تازيون خبرون

Daily Archives: March 3, 2015

پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم ميان نواز شريف، افغانستان کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو. پرائيم منسٽر هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف سان افغانستان جي سفير جانان موسازئي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خطي جي سڪيورٽي صورتحال سميت پاڪ – افغان لاڳاپن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وزيراعظم ميان نواز شريف ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن چاهي ٿو. ميان نواز شريف چيو ته اسلام آباد ڪابل سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندو. ٻئي طرف وزيراعظم ، سينيٽ چونڊن دوران پارٽي ميمبرز کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، نواز شريف چيو آهي ته ن ليگ جا قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جا ميمبر هلندڙ هفتي جي اجلاسن ۾ هر صورت ۾ حاضري يقيني بڻائين. وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب، ميان نواز شريف مسلم ليگ ن جي سربراهه طور پارٽي جي ميمبرز کي هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته 5 مارچ تي سينيٽ چونڊون ٿي رهيون آهن،جيڪو انتهائي اهم مرحلو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ن ليگ جا قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جا ميمبر هر صور ت ۾ اجلاسن دوران حاضري يقيني بڻائين. واضح رهي ته سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل 5 مارچ تي ٿيندو.

 

سنڌ ۽ ڪراچي کي الڳ چوڻ خلاف حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبر اٽڪي پيا، منهن ماري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ لفظ اندرون سنڌ تي نصرت سحر عباسي ۽ نثار کهڙو وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي، شرجيل ميمڻ ۽ مراد علي شاهه نصر سحر عباسي کان معافي گهرڻ جو اصرار ڪيو ايوان ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف گڏيل طور تي قرارداد منظور ڪري ورتي،  نجي ٽي وي جي رپورٽر تي حملي خلاف صحافين سنڌ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي پنهنجي سوال ۾ اندرون سنڌ لفظ استعمال ڪيو جنهن تي ايوان ۾ رڙيون پئجي ويون نصرت سحر عباسي ۽ نثار کهڙو وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي، تعليم واري وزير نثار کهڙو چيو ته اندرون سنڌ جي لفظ سان دل آزاري ٿي آهي  نصرت سحر عباسي معافي گهري شرجيل ميمڻ ۽ ناڻي واري وزير مراد علي شاهه به ان کان معافي گهرڻ تي اصرار ڪيو جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا اسيمبلي جي ڪارروائي مان تڪراري لفظ ڪڍي ڇڏيا، ايم ڪيو ايم جي محمد حسين جاري ترقياتي منصوبن  لاءِ فندز جاري نه ٿيڻ خلاف تحريڪ التوا پيش ڪئي جنهن جي حڪومتي وزيرن مخالفت ڪئي، ڊپٽي اسپيڪر تحريڪ ضابطي خلاف قرار ڏئي ڇڏي ڊگهي لوڊشيڊنگ  خلاف ايوان ۾ گڏيل طور تي قرار منظور ڪيئ وئي  اسيمبلي اجلاس ۾ نصرت سحر عباسي نجي ٽي وي جي نمائندي جي ڪار تي فائرنگ جي مذمت ڪئي ان موقعي تي اسيمبلي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين واڪ ٽائوٽ ڪيو سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ يقين ڏياريو ته آءِ جي سنڌ کان واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي.سنڌ اسيمبليءَ صوبي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو جڏهن ته گهرو کاتي صوبي ۾ مدرسن جا انگ اکر به اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي سهراب سرڪي صوبي ۾ بجلي جي فراهمي بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ڪري زرعي توڙي صنعتي معيشيت تباهه ٿي رهي آهي. ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت سرڪاري طور تي بجلي جي 22 ڪلاڪ فراهمي جو اعلان ڪري. اجلاس ۾ گهروکاتي صوبي ۾ مدرسن جا انگ اکر پيش ڪيا، جن مطابق سنڌ ۾ ڪل 5 هزار 860 مدرسا آهن، رجسٽرڊ مدرسن جو انگ 1663 ۽ غير رجسٽرڊ مدرسن جو انگ 1177 آهي، ڪراچي ۾ ڪل 1252 مدرسا آهن، جن مان 665 رجسٽرڊ ۽ 587 اڻ رجسٽرڊ آهن. سنڌ اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ۾ 266 مدرسا آهن، جن مان 202 رجسٽرڊ ۽ 74 اڻ رجسٽرڊ آهن، ميرپورخاص ۾ 269 مدرسا آهن، جن مان 140 رجسٽرڊ آهن، لاڙڪاڻي ۾ 450 مدرسان مان 251 رجسٽرڊ ۽ 169 اڻ رجسٽرڊ آهن. سکر ۾ مدرسن جو انگ 613 ڄاڻايو ويو، جن مان 395 رجسٽرڊ ۽ 219 اڻ رجسٽرڊ آهن، ايوان کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ رجسٽرڊ مدرسن جو ڪل انگ 5 هزار 668 آهي

 

آصف زرداري ۽ الطاف حسين ۾ رابطو، مفاهمت جاري رکڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ الطاف حسين وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، ماضي جي غلط فهمين کي نه ورجائڻ ۽ سنڌ ۾ مفاهمت جي فضا کي فروغ ڏيڻ لاءِ عزم ڪيو آهي الطاف حسين ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ٻنهي رهنمائن سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم لنڊن پاران جاري اعلاميه جي مطابق الطاف حسين ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ۾ ٻنهي رهنمائن سينيٽ جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي تي مبارڪباد به ڏني ٻنهي رهنمائن سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ملي جهلي ڪم  ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. آصف زرداري پيپلزپارٽي جي حق ۾ اسلام آباد کان سينيٽ جي چونڊن لاءِ ايم ڪيو ايم جي ٻن عورتون اميدوارن جي ڪاغذات نامزدگي واپس وٺڻ جو خيرمقدم به ڪيو.

 

سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون سال 2016 جي شروعات ۾ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن لاءِ سال 2016 جي شروعات ۽ پنجاب حڪومت هلندڙ سال نومبر ۾ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي.  سنڌ حڪومت، اليڪشن ڪميشن ڏانهن لکيل خط ۾ چيو آهي ته هو مڪاني چونڊون ايندڙ سال 2016 جي شرعات ۾ ڪرائڻ لاءِ تيار آهن. پنجاب حڪومت، پنهنجي خط ۾ هلندڙ سال 15 نومبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏئي ڇڏي آهي. ٻنهي صوبن خط ۾ چيو آهي ته مڪاني چونڊن لاءِ تڪبندين جو اختيار به اليڪشن ڪميشن کي ڏنو ويو آهي، جنهن تي فوري طور تي عملدرآمد شروع ڪيو وڃي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي،اليڪشن ڪميشن پاران سڀاڻي مڪاني چونڊن لاءِ حتمي تاريخ ڏيڻ جو امڪان آهي.

 

پ پ هميشه معذورن ۽ پورهيتن جو قدر ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه معذورن ۽ پورهيتن جي قدر ڪئي آهي. پيپلز پارٽي مزدورن، هارين ۽ پورهيتن جي پارٽي آهي ۽ اسان جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، اسان جي چيئرپرسن شهيد بينظير ڀٽو کان پوءِ هاڻ اسان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ان ويزن ۽ مشن کي کڻي اڳتي وڌي رهيا آهن. صوبي جي معذور ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي  مشڪلاتن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ اسان جي اوليج ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان سمورا قدم کڻي رهيا آهيون. هو سومر تي پنهنجي آفيس ۾ ڪنڌڪوٽ جي ٽن معذورن کي خصوصي موٽرسائيڪلن جي فراهمي جي موقعي تي ساڻن ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي ڪنڌڪوٽ جي ٽن معذور ماڻهن محمد صالح، بشير احمد ۽ مولاداد کي صوبائي وزير پنهنجي هٿن سان نئين خصوصي موٽرسائيڪلن جو تحفو ڏنو ۽ کين روڪ رقم به ڏني. ان موقعي تي انهن ٽنهي ماڻهن صوبائي وزير جو شڪريو ادا. شرجيل ميمڻ چيو ته اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان هن صوبي جي هڪ هڪ ماڻهو ۽ خاص ڪري ڪنهن سبب معذور ٿيندڙن جي مڪمل مدد ڪريون. هن چيو ته هن ملڪ جي آئين جي خالق ۽ پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن هن ملڪ جو آئين ٺاهيو ته هن آئين ۾ جتي اقليتن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرايو بلڪ هن معذورن لاءِ به مخصوص ڪوٽا کي مختص ڪرايو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي موجوده سنڌ حڪومت ۽ ان کان اڳ جي حڪومت به معذورن کي ميرٽ تي به نوڪريون ڏنيون ۽ کين مخصوص ڪوٽا کان وڌيڪ نوڪريون به ڏنيون ويون ۽ هاڻ به اسان ان تي گامزن آهيون. هن چيو ته ڪنڌڪوٽ جا اهي ٽيئي رهواسي ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ کيس گذارش ڪئي ته کين پنهنجي سفر جي غرض سان موٽرسائيڪلون گهربل آهن، جنهن تي مون فوري طور تي خصوصي آرڊر تي هڪ هفتي اندر اندر اهي ٽيئي خصوصي موٽرسائيڪلون تيار ڪرايون ته جيئن انهن کي سفر جو سامان ميسر ٿي سگهي. هن سمورن معذور ماڻهن جي جذبي کي ساراهيو ته انهن ٽنهي همت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي پنهنجي ڪاروبار کي ترجيح ڏني ۽ سرڪاري نوڪرين بجاءِ هو اڄ پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ ان ڪاروبار کي وسيع ڪرڻ جي غرض جڏهن کين مشڪلات ٿي ته هن مون سان رابطو ڪيو ۽ مون انهن جي ان مطالبي کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ پورو ڪيو ۽ اهو منهنجو ڪو احسان ناهي بلڪ منهنجي صوبي جي انهن ماڻهن جو حق هو، جيڪو مون کين فراهم ڪيوآهي. هن ٽنهي ماڻهن کي ڪنڌڪوٽ ڏانهن روانو ڪيو ۽ کين سموروسفري خرچ ۽ تحفا پيش ڪيا.

 

سينيٽ چونڊون 5 مارچ تي ٿينديون، بيلٽ پيپر جي ڇپائي جو ڪم شروع، اڄ روانگي ٿيندي

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ چونڊون 5 مارچ تي ٿينديون ان ڏس ۾ 52 سيٽن تي ميمبرن جي چونڊ لاءِ بيلٽ پيپر جي ڇپائي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي تفصيل مطابق سينيٽ چونڊون پنج مارچ تي ٿينديون پنجاب ۽ سنڌ جي 11-11 سيٽن تي اميدوارن جي چونڊ ٿيندي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي سيٽن تي چونڊون ٿينديون جنهن لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي  جا ميمبر ووٽ وجهي سگهندا فاٽا جي چئن سينيٽرن جي چونڊ فاٽا جا قومي اسيمبلي ميمبر ڪندا جڏهن ته وفاقي گادي واري هنڌ مان ٻن اميدوارن جي چونڊ قومي اسيمبلي ميمبر ڪندا خانگي ٽي وي مطابق 4000 بيلٽ بيپرز پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ڇپايا پيا وڃن سنڌ ۽ بلوچستان جا بيلٽ پيپر سنڌ ۾ ڇپجي رهيا آهن پنجاب جي بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جو ڪم پنجاب ۾ ٿي رهيو آهي فاٽا خيبرپختونخواهه اسلام آباد جا بيلٽ پيپر اسلام آباد ۾ ڇاپجي رهيا آهن جنرل سيٽن لاءِ اڇو رنگ عورتن لاءِ گلابي رنگ جا بيلٽ پيپر سينيٽ چونڊن ۾ استعمال ٿيندا عالمن ۽ ٽيڪنوڪريٽس لاءِ حلقو سائو رنگ ۽ اقليتن لاءِ پيلو بيلٽ پيپر چونڊن ۾ استعمال ٿيندو ذريعن مطابق بيلٽ پيپرن جي ڇپائي 24 ڪلاڪن اندر ٿي ويندي روانگي اڄ شروع ٿيندي.

 

اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ لاءِ مهانگي بڪتر بند گاڏين جي خريداري جو ذميوار صوبائي گهرو سيڪريٽري کي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي دفاعي پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ لاءِ مهانگي بڪتر بند گاڏين جي خريداري جو ذميوار صوبائي گهرو سيڪريٽري کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي ايف بي آر چيئرمين خلاف پڻ التويٰ واري رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ چيئرمين سهيل منصور جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي دفاعي پيدوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ پڻ شرڪت  ڪئي. اجلاس ۾ ايف بي آر چيئرمين جي نه اچڻ تي ڪميٽي پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس خلاف التويٰ واري رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ پاران سربيا جي ڪمپني کان مهانگي اگهه تي بڪتربند گاڏين جي خريداري تي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته 5 ڪروڙ رپين جي گاڏين جي 24 ڪروڙ رپين ۾ خريداري ڇو ڪئي وئي، جنهن تي آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته هن وقت معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، عدالت جو فيصلو اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي.  ڪميٽي چيئرمين سهيل منصور چيو ته مهانگي اگهه تي گاڏين جي خريداري جو ذميوار گهرو سيڪريٽري آهي. دفاعي پيدوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير چيو ته هو سربيا جي ڪمپني کان بهتر گاڏيون فراهم ڪري سگهن ٿيا پر خبر ناهي ڇو پرڏيهي ڪمپنين کان گاڏين جي خريداري ڪئي وئي. راڻا تنوير چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪري کيس آگاهه ڪيون هو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ناهن ٿيون ۽ بڪتر بند گاڏين جي خريداري وارو معاملو توهان لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي.

 

اسلام ۽ مسلمان کي بدنام ڪرڻ آمريڪي جنگ جو حصو آهي: سراج الحق

نوشهره (م.ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسلام ۽ مسلمانن کي بدنام ڪرڻ يورپ ۽ آمريڪا جي جنگ جو حصو آهي دين کي غالب ۽ دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل اتفاق ۽ اتحاد ضروري آهي، نوشهره   تقريب کي خطاب ۾ سراج الحق جو چوڻ هو ته ڪجهه تعليمي ادارن ۾ چاڪ به دستياب ناهي جڏهن ته ڪجهه ادارن ۾ امتحان آڪسفورڊ مان ورتا ويندا آهن، هن چي ته 3 لک ٻار مدرسن ۾ ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جن لاءِ هڪومت جي  بجيٽ ۾ هڪ پائي به نه ٿي رکي وڃي.

 

پ پ ۽ جي يو آءِ (ف) هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث آهن، سينيٽ چونڊن ۾ اوپن راءِ شماري ڪرائي وڃي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پ پ ۽ جي يو آءِ ف هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث آهن، سينيٽ چونڊن ۾ اوپن راءِ شماري ڪرائي وڃي، لڳي ٿو حڪومت ان معاملي ۾ به سنجيده ناهي. اسلام آباد ۾ بني گالا ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آصف علي زرداري سان صرف ون پوائنٽ ايجنڊا تي ڳالهه ٿي، کيس چيو ته سينيٽ ۾ هارس ٽريڊيڊنگ روڪي وڃي ان سان جمهوريت تباهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ اوپن راءِ شماري رائي وڃي پر پيپلز پارٽي کليل راءِ شماري جي مخالف آهي، حڪومت به هارس ٽريڊنگ روڪڻ ۾ سنجيده نظر نه ٿي اچي. هن چيو ته هو خيبر پختون خواهه ۾ هارس ٽريڊنگ روڪيندا، سينيٽ چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽي سان ڊيل نه ٿيندي……

 

ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري سبرامنيم جي شنڪر اڄ اسلام آباد پهچندو

اسلام آباد (بيورو) ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري سبرامنيم جي شنڪر سارڪ ياترا جي ٽئين مرحلي ۾ سڀاڻي اسلام آباد پهچندو، سبرامنيم جي شنڪر ٻن ڏينهن اسلام آباد ۾رهندو پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽري ملاقات سڀاڻي صبح جو پرڏيهي آفيس ۾ ٿيندي جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي پاڪ ڀارت ڳالهيون ٿينديون، دوري ۾ ڀارتي  پرڏيهي وزارت جو اعليٰ سطحي وفد به پرڏيهي سيڪريٽري سان گڏ هوندو، ڳالهين ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جا سمورن حصن جو جائزو ورتو ويندو سبرامنيم جي شنڪر پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان به ملاقات ڪندو جڏهن ته پاڪ ڀارت گڏيل پريس ڪانفرنس جو فيصلو اڃان تائين ناهي ٿيو، ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات طئه ڪئي پئي وڃي، ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو خصوصي پيغا۾ پاڪستاني قيادت کي پهچائيندو،  ڀارت ٻه طرفي پرڏيهي سيڪريٽري ڳالهيون گذريل سال ملتوي ڪيون هيون ڀارت پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط جي ڪشميري قيادت سان ملاقات کي ڳالهين جي ملتوي جو لاءِ عذر بڻايو هو.