تازيون خبرون

Daily Archives: March 4, 2015

ملير ۾ اڳوڻو ڪائونسلر ڊرائيور سميت قتل، 3 لاش مليا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جــَي ميمڻ ڳوٺ مان ٽن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، جڏهن ته صالح ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ سبب اڳوڻي ڪائونسلر سميت 2 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب نيشنل هاءِ وي لنڪ روڊ تان ميمڻ ڳوٺ مان ٽن ڄڻن جا تشدد ٿيل لاش برآمد ٿيا. پوليس موجب ٽنهي ڄڻن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ويجهي کان گوليون هڻي ماريو ويو آهي. مقتولن مان 2 پيرسن ۽ هڪ ڄڻي جي عمر 25 سالن جي لڳ ڀڳ ٻــُڌائي پئي وڃي. پوليس لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سڃاڻپ لاءِ ڀرپاسي واري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ملير جي صالح ڳوٺ ۾ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ اڳوڻي ڪائونسلر الهه بچايو ۽ سندس ڊرائيور مارجي ويو.

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادگارن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تائين گذريل سال جو اگهه 172 ڏيڻ جي تجويز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جي 182 رپين واري اگهه بابت سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين آبادگارن کي گذريل سال وارو اگهه 172 رپيا ڏيڻ بابت تجويز ڏيندي شگر ملرز کان 6 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي… عدالت اهڙو حڪم سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ سنڌ آباد گار بورڊ پاران ڪمند جي 182 رپين واري اگهه تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جي تفصيلي دليل ٻڌڻ بعد ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ سنڌ جي ڪين ڪمشنر کي پڻ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي چيو آهي ته ڪمند جي اگهه بابت عدالت جي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ سنڌ سرڪار جو فرض آهي، حڪومت جي وڪيلن کي شگر ملز ڏانهن ڏسڻ بجاءِ پنهنجو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. عدالت آبزرويشن ڏيندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي اگهه ۾ ڪمي جو سڄو بار رڳو آبادگارن تي نه ٿو وجهي سگهجي. ان سان آبادگار تباهه ٿي ويندا. عدالت چيو ته کنڊ جو اگهه گهٽ هجڻ وارو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪو ٻيو آپشن به ڳولي سگهجي ٿو… ان کان اڳ عدالت سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي ڊاڪٽر نديم قمر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ پاران ڪمند جي اگهه تي عملدرآمد لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته سندن وڪيل سيد مريد علي شاهه ۽ حيدر شيخ چيو ته سنڌ ۾ گذريل سال 172 رپيا اگهه هو ۽ هلندڙ سال ان ۾ 10 رپين جو اضافو ڪيو ويو پر ان باوجود شگر ملون هن سال 155 رپين جي اگهه تي ڪمند خريد ڪري رهيون آهن.. هنن وڌيڪ چيو ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۾ 180 رپين جي اگهه تي ڪمند خريد ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته انهن صوبن ۾ ۽ سنڌ ۾ کنڊ جو اگهه ساڳيو آهي پر ان باوجود سنڌ جون 25 شگر ملون اگهه ڏيڻ کان انڪاري آهن.. جنهن تي سنڌ جي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل مصطفيٰ مهيسر چيو ته سنڌ سرڪار ڪمند جي 182 رپين واري اگهه تي عملدرآمد ڪرائڻ چاهي ٿي جنهن تي عدالت چيو ته توهان پاڻ اگهه مقرر ڪيو آهي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ان جي بحال رکيو آهي جنهنڪري سنڌ سرڪار کي بنا ڪنهن دير جي عدالت جي حڪمن تي پاڻمرادو عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي..

 

صوابي ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، 2 عورتن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي

صوابي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخواه جي علائقي صوابي ۾ گهريلو تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻـِن عورتن سميت چئن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا. ڪادرا واري علائقي ۾ هٿياربندن هڪ گهر تي حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا مارجي ويا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي. پوليس موجب واقعو  گهريلو تڪرار تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

نوابشاهه: زال هٿان مڙش قتل، مڙس جا منهنجي ڀينرن سان ناجائز لاڳاپا هئا: قتل ڪندڙ عورت

نوابشاهه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نوابشاهه ڀرسان عورت مڙس کي بدچلن هئڻ جي الزام هيٺ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار نارِيءَ جو چوڻ آهي ته مڙس جا سندس ٻن ڀينرن سان ناجائز لاڳاپا هئا ۽ هن ننڍي ڀاءُ سان به زيادتي ڪئي  هئي. بڇيري جي واري علائقي ڳوٺ طارق آباد ۾ ثمينا آرائين ڪهاڙيون هڻي مڙس شوڪت آرائين کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي نوابشاهه اسپتال پهچايو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس جوابدار عورت ثمينه کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن مڙس مٿان بدچلن هئڻ جا الزام هڻندي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. نجي ٽي وي سان سان ڳالهائيندي نارِيءَ چيو ته مڙس جا سندس ٻن ڀينرن آسيه ۽ رابعه سان ناجائز لاڳاپا هئا ۽ هن سندس 14 ورهين جي ڀاءُ الهرکيو کي به لاڙڪاڻي جي فئڪٽري ۾ پورهئي لاءِ وٺي وڃڻ بعد بدفعلي جو نشانو بڻايو. ثمنيه جو چوڻ آهي ته هن سهري کي دانهون ڏنيون پر هن به ڪجهه نه ڪيو، ابتو جوابدار کيس تشدد جو نشانو بڻايو. گرفتار ناري جو چوڻ هو ته گذريل رات به مڙس تشدد ڪيو، جنهن بعد سهپ جواب ڏئي وئي ۽ هن رات جي وقت ڪهاڙيون هڻي مڙس کي ماري ڇڏيو. مقتول شوڪت آرائين ثمينه سان پرڻي کان اڳ هڪ زال کي طلاق ڏني هئي، جيڪا ٻن ٻارن سميت پيڪن ڏانهن پنجاب هلي وئي هئي.

 

بالي ووڊ خانز ڀارت ۾”لو جهاد” ڦهلائي رهيا آهن: بي جي پي

نئين دهلي(شوبز نيوز)بي جي پي جي اڳواڻ ساڌوي پراچي چيو ته هندن کي بالي ووڊ جي خانز جون فلمون نه ڏسڻ گهرجن، ڇو ته انهن جون فلمون “لو جهاد” کي هٿي ڏئي رهيون آهن، ڀارت جي خابرو اداري جي مطابق پنهنجي هڪ بيان ۾ ان چيو ته بالي ووڊ خانز جون فلمون لو جهاد کي هٿي ڏين ٿيون، اهو ئي سبب آهي ته هندن کي اهڙيون فلمون نه ڏسڻ  گهرجن، پرڏيهي خابرو اداري جي مطابق ساڌوي پراچي ان تاثر جو اظهار گذريل ڏينهن پهرين مارچ تي وشوا هندو پريشد جي هڪ گڏجاڻي جي موقعي تي ڪيو، ساڌوي پراچي چيو ته هي وڏا اداڪار ڀارت ۾ “لو جهاد” کي هٿي ڏين ٿا، پراچي هندن کي  مخاطب ڪندي چيو ته جن ماڻهن شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ عامر خان جون تصويرون پنهنجن ڀتين  تي لڳايون آهن، مان انهن کي چوان ٿي ته اهي لاهي ڇڏين ۽ انهن کي ساڙي وڃي،  پراچي هندن کي اپيل ڪندي چيو ته هو نه اهڙيون فلمون  ڏسن جن ۾ خان اداڪار هجي، ۽ نه ئي پنهنجن ڀتين تي انهن جا پوسٽر لڳائن.

 

هالي ووڊ اداڪار ول سمٿ جي فلم“ فوڪس” باڪس آفيس تي سڀ کان اڳيان

نيويارڪ:(شوبز نيوز) هالي ووڊ فلم فوڪس هفتي جي پوري ٿيڻ ته ٽڪيٽن جي خريداري 19.1 آمريڪي ڊالر ڪمائي آمريڪي ۽ ڪينيڊين باڪس آفيس تي پهرين نمبر تي اچي وئي آهي، 2013 ۾ فلم“ After Earth” کان پوءِ ول سمٿ ان فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، فلم جي ڪهاڻي ٻن آرٽسٽن جي محبت تي ٺهيل آهي، سيميول جيڪسن ۽ ڪولن فرٿ جي دوهان دار اداڪاري سان سجيل فلم “Kingsman: The Secret Service”  آمريڪي ۽ ڪينيڊين باڪس آفيس تي ٻئين نمبر تي آهي   The spongebob Movie : Sponge  out of  water باڪس آفيس تي ٽين پوزيشن سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

 

ڪترينه ڪيف پرخلوص انسان آهي: اشنوڪا شرما

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪاره انوشڪا شرما چيو آهي ته ڪترينه ڪيف هڪ پرخلوص انسان آهي. انوشڪا جيڪا ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ڪترينه جي تعريف ڪري چڪي آهي. هاڻي به پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڪترينه هوءَ سڄي ۽ پرخلوص انسان آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انوشڪا چيو ته بالي ووڊ مان حسدن کي ختم ڪرڻ ممڪن نه آهي. هن چيو ته هوءَ انڊسٽريءَ ۾ عاليه بٽ، پريانڪا ۽ ڪترينه جي تمام گهڻي عزت ڪندي آهي. فلم ”جب تڪ هي جان“ جي شوٽنگ دوران هن ڪترينه کي ويجهو کان ڏٺو آهي، هوءَ هڪ پرخلوص شخصيت جي مالڪ آهي.

 

نرگس فخري ۽ ورون ڌون جي وچ ۾ قرب وڌڻ لڳو

ممبئي(شوبز نيوز)ورون ڌهون ۽ نرگس فخري ۾ وڌندڙ دوستي جو  ڪجهه ڏينهن کان خبرون گردش ڪري  رهيون آهن ، ٻئي اداڪار ڪيترا ئي دفعا گڏ ڏسڻ ۾ آيا پر نرگس فخري چوي ٿي ته ورون صرف ان جو سٺو دوست آهي، ماضي ۾ عاليه بٽ ۽ ورون ڌهون جي لو اسٽوري جا به خوب چرچا هئا پر ذريعن جو چوڻ آهي ته نرگس فخري عاليه بٽ ۽ ورون ڌهون جي وچ ۾ ويڇن جو سبب بڻي.

 

ڏکڻ آفريڪا هٿان آئرلينڊ کي 201 رنسن جي تان شڪست

ڪينبرا:(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا آئرلينڊ کي 201 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 411 رنسون اسڪور ڪيون، جس جي جواب ۾ آئرلينڊ جي ٽيم 210 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، هاشم آملا ۽ ڊوپليسي شاندار اننگز کيڏي، ٻنهي رانديگرن سينچريون هنيون، ٻئين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 247 رنسن جي پارٽنرشپ به قائم ڪئي ڊولپيسي 109 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، هاشم آملا 159 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته ڊويئيلرز 24 رنسون ٺاهي سگهيو، ملر ۽ روسو پنجين وڪيٽ تي 110 رنسن جي پاٽنرشپ ڪئي، روسو جو حصو 61 ۽ ملر جو 46 رنسون رهيو، ڏکڻ آفريڪا 4 وڪيٽن تي 411 رنسون ٺاهيون جيڪو ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو ٻيون وڏو اسڪور به آهي.

 

مصباح الحق کي جلدي آئوٽ ڪرڻ اڌ ڪاميابي جي برابر آهي: گريم سمٿ

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز)ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان گريم سمٿ چيو آهي هت ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان خلاف ميچ ۾ پروٽيز مصباح الحق کي جلدي آئوٽ ڪري ورتو ته اهو اڌ ڪاميابي جي برابر هوندو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ڪالم ۾ ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي گريم سمٿ چيو آهي ته ڀارت کان شڪست کانپوءِ پاڪستان خلاف ڪاميابي پروٽيز جو حوصلو وڌائيندي ان مقابلي لاءِ ڏکڻ آفريڪا کي اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق اهو واحد رانديگر آهي جنهن هينئر تائين ان ميگا ايونٽ ۾ مثبت ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ان کان علاوه صهيب مقصود، شاهد آفريدي، عمر اڪمل  ۽ وهاب رياض اهڙو رانديگر آهي جيڪو ڪنهن به وقت خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.