تازيون خبرون

Daily Archives: February 27, 2015

مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪرن تي خطبا ڏنا ويندا، حڪومت روڪي ڏيکاري: مولانا راشد محمود سومرو

سکر(رپورٽر)جميعت العلماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته، جمعي جي ڏينهن تي مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪرن تي خطبا ڏناويندا، حڪومت روڪي ڏيکاري. مدرسن کي زبردستي لڳل تالا 2 اپريلنه کوليا ويا ته حيدرآباد کان ڪراچي طرف مارچ ڪري وڏي وزير جي گھر جو گھيراءُ ڪيو ويندو. شهيد خالد محمود جا قاتل معافي لاءِ ميڙ کڻي اچن ٿا پر کين ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو. سکر جي گھنٽا گھر چوڪ تي تحفظ ناموس رسالت ۽ مدارس ريلي کي خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته، هو دهشتگردي خلاف حڪومت سان گڏ آهن، پر دهشتگردي جي آڙ وٺي هو مدرسن خلاف ڪارروائي برداشت نه ڪندا، هن چيو ته حڪومت مدرسن کي تالا هڻڻ ۽ عالمن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو فوري طور بند ڪري ۽ بند ڪيل مدرسن جا تالا پهرين اپريل تائين نه کوليا ويا ته ٻه اپريل تي جي يو آءِ جا هزارين ڪارڪن حيدرآباد کان سي ايم هائوس جي گهيراءُ لاءِ ڪراچي ڏانهن مارچ شروع ڪندا، هن چيو ته مدرسن کي تالا لڳڻ، عالمن جي گرفتاري ۽ اڳواڻن جي شهادت بعد هاڻي وٽن روڊن تي نڪرڻ کان سواءِ ڪوبه رستو ناهي بچيو، راشد محمود سومرو چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود جا قاتل وٽ منٿ ميڙ کڻي اچڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي پر هو واضح ڪن ٿا ته قاتلن کي خون معاف نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته شهيد جو ڪيس سست رفتاري جو شڪار ٿي ويو آهي، حڪومت تڪڙو ڪيس هلرائي قاتلن کي ڦاهي ڏياري، راشد محمود چيو ته اولهه جا ملڪ توهين رسالت ڪن ٿا، انهن ملڪن سان حڪومت ناتا ختم ڪري ڇڏي، ان کان اڳ جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل جي هزارين ڪارڪنن لکي غلام شاهه وٽ آجيان ڪئي، جتان سوين گاڏين تي سوار هزارين ڪارڪنن کيس جلوس جي شڪل ۾ سکر جي مک ڪاروباري مرڪز گهنٽاگهر وٽ پهچايو، جلسي دوران سيڪيورٽي جا انتظام سوين ڏنڊا بردار ڪارڪنن حوالي رهيا.

 

نوابشاهه ڀرسان نشائي مڙس معمولي ڳالهه تان پنهنجي زال کي ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري وڌو

نوابشاهه(رپورٽر)بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ چوڌري ڀرڪت آرائين ۾ وحشي ۽ نشائي  مڙس، عبدالخالد خاصخيلي  معمولي  ڳالهه تان چئن ٻارڙن جي  ما۽ ۽ پنهنجي زال مسمات زرينه کي ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ علاج لا۽ نوابشاهه اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي زخمي عورت ٻڌايو ته مڙس نشو ڪندو هئيو ۽ مونکي ناجائز  مارڪٽ ڪندو هئيو ۽ اڄ صبح جو پڻ منهجو وڏو پٽ عاشق کير وٺڻ لا۽ ٻاهر ويو ته جوابدار ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو هن چيو ته مڙس ڪجهه ڏينهن اڳ پڻ مونکي چيو ته مان ٻئي شادي ٿو ڪيان ان تان پڻ هن مونکي مارڪٽ ڪئي هوڏانهن حد جي پوليس واقعي کان بي خبر بڻيل هئي، عورت مطالبو ڪيو ته مونکي وحشي ۽ نشائي مڙس مان تحفظ ڏياريو وڃي

 

ڪراچي ۾ بل بورڊ لڳائڻ بابت سپريم ڪورٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ بل بورڊ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي عدالت جي ايم سي سميت 17 ٻين ادارن کان بل بورڊ لڳائڻ جي قانونن بابت رپورٽ 3 هفتن ۾ طلب ڪري ورتي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ بل بورڊ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ميونسپل ڪمشنر مسعود عالم عدالت ۾ بيان ڏنو ته ڪي ايم سي وٽ شارع فيصل تي بل بورڊ جي مد ۾ 85 ڪروڙ روپين جو ٺيڪو آهي شارع فيصل تي ڪل 6 ادارن وٽ اشتهارن لاءِ سائن بورڊ ڏيڻ جو اختيار آهي جسٽس امير هاني مسلم استفسار ڪيو ته 85 ڪروڙ روپين لاءِ جيتري مرضي چاهي جانيون لي وڃن ڪابه پرواهه ناهي عدالت حڪم ڏنو ته ڊپٽي اٽارني جنرل وفاق کان ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ صوبائي حڪومت کان بل بورڊ لڳائڻ جي طريقيڪار ۽ قانونن جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪري.

 

مسيحي جوڙي کي ساڙڻ وارو واقعو، عدالت اڳڀرائي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ ڪوٽ راڌا ڪشن ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ان موقعي تي پوليس طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪيس ۾ نامزد 140 جوابدارن مان 80 کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 3 مرڪزي جوابدارن مان 2 کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ٽئين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جسٽس عظمت سعيد ان موقعي تي پوليس جي رپورٽ تي پنهنجن ريمارڪس ۾ چيو ته پوليس جي ٺاهيل رپورٽ مان لڳي ٿو ته معاملي کي سنجيده ناهي ورتو ويو جڏهن ته هي عالمي معاملو آهي جنهن سبب پرڏيهي پاڪستان جي بدنامي ٿي  جسٽس عظمت سعيد جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ اقليتن کي زنده ساڙن ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ به 2 ماڻهن کي ساڙي ماريو ويو.

 

شادي کانپوءِ به فلمن ۾ ڪم ڪنديس: سوها علي خان

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره سوها علي خان چيو آهي ته هن فلم انڊسٽري کان ڪوبه وقفو ناهي ورتو ۽ شادي کانپوءِ به فلمن ۾ ڪم ڪندي رهنديس، ممبئي ۾ هڪ تقريب دوران سوالن جا جواب ڏيندي سوها علي خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان هن وقت به فلمن ۾ ڪم ڪري رهي آهيان ۽ ڪجهه عرصو اڳ ئي منهنجي فلم 31 آڪٽوبر جي شوٽنگ ختم ٿي آهي ۽ هنن ڏينهن ۾ ان جي پوسٽ پروڊڪشن تي ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ فلم گهائل جي سيڪوئل گهائل ونس اگين جي شوٽنگ شروع ٿيڻ واري آهي هي هڪ ايڪشن فلم آهي جنهن ۾ مون کي سني ديول سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي ۽ مان ان فلم کي تمام گهڻو اڳتي ويندي ڏسي رهي آهيان.

 

سونم ڪپور هن سال پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سونم ڪپور هن سال پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪري وٺندي، سونم ڪپور پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته هوءَ هن سال پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، هن چيو ته سندس زندگي ۾ رڳو اهو پڇتاءُ هو ته هوءَ فلمي مصروفيتن جي ڪري پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪري سگهي، کيس هر وقت اڻپورو هئڻ جو احساس رهندو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ هوءَ هن سال گريجوئيشن جو امتحان ڏيندي

 

اداڪاره انوشڪا شرما سلمان خان سان گڏ ڪم نه ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره انوشڪا شرما سلمان خان سان ڪم نه ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي سلمان خان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته سلمان خان بالي ووڊ تي راڄ ڪري ٿو ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ هن لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، واضح رهي ته انوشڪا شرما اداڪار سلمان خان جي ويرات ڪوهلي خلاف بيان بعد ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، پر سندس چوڻ هو ته فلم ”سلطان“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن پروڊيوسر ساڻس رابطو ناهي ڪيو

 

غيرقانوني هٿيار ڪيس، سلمان خان جي خلاف ڪيس جو فيصلو ملتوي

جوڌپور(شُوبز نيوز)ڀارت جي شهر جوڌپور جي عدالت سلمان خان جي ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائڻو هو جڏهن ته عدالت اداڪار جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست قبول ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ ڪيس جو فيصلو 3 مارچ جو ٻڌو ويندو ، سلمان خان جي خلاف غيرقانوني هٿيار رکڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو  ڪيس سورهن سال پهرين جوڌهپور ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

 

اسڪائش ٽيم جو ميگا ايونٽ ۾ پهرين ميچ کٽڻ جو خواب حقيقت ۾ تبديل نه ٿي سگهيو

ڊونيڊن(اسپورٽس نيوز) سميع الله شنواري جي بهترين ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ افغانستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ اسڪاٽ لينڊ کي آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي پول اي جي ٽئين مي ۾ هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. سميع الله کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. افغانستان جي ايونٽ ۾ پنهنجي پول اي جي پهرين ٻن ميچن ۾ شڪست کانپوءِ اها پهرين ڪاميابي آهي. سميع الله 96 رنسون ٺاهيون. اسڪائش بالرن پڻ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو پر ان جي باوجود به اسڪائش ٽيم جو ميگا ايونٽ ۾ پهرين ميچ کٽڻ جو خواب حقيقت نه بڻجي سگهيو. افغانستان جي ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورز ۾ 210 رنسون ٺاهي افغانستان جي ٽيم کي 211 جو هدف ڏنو جيڪو افغان ٽيم 49.3 اوورز ۾ حاصل ڪري ورتو ۽ اسڪائش ٽيم جو ميگا ايونٽ ۾ پهرين ميچ کٽڻ جو خواب حقيقت ۾ تبديل نه ٿي سگهيو. افغانستان جي ٽيم جي سميع الله شنواري کي بهترين ڪارڪردگيءَ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

 

تلڪرتني دلشان ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ سري لنڪا طرفان وڏي اننگز کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) تلڪرتني دلشان ورلڊ ڪپ جي مقابلن ۾ سري لنڪا طرفان وڏي اننگز کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. هن اهو ڪارنامو گذريل ڏينهن بنگلاديش خلاف ميچ ۾ 161 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي حاصل ڪيو.38 سالن جي تلڪ رتني دلشان بنگلاديشي بالرن کي خوب ڊوڙايو ۽ گرائونڊ جي چئني طرف شاندار اسٽروڪ کيڏيا. هن 146 بالن کي منهن ڏيندي 161 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي جنهن ۾ 22 چوڪا شامل هئا، اها سندس ڪيريئر بيسٽ اننگز ۽ 21 هين سينچري آهي. اهڙي ريت هو ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ وڏي اننگز کيڏندڙ سري لنڪا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ اهو اعزاز اڳوڻي ڪپتان اروندا ڊي سلوا وٽ هو جنهن 1996ع جي عالمي ڪپ ۾ 145 رنسن جي اننگز کيڏي هئي