تازيون خبرون

Daily Archives: March 9, 2015

ڪجهه ماڻهو آئين کي ملڪ کان وڌيڪ اهميت ڏين ٿا، ملڪ ناهي ته آئين ڪاغذ جو ٽڪڙو آهي: پرويز مشرف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان مسلم ليگ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو آئين کي ملڪ کان وڌيڪ اهميت ڏين ٿا جيڪڏهن ملڪ ناهي آئين ڪاغذ جو ٽ ڪڙو آهي، مون تي آرٽيڪل ڇهه لڳايو ويو، ان تي مونکي کل اچي ٿي جيڪڏهن انصاف نه مليو ته اسان کي اسلامي جمهوريه چورائڻ جو ڪو به حق ناهي. فوجي عدالتن کي نه هلڻ لاءِ سازش ٿي رهي آهي. هڪ انٽرويو ۾ پرويز مشرف چيو ته مون تي غداري جي الزام تي ڪيس هلي رهيو آهي مان چار سال ملڪ جي خدمت ڪئي آهي پر پوءِ به مون تي آرٽيڪل ڇهه لڳايو ويو ان تي مون کي کل اچي ٿي، سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ ڄاڻان ٿو. هن چيو ته منهنجي خلاف ڪيسن تي سياست ڪئي پئي وڃي اميد آهي ته مونکي انهن عدالتن مان انصاف ملندو جيڪڏهن انصاف نه ملندو ته اسان کي اسلامي جمهوريه چورائڻ جو ڪو به حق ناهي. هن وقت ملڪ ۾ قيادت ۽ گورننس جو فقدان آهي ڌرڻن واضح ڪري ڇڏيو ته وفاق ۽ صوبائي حۡومتون عوام ۾ غير مقبول آهن. هن چيو ته فوجي عدالتن جي مڪمل حمايت ڪيان ٿو فوجي عدالتون ٺهي ته ويون پر هن وقت تائين ڪم شروع ناهي ڪيو ويو لڳي ٿو عدالتن کي فعال ڪرڻ لاءِ دير ڪئي پئي وڃي. اڳوڻي صدر چيو ته 18 هين ترميم سان پارٽي اڳواڻن کي آمراڻا حق ملي ويا آهن ڪراچي ۾ سياسي لساني ۽ فرقيواريت آهي پرويز مشرف چيو ته غدار اهو آهي جيڪو ملڪ کي بدحالي ۽ پسماندگي ڏئي رهيو آهي عوام جاڳيو ته ملڪ مسئلن مان نڪري ويندو.

 

ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جون ڪارروايون، 5 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري ۽ لياقت آبا د۾ پوليس ۽ رينجرز جي مبينا مقابلي ۾ 5 ڏوهاري مارجي ويا، ايس ايس پي سٽي فدا حسين مطابق لياري جي علائقي بغدادي ۾ پوليس ڇاپي دوران جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن کانپوءِ پوليس طرفان جوابي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ 3 جوابدار مارجي ويا پوليس کي جوابدارن جي قبضي مان 16 آوان بم، ايس ايم جي گن ۽ 9 ايم ايم پسٽل هٿ ٿيا آهن جڏهن ته لياقت آباد ۾ رينجرز جي مقابلي ۾ 2  اغوا ڪار به مارجي ويا، لياري ۾ مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ عبدالرحمان عرف لمبا سبحان عرف گرينيڊ ۽ ذيشان جي نالي سان ٿي آهي ۽ ٽنهي جوابدارن جي لاشن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ايس ايس پي ڪراچي دعويٰ ڪئي آهي ته لياري ۾ مارجي ويل جوابدار قتل ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي ڪيترين وارداتن ۾ گهربل هئا.

 

21 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ تاريخي شٽربند هڙتال ڪئي ويندي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

هنڱورجا (نمائندو)  جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سينئر وائس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته 21 مارچ تي جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي، شهيد مقصود خان قريشي، شهيد سلمان وڌو ۽ ٻين سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڄي سنڌ  ۾ تاريخي شٽربند هڙتال ڪئي ويندي. سنڌ جي سڀني گهڻ گهرن ۽ ساڃاوندن توڙي ڪاروباري ۽ ٽرانسپورٽرن جي هڙتال ۾ ڀرپور نموني شرڪت جي اپيل ڪريون ٿا. شهيد بشير خان قريشي کان ويندي شهيد سلمان وڌو تائين سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو. جسقم اڳواڻ ڪرم سامٽيو سان سندس سئوٽ غلام رسول سامٽيو جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد هنڱورجا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي وڌيڪ چيو ته 23 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. جڏهن ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف جسقم جدوجهد جي ميدان عمل ۾ لٿل آهي. سنڌ وسيلن سان مالال هجڻ باوجود ڌرتي ڌڻي بک بدحالي بيروزگاري جي ڪري سخت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن ۽ نوجوان روزگار جي لاءِ ڊگريون هٿن ۾ کڻي گهمندا ورتن ٿا پر انهن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ سازش تحت دهشت گردي جو ٻج ڇٽي پرامن سنڌ ۾ دهشت گردي جا واقعا ڪرايا پيا وڃن. شڪار پور سانحي جي جوابدارن کي اڃان تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو جيڪا حڪومت جي چٽي نااهلي جو ثبوت آهي. هن چيو ته ناري ۾ گيس فيلڊ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران ڌارين کي ڀرتي ڪيو ويو آهي جيڪا مقامي ماڻهن سان وڏي ناانصافي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ جي آزادي خوشحالي لاءِ هڪ قدم به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهيون سائين جي ايم سيد جا سچا پيروڪار ڪنڌ ڪٽائي سگهن ٿا پر ڪنهن  به جابر ۽ ظالم جي آڏو ڪنڌ نه جهڪائينداسين. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان گڏ جسقم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساگر حنيف بڙدي، سرفراز ميمڻ، محبوب ابڙو، فقير امداد منگي، اڪبر راڄپر، منان ميمڻ، اشتياق سولنگي ساڻس گڏ هيا –

 

پرويز مشرف انتظار ۾ آهي ته الطاف حسين لنڊن ۾ ڪڏهن ٿو گرفتار ٿي، ته هو پارٽي جو قائد بڻجي وڃي: ڊاڪٽر قادر مگسي

سکر(بيورو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پرويز مشرف انتظار ۾ آهي ته الطاف حسين لنڊن ۾ ڪڏهن ٿو گرفتار ٿي، ته هو پارٽي جو قائد بڻجي وڃي، بلديا سانحي ۾ ايم ڪيو ايم ذميوار آهي، کيس هاءِ پروفائل واقعن جي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، کوسا هائوس سکر پارٽي اجلاس کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وزيراعظم نواز شريف ۽ آصف علي زرداري سڀ ڪجهه وردي وارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت طرفان سنڌ ۾ دهشتگردي۽ ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ لاءِ  ڪيل ڳالهين تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري بيگناهه ماڻهن کي ماريو ۽ ڦريو لٽيو پيو وڃي، هن جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري جي شگر ملن جي ڪري هارين ۽ آبادگارن کي ڪمند جو اگهه ڏيڻ بدران سندس رت چوسيو ويو ، هاڻي وري سرڪار سنڌ جي گدامن ۾ ڪڻڪ موجود هجڻ باوجود ٻاهران ڪڻڪ گهرائي آبادگارن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ پ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ٿيندڙ معاهدو عوام جي سامهون ظاهر ڪيو وڃي، عمران خان ڳالهيون سٺيون ڪندوآهي، پر جلد ويساري ويهندو آهي، نواز شريف طرفان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ويا، سندس حڪومتي دور پورو ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ کيس هڪ به همدرد نه ملندو

 

جيڪي شروف پٽ ٽائيگر سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ بي چين

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا جي رپوٽ مطابق جيڪي شروف جو چوڻ آهي ته هو سٺي اسڪرپٽ جو انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي پٽ سان گڏ ڪم ڪري سگهي، جنهن جي لاءِ هو تمام گهڻو بي چين آهي، جيڪي شروف فلم نگري ۾ تيزي سان قدم ڄمائڻ واري پنهنجي پٽ جي صلاحيتن تي فخر ڪندي چيو ته ٽائيگر شروف جلد فلم انڊسٽري ۾ وڏو نالو ڪمائيندو ۽ ان جي اداڪاري تعريف جي قابل آهي، واضع رهي ته جيڪي شروف آخري فلم“هيپي نيو ائير”  ۾ نظر آيوهو، جڏهن ته هو نئي فلم “ڊرٽي پاليٽڪس” ۾ به پنهنجن مداحن کي خوش ڪندي نظر ايندو.

 

بالي ووڊ فلم “ اڪ پهيلي ليلا ” جو گانو شوقينن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره دني ليون جي اداڪاري سان سجيل فلم “ اڪ پهيلي ليلا ” جو گانو “ ميري سيان سپر اسٽار” شوقينن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، فلم 10 اپريل جو نمائش جي لاءِ پيس ڪئي ويندي.

 

هالي ووڊ سائنس فڪشن فلم سيلف ليس جو پهريون ٽريلر جاري

نيويارڪ(شوبز نيوز)آسڪر ايوارڊ يافته اداڪار بين ڪنگسلي ۽ ريان رينلڊ جي فلم سيلف ليس جو پهريون ٽريلر جاري ٿي ويو، فلم جي ڪهاڻي هڪ امير شخص جي آهي، جيڪو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا  ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو شعور هڪ ٻئي نوجوان ۾ منتقل ڪرائي ڇڏي ٿو، فلم هلندڙ سال 31 جولائي تي سينما گهرن جي زينت بڻجدي.

 

رضا مراد 19 زبانن ۾ فلمن ۾ اداڪاري ڪري رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

لاهور(شوبز نيوز)پنهنجي ڊگهي فني سفر جي دوران رضا مراد  هندي، پنجابي، ڀهوجپوري، تامل، گجراتي، بنگالي، راجستاني، مراٺي، هريانوي، ناگپوري، آسامي، اوريا، تيلگو، ڪناڊا، ملايلم، ڇتيس گڙهي، رشيئن ۽ انگريزي زبانن ۾ ٺهڻ وارين فلمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اهڙو منفرد رڪارڊ پنهنجي نالي ڪرڻ وارورضا  مراد ممبئي مان فون تي ڳالهائيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پنهنجي فني سفر جي دوران جڏهن ڪم شروع ڪيو ته اهو معلوم نه هو ته هڪ اهڙو منفرد رڪارڊ منهنجي ڪريڊٽ ۾ اچي ويندو. مون هميشه تجرباتي انداز  اختيار ڪيو ۽ ڪيريئر ۾ اهو تجربو تمام سٺو ثابت ٿيو،مختلف زبانن ۾ ٺهڻ وارين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ سان جتي مون کي مختلف زبانون سکڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو، قومن جي مختلف رسمن ۽ رواجن مان  تمام گهڻو ڪجهه سکيو، هن چيو ته هاڻي  چاهيان ٿو ته مون کي پاڪستان مان به ڪا سٺي فلم جي آفر ٿئي، جنهن ۾ ڪم ڪري ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻي سگهان، سٺو پروجيٽ مليو ته پاڪستان ضرور ايندس.

 

نيوزيلينڊ هٿان افغانستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست

نيپيئر(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 31 هين گروپ ميچ ۾ نيوزيلينڊ افغانستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي نيوزيلينڊ جي ميڪلين پارڪ نيپيئر ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ افغان ٽيم جي ڪپتان محمد نبي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته 48 هين اوور ۾ افغان ٽيم 186 رنسن تي ڍير ٿي وئي جنهن جي جواب ۾ نيوزيلينڊ هدف 36.1 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو، ڪيويز طرفان مارٽن گپٽل 57، برينڊن مڪلم 52، ڪين وليمسن 33 ۽ گرينڊ ايليٽ 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته روس ٽيلر 24 ۽ ڪوري اينڊرسن 7 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو افغستان جي شاهپور زادران ۽ محمد نبي هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي،  جڏهن ته ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي ڊينيئل وٽوري کي مين آف دي ميچ جي اعزاز سان نوازيو ويو.

 

پي آءِ اي پاران سرفراز کي مٿئين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي آءِ اي قومي ٽيم ۾ نمائندگي ڪندڙ سرفراز احمد کي مٿئين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي پي آءِ اي اها ترقي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڏني پي آءِ اي اختيارين مطابق هي فيصلو سرفراز جي شاندار ڪارڪردگي کي ڏسندي ان جي حوصلا افزائي لاءِ ڪيو ويو آهي ته جئين هو وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان اڳتي به قومي ٽيم ۾ سٺو کيڏندي وطن جو نالو روشن ڪري.