تازيون خبرون

Daily Archives: March 11, 2015

تحريڪ انصاف جي اميدوارن سينيٽ چونڊن ۾ ڪروڙين رپين جي آڇ رد ڪري ڇڏي:عمران خان

چڪدره (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پِي ٽِي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اين اي 122 جو معاملو نادرا وٽ آهي، جنهن ۾ حقيقتون سامهون اچي وينديون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سندن اميدوارن سينيٽ چونڊن ۾ پئسو نه هلائڻ ڏنو جيڪا وڏي تبديلي آهي. چڪدره ۾ وڻڪاري مهم جي افتتاح دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سڄي قوم ڏٺو ته هڪ جماعت جنهن پهريون ڀيرو سينيٽ چونڊن ۾ حصوورتو ان جي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ اميدوارن کي ڪروڙين رپين جي آڇ ڪئي جنهن کي هنن رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي تڪ 122 جي ووٽن جي تصديق وارو معاملو نادرا وٽ هليو ويو آهي جنهن بعد حقيقتون سامهون اچي وينديون. عمران خان چيو ته رضا رباني جي سينيٽ چيئرمين طور نامزدگي بابت پارٽي مشاورت کان پوءِ ڪنهن قسم جو تبصرو ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ 15 ارب رپيا وڻ ڪــَٽڻ لاءِ خرچ ڪيا پيا وڃن جڏهن ته خيبر پختون خواهه ۾ 15 ارب رپين جي لاڳت سان هڪ ارب ٻوٽا پوکيا پيا وڃن جنهن سان مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو.

 

غازي رشيد قتل ڪيس: مشرف جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي مقامي عدالت،غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ايڊيشنل سيشن جج اسلام آباد واجد علي، غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پر پرويز مشرف هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت ۾ پيش نه ٿيو. عدالت، ڌرين جا دليل ٻـُڌڻ بعد اڳوڻي صدر پرويز مشرف طرفان کيس حاضري کان آجو قرار ڏيڻ ۽ عدالتي اختيارن جي دائري بابت داخل درخواستون رد ڪندي سندس ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 اپريل تي ٿيندي. ياد رهي ته 2007ع ۾ اسلام آباد جي لال مسجد ۽ ان سان لاڳاپيل حفصه مدرسي ۾ سڪيورٽي فورسز آپريشن دوران نائب خطيب غازي عبدالرشيد ۽ سندس والده سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا.

 

سجاول ويجهو ڪار ڪلٽي، فشر فوڪ فورم جو چيئرمين محمد علي شاهه سخت زخمي، سندس گهر واري فوت

سجاول (نمائندو) سجاول ويجهو ڪار ڪلٽي ٿيڻ جَي نتيجي ۾ زخمي ٿيل فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه کي سول اسپتال ٺٽي منتقل ڪيو ويو، سندس فوت ٿي ويل گهر واري طاهره علي جو مڙهه ابراهيم حيدري نيو پيو وڃي. فشر فوڪ فورم جو چيئرمين محمد علي شاهه، گهر واري طاهره علي ۽ فشرفوڪ فورم جي مرڪزي اڳواڻ زليخا سان گڏ ٺٽي کان بدين وڃي رهيا هئا ته سجاول ڀرسان ديوان شگر مل وٽ موٽر سائيڪل کي بچائيندي سندن ڪار ڪلٽي ٿي پئي.  حادثي جي نتيجي ۾ طاهره علي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته محمد علي شاهه، سماجي ڪارڪن زليخا ۽ ڊرائيور غلام حسين زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ زخمي ٿيل فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه کي ايمبولينس ذريعي ٺٽي جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. حادثي ۾ فوت ٿي ويل سندس گهرواري طاهره علي جو مڙهه ابراهيم حيدري واري رهائشگاهه پهچايو پيو وڃي، جتي تڏو به وڇايو ويو آهي. حادثي ۾ زخمي ٿيل فشر فوڪ فورم جي مرڪزي اڳواڻ زليخا ۽ ڊرائيور غلام حسين کي سجاول جي اسپتال ۾ مرهم پٽي ڪري فارغ ڪيو ويو.

 

ڪراچي ۾ دهشتگردن جو رينجرز سان مقابلو، ٽي ٽي پي سنڌ جي امير سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سرجاڻي ٽائون ۾ رينجرز ۽ پوليس دهشتگردن خلاف گڏيل سرچ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران دهشتگردن سيڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي سميت 3 دهشتگرد فرار ٿي ويا. رينجرز ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سنڌ جو امير عابد ڇوٽو به شامل هو. دهشتگردن جي قبضي مان آپگهاتي جيڪبٽ ۽ دستي بم به هٿ ڪيا ويا. دهشتگرد ڪراچي ۾ تخريبڪاري جي وڏي ڪارروائي جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.

 

سونم ڪپور پاڪستاني هيرو فواد خان جي ديواني نڪتي

ممبئي(شوبز نيوز)سونم ڪپور پاڪستاني چاڪليٽي هيرو  فواد خان جي ديواني نڪتي هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن سان محبت ٿي ته اهو فواد خان ئي هوندو فلم خوبصورت ۾ گڏ ڪم ڪري سونم ڪپور فواد خان جي دواني بڻجي وئي بهترين ڊيبيو جو فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪندڙ فواد خان جي باري ۾ سونم ڪپور چيو ته ان جي خوش مزاجي شاندار آهي، هو تمام گهڻو باادب، مهذب ۽ نرم دل آهي پنجابي لهجي ۾ خوبصورت پنجابي ڳالهائي ٿو، سونم ٻڌايو ته فواد کي مٺائي منع آهي ان جي باوجود هو ان کي سيٽ تي تمام گهڻي مٺائي ۽ چاڪليٽ کارائيندي هئي.

 

پيرس فيشن شو ۾ نت نوان لباس نمائش جي لاءِ پيش

پيرس(شوبز نيوز)پيرس ۾ ٿيڻ واري فيشن شو ۾ هڪ طرف گهرن رنگن جا لباس پنهنجي بهار ڏيکاري رهيا هئا ته ٻئي طرف جديد ٽيڪنالوجي سان سجيل اسٽيج ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي، رنگ به رنگي روشنين سان سجيل ريمپ جا مختلف انداز بدلجندا رهيا،جيئن ئي پرڪشش لباسن سان گڏ ماڊلز ريمپ تي جلوه گر ٿيون ته ماحول بدلجي ويو، شو ۾ مشهور فرانسيسي برانڊ ڪينذو جي نت نئي لباس جي نمائش جي لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن جو ٿيم “ جهنگ جو رنگ” هو، پيرس فيشن جو هفتو 11 مارچ تائين جاري رهندو.

 

فواد خان هاڻ ويرات ڪوهلي جو ڪردار ادا ڪندو

ممبئي(شوز نيوز) بالي ووڊ نگر ي ۾ شهرت حاصل ڪندڙ پاڪستاني اداڪار فواد خان هاڻ نئين فلم ۾ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جو ڪردار ادا ڪندو ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ ڊائريڪٽر نيرج پانڊي ڀارتي ٽيم جي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ فواد خان کي ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ فواد خان ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جو ڪردار نڀائيندي نظر ايندو جڏهن ته فلم جي ٻين اداڪارن ۾ تيليگو اسٽار رام چرن تيجا، جان ابراهم، آفتاب شوڌساني ۽ عاليه ڀٽ شامل آهن.

 

ممبئي هاءِ ڪورٽ دپيڪا پڊوڪون جي گرفتاري 16 مارچ تائين روڪي ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) ممبئي هاءِ ڪورٽ تڪراري ڪاميڊي شو اي آءِ بي روسٽ ۾ شرڪت ڪرڻ تي دپيڪا جي گرفتاري 16 مارچ تائين روڪي ڇڏي تڪراري شو ۾ شرڪت سبب دپيڪا خلاف پونا ۽ ممبئي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي دپيڪا جي وڪيل ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ وضاحت پيش ڪندي چيو ته دپيڪا شو ۾ حصو ناهي ورتو هوءَ صرف تماشائي طور تي شريڪ هئي، جيڪو ڪو ڏوهه ناهي، عدالت عذر قبول ڪندي اداڪاره جي گرفتاري 16 مارچ تائين روڪي ڇڏي تڪراري اي آءِ بي روسٽ ۾ ڪرن جوهر، ارجن ڪپور ۽ رنوير سنگهه حصو ورتو هو انهن ٽنهي مبينا طور تي غلط زبان جو استعمال ڪيو هو.

 

ورلڊ ڪپ 2015ع، ڀارت آئرلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

هيملٽن(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي گروپ بي جي ميچ ۾ ڀارت آئرلينڊ کي 8 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو نيوزيلينڊ جي سڊن پارڪ هيملٽن ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ آئرلينڊ جي ٽيم ڀارت خلاف 49 هين اوور ۾ 259 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آئرش اوپنر ٽيم کي 89 رنسن جي سٺي شروعات فراهم ڪئي پر ان کانپوءِ آئرلينڊ جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون ۽ نائل اوبرائن کان علاوه ڪوبه بيٽسمين ڀارتي بالرن جو ڄمي مقابلو نه ڪري سگهيو نائل اوبرائن 75 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته وليم پورٽر فيلڊ 67، پول اسٽرلنگ 42 ۽ اينڊريو بيلبرائن 24 رنسن جي اننگز کيڏي ڀارت طرفان محمد شامي 3، روي چندرن اشون 2 جڏهن ته اميش يادو، سريش رائنا، موهت شرما ۽ رويندرا جڊيجا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي ڀارت 260 رنسن جو هدف 37 هين اوور ۾ آساني سان 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو هدف جو پيڇو ڪندي ڀارتي اوپنرز روهت شرما ۽ شکر ڌون جارحاڻي بيٽنگ ڪئي ۽ ڪنهن به آئرش بالر کي کاتي ۾ نه آڻي 174 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي روهت شرما 66 بالن ۾ 64 رنسن جي اننگز کيڏي اسٽوئرٽ ٿومسن جي بال تي بولڊ ٿيو جڏهن ته شکر ڌون جارحاڻي انداز ۾ بيٽنگ ڪندي ورلڊ ڪپ جي ٻئين سينچري اسڪور ڪئي ۽ 85 بالن ۾ 100 رنسون ٺاهي ٿومسن ئي جي بال  تي ڪيچ آئوٽ ٿيو ڀارت جي ٻنهي اوپنرن جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ويرات ڪوهلي ۽ اجنڪيا رهاني ٽيم جي اسڪور کي اڳتي وڌايو ۽ 37 هين اوور ۾ ٽيم کي ڪاميابي تائين پهچايو، ويرات ڪوهلي 44 ۽ اجنڪيا رهاني 33 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، بهترين بيٽنگ تي شکر ڌون کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

 

“تعليم يافته ۽ غير تڪراري” چيف سليڪٽر جي ڳولا شروع

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) “ ڪسينو تڪرار” جي سبب معين خان کي ڪجهه ڏينهن پهرين ورلڊ ڪپ مهم ڇڏي وطن واپس اچڻو پيو، هي ان جي آخري اسائنمينٽ هئي، پر هن کي برطرف ڪيو يو،ان لاءِ بورڊ جي حڪم تي چپ رهيو، پر ڀارت جي روانگي کان ڪجهه پهرين چيئرمين شهريار خان پنهنجي دوستن سان گڏ ان حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو، انهن کي هن پنهنجي واپسي تائين مختصر فهرست تيار ڪرڻ جي هدايت ڏئي ويو آهي، ان حوالي سان واحد شرط اميدوار جو  تعليم يافته ۽ غير تڪراري هجي، ڪجهه آفيشلز مطابق ڪنهن نئي چهري کي آڻڻ چاهن ٿا، پر انهن کي اڄان تائين اهڙو ڪو به اميدوار نظر ناهي آيو. محسن حسن خان ۽ وسيم باري مان ڪنهن به هڪ جي عهدي سنڀالڻ جا امڪان آهن.