تازيون خبرون

Daily Archives: March 6, 2015

نيشنل ايڪشن پلان تي سختيءَ سان عملدرآمد جاري، دهشتگردن کي لِڪڻ لاءِ ڪٿي به جاءِ نه ملندي: خواجه آصف

سيالڪوٽ(م.ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي سختيءَ سان عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن جا نتيجا ايندڙ ڏينهن ۾ عوام کي نظر ايندا، دهشتگردن کي لِڪڻ لاءِ ڪٿي به جاءِ نه ملندي. اهڙو اظهار هن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو تصور پاڪستان کي هڪ خودمختار، باوقار ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي بار بار ڪراچي وڃڻ سبب ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته وزيراعظم عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي کي اُٿاريو جنهن سبب ڀارت دٻاءَ ۾ اچي ڳالهين لاءِ ٻيهر راضي ٿيو آهي ۽ ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان جو دؤرو ڪيو.

 

عمران خان 15 ڪروڙ رپين جي آفر ڪندڙ شخص بابت قوم کي آگاهه ڪري، اهو ماڻهو قوم جو مجرم آهي: رحمان ملڪ

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) اڳوڻي گهرو وفاقي وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته عمران خان 15 ڪروڙ رپين جي آفر ڪندڙ ماڻهو جي نالي کان قوم کي آگاهه ڪري، اهو شخص قومي مجرم آهي، خيبرپختونخواهه جي روايت مطابق اهڙي ماڻهوءَ جو منهن ڪارو هئڻ گهرجي، خيبرپختونخواهه ۾ هارس ٽريڊنگ بابت عمران خان آصف زرداري کي فون ڪري مدد طلب ڪئي، پيپلز پارٽي هارس ٽريڊنگ تي يقين نٿي رکي، ان لاءِ سنڌ ۾ آزاد نموني اليڪشن ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته اليڪشن ٿي رهي آهي، هي جمهوريت جو حسن آهي، جڏهن ته اهو چوڻ ته سينيٽ چونڊن کانپوءِ جمهوريت تان خطرا ٽري ويا آهن تمام گهڻو مشڪل آهي، اسان جي خواهش آهي ته حڪومت 5 سال پورا ڪري، عوام ان کي 5 سالن لاءِ چونڊيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڪي پي ڪي ۾ هارس ٽريڊنگ جو حصو نه آهيون، اهو نتيجن مان ثابت ٿي ويندو، جيتري قدم 3 اميدوار بيهارڻ وارو معاملو آهي ته اسان اهي اميدوار ڇو بيهاريا آهن، قانون ۾ ان بابت ڪا به پابندي نه آهي. هن چيو ته عمران خان عقل مندي جو مظاهرو ڪري ۽ چونڊيل ميمبرن کي بدنام نه ڪري، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جا ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪن ٿا يا نه اهو فيصلو انهن کي ڪرڻو آهي، جڏهن ته عمران خان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻو پوندو ته هو پنجاب ۾ بائيڪاٽ ۽ سنڌ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪري ڪهڙو پيغام ڏيڻ گهري ٿو، مان مطمئين آهيان ۽ اميد آهي ته ڪامياب ٿيندس.

 

 

چونڊ نظام ۾ خرابيون آهن، پارلياماني نظام بهتر ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چونڊن نظام ۾ خرابيون آهن، پارلياماني نظام بهتر ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ڪي پي ڪي ۾ ٻين کي چور چوندڙ خود چور نڪري پيا ۽ چور جي چوري پڪڙجي پئي، چيئرمين سينيٽ اڪثريت رکندڙ جماعت مان هوندو، خميس تي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ ادارن تي گند اڇلايو پيو وڃي ۽ ڪجهه ڪمزوريون هونديون آهن، ٻاهر نظام  خراب آهي، پارليامينٽ ۾ سڌارا ڪميٽي جوڙي وئي، هڪ جماعت شرڪت نه پئي ڪري ۽ ٻيون جماعتون ان جو انتظار ڪري رهيون آهن، نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، جمهوري عمل مان گذرئي جمهوري ادارا ٺهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اپوزيشن جماعتن هارس ٽريڊنگ جو رستو روڪي ڇڏيو آهي، اسان بهتر طريقيڪو اختيار ڪيو آهي ۽ اپوزيشن جماعتن کي گڏ ڪيو آهي، بلوچستان مان مولانا عبدالغفور حيدري چونڊيو ويو آهي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ٻين کي چور چوندڙ پاڻ چور نڪتا، چور جي چوري پڪڙجي پئي آهي، هن چيو ته چونڊون ٿي ويون آهن ۽ نتيجا سڀني کي قبول ڪرڻا پوندا، هن چيو ته آرڊيننس جو معاملو عدالت ۾ آهي ان تي ڪا راءِ نٿو ڏيڻ چاهيان، رحمان ملڪ کي چيئرمين سينيٽ بڻائڻ جي حوالي سان هن صحافي کي چيو ته اوهان کي چيئرمين بڻايو وڃي ته ڪيئن ٿيندو، مولانا فضل الرحمان چيو ته جنهن وٽ اڪثريت هوندي آهي اهو ئي پنهنجو چيئرمين بڻائيندو آهي ۽ جيڪو به چيئرمين ٿيو اسان ان کي تسليم ڪنداسين، قومي ايڪشن پلان جي حوالي سان هن چيو ته قومي ايڪشن 20 نقطن تي ٻڌل آهي جيڪو هڪ نقطي تائين محدود ٿي ويو آهي، مسجدن، مدرسن، عالم سڳورن، ڏاڙهي ۽ پڳڙي خلاف هڪ نقطي تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ اسان ايڪهيني آئيني ترميم خلاف احتجاج ڪيو، هي امتيازي قانون آهي، فاٽا اليڪشن جي حوالي سان هن چيو ته فاٽا ۾ سينيٽ چونڊن تي اتحادين سان مشاورت ڪرڻي پوندي.

 

اسيمبلي ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ آمراڻي سوچ جا مالڪ آهن: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير نثاراحمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان کي پنهنجن ميمبرن تي اعتماد نه آهي اسيمبلي ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ آمراڻي سوچ جا مالڪ آهن، ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته عمران خان اسيمبلي ٽوڙڻ جي ڌمڪلي ڏيئي پرويز مشرف جي پيروي ڪئي هارس ٽريڊنگ جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان اندروني طور ڪمزور آهي نثارکهڙو چيو ته سينيٽ چونڊون پرامن ۽ شفاف ماحول ۾ ٿي رهيون آهن سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي  جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿيندا نثار احمد کهڙو چيو ته ڄام مدد جي وڪيٽ بائونسر سان نه پر ڏيڍ سال جدوجهد سان ڪيري وڌي سين.

 

هرڀجن سنگهه پاران بالي ووڊ اداڪاره گيتا بسرا سان شادي جو فيصلو

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽي جي آف اسپنر هرڀجن سنگهه ۽ بالي ووڊ اداڪاره گيتا بسرا شادي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ڀارتي ميڊيا مطابق هرڀجن سنگهه ۽ گيتا بسرا هلندڙ مهيني شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا ۽ ان لاءِ ٻنهي شادي جون تياريون به شروع ڪري ڇڏيون آهن هرڀجن ۽ گيتا بسرا جي دوستي جا چرچا ڪافي عرصي کان عام آهن ۽ اڪثر ٻنهي کي گڏجي ڏٺو ويو آهي جڏهن ته بالي ووڊ اداڪاره اڪثر انهن ميچن ۾ نظر ايندي آهي جن ۾ هرڀجن سنگهه کيڏندو آهي جڏهن ته ٻئي پنهنجن ويجهن لاڳاپن جي حوالي سان هميشه انڪار ڪندا رهيا.

 

روينا ٽنڊن فلم ۾ ”بينظير ڀٽو“ جو ڪردار ادا ڪندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره روينا ٽنڊن اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي، ڀارتي ويب سائيٽ مطابق بالي ووڊ ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي زندگي تي  فلم ٺاهي پئي وڃي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پهريان وديا بالن کي آڇ ڪئي وئي هئي جڏهن ته ان جي انڪار کانپوءِ هي ڪردار روينا ٽنڊن کي پيش ڪيو ويو جنهن تي هن ها ڪئي آهي، روينا فلم جي ڪهاڻي جي ليکڪ کي اسڪرپٽ ۾ ڪجهه تبديلين جو به مشورو ڏنو آهي ان کان علاوه هوءَ هن لفم کي پاڻ پروڊيوس به ڪرڻ چاهي ٿي.

 

دپيڪا پڊوڪون هاڻي دبنگ خان جي هيروئن بڻجندي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ کي لڳاتار سپر هٽ فلمون ڏيڻ واري اداڪاره دپيڪا پڊوڪون  سلمان خان سان گڏ رومينس ڪندي، فلمساز علي عباس ظفر جي فلم “ سلطان ” جي لاءِ ڪترينا ڪيف ذاتي مصروفيتن جي ڪري ڪم نه ڪري سگهندي،  مداح دپيڪا پڊوڪون ۽ سلمان خان جي جوڙي کي پهريون دفعو ڪنهن فلم ۾ گڏ ڏسندا، جنهن لاءِ مداحن کي 2016 تائين انتظار ڪرڻو پوندو.

 

هدايتڪاري ۽ ڳائڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، ڪرينا ڪپور

ممبئي(شوبز نيوزڀارتي خابرو اداري مطابق ڪرينا ڪپور چيو آهي ته مون کي ڪيترن ئي هنڌن کان  فيشن جي آغاز ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جڏهن ته هينئر مان فلمن کان پنهنجي توجهه هٽائڻ نٿي چاهيان، ڪرينا چيو ته في الحال مان پاڻ ڪنهن پروڊيوسر جي ٽوپي پائڻ نٿي چاهيان، هن چيو ته مون وٽ هينئر ايترو وقت ئي ناهي، جو مان اداڪاري کان هٽي ڪري ڪو ٻيو ڪم ڪيان، هن وڌيڪ چيو ته مون کي هينئر صرف اداڪاري ۾ئي دلچسپي آهي.

 

ورلڊ ڪپ 2015ع: بنگلاديش هٿان اسڪاٽلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست

نيلسن(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش اسڪاٽلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي، نيلسن ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ بنگلاديش اسڪاٽلينڊ کي ٽاس کٽي پهريان کيڏن جي دعوت ڏني اسڪاٽلينڊ ڪوئيٽرز جي 156 رنسن جي مدد سان 318 رنسون اسڪور ڪيون، ميچن 35 ۽ مومسن 39 رنسون ٺاهيون، بنگلاديش طرفان تسڪين احمد 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو بنگلاديش گهربل هدف چئن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، تميم اقبال نروس نائينٽيز جو شڪار ٿيو، هن 95 رنسون ٺاهيون، محمد الله 62 ۽ مشفق الرحيم 60 رنسون ٺاهيون، شڪيب الحسن ناٽ ائوٽ 52 ۽ صابر رحمان ناٽ آئوٽ 42 رنسون ٺاهيون، اسڪاٽلينڊ طرفان ديوي 2، وارڊ لا ۽ ايوينز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، ڪي جي ڪوئيٽرز کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

 

ٽنڊولڪر ورلڊ ڪپ ۾ 25 ٽيمن کي کيڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سڊني(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ماسٽر بلاسٽر سچن ٽنڊولڪر آءِ سي سي طرفان ايندڙ ميگا ايونٽ ۾ ٽيمن جو تعداد 14 مان گهٽائي 10 ڪرڻ جي مخالفت ڪندي ورلڊ ڪپ ۾ 25 ٽيمن جي شموليت جو مطالبو ڪري ڇڏيو  هاڻوڪي ورلڊ ڪپ لاءِ آءِ سي سي جي سفير سچن ٽنڊولڪر ايسوسئيٽ ٽيمن جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت تي آواز اٿاري ڇڏيو سڊني ۾ منعقد خاص دعوت ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته آءِ سي سي کي ايندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ٽيمن جو تعداد محدود ڪرڻ بجاءِ ان ۾ 25 ٽيمن کي شرڪت جو موقعو ڏيڻ گهرجي، هن اها به تجويز پيش ڪئي ته ڪائونسل جي فل ميمبر سان پنهنجي اي سائيڊز کي ايسوسئيٽ ملڪن سان مقابلن لاءِ ميدان ۾ لاهيندا رهن، ان سان ننڍين ڪرڪيٽ قومن کي صلاحيتون بهتر بڻائڻ لاءِ مناسب پليٽفارم فراهم ٿيندو.