تازيون خبرون

Daily Archives: February 23, 2015

باڊهه لڳ ڳوٺاڻو 11 وولٽيج بجلي جي تار ۾ وچڙي فوت، وارثن جو لاش رکي احتجاج، سيپڪو ذميوار قرار

باڊهه (رپورٽر) باڊهه لڳ ڳوٺ فيض محمد کوکر ۾ ڪريل بجلي جي پول جي 11 هزار وولٽيج جي تارن ۾ 50 ورهين جو ڳوٺاڻو قادن کوکر وچڙي فوت ڳوٺاڻن غلام قادر کوکر، غلام علي کوکر، اصغر نوناري، صفر مغيري ۽ ٻين نصيرآباد باڊهه روڊ تي سيپڪو نصيرآباد خلاف لاش رکي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي قادن کوکر جي پٽن غلام قادر ۽ غلام علي کوکر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بابا ٻنيءَ تان گاهه ڪري گاهه جي بري کڻي مٿي تي رکي ته کيس ڪريل بجلي جي پول جي تارن مان ڪرنٽ لڳو جنهن سبب بابا موقعي تي دم ڌڻي حوالي ڪيو ٻئي طرف ڄاڻايل پول جي باري ۾ ڳوٺاڻن چيو ته سيپڪو نصيرآباد ڊويزن کي ڪيترائي ڀيرا لکت ۽ زباني شڪايت ڪئي هئي ته بجلي جو پول زرعي زمين ۾ ڪريل آهي پر اختيارين ڪو به نوٽيس نه ورتو اڄ ان ڪري هڪ انساني جان جو نقصان ٿيو آهي جنهن جي زميوار سيپڪو نصيرآباد ڊويزن آهي هنن وس وارن کان گهر ڪئي ته ڄاڻايل ڊويزن جي ايس ڊي او عبدالستار چنه کي لاپرواهي ڪرڻ تي سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

نوابشاهه ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 35 ڄڻا بيهوش، اسپتال داخل

نوابشاھ (ڊ.ر) حبيب شگر مل ڪالوني نوابشاھ ۾ گهوٽ ارسلان جي مڱڻي جي تقريب ٿي جنهن ۾ ڄاڃين پاران کاڌو کائڻ کانپوءِ صبح 5 وڳي انهن کي دست ۽ اُلٽيون ٿي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ 37 ماڻهو بيهوش ٿي پيا، جنهن ۾ 30 مرد ۽ عورتون ۽ 7 ٻارڙا شامل آهن، جنهن ۾ 8 ورهين جي مريم، 10 ورهين جي آمنه، 7 ورهين جي فاطمه، 6 ورهين جي زينب، 5 ورهين جي نورا، 12 ورهين جو حسام، 9 ورهين جي ماريه، 70 ورهين جو حاجي علي محمد، صبور، فهيم، مسز عبدالغفور، وقار علي، فهميده، محمد عمران، خرم، محمد احسان، پرويز اختر، محمد زاهد، نجمه، محمد اظهر، شڪيل الرحمان، ثمينه، انيلا، عاطف، زاهد خان، نديم علي محمد، خرم، عنبرين زال نديم، محمد اسلم، جاويد اختر، مسز سليم، عابده بيگم، مينا، مسز افضل، حاذق، عاقب، نغمه ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته زينب زال بشير احمد شيخ، عذرا زال خرم شيخ چيو ته اسان گهوٽ ارسلان سان ڄڃ ۾ شامل هئا سين ۽ رات شگر مل ڪالوني ۾ مڱڻي جي تقريب هئي جنهن ۾ برياني، قورمو، رٻڙي کاڌي وئي هئي جنهن کي کائڻ کانپوءِ سب ڪو گهر موٽي آئيو ۽ صبح 5 وڳي گهوٽيتن ۽ ڄاڃين جي پيٽ ۾ ڳڙٻڙ شروع ٿي وئي جنهن ۾ دست ۽ اُلٽيون ٿي ويو ۽ اسان بيهوش ٿي وياسين. جڏهن ته ڊاڪٽر طارق محمود ٻڌائيو ته هي فوڊ ٽوائيزنگ جو ڪيس آهي ۽ اهو کاڌي کائڻ سبب ٿيو آهي.

 

تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن آر او کي خط لکڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن آر او کي خط لکڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري چيو آهي ته ڌانڌلي ڪندڙن 2013 جي چونڊن ۾ به آر اوز کي ڳجها خط لکيا هئا، اڄ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات ۾ معاملو اٿاريو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته ن ليگ کي فائدو ڏيڻ لاءِ قانون ٽوڙيو پيو وڃي، ن ليگ ٻين صوبن مان ووٽ رجسٽرڊ ڪرايا آهن. هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن کان اڳ ئي ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي، جنهن  کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران آر اوز کي خط لکڻ چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جي شروعات آهي، سڀاڻي اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات دوران ان معاملي کي اٿاريو ويندو.

 

بنگلاديش ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب 16 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

ڍاڪا (م.ڊ) بنگلاديش جي درياهه ۾ مسافر ٻيڙي ٻڏڻ سبب 16 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي گم آهن پرڏيهي خابرو اداري مطابق بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا جي ويجهو پدما درياهه ۾ مسافر بردار ٻيڙي مال بردار جهاز سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ ٻڏي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي ۾ سوار سئو کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي ويا، ريسڪيو آپريشن جي انچارج انسپيڪٽر زيهاد ميان جو چوڻ آهي ته حادثي ۾  ٻڏندڙ ۾اڻهن ۾ 16 جا لاش ڪڍيا ويا آهن ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي بچايو ويو آهي جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.

 

پريانڪا چوپڙا بالي ووڊ جي پرڪشس ۽ حسين ترين اداڪاره قرار

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي اداڪاره پريانڪا چوپڙا کي 2015ع جي خوبصورت ترين اداڪاره قرار ڏنو ويو آهي ڀارتي ويب سائيٽ طرفان ڪيل عوامي سروي مطابق پريانڪا چوپڙا کي سڀ کان وڌيڪ ماڻهن ڀارت جي پرڪشش۽ حسين ترين اداڪاره قرار ڏنو آهي دپيڪا پڊوڪون ٻئين، سونم ڪپور ٽئين ۽ شرڌا ڪپور حسين ترين اداڪارائن جي فهرست ۾ چوٿين نمبر تي آهي خوبصورت اداڪارئن جي فهرست ۾ ڪنگنا رناوت پنجين نمبر تي آهي.

 

انوشڪا شرما ننڍي اسڪرين تي ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي اداڪاره انوشڪا شرما ننڍي اسڪرين تي ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.ميڊيا رپورٽن مطابق اهڙو اهار هن پنهنجي نئين فلم (اين ايڇ ٽين) جي پروموشن ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ننڍي اسڪرين تي ڪم ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهي آهيان. هن چيو ته ان حوالي سان مستقبل قريب ۾ موقعو مليو ته ننڍي اسڪرين تي ضروور ڪم ڪنديس

 

سارا لورين ڀوجپور ۽ تامل فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل ساره لورين عشق ڪلڪ جي شوٽنگ دوران ڀارت ۾ ٺهندڙ ڀوجپوري ۽ تامل فلمن جي پيشڪش کي رد ڪري ڇڏيو فلم ۾ اڌيان ثمن سان ڪيل سين جتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي توجهه جو مرڪز بڻيو اتي ئي پاڪستاني اداڪاره جي شهرت جا چرچا هندي کان علاوه ٻين زبانن ۾ ٺهندڙ فلمن جي مشهور ڊائريڪٽرن ۾ به ٿيڻ لڳا آهن ان ئي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ٻن ڊائريڪٽرن ساره کي سائن ڪرڻ لاءِ ملاقات ڪئي پر فلم جي ڪهاڻي ٻڌڻ کانپوءِ هن انڪار ڪري ڇڏيو.

 

سلمان خان پنهنجي پسنديده ڪرڪيٽر جو نالو ٻڌائي ڇڏيو

دبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين محمد اظهرالدين کي پنهنجو پسنديده ترين ڪرڪيٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي دبئي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سلمان خان کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته اوهان جو پسنديده ڪرڪيٽر ڪير آهي ته ان تي هن جواب ڏنو ڪرڪيٽ اڇا منهنجي خيال ۾ ان ۾ 11 رانديگر هوندا آهن ۽ منهنجو پسنديده ڪرڪيٽر اظهرالدين آهي سلمان خان جو چوڻ هو ته سنگيتا بجلاڻي جو اڳوڻو گهروارو محمد اظهرالدين ان جو پسنديده ۽ بهترين رانديگر آهي هي ڪو سياسي بيان ناهي سنگيتا بجلاڻي کي ڪير سڃاڻي ٿو جو سڃاڻي ٿو اهو سمجهي سگهي ٿو ته پسند خراب ناهي.

 

ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي به 130 رنسن جي وڏي مارجن تان هارائي ڇڏيو

ميلبرن(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ 2015ع ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جا ستارا عروج تي آهن هنن پنهنجي ٻئين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي به وڏي مارجن تان هارائي ڇڏيو 130 رنسن سان شڪست ڏئي ٻئين فتح حاصل ڪري ورتي ۽ اعزاز جي دفاع ۾ هو اڳتي وڌي رهيا آهن 30 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم شروعات ۾ ئي مشڪلاتن جو شڪار رهي ۽ 12 جي اسڪور تي ان جي پهرين وڪيٽ ڪري پئي، هاشم آملا به وڌيڪ رنسون نه ٺاهي سگهيو ۽ 22 رنسون ٺاهي پويلين واپس هليو ويو ڊوپليسز 55 ۽ ڊويليئرز 30 رنسن سان ڪجهه مزاحمت ڪري سگهيا ان کان علاوه ڪوبه بيٽسمين ڀارتي بالرن سامهون نه بيهي سگهيو ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڀارتي بالرن جي حوالي ڪندا رهيا ائين ئي 177 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڏکڻ آفريڪا ڍير ٿي وئي، ڀارت طرفان اشون 3، موهت شرما ۽ محمد شامي 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون ان کان اڳ ڀارتي اوپنر شکر ڌون جي شاندار 137 ۽ اجنڪيا رهاني جي ففٽي جي مددسان ڀارت ستن وڪيٽن تي 307 رنسون ٺاهيون ميلبرن ۾ ڌوني ٽاس کٽي بيٽنگ ڪئي ٽئين ئي اوور ۾ روهت شرما رن آئوٽ ٿي ويو پر پوءِ ويرات ڪوهلي ۽ شکر ڌون 127 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي ڪوهلي 46 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو ته اجنڪيا رهاني اچي ويو هن صرف 60 بالن تي 79 رنسن جي اننگز کيڏي شکر ڌون شاندار سينچري ٺاهي ڌون 137 رنسن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو ڏکڻ آفريڪا طرفان مورني مورڪل 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

 

پنجون آل پاڪستان قائداعظم قائداعظم فٽبال ٽورنامينٽ 27 فيبروري کان شروع ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پنجون آل پاڪستان قائداعظم فٽبال ٽورنامينٽ 27 فيبروري کان رحيم يار خان ۾ شروع ٿيندو. ڊسترڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري رانا ضياءُ الرحمان ٻڌايو ته ٽورنامينٽ ۾ سڄي ملڪ مان 14 ٽيمون حصو وٺنديون جن ۾ پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان ريلويز، پاڪستان يوٿ اڪيڊمي ڪوئٽه، پنجاب يونيورسٽي ۽ ٻيون ٽيمون شامل آهن. هن ٻڌايو ته ٽورنامينٽ جو سيمي فائينل مقابلو 5 مارچ ۽ فائينل 6 مارچ تي کيڏيو ويندو.