقي لاءِ سنجيدگي سان ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان ۾ بجلي جي لوڊشينڊنگ جلد ختم ٿي ويندي ۽ ملڪ ترقي ڪندي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته پاڪ – چين دوستي هڪ لينڊ مارڪ ۽ ترقي جو سفر آهي، جنهن سان ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي. بعد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو ته بجلي جا چور جلوس ڪڍي رهيا آهن ته بجلي جي چوري کي قانوني قرار ڏنو وڃي. ان صورتحال ۾ ميڊيا کي پنهنجي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ کين ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻي پوندي ته ڪير چور آهي ۽ ڪير بجلي چوري ۾ ملوث آهي. ان سلسلي ۾ ميڊيا کي گهرجي اهي انهن علائقن ۾ وڃي صورتحال جو جائزو وٺن ۽ حڪومت جو ساٿ ڏين. ان موقعي تي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته جتي به ونڊ پاور، ٿرمل پاور يا هائيڊرل پاور جا منصوبا لڳايا ويا آهن اتي مقامي ماڻهن کي ضرور شامل ڪيو ويندو ۽ انهن علائقن ۾ سموريون گهربل سهولتون ۽ روزگار پڻ فراهم ڪيو ويندو جنهن سان سندن معيار زندگي بهتر ٿيندي.

 

ڊيرا بگٽي ويجهو سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 7 خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا

ڊيره بگٽي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊيرا بگٽي ويجهو سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ست خطرناڪ قسم جا دهشتگرد مارجي ويا آهن، ايف سي ترجمان چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ گيس پائيپ لائين تي حملن ۾ ملوث هئا. سڪيورٽي فورسز ڊيرا بگٽي ويجهو پيرڪوهه جي علائقي حيدري نالي وٽ ڇاپو هنيو ته هٿياربندن ايف سي تي فائرنگ  ڪري ڏني. ايف سي ترجمان موجب،  اهلڪارن پاران اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران 7 ڏوهاري مارجي ويا. ايف سي جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ مارجي ويل دهشتگرد ايف سي تي حملن ۽ گئس پائيپ لائينز کي تباهه ڪرڻ وارين مختلف ڪارروائين ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا. ترجمان موجب، ڪارروائي دوران 30 ڪلو ڌماڪيدار مواد، 20 بارودي سرنگهون، 30 ڊيٽو نيٽر، 4 لائيٽ مشينون ۽ هڪ راڪيٽ هٿ ڪيو ويو.

 

نائين زيرو تي ڇاپي ۽ گرفتارين خلاف مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند، احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) ايم ڪيو ايم جي سڏ تي پارٽي مرڪز نائين زيرو تي رينجرز چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند کيو ويو، جڏهن ته ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرا ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون.. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروبار، تعليمي ادارا، پيٽرول پمپس ۽ ٽرانسپورٽ بند رهي، جڏهن ته ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا… حيدرآباد ۾ متحده جي سڏ تي شهر جا مک ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، ٽاور مارڪيٽ، ڪلاٿ مارڪيٽ، نئين پل ۽ لنڊا بازار ۽ ٻيا علائقا بند رکيا ويا، ڪارڪنن طرفان احتجاج پڻ ڪيو ويو… ايم ڪيو ايم جي ھيڊ ڪواٽر نائين زيرو تي رينجرز جي سرچ آپريشن خلاف ايم ڪيو ايم جي سڏ تي نواب شاھ ۾ مڪمل طور شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، هڙتال سبب شهر جا مک ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا.. ميرپورخاص ۾ متحده ڪارڪن نائين ذيرو تي رينجرز جي چڙهائي خلاف روڊن تي نڪري آيا، جڏهن ته مڇريل ڪارڪنن هوائي فائرنگ پڻ ڪئي جنهن سبب سمورا ڪاروباري مرڪز بند ٿي ويا. سکر ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪاروبار بند ڪرايو.. ٽنڊو الهيار ۾ ايم ڪيو ايم جي سڏ تي مختلف علائقن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو.. ٽنڊي آدم ۾ ايم ڪيو ايم جي سڏ تي مختلف علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند ڪيا ويا، جڏهن ته ٽرئفڪ پڻ معمول کان گهٽ رهي.

 

سوشانت سنگهه جي نئين فلم ڊيٽيڪٽو بيوم ڪيش بڪشي جو ٻيو ٽريلر جاري

ممبئي(شوبز نيوز)هدايتڪار Dibakar Banerjee  جي سنسني سان ڀرپور فلم جي ڪهاڻي بنگالي ليکڪ جي ٻن ناولن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 1940ع جي دوران ڪلڪته جون حالتون ڏيکاريون ويون  آهن، ڪرائيم مووي ۾ سوشانت سنگهه راجپوت اهم ڪردار ۾ نظر ايندو، فلم 3 اپريل تي سينيما گهرن جي زينت بڻجدي.

 

فلم ”سين اينڊرياس“ جو ٽريلر جاري، شوقينن جا هوش اڏائي ڇڏيا

لاس اينجلس(شوبز نيوز)هالي ووڊ سپر اسٽار ڊوائن جانسن فلم ۾ هيليڪاپٽر جي پائليٽ جو ڪردار نڀايو آهي، جيڪو ڪيليفورنيا ۾ تباه ڪندڙ زلزلي کان پوءِ پنهنجي گهر واري جي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، دل دهلائڻ وارن منظرن سان ڀرپور فلم سين اينڊرياس جو هدايتڪار  براڊ پيٽن آهي، ايڪشن ايڊونچر فلم 29 مئي تي آمريڪا ۾ رليز ٿيندي.

 

شاهد آفريدي ڀارتي ٽي وي پروگرام ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ٽي وي جي مشهور ريئلٽي شو “ نچ بلئي ” جي سيزن 7 جي شروعات ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن باقي آهن ۽ شو جي ريٽنگ وڌائڻ ۽ ڏسندڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ دنيا جي مشهور شخصيتن کي گهرائڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي لاءِ شو جي انتظاميه پنهنجي ريٽنگ وڌائڻ لاءِ قومي ٽيم جي اسٽار آل راوءنڊر شاهد آفريدي کي به ان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، شاهد آفريدي شو ۾ وڃڻ جو راضپو ظاهر ڪيو بعد ۾ ان کي شو جي ٿيم جي باري ۾ ٻڌايو ويو جنهن ۾ “زال” سان گڏ گاني تي ڊانس شو جو اهم حصو هو، جنهن کان پوءِ شاهد آفريدي شو جي ان شرط کي رد ڪندي پروگرام ۾ وڃڻ کان معذرت ڪئي ۽ ٽوڪيندڙ جملن ۾ چيو ته “ زال کي نچائڻو ناهي” شاهد آفريدي جي انڪار کان پوءِ شو جي انتظاميه ان کي راضي ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

 

ننڍپڻ کان ئي شاهد ڪپور کي تمام گهڻو پسند ڪندي آهيان، عاليه ڀٽ

ممبئي(شوبز نيوز): عاليه ڀٽ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته شاهد ڪپور جي پهرين فلم “ عشق وشق” رليز ٿي ته هو صرف 10 سالن جي هئي  پر فلم ۾ شاهد ڪپور جي اداڪاري ان کي تمام گهڻي  پسند آئي، هو اڄ به ان جي تمام وڏي مداح آهي، ان جو چوڻ آهي ته فلم نگري ۾ قدم رکڻ کان پوءِ ان  جي هميشه خواهش هئي ته هو شاهد ڪپور سان گڏ ڪم ڪري جيڪا “شاندار” جي ذريعي پوري ٿيندي، عاليه ڀٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته شاهد ڪپور سان گڏ ڪم ڪري ان کي خبر پئي ته هو اداڪار سان گڏو گڏ هڪ سٺو انسان به آهي“شاندار” ۾ ڪم ڪرڻ سان پهرين گهٻرائي رهي هئس پر شاهد ڪپور تمام گهڻو تعاون ڪيو، جنهن جي ڪري هي فلم ان جي لاءِ تمام يادگار ٿي وئي آهي .

 

سريلنڪا هٿان اسڪاٽلينڊ کي 148 رنسن تان شڪست

هوبارٽ(اسپورٽس نيوز)سريلنڪا اسڪاٽلينڊ کي 148 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي سريلنڪا هوبارٽ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پهريان کيڏندي 363 رنسون ٺاهيون سنگاڪارا ۽ دلشان شاندار بيٽنگ ڪندي سينچريون ٺاهيون سنگاڪارا 124 رنسن جي اننگز کيڏندي ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل 4 سينچريون اسڪور ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، دلشان به 104 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي اسڪاٽلينڊ طرفان ڊيوي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، ايونز ۽ بيرنگٽن 2، 2 7 ٽيلر ۽ ميچن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي  هدف جي حاصلات ۾ اسڪاٽلينڊ جي ٽيم 215 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ڪولمين 70 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، مومسين 60 رنسن جي اننگز کيڏي، سريلنڪا طرفان ڪولاسيڪرا 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، ملنگا ۽ چيمارا 2،2 وڪيٽون ورتيون پريرا ۽ دلشان جي خاطي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي.

 

ورلڊ ڪپ ۾ سنگاڪارا مسلسل 4 سينچريون ٺاهيندڙ پهريون بيٽسمين بڻجي ويو

هوبارٽ(اسپورٽس نيوز)سريلنڪا جي بيٽسمين سنگاڪارا ون ڊي انٽرنيشنل ۽ ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل 4 سينچريون ٺاهيندڙ پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي هوبارٽ ۾ ٿيندڙ سريلنڪا ۽ اسڪاٽلينڊ وچ ۾ پول ميچ ۾ سرلينڪا جي اڳواڻي ڪپتان ڪمار سنگاڪارا ورلڊ ڪپ جي پنهنجي چوٿين سينچري ٺاهي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پهريون بيٽسمين بڻجي ويو اهي جنهن ون ڊي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ مسللس 4 سينچرين جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪرڻ وارو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي ياد رهي ته ان کان اڳ سگاڪارا بنگلاديش خلاف 105، انگلينڊ خلاف 117 ۽ آسٽريليا خلاف هن 104 رنسن جي اننگز کيڏي.