تازيون خبرون

Daily Archives: March 7, 2015

آبادگارن ۽ شگر ملز مالڪن ۾ ڪمند جي 172 روپيا اگهه تي ٺاهه ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ آبادگارن ۽ شگر ملز مالڪن ۾ ڪمند جي گذريل سال واري 172 روپيا اگهه تي ٺاهه ٿي ويو، ٻنهي ڌرين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمند جي پراڻي اگهه تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس سعيد الدين ناصر تي ٻڌل ڊويزن بئنچ آبادگارن کي عارضي طور ڪمند جو اگهه 172 رپيا ڏيڻ بابت سنڌ سرڪار کان 11 مارچ تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي… عدالت ڪمند جي 182 رپين واري اگهه تي عملدرآمد بابت سنڌ ايگريڪ چر بورڊ ۽ سنڌ آبادگار بورڊ پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته شگر ملز ايسوسيئسشن جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي ڪمند جي اگهه واري تڪرار کي عارضي طور حل ڪرڻ لاءِ لکت ۾ تجويز پيش ڪئي. عبدالحفيظ پيرزادي چيو ته شگر ملز مالڪ ۽ سنڌ سرڪار گڏيل طور آبادگارن کي 172 رپيا ڏيڻ تي تيار آهن ۽ ان سلسلي ۾ 2 فيبروري تي هڪ گڏجاڻي ٿي آهي جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تائين شگر ملز مالڪ ڪمند جي آبادگارن کي في مڻ تي 160 رپيا ۽ سنڌ سرڪار پاران في مڻ تي 12 رپيا ڏنا ويندا. آبادگارن جي وڪيل سيد مريد علي شاهه ۽ حيدر شيخ چيو ته آبادگار 182 رپين وارو اگهه چاهين ٿا ۽ ان تان هٿ نه ٿا کڻي سگهن جنهنڪري عدالت کي ان فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي. بئنچ جي سربراهه جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته ڪين ڪمشنر کي ڪمند جي اگهه تي عملدرآمد لاءِ هدايت ڪري سگهجي ٿي، پر ان سان مسئلو حل نه ٿيندو، ڪمند خراب ٿي رهي آهي، اگهه تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ آبادگارن کي نقصان ٿي رهيو آهي.. عدالت شگر ملز مالڪن جي وڪيل پاران لکت ۾ پيش ڪيل تجويز کي رڪارڊ تي رکندي ڪمند جي اگهه جو تڪرار حل ڪرڻ لاءِ آبادگارن ۽ شگر مل مالڪن وچ ۾ ڳالهين بابت 11 مارچ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

 

لاڙڪاڻي ويجهو ڪارنهن الزام تحت سالي هٿان ڀيڻو قتل، پلاند ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ، 2 عورتون زخمي

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي ويجهو هڪ شخص پنهنجي ڀيڻوي کي ڪارهن جي الزام ۾ قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته پلاند ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون آهن. تفصيل مطابق ڪچي واري علائقي جي ٿاڻي هٽڙي غلام شاهه جي حد ڳوٺ موسيٰ خان جتوئي ۾ ڪارنهن جي معاملي تان يونس جتوئيءَ فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻيوي ڇتل جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ ۾ جوابدار جي ڀيڻ ۽ مقتول جي گهر واري مسمات زڪيه جتوئي پڻ زخمي ٿي پيون آهن، جڏهن ته ساڳي جوابدار  ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي ٻي ڀيڻ سوڀيا کي به قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا معجزاڻي طور بچي وئي. واقعي کان پوءِ پوليس بروقت نه پهچڻ ڪري مارجي ويل ڇتل جتوئي واري ڌر جي هٿياربندن پلاند ۾ يونس جتوئي جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي. ٻنهي ڌرين ۾ پنجن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ فارئنگ ۾ پنهنجي ڀيڻيوي کي قتل ڪندڙ يونس جتوئي ۽ سندس والد سراج جتوئي به گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويا. فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءَ پکڙجي ويو. هڪ ڌر جي هٿياربندن مقتول سراج جتوئي جي گهر کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. مارجي ويلن جا لاش پنج ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا. جڏهن ته زخمي ٿيل ناري زڪيه کي ڪجهه وارث عورتن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچايو، جتي سندس علاج هلندڙ آهي. هوڏانهن ايس ايس پي ڪامران نواز جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس بڪتر بند گاڏيون ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ تي پنجن ڪلاڪن کانپوءِ پهتي، جتي پوليس اهلڪارن علائقي جو ڪڙو چاڙهيو پر ان کان اڳ ٻنهي ڌرين جا هٿياربند فرار ٿي چڪا هئا. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪامران نواز ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ مٽي مائٽي ٿيل آهي ۽ ڪارنهن جي معاملي تان پيش آيل واقعي ۾ ٽي ڄڻا ڇتل جتوئي يونس جتوئي ۽ سندس والد سراج جتوئي قتل ٿيا آهن، ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته ڌرين جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ وڌيڪ جهيڙي کي روڪڻ لاءِ علائقي ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين جا ماڻهو قتل ٿيا آهن. انڪري ٻنهي ڌرين کان ايف آءِ آر ورتي ويندي ۽ ان کان پوءِ ڄاڻايل جوابدارن خلاف وڌيڪ قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪارنهن الزام هيٺ آيل ناري سوڀيه کي پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ ورتو آهي، جيڪا مقتولي يونس جتوئي جي ڀيڻ ۽ ٻئي مقتول سراج جتوئي جي ڌيءَ آهي.

 

بدين ڀرسان بس ۽ وين وچ ۾ ٽڪر، 4 عورتون فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي

بدين (ڊ.ر) بدين کان تلهار ويندڙ ڄاڃين جي بس جو پيرو لاشاري ويجهو سامهون ايندڙ وين سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 عورتون آمنا، بختاور، جنت، ريحمان موقعي تي ئي فوت ٿي ويون، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته زخمين کي سول اسپتال بدين آندو ويو جن ۾ گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن ک يسول اسپتال بين ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي واقعي ۾ وڌيڪ فوتگين جو پڻ خدشو آهي.

 

سوات جي ٻي بهادر عورت عالمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

نيويارڪ (م.ڊ) نوبل انعام حاصل ڪندڙ ملالا کانپوءِ سوات جي عورت تبسم عدنان عالمي حوصلا مند عورت جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو، گڏيل قومن مان جاري پريس رليز مطابق سوات جي هڪ ٻي عورت تبسم عدنان کي گڏيل قومن طرفان عالمي حوصلا مند عورت جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي تبسم عدنان سوات ۾  عورتن جي حقن ۽ انهن کي پيش ايندڙ مسئلن تي نه صرف پنهنجو آواز اٿاريو پر هن ”خوينڊو جرڳي“ جو به بنياد وڌو جنهن جو مقصد عورتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ اهڙين مهم کي هلائڻو آهي جن سان عورتن کي پنهنجي حفاظت جي حوالي سان آگاهي ملي سگهي. تبسم جي جدوجهد کي ڏسندي گڏيل قومن ان کي حوصلا مند عورت جي عالمي ايوارڊ سان نوازيو جڏهن ته حوصلا مند عورت جو عالمي ايوارڊ هينئر تائين پوري دنيا جي 50 ملڪن ۾ 86 سرگرم عورتن کي ڏنو ويو آهي جنهن امن، انصاف، انساني حقن، عورتن ۽ اختيارن  تي ڪم ڪيو آهي.

 

پاڪستان مان مون کي تمام گهڻو پيار ۽ محبت ملندي آهي: انوشڪا شرما

ممبئي(شوبز نيوز) فلم“رب ني بنا دي جوڙي” سان فلمي ڪيريئر جي شرعات ڪرڻ واري انوشڪا شرما ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان مان مون کي تمام گهڻو پيار ۽ محبت ملندي آهي، مان به پنهنجي پاڪستاني پرستارن سان به ايتري ئي محبت ڪندي آهيان، جيتري هو مون سان ڪندا آهن، پاڪستان ۾ منهنجا تمام گهڻا مداح آهن ۽ دوست  رهن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀلي ڇڪتاڻ هجي، پاڪستانين سان منهنجو لڳاءُ ۽ انهن جي منهنجي لاءِ محبت گهٽ ٿيڻ واري ناهي.

 

هالي ووڊ اداڪار هيريسن فورڊ هوائي حادثي ۾ سخت زخمي

لاس اينجلس(شوبز نيوز)آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ننڍو هوائي جهاز  انجڻ فيل ٿيڻ سبب زمين تي اچي ڪريو جنهن سبب جهاز ۾ سوار هالي ووڊ اسٽار هيريسن فورڊ سخت زخمي ٿي پيو پرڏيهي خابرو اداري مطابق هالي ووڊ اسٽار ننڍي جهاز پي ٽي 22 ۾ سوار هو جيڪو اوچتو انجڻ فيصل ٿيڻ سبب زمين تي اچي ڪريو جنهن کان فوري پوءِ امدادي ٽيمن موقعي تي پهچي ان کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ڊاڪٽرن مطابق 72 سالا اداڪاره کي مٿي ۾ گهرا زخم رسيا آهن جڏهن ته ان جي حياتي کي ڪوبه خطرو ناهي هيريسن فورڊ انڊيانا جونز ۽ اسٽار وارز جهڙن فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي.

 

هالي ووڊ نئين فلم دي بوڪ آف لائيف جو نئون ٽريلر جاري

نيويارڪ (شوبز نيوز) هالي ووڊ نئين ٿري ڊي ايني ميٽيڊ فلم دي بوڪ آف لائيف جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو هالي ووڊ ايني ميٽيڊ فلم دي بوڪ آف لائيف جو نئون ٽريلر جاري ٿيندي ئي ماڻهن کي پسند اچي ويو هن دفعي به فلم جو ٽريلر ڏسندڙن جي دلين تي حڪمراني ڪري رهيو آهي فلم دي بوڪ آف لائين ڪهاڻي هڪ ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي جيڪا پنهنجي خاندان جي خواهشن ۽ اميدن کي پورو ڪرڻ لاءِ مختلف دنيا جي سفر تي نڪري ٿو ايڊوينچر سان ڀريل فلم 17 آڪٽوبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور به خبرن ۾ رهڻ جا گر سکي وئي

ممبئي(شُوبز نيوز)ڊاڪٽرن  طرفان  ڀارتي اداڪاره سونم ڪپور کي سوائن فلو جي بيماري مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ اسپتال مان گهر منتقل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، پر سونم ڪپور اسپتال ۾ ئي رهي ڪري هاڻي مداحن جون همدرديون حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن، جڏهن ته سونم ڪپور کي 5 مارچ تي پنهنجي ڀيڻ جي سالگره جي تقريب ۾ شرڪت به ڪرڻي هئي، پر سونم ڪپور کي اسپتال سان ڪجهه عشق ٿي ويو آهي،  ان جي ڪري هن پنهنجي  مداحن کي ٽويٽ ڪري گهر نه اچڻ جي خبر ڏئي ڇڏي آهي.واضع رهي ته سونم ڪپور کي ڪجهه ڏينهن پهرين سلمان خان جي نئين فلم “ پريم رتن ڌن پايو” جي شوٽنگ جي دوران سوائن فلو جي شڪار سبب اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

 

ورلڊ ڪپ 2015، ڀارت هٿان ويسٽ انڊيز کي 4 وڪيٽن تان شڪست

پرٿ(اسپورٽس نيوز) پول بي جي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي پوري ٽيم 182 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪپتان جيسن هولڊر هاف سينچري مڪمل ڪري 57 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، ڊيرن سيمي 26، ڪرس گيل ۽ جوناٿن ڪارٽر 21، 21 رنسون ٺاهيون، ڀارت طرفان محمد شامي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جوابي اننگز ۾ ڀارت کي 11 رنسن تي پهرين وڪيٽ جو نقصان کڻڻو پيو شکر ڌون کانپوءِ روهت شرما به جلد آئوٽ ٿي ويو آسان هدف سامهون انڊين ٽيم جي 63 رنسن  تي ٽئين ۽ 78 رنسن تي چوٿين وڪيٽ ڪري  107 رنسن تي پنجين وڪيٽ ڪري جڏهن ته سريش رائنا 22 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو ۽ جڊيجا به 13 رنسون ٺاهي سگهيو، ڪپتان ڌوني 56 بارلن ۾ 45 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو ان سان گڏ اشون 32 بالن ۾ 16 رنسون ٺاهيون.

 

ڪرس گيل ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ ميٿيو هيڊن جو وڌيڪ ڇڪن جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو

پرٿ(اسپورٽس نيوز) جارح مزاج ويسٽ انڊين بيٽسمين ڪرس گيل عالمي مقابلن جي تاريخ ۾ هڪ ٽورنامينٽ دوران ميٿيو هيڊن جو وڌيڪ ڇڪن جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. گيل جاري ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ ۾ اهو اعزاز حاصل ڪيو. هيڊن 2007ع ۾ منعقد ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور تي 18 ڇڪا هنيا هئا. جمعي تي ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ ڀارت خلاف کيڏيل ميچ ۾ ڪرس گيل اوميش ياديو جي بال تي ڇڪو هڻي هڪ ٽورنامينٽ دوران ميٿيو هيڊن جو وڌيڪ ڇڪن جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. اهو گيل جو هلندڙ ٽورنامينٽ ۾ 18 هون ڇڪو هو. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته گيل ساڳي ٽورنامينٽ دوران هڪ ميچ ۾ 16 ڇڪا هنيا هئا جڏهن ته باقي 4 ميچن ۾ هو رڳو 2 ڇڪا هڻڻ ۾ ڪامياب رهيو.