تازيون خبرون

Daily Archives: February 20, 2015

ڀارت طرفان پاڪستاني ٻيڙي کي تباهه ڪرڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڀارت طرفان پاڪستان جي هڪ ٻيڙي کي تباهه ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي وفاقي حڪومت کان واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته ڀارت طرفان سمنڊ اندر بين الاقوامي حدن اندر موجود پاڪستاني ٻيڙي جي تباهي مذمت جوڳو عمل آهي. پاڪستاني ٻيڙي کي اڳواٽ وارننگ ڏيڻ کانسواءِ تباهه ڪرڻ ڀارت جو جارحاڻو عمل آهي جيڪو عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته ڀارت پنهنجي ڪوسٽ گارڊز جي جارحاڻي عمل کي لڪائڻ لاءِ ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏنو ۽ چيو هو ته ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن ٻيڙي کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. عمران خان چيو ته سندس ڄاڻ مطابق اها ٻيڙي غريب پاڪستاني مهاڻن جي هئي جيڪي روزگار سانگي مڇي مارڻ لاءِ سمنڊ ۾ ويل هئا.

 

سراج الحق جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار، پئسي جي بنياد تي ووٽ خريد ڪيا پيا وڃن: جماعت اسلامي

پشاور(م.ڊ) اليڪشن ٽربيونل جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏئي ڇڏيا، سراج الحق چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ چوپائي مال جو ميلو لڳايو ويو آهي، جتي اسيمبلي ميمبرن جي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر قيمت لڳائي پئي وڃي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پشاور ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهتو، جتي جاچ پڙتال بعد سندس سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ درست قرار  ڏئي منظور ڪيا ويا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته سياسي پارٽين سينيٽ چونڊن لاءِ ڪارڪنن جي قربانين کي نظر انداز ڪري سرمائيدارن کي ٽڪيٽ ڏني آهي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن کي چوپائي جو ميلو لڳايو ويو آهي، جتي اسيمبلي ميمبرن جي رڍن ۽ ٻڪرين جيان قيمت لڳائي پئي وڃي. سراج الحق چيو ته چونڊيل نمائندن کي عوام ووٽ ڏئي اسيمبلين ۾ پهچايو، ووٽ وڪرو ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، جنهن به ووٽ وڪرو ڪيو، ان جي گهر آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته ملڪ کي ڪجهه ماڻهن يرغمال بڻايو آهي، پئسن جي سياست ختم ٿيڻ تائين حقيقي جمهوريت نه ايندي.

 

 

ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت

ٿرپارڪر (ڊ.ر) ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ سبب اڄ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ان کانپوءِ فيبروري مهيني ۾ فوت ٿيندڙ  ٻارڙن جو انگ 26 ٿي ويو آهي ٿرپارڪر ۾ غذائي ۽ مختلف بيمارين سبب ٻارن جي فوتگين جو سلسلو نه رڪجي سگهيو اڄ به سول اسپتال مٺي ۾ غذائي کوٽ سبب 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن فوت ٿيندڙ ٻارڙن ۾ 2 نوان ڄاول ٻار آهن ۽ هڪ ٻار 2 مهينن جو هو.

 

سهراب ڳوٺ ۾ پوليس مقابلو، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليس سهراب ڳوٺ جي علائقي ۾ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي ملير رائو انوار مجب ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ال آصف اسڪوائر جي ڀرسان دهشتگردن جي موجودگي ڇاپو هنيو ويو ته علائقي ۾ موجود جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي جنهن کانپوءِ وڌيڪ نفري کي طلب ڪيو ويو جڏهن ته انهيءَ دوران پوليس ۽ جوابدار ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. رائو انوار موجب ٽارگيٽ آپريشن ۾ 400 اهلڪارن حصو ورتو جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، جن جي قبضي ۾ آپگهاتي جيڪٽس، بارودي مواد ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن جوابدارن ڪيترن ئي ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هئا. هن چيو ته علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

 

بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي جي اڳڪٿي سبب ڀارتي ٽيم پريشان ٿي وئي

نئين دلي(شوبز نيوز)ڪرڪيٽ جي ميگا ايونٽ ورلڊ ڪپ 2015ع بابت بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي جي اڳڪٿي سبب ڀارتي ٽيم پريشان ٿي وئي آهي سنيل شيٽي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڀارتي ٽيم فائنل تائين پهچي ئي نه ٿي سگهي هن ان جو سبب ٻڌائيندي چيو ته يووراج ۽ ظهير خان جهڙن رانديگرن کي ٽيم جو حصو نه بڻائڻ ڀارتي ٽيم لاءِ وڏو نقصانڪار ثابت ٿيندو انهن رانديگرن سان وڏي زيادتي ڪئي وئي جنهن سبب ڀارتي ٽيم ۾ مڃيل بيٽسمين جي کوٽ آهي سنيل شيٽي چيو ته ڀارتي رانديگرن جي چونڊ تي مايوسي ٿي هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ آفريڪا جي ڪاميابي جا امڪان وڌيڪ آهن ۽ ان کان علاوه آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون به فائنل ۾ وڃي سگهن ٿيون.

 

اداڪار ورون ڌون پهريون ڀيرو ايڪشن ڪردار ۾ نظر ايندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ورون ڌون پهريون ڀيرو ايڪشن ۾ نظر ايندو، اداڪار جي فلم بدلاپور سئنيما گهرن ۾ اچڻ کان ٽوئيٽر تي هٽ ٿي وئي ورون ڌون بدلا پور ۾ رگهو نالي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو پنهنجي فيملي جي قتل جو بدلو وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهي، فلمساز ڪرن جوهر، اداڪاره سوناڪشي سنها ۽ ٻين ٽوئيٽر ت يفلم ۾ ورون ڌون جي اداڪاري کي زبردست قرار ڏنو، بدلا پور ۾ نواز الدين صديقي، يمي گوتم، هما قريشي به مرڪزي ڪردار  ۾ نظر ايندا فلم سڀاڻي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

بالي ووڊ اداڪار شڪتي ڪپور ڪانپور ۾ پنهنجو ڪن ڪٽرائي ويٺو

ڪانپور((شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ ولن جي ڪردار سان سڃاتو ويندڙ مشهور اداڪار شڪتي ڪپور جي مداح ان جي ڪن جي والي ڇڪيکيس زخمي ڪري وڌو ڀارتي ميڊيا مطابق شڪتي ڪپور ڪانپور ۾ پنهنجي ايندڙ فلم ۾ ساٿي اداڪارن تشار ڪپور ۽ آفتاب شيودساني سان گڏ فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف هو ته ان دوران عوام جو وڏو تعداد بالي ووڊ اداڪارن جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ جمع ٿي ويو جڏهن ته شوٽنگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ شڪتي ڪپور پنهنجن مداحن سان ملاقات ڪري رهيو هو ته اوچتو هجوم مان هڪ شخص هٿ وڌائي ان جي والي ڇڪي جنهن سبب ان جو ڪن زخمي ٿي پيو جنهن کانپوءِ شڪتي ڪپور کي فلم جي ٽيم فوري طور تي ويجهي ڪلينڪ منتقل ڪيو جتي ان کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

ڪومل رضوي پنهنجي نئين گاني ”توبهه هوگيا“ جي وڊيو رليز ڪري ڇڏي

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني پاپ ڳائڻي ۽ اداڪاره ڪومل رضوي پنهنجو نئون گانو ”توبهه هوگيا“ رليز ڪري ڇڏيو آهي  پنهنجي گهر ۾ گاني جي وڊيو جي رليز بابت تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪومل چيو ته توبهه هوگيا جي شاعري ڊريمي آهي هي صوفي به آهي ۽ رومانوي به، گاني جو ميوزڪ سعد سلطان ڏنو آهي جڏهن ته گاني جي وڊيو جي هدايتڪاري جا فرض اذان سميع خان انجام ڏنا آهن ۽ وڊيو جي شوٽنگ موعاظمي ڪئي آهي.

 

پاڪستاني ٽيم 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ورتيون

ڪرائسٽ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين احمد شهزاد چيو آهي ته ڀارت خلاف شڪست ماضيءَ جو حصو بڻجي وئي آهي. هن چيو ته سندس ٽيم شڪست کي وساري ويسٽ انڊيز جي خلاف ڪاميابيءَ لاءِ ميدان ۾ ايندي. پاڪستاني ٽيم 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ورتيون آهن جڏهن ته ٻئي ٽيمون گروپ بي جي اهم ميچ ۾ 21 فيبروري تي آمهون سامهون ٿينديون. هي ميچ پاڪستاني وقت جي مطابق رات 3 وڳي شروع ٿيندي. شروعاتي ميچن ۾ شڪست کانپوءِ ٻنهي ٽيمن لاءِ هي ميچ تمام گهڻو اهم آهي. انهن جي ڪوشش آهي ته ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ميگا ايونٽ ۾ جاندار واپسي آڻين. ان سلسلي ۾ مصباح اليون ڪرائسٽ چرچ ۾ تيارين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. رانديگرن پهرين ڏينهن ڀرپور ينٽ پريڪٽس ڪئي جڏهن ته گرين شرٽس جمعي تائين پريڪٽس ڪندي.

 

ڀارتي اسپنر روي چندرن اشون ٽريننگ سيشن دوران بال هٿ ۾ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو

ميلبورن(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اسپنر روي چندرن اشون ٽريننگ سيشن دوران بال هٿ ۾ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، اشون نيٽ پريڪٽس ۾ بيٽنگ ڪري رهيو هو ته فاسٽ بالر اميش يادو جو تاز بال سندس هٿ ۾ لڳو ۽ هو فوري طور نيٽ ڇڏي هليو ويو ڀارتي ٽيم انتظاميه مطابق اشون جي انجري سنجيده نوعيت جي ناهي اشون پاڪستان خلاف ميچ ۾ 3 ميدن اوور ڪرايا هئا ۽ ٽيم جي ڪاميابي لاءِ آساني پيدا ڪئي، ڀارت پنهنجي ايندڙ ميچ آچر تي ڏکڻ آفريڪا خلاف کيڏندو.