تازيون خبرون

Daily Archives: March 4, 2015

حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ نيوڪليئر پاور پروگرام تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.  اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پاڪ نيوڪليئر پروگرام بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل راشد محمود، دفاع واري وزير خواجه آصف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سميت ڊي جي اسٽريٽجڪ پلاننگ ڊويزن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري پراجيڪٽس سان گڏ مستقبل ۾ ٺهندڙ  منصوبن تي به غور ويچاريو ڪيو ويو. وزيراعظم نواز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري منصوبن لاءِ فنڊ 2050 جي ويزن تحت جاري ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت، توانائي بحران جي  خاتمي لاءِ هر قدم کڻي رهي آهي.

 

مڪاني ادارن جي تباهي پرويز مشرف دور کان شروع ٿي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ سرڪاري زمين بحريا ٽائون ۽ ٻين هائوسنگ اسڪيمن کي ڏيڻ، مڪاني ادارن جي فنڊز جي غلط استعمال خلاف ٺهراءَ رد ڪيا ويا، متحده ايم پي اي هير سوهو کي ڪمند جي اگهه تي ٺهراءَ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي، جڏهن ته ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير خلاف ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران نوازليگ ايم پي اي سورٺ ٿيٻو سرڪاري زمين، بحريا ٽائون ۽ ٻين هائوسنگ اسڪيمن کي ڏيڻ خلاف ٺهراءَ پيش ڪيو، جنهن جي نثارکهڙو ۽ متحده ميمبرن پاران م خالفت ڪرڻ سبب ان کي رد ڪيو ويو. سورٺ ٿيٻو چيو ته سنڌ جي اربين رپين جي زمين ملڪ رياض کي ڏني وئي آهي ۽ هو موٽ ۾ خيرات جي رقم ڏئي احسان جتائي ٿو. اجلاس دوران متحده ايم پي اي هير سوهو ڪمند جي معاملي تي ٺهراءَ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي به نثارکهڙو ۽ ٻين ميمبرن مخالفت ڪئي. مخالف ڌر جي اڳواڻ شهر يار مهر مڪاني ادارن جي فنڊز جي غلط استعمال خلاف ٺهراءَ پيش ڪيو، جنهن به حڪومتي ڌر پاران مخالفت ڪرڻ سبب ان کي رد ڪيو ويو. ٺهراءَ تي ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته مڪاني ادارن جي تباهي پرويز مشرف جي دور ۾ شروع ٿي. هن چيو ته گوسڙو ملازم هوندا ته صفائي ڪير ڪندو ۽ مڪاني ادارن ۾ وڏي پئماني تي ڀرتيون ٿيڻ سبب مسئلا پيش اچي رهيا آهن. فنڪشنل ليگ جي نندڪمارگوڪلاڻي ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ وارو ٺهراءَ پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران متحده جي ارم فاروقي گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت کي روڪڻ ۽ محمد حسين اورنگي ٽائون ۾ نادرا جا وڌيڪ سينٽر کولڻ وارا ٺهراءَ پيش ڪيا، جن جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته صوبي ۾ 14سئو کان وڌيڪ عطائي ڊاڪٽرن جي نشاندهي ٿي آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

 

پاڪ-ڀارت جو گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق، پاڪستان سارڪ جو ايندڙ چيئرمين هوندو: جئي شنڪر

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ ڀارت، گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جئه شنڪر جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي پاڪستاني هم منصب اعزاز چوڌري کي ممبئي حملي ڪيس ۽ سرحدي ڀڃڪڙين بابت موقف کان آگاهه ڪيو. اسلام آباد ۾ ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جئه شنڪر پرڏيهي آفيس پهتو ته سندس پاڪستاني هم منصب اعزاز چوڌري آجيان ڪئي. بعد ۾ ٻنهي سيڪريٽريز وچ ۾ باضابطه ملاقات شروع ٿي. پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽريز وچ ۾ ملاقات دوران ٻطرفن لاڳن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڳالهين طرفان پاڪستان طرفان موقعف اختيار ڪيو ويو ته پاڪستان ڀارت سان جامع ڳالهيون بحال ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اعزاز چوڌري چيو ته جامع ڳالهين جو عمل ڀارت طرفان معطل ڪيو ويو هو جنهن کي بحال ڪرڻ به ان جي ئي ذميواري هئي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽري سطح جون ڳالهيون بهتر ماحول ۾ ٿيون. جئه شنڪر چيو ته ملاقات دوران پاڪ ڀارت سرحدي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي زور ڀريو ويو. سندس چوڻ هو ته ڳالهين دوران ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. جئه شنڪر چيو ته هــُن پاڪستان کي ممبئي حملي ڪيس ۽ سرحدپار ڀڃڪڙين بابت موقف کان آگاهه ڪيو. ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جئه شنڪر چيو ته پاڪستان سارڪ جو ايندڙ چيئرمين هوندو. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتل ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جئه شنڪر اڄ شام وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪندو جنهن بعد هــُو پريس ڪانفرنس ڪندو. ياد رهي ته ڀارت پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط جي ڪشميري حريت پسند اڳواڻن سان ملاقات کي جواز بڻائي پاڪستان سان پرڏيهي سيڪريٽري تي شروع ٿيندڙ ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون هيون.

 

وزير اعظم سان ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جي ملاقات، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم سان ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جي ملاقات، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون، تفصيل موجب: ڀارتي پرڏيهي وزير جئي ڪرشنا وزير اعظم هائوس ۾ وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن تي به ڳالهايو ويو، ملاقات ۾ ڀارتي هاءِ ڪمشنر ۽ وفد جي ٻين ميمبرن سان گڏ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، طارق  فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري به شرڪت ڪئي.

 

ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس، قومي سلامتي سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويو

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس جاري آهي، جنهن ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ قومي سلامتي سميت اهم معاملن تي  ويچاريو  پيو  وڃي. جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ جاري پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس جي صدارت پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف ڪري رهيو آهي. ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس ۾ سڪيورٽي صورتحال، پاڪ فوج جي پيشوراڻي معاملن ۽ ملڪ جي قومي سلامتي صورتحال تي غور ڪيو   پيو  وڃي. ذريعن موجب، ڪانفرنس ۾ دهشتگردن خلاف جنگ آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن خيبر ون جي ڪاميابين تي به غور ڪيو پيو وڃي.

 

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان مڪاني چونڊن جو شيڊيول اڄ تائين طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان مڪاني چونڊن جو شيڊيول اڄ تائين طلب ڪري ورتو، جسٽس جواد ايس خواجه چيو آهي ته گهڻي مذاق ٿي وئي، 17 سالن کان ڪنٽومينٽ بورڊز ۾ چونڊون ناهن ٿيون، وزيراعظم کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويندو، طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر اهو ذليل ۽ خوار ٿي رهيو آهي، حڪومتون چاهن ٿيون ته عوام وڃي کڏ ۾ پوي. سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي  3 رڪني بئنچ ڪئي، اٽارني جنرل، صوبن جا نمائندا ۽ اليڪشن ڪميشن جا عملدار پيش ٿيا. عدالت اليڪشن ڪميشن کان مڪاني چونڊن جو شيڊيول اڄ تائين طلب ڪري ورتو. عدالت ڪنٽومينٽ بورڊز ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ بابت وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي درخواست تي به اٽارني جنرل کان اڄ جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس جواد ايس خواجه ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل ڇا پيو چوي کين سمجهه ۾ نه ٿو اچي، گهڻي مذاق ٿي وئي، جڏهن وزيراعظم خلاف توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويندو ته پوءِ هو جواب ڏئي. جسٽس جواد چيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر اهو سرچشمو ذليل ۽ خوار ٿي رهيو آهي، حڪومتون چاهن ٿيون ته عوام وڃي کڏ ۾ پوي. هن چيو ته بلدياتي چونڊن لاءِ تاريخون ڏئي ٿڪجي پيا آهيون، عدالت کي عمل به ڪرائڻ اچي ٿو، جيڪڏهن هينئر مڪاني چونڊون نه ٿيون ته ايندڙ 10 سالن ۾ به نه ٿينديون. جسٽس جواد چيو ته مڪاني چونڊون نه ٿيڻ سبب توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، اهو توهين عدالت جو معاملو آهي، مڪاني چونڊون آئيني گهرج آهي پر اليڪشن ڪميشن 9 سالن کان پنهنجو فرض پورو ناهي ڪيو. عدالت بعد ۾ اليڪشن ڪميشن کان مڪاني چونڊن بابت شيڊيول لاءِ اڄ جواب ڪري ورتو، جڏهن ته وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي درخواست به اٽارني جنرل کان سڀاڻي جواب طلب ڪيو ويو.

 

وفاقي حڪومت آبادگارن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي: آصف زرداري

اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت آبادگارن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي  صدر آصف علي زرداري ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت آبادگارن کي نظر انداز ڪرڻ سان مختلف منصوبن جي رقم به ميٽرول منصوبي تي لڳائي ڇڏي آهي، هن چيو ته حڪومت ميٽرو جهڙن منصوبن سان سياسي فائدو کڻڻ چاهي ٿي، آبادگارن جا مسئلا اسان حل ڪنداسين.

 

افتخار چوڌري جي بلٽ پروف گاڏي جا خرچ حڪومت پئي ڀري: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ، رٽائرڊ ججز کي حاصل مراعتن واري معاملي تي سڀاڻي اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو آهي، قانون واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته افتخار چوڌري 6 هزار سي سي گاڏي استعمال ڪندو آهي، کيس فيول ۽ گاڏي جي مرمت جا خرچ حڪومت فراهم ڪندي آهي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين نئير بخاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير پرويز رشيد ايوان کي لکت ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته رٽائرڊ چيف جسٽسز کي هر مهيني گاڏين جي مرمت لاءِ 33 لک 75 هزار ۽ 29 رپيا فراهم ڪيا ويندا آهن، کين هر مهيني 3 سئو ليٽر تيل پڻ فراهم ڪيو ويندو آهي. سينيٽ ميمبرز سوال اٿاريو ته ٻين چيف جسٽسز جي ڀيٽ ۾ افتخار چوڌري کي ڪهڙيون مراعتون ڏنل آهن، جنهن تي پرويز رشيد ٻڌايو ته افتخار چوڌري 6 هزار سـِي سـِي بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪري رهيو آهي، گاڏي جي مرمت، فيول ۽ ٻيو خرچ حڪومت فراهم ڪندي آهي. هن چيو ته رٽائرڊ ججز کي ملندڙ ٻين مراعتن بابت سپريم ڪورٽ کي خط لکيو ويو آهي پر هن وقت تائين جواب ناهي آيو. چيئرمين نئير بخاري چيو ته سپريم ڪورٽ کي 6 ڀيرا معاملي تي خط لکيو ويو آهي پر هن وقت تائين جواب ناهي ڏنو ويو. نئير بخاري رولنگ ڏيندي چيو ته ايون ان معاملي تي قانوني ماهرن کي ٻڌڻ چاهي ٿو، اٽارني جنرل سڀاڻي ايوان اچي اگاهه ڪري. ايوان ۾ پ پ سينيٽر جهانگير بدر چيو ته اسٽينڊر چارٽر بينڪ سندس 2 اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ اڍائي لک رپيا هئا. ڊپٽي چيئرمين صابر بلوچ، جهانگير بدر ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان جي اڪائونٽ ۾ اڍائي لک آهن ته پوءِ توهان سينيٽر نٿا ٿي سگهو، ڇو ته سينيٽر ٿيڻ لاءِ 40 ڪروڙ رپين جي ضرورت هوندي آهي. سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته هي انتهائي اهم معاملو آهي، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار معاملي جو نوٽيس وٺي.

 

بلديا فيڪٽري سانحو: ملوث سمورن جوابدارن ۽ سندن همدردن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي: ڊي جي رينجرز جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رورٽر) ڊي جــِي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، بلديا فيڪٽري سانحي ۾ ملوث سمورن جوابدارن ۽ سندن همدردن کي بنا دير گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. رينجرز هيڊڪوارٽرز ڪراچي ۾ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر جي سربراهي ۾ بلديا سانحي بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سيڪٽر ڪمانڊرز سميت انٽيليجنس آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رينجرز انٽيجلنس طرفان بلديا  سانحي ۾ ملوث جوابدارن ۽ تنظيم جي نشاندهي ڪئي وئي جنهن بعد ڊي جــِي رينجرز ڪراچي آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جو حڪم ڏنو. رينجرز ترجمان موجب اجلاس ۾ ڀتي خور گروپ طرفان بلديه سانحي جي جاچ آفيسر ۽ متاثرن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي معاملي تي به غور ڪيو ويو جڏهن ته سانحي جي جوابدار رضوان قريشي جي اوچتي گمشدگي جو به جائزو ورتو ويو. ترجمان جو چوڻ آهي ته بلديا سانحي جي جاچ ۾ ڪجهه ڌرين جي اثر انداز ٿيڻ تي ڳڻتي آهي. اجلاس دوران ڊي جــِي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر سانحي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سندن همدردن جي گرفتاري جو حڪم ڏيندي ڪراچي آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي.

 

مهمند ايجنسي ۾ تيز برساتن سبب ڇت ڪِري پئي، 4 ماڻهو اجل جو شڪار

مهمند ايجنسي(اي پي پي) مهمند ايجنسي ۽ ڪرڪ ۾ ڇتون ڪرڻ سبب 4 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 2 ٻار زخمي ٿي پيا. پي ٽي وي جي رپورٽ مطابق مهمند ايجنسي جي علائقي ۾ شديد برساتن سبب هڪ گهر جي ڇت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 4 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪرڪ جي علائقي ۾ ڪچي گهر جي ڇت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي فوت ۽ 2 ٻيا ٻار زخمي ٿي پيا.