تازيون خبرون

Daily Archives: February 24, 2015

سنڌ ۾ هر ڏيڍ ڪلوميٽر جي فاصلي تي اسڪول قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سوالن جوابن جي وقفي دوران صوبائي وزير نثار کهڙي ۽ فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي وچ ۾ پڻ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. نصرت سحر عباسي چيو ته اربين رپين جي فنڊنگ باوجود اسڪولن ۾ ٻارن کي صاف پاڻي فراهم نه ٿي رهيو آهي. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته سنڌ ۾ هر ڏيڍ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اسڪول قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي جڏهن ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جو معاملو واٽر سپلاءِ اسڪيم سان ڳنڍيل آهي. حيدرآباد لاءِ رکيل ترقياتي فنڊ جاري ڪرڻ بابت صابر قائمخاني جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي صوبائي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٽن سالن دوران حيدرآباد ڊويزن لاءِ 2 ارب 30 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا. مراد علي شاهه چيو ته روڊن جي اڏاوت لاءِ هڪ ڏهائي 13 ملين، عمارتن لاءِ هڪ ڏهائي 16 ملين جاري ٿيا. خيرپور ۾ سرڪاري اسڪولن جي بندش بابت عائشه خاتون ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. نثار کهڙي چيو ته خيرپور ۾ 14 بند اسڪول کولرايا ويا آهن، جڏهن ته اسڪول استاد نه هئڻ ۽ 2 اسڪول آبادي جي منتقلي سبب بند هئا. حيدري مارڪيٽ آڏو موٽر سائيڪل آچر بازار بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي متحده ميمبر جمال احمد چيو ته موٽر سائيڪل بازار هئڻ سبب شهرين ۽ واپارين کي مسئلا پيش اچي رهيا آهن. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته موٽر سائيڪل آچر بازار غير قانوني آهي، جڏهن ته ڪارروائي پوليس جو ڪم آهي. هن چيو ته ڪي ايم سي آچر بازار لاءِ اجازت ناهي ڏني، ٽريفڪ پوليس ايڪشن وٺي سگهي ٿي. ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

ڊيره غازي خان ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر، 3 مسافر فوت

ڊيره غازي خان(م.ڊ) ڊيره غازي خان ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر سبب 3 مسافر فوت ۽ 25 زخمي ٿي پيا ريسڪيو ذريعن مطابق مسافر بس پشاور کان ڪراچي وڃي رهي هئي انڊس هاءِ وي تي شادن لنڊ واري جاءِ تي مسافر بس مخالف سائيڊ کانن ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 25 زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن زخمين کي ٽيچنگ اسپال ڊي جي خان منتقل ڪيو ويو جتي 2 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، سياسي پارٽي جي ڪارڪن سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، آءِ جي پوليس چيو آهي ته پوليس جي بهتر ڪارڪردگي سان ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسٽريم ڪرائيم جي خاتمي تي ڪم ڪيو پيو وڃي. اورنگي ٽائون ۾ مسجد ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. نادرن باءِ پاس تي فائرنگ جي نيجي ۾ ظهور نالي هڪ ڄڻو مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جو تعلق هڪ سياسي پارٽي سان آهي، جڏهن ته مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پوليس جي بهتر ڪارڪردگي سبب ڪراچي اندر ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته 7 ميهنن دوران شهر جي رڳو هڪ بئنڪ مان ڌاڙو لڳو، اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ هو ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهر مان ڏوهن جو مڪمل خاتمو سندن مقصد آهي، ان لاءِ هو سمورن حساس ادارن جي حمايت ڪن ٿا.

 

اسلام آباد ۾ روسي صحافي ماريه جو آفيس جي باٿروم مان لاش هٿ

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ رهندڙ روسي صحافي ماريه گولونينا پنهنجي آفيس جي باٿ روم ۾ مرد حالت ۾ ملي پوليس مطابق ملندڙ لاش ماريه نالي عورت جو آهي جيڪا مشهور برطانوي خابرو اداري جي پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ بيورو چيف هئي پمز ترجمان مطابق عورت ايف 8 جي هڪ آفيس جي باٿروم ۾ مرده حالت ۾ ملي ان جي جسم تي ظاهري طور تشدد جا نشان ناهن آفيس جي عملي عورت کي  اسپتال منتقل ڪيو عورت جو تعلق روس سان آهي.

 

آسڪر ايوارڊ 2015ع فلم ”برڊمين“ 4 ايوارڊن سان ميلو کٽي ورتو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ فلم برڊ مين بهترين فلم جو آسڪر ايوارڊ کٽي ورتو. لاس اينجلس ۾ منعقد 87 هين اڪيڊمي ايوارڊن جي تقريب ۾ بيسٽ پڪچر آسڪر جي حقدار فلم برڊ مين ۽ سي آءِ اي جي فرار ٿيندڙ انڊورڊ اسنوڊون تي ٺهيل فلم ”سٽيزن فور“ کي بيسٽ ڊاڪيو مينٽري آسڪر جي حقدار قرار ڏنو ويو. فلم برڊ مين بهترين فلم سان گڏ ٽي ٻيا ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيا جن ۾ بهترين هدايتڪار رچرڊ لنڪ ليٽر، بيسٽ اسڪرين پلي ۽ بيسٽ سينيماٽوگرافي جا آسڪر ايوارڊ پڻ شامل آهن. بهترين ايني ميٽڊ فيچر فلم جو ايوارڊ فلم ”بگ هيرو سڪس“ حاصل ڪيو جڏهن ته بيسٽ اينيميٽڊ شارٽ فلم جو آسڪر ”فيسٽ“ جي حصي ۾ آيو. 87 هين اڪيڊمي ايواردن ۾ بهترين مددگار اداڪاره فلم بواءِ هڊ جي پيٽريشيا ارڪيٽ جڏهن ته بهترين مددگار اداڪار فلم ”ويپليش“ جي جي ڪي سيمن کي قرار ڏنو ويو. بهترين اداڪاره جو هلندڙ سال جو آسڪر ايوارڊ اداڪاره جوليان مور کي فلم اسٽيل ايلس تي حاصل ٿيو جنهن ۾ هن الزائمر سبب متاثر پروفيسر جو ڪردار ادا ڪيو آهي. بهترين اداڪار جو آسڪر فلم ”دي ٿيوري آف ايواري ٿنگ“ جي اداڪار ايڊي ريڊمين کي مليو. 87 هين اڪيڊمي ايوارڊن جي تقريب ۾ اداڪار رابن وليمز کي پڻ ياد ڪيو ويو ۽ سندس فني خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. رابن وليمز 68 هين سال جي عمر ۾ گذريل سال آپگهات ڪري ڇڏي هئي.

 

وسيم اڪرم ۽ شعيب اختر کان دنيا ڊڄندي هئي، عمران خان ۽ جاويد ميانداد شاندار رانديگر هئا؛ سلمان خان

ڪراچي(شوبز نيوز)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي به پراڻا پاڪستاني ڪرڪيٽ ياد اچي ويا سلمان خان چيو آهي ته وسيم اڪرم ۽ شعيب اختر کان دنيا ڊڄندي هئي، عمران خان ۽ جاويد ميانداد شاندار رانديگر هئا، بالي ووڊ سپر اسٽار ڪرڪيٽ جو به تمام وڏو فين آهي ان کي به ڪنهن نئين پاڪستاني رانديگر کان شايد ڪا اميد ناهي دبئي ۾ هڪ تقريب ۾ پاڪستاني قوم وانگر ان کي به پراڻا رانديگر  ياد اچي ويا، سلمان خان پراڻن پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي تعريف ڪئي جڏهن ته ڪنهن نئين جو ذڪر به نه ڪيو.

 

شاهه رخ خان ”فين“ وسيلي ٻارن کي متاثر ڪرڻ جو خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان پنهنجي نئين فلم فين ذريعي ٻارن کي متاثر ڪرڻ جو خواهشمند آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر ۾ شاهه رخ خان جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي نئين ايندڙ فلم فين لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي هو چاهي ٿو ته فين وسيلي ٻارن جي محبت فلمن سان وڌي

 

سوستڪا مکرجي ۽ هيرو سوشانت سنگهه راجپوت وچ ۾ شوٽ ڪيل هاٽ سين بحث جو موضوع بڻيل

ممبئي(شوبز نيوز)فلم ڊٽيڪٽو بيو مڪيش بخشي جي رليز ٿيڻ کان اڳ ئي ان جي هيروئن خبرن جي سرخين ۾ جاءِ ٺاهن ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي ۽ بنگالي حسينا سوستڪا مکرجي جو چوڻ آهي هت هاٽ سين شوٽ ڪرائڻ ۾ ڪابه برائي ناهي ميڊيا رپورٽ مطابق سوستڪا مکرجي ۽ هيرو سوشانت سنگهه راجپوت وچ ۾ شوٽ ڪيل هاٽ سين بحث جو موضوع بڻيل آهي ڊائريڪٽر دباڪر بنرجي جي فلم ڊٽيڪٽو بيومڪيش بڪشي هڪ جاسوسي فلم آهي ۽ سوستڪا مکرجي فلمن جي ڪامياب ٿيڻ لاءِ بولڊ سين کي عمده ذريعو سمجهي ٿي هن جو چوڻ آهي ته هي ڪا نئين ڳالهه ناهي هاڻ ته فلمن ۾ ڪيس ۽ ٻيا بولڊ سين اهم سمجهيا وڃن ٿا

 

ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز کان شڪست، پاڪستاني ٽيم سخت پريشر ۾ اچي ويئي، پريڪٽس به منسوخ

برسبين (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي خلاف هڪٻئي پويان ٻن وين ناڪامين کان پوءِ سخت پريشن ۾ اچي ويئي سومر تي برسبين ۾ پهريان کان طئي ٿيل پريڪٽس نه ڪئي ۽ ان جي جڳهه مئنجمينٽ رانديگرن سان اهم ميٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پاڪستاني ٽيم آچر جي شام ڪرائسٽ چرچ ڱان برسبين پهتي هئي ۽ سومر جي صبح پهريون پريڪٽسيشن ڪرڻو هو بي بي سي مطابق پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ سفر ڪندڙ ميڊيا مئنيجر آغا اڪبر تصديق ڪئي ته سومر تي ٿيندڙ ٽيم پرئڪٽس ملتوي ڪئي ويئي آهي جڏهن ته ان جو چوڻ هو ته رانديگر جمنازيم ۾ ايڪسرسائيز ڪري رهيا آهن ٽيم مئنجمينٽ رانديگرن سان اهم ميٽنگ ڪندي جنهن ۾ ٻن وڏين ناڪامين جا سبب معلوم ڪرڻ سميت آئينده جي مئچن لاءِ رانديگرن جا حوصلا وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ انهن تي زور وڌو ويندو ته اهي ايندڙ مئچن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارين پاڪستاني ٽيم جي ايندڙ مئچ پهرين مارچ تي زمبابوي جي خلاف برسبين ۾ آهي ۽ ٽيم هاڻي وڌيڪ شڪست نٿي برداشت ڪري سگهي ڇو ته ان صورت ۾ ان کي وطن واپس اچڻو پوندو

 

آءِ سي سي ورلڊڪپ ۾ پنهنجي پهرين ڪاميابي تي خوش آهيان: آئن مورگن

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين آئن مورگن چيو آهي ته هو ورلڊڪپ ۾ پنهنجي پول جي ٽين ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ خلاف پهرين ڪاميابي تي خوش آهيان. هن چيو ته فتح ٽيم جي اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چيو ته پهرين ٻن ميچن ۾ شڪست کان پوءِ اسڪاٽ لينڊ خلاف ڪاميابي کان پوءِ ٽيم جو مورال بلند ٿيو اهي جنهن جو فائدو ٽيم کي پهرين مارچ تي سريلنڪا خلاف پڻ ٿيندو. هن چيو ته معين علي جي ڪارڪردگي تعريف جوڳي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسڪاٽ لينڊ خلاف ميچ ۾ راند جي هر شعبي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته رانديگر ورلڊڪپ ۾ باقي رهيل ميچن ۾ به پڻ شاندار ڪارڪردگي جي تسلسل کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندا.