تازيون خبرون

Daily Archives: February 21, 2015

ججز نظر بندي ڪيس: پرويز مشرف جا وڪيل پيش نه ٿيا، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد(بيورو) پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جا وڪيل پيش نه ٿيا، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڇونه پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. اسلام آباد جي دهشتگردي روڪ جي خاص عدالت ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران مشرف جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت چيو آهي ته ڏيڍ سال کان ڪيس هلي پيو ان  تي بحث ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، ڇونه پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. عدالت بعد ۾ پرويز مشرف جي هڪ ڏينهن کان حاضري کان آجو ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي حڪم ڏنو ته پرويز مشرف کي 27 فبروري تي پيش ڪيو وڃي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 فبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي……

 

فاٽا مان سينيٽر بڻجڻ لاءِ ٻولي 0 4 ڪروڙ تائين پهچي وئي ، سياسي قيادت کان نوٽيس وٺڻ جي گهر

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ چونڊن ۾ فاٽا مان سينيٽر بڻجڻ لاءِ ٻولي 0 4  ڪروڙ تائين پهچي وئي، سينيٽ چونڊون ڏينهون ڏينهن ويجهو اچي رهيون آهن اهڙيءَ طرح سينيٽر بڻجڻ لاءِ ٻولي ۾ به واڌ ٿي رهي آهي، هاڻ فاٽا مان سينيٽر بڻجڻ لاءِ قيمت 0 4  ڪروڙ تائين پهچي وئي آهي. ان حوالي سان پيپلزپارٽي جي اميدوار اخوندزاده چٽان کان پڇو ويو ته هن ٻڌايو ته فاٽا مان سينيٽر بڻجڻ لاءِ ٻولي 0 4  ڪروڙ تائين پهچي وئي آهي، سياسي قيادت کي گذريل چونڊن وانگر گڏجي ويهي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري کي روڪڻو پوندو جيڪڏهن پئسي جي اهڙيءَ طرح ڏي وٺ رهي ته مان پارٽي کي چئي ڇڏيندس ته مان سينيٽ چونڊن ۾ احتاجي طور حصو نه وٺندس. هوڏانهن ذريعن موجب فاٽا ۾ سينيٽر لاءِ ووٽ جي ٻولي 5 2  ڪروڙ جڏهن ته ڪي پي ڪي اسيمبلي جي ميمبرن کي ووٽ لاءِ 3  کان 6  ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي پئي وڃي.

 

سنڌ ۾ 21 خدمتن تي ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو: سڪندر مينڌرو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 20 کان وڌيڪ ليبر قانونن جو جائزو ورتو پيو وڃي ته جيئن 18 آئيني ترميم کان پوءِ انهن قانونن جي سنڌ اسيمبلي مان منظوري وٺي سگهجي اها ڳالهه جمعي جي ڏينهن صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران ٻڌائي سوالن واري وقفي پورهيي کاتي ۽ بورڊ آف روينيو بابت هئي وڏي وزير جي پاران ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ڪيترن ئي ميمبرن جي تحريري ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏنا هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ 21 خدمتن تي ٽيڪس وصول ڪيو ويندو آهي ۽ 2011 کان 2014 تائين سيلز ٽيڪس جي وصولي جو جيڪو هدف مقرر ڪيو ويو هو ان کان وڌيڪ وصوليون ٿيون سنڌ جي وڏي وزير هڪ سوال جي تحريري جواب ۾ ٻڌايو آهي ته 18 آئيني ترميم کان پوءِ ليبر جو معاملو صوبن جي حوالي ڪيو ويو آهي ليبر قانونن جي حوالي سان قانون سازي ڪئي پئي وڃي انهن قانونن جو جائزو وٺڻ لاءِ مالڪن ۽ پورهيتن ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي آهي قانونن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪنسلٽنٽ به مقرر ڪيو ويو آهي انهن قانونن ۾ فيڪٽريز ايڪٽ ،جبرد مشقت جي خاتمي جو ايڪٽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو آرڊيننس سميت ٻيا قانون شامل آهن وڏي وزير ٻڌايو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ جي روشني ۾ خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي وصولي جي لاءِ سنڌ روينيو بورڊ جوڙيو ويو هو ان جي چيئرمين ، ميمبرن ڪنسلٽنٽس، ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن سميت 145 آفيسر ۽ ملازم آهن انهن جون ڀرتيون ضرورت ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪيون ويون هن ٻڌايو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ پورهيتن جي رهائش جي لاءِ 6 اسڪيمن تي ڪم ڪري رهيو آهي ان کان علاوه 7 وڌيڪ اسڪيمون تيار ڪيون ويون آهن.

 

ڪارڪن پارٽي چونڊن سان گڏ بلدياتي اليڪشن جي مڪمل تياري ڪن: طاهر القادري

لاهور (م.ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري گذريل ڏينهن عوامي تحريڪ جي سينٽرل ورڪنگ ڪونسل جي اجلاس کي ٽيليفون تي خطاب ڪندي چيو ته ڪارڪن پارٽي اليڪشن سان گڏ بلدياتي چونڊ ن جي تياري ڪن، سينيٽ چونڊن دوران حڪومت 12 ارب رپيا سياسي رشوت تقسيم ڪئي، اليڪشن ڪميشن ڇو خاموش آهي، ڌانڌلي ۽ ماڊل ٽائون سانحي جي قومي اشوز تي حڪومت جي هٺڌرمي ۽ نڪ جي پڪائي اڳ کان وڌي وئي آهي، دهشتگردي خلاف آواز اٿارڻ تي عوامي تحريڪ خلاف حڪومت انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، ماڊل ٽائون دهشتگردي کانپوءِ منهاج القرآن جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، حڪمرانن جي ڪا ئي سازش ڪارڪنن جا حوصلا ڪمزور نٿي ڪري سگهي، ماڊل ٽائون سانحي جا قاتل بي نقاب ٿيڻ وارا آهن، هڪ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سسٽم کانسواءِ دهشتگردي ختم نه ٿيندي، سوئيس بينڪن مان لٽيل دولت واپس آڻڻ جي دعويدارن ڪرپشن جا وڌيڪ 5 سئو ارب دبئي منتقل ڪري ڇڏيا، هن چيو ته ايف آءِ اي ۽ نيب انهن امير پاڪستانين جي لسٽ جاري ڪري جن گذريل 18 مهينن ۾ کربين رپين جي پراپرٽي خريد ڪئي، هن چيو ته قرض ڪميشن ۾ تبديل ٿي بيروني ملڪن ۾ منتقل ٿي رهيو آهي، هي حڪمران جيستائين مڙهيل هوندا ملڪ ۽ عوام پيسجندو رهندو.

 

دپيڪا ڪيتري ئي وقت کان ڊپريشن ۽ پريشانيءَ جو شڪار رهي

ممبئي (شوبز نيوز) اهو ڪنهن به نه سوچيو هو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي اداڪارا خاموشيءَ سان پريشاني ۽ دٻاءَ واري صورتحال مان گذري رهي آهي، پر دپيڪا پڊوڪون بهادريءَ سان اهو ٻڌائڻ ۾ بلڪل به نه ڪيٻايو ته مٿس گذريل سال ڇا گذريو، جنهن تي مڙني حلقن جي همدردي ۽ ڀيٽا پڻ ماڻي ورتائين. اها هڪ ڪوڙي حقيقت آهي ۽ سندس ڪهاڻيءَ ڪيترن ئي ماڻهن کي ڇهي وئي. ان دوران ماڻهو هڪ انڪشاف تي دنگ رهجي ويا ته دپيڪا جھڙي اداڪارا ڪيتري وقت کان ڊپريشن ۽ پريشانيءَ سان منهن ڏئي رهي آهي، ان پريشاني ۽ ڊپريشن دوران دپيڪا کي محسوس ٿيندو هو ته سندس فون لاڳيتو وڃي رهي آهي، جنهن ڪري هوءَ ڪافي پريشان ۽ ڊنل رهڻ لڳي هئي، جنهن کان دپيڪا جا گھرڀاتي، سندس دوست ۽ دوستن جا دوست به وٽس ايندا رهيا، ان ئي دوران ڪيترائي ڊاڪٽر، حڪيم، فقير، بابا ۽ ٻيا ماڻهو پنهنجي سروس ۽ مدد لاءِ دپيڪا ۽ ان جي ٽيم تائين پهچڻ جون ڪوششن ۾ جُنبي ويا. دپيڪا پڊوڪون اهڙي ماحول مان نڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ته ان بابت جاگرتا مهم هلائي وڃي، جنهن تي کيس ڪيترن ئي ماڻهن کان سپورٽ ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ان سلسلي ۾ دپيڪا ڊاڪٽرن جي هڪ پينل سان ملاقات پڻ ڪئي، جيڪي ان ڪم لاءِ اڳرائي ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

 

رنبير ڪپور ڪترينه ڪيف کي وساري ويٺو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور ويلنٽائين ڊي پنهنجي گرل فرينڊ ڪترينا ڪيف سان گڏ گذاريو جڏهن ته ان ڏينهن گُلن جا تحفا دپيڪا کي ڏنا. ڪترينا ڪيف جيڪا پنهنجي فلم ”خطره“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي ان جي باوجود هن رنبير ڪپور سان ويلنٽائين ڊي ملهائڻ لاءِ وقت ڪڍيو ۽ هُن سان اهڙو ڏينهن ملهايو، پر رنبير ڪپور فلم ”تماشا“ جي سِيٽ تي ويلنٽائين ڊي جي خاص ڏينهن تي گلن جو تحفو وري دپيڪا پڊوڪون کي ڏنو.

 

وڪٽوريا کي فيشن جي دنيا ۾ ايندي ست سال گذريل ويا

نيويارڪ (ڪلچرل نيوز)  نيويارڪ ۾ جاري مرسڊيز بينز فيشن شو ۾ برطانوي فيشن ڊزائينر وڪٽوريا بيڪهم جي نرالي انداز جي ڪپڙن جي هاڪ ٿي رهي هئي، وڪٽوريا کي فيشن جي دنيا ۾ ايندي ست سال گذريل ويا آهن، پر بيڪهم پاران تيار ڪيل ڪپڙن پنهنجي الگ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي، بيڪهم پاران ڊزائين ڪيل ڪپڙا هڪ جھڙائيءَ بدران بيجوڙ ڪليڪشن سبب نمايان هوندا آهن، وڪٽوريا جو چوڻ هو ته هوءَ سوچيندي آهي ته موجوده دور جي عورتن کي ڇا پائڻ گھرجي ۽ کين ڪيئن نظر اچڻ گھرجي.

 

مان پنجابي سکڻ لاءِ پنهنجو لهجو درست ڪرڻ جي لاءِ ڪلاس وٺي رهي آهيان؛گوهر خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا گوهر خان پنجابي فلم ۾ ڪم ڪندي، گوهر خان پنجابي ڪاميڊي فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تمام خوش هئي، هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ مان ڳائڻي جسي گل کان پنجابي زبان جي لهجي جا ڪلاس وٺي رهي آهيان، هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ مون کي پنجابي ايندي آهي پر ان زبان جو لهجو مون لاءِ هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ مان پنهنجو لهجو درست ڪرڻ جي لاءِ ڪلاس وٺي رهي آهيان.

 

آءِ سي ورلڊ ڪپ؛ اڄ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ميچ ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي

ڪورائسٽ(اسپورٽس نيوز) 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ (اڄ) ڇنڇر تي وڌيڪ 2 ميچون کيڏيون وينديون. ان سلسلي ۾ ڇنڇر تي پهرين ميچ پول بي جي ٽيمن پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي. ٻئي ٽيمون پنهنجي پهرين پهرين ميچ ۾ شڪست جو مُنهن ڏسي چڪيون آهن. ٻنهي ٽيمن جي ڪوشش هوندي ته اهي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪن. ان لاءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيندو. ميچ پاڪستاني وقت مطابق صبح جو 3 وڳي شروع ٿيندي. ٻي ميچ پول اي جي ٽيمن آسٽريليا ۽ بنگلاديش وچ ۾ برسبين ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته ميگا ايونٽ جي مين رائونڊ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ميچ 18 مارچ تي کيڏي ويندي. ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل 24 مارچ تي ايڊن پارڪ آڪلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل 26 مارچ تي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيو ويندو. ميگا ايونٽ جي ٻن فائنلسٽ ٽيمن وچ ۾ فائنل ميچ 29 مارچ تي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويندي.

 

نيوزي لينڊ 14 سالن کان پوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ جي تيز ترين سينچري ٺاهي ورتي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 14 سالن کان پوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ جي تيز ترين سينچري ٺاهي ورتي. ڪيويز ٽيم هلندڙ سال ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف ميچ ۾ اهو سنگ ميل عبور ڪيو. نيوزي لينڊ کي ون ڊي ميچن جي تاريخ ۾ تيز ترين ففٽي ٺاهڻ جو به عالمي اعزاز حاصل آهي. نيوزي لينڊ 2007ع ۾ بنگلاديش خلاف کيڏيل ميچ ۾ 3.3 اوورن ۾ ففٽي مڪمل ڪئي هئي.