تازيون خبرون

Daily Archives: February 19, 2015

راولپنڊي ۾ شڪريال روڊ تي امام بارگاهه ويجهو ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا ، 7زخمي

راولپنڊي (م.ڊ) اسلام آباد جي شهر راولپنڊي ۾ ڪري روڊ تي امام بارگاهه قصر سڪينا ٻاهران ڌماڪي سان 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخيم ٿيا، زخمين کي گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، صدر ممون حسين ۽ وزيراعظم ڌماڪي جي مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته دهشتگرد پاڪ فوج جو عزم ڪمزور نٿا ڪري سگهن، جوابدار جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ هوندا، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي، اربع جي رات ڪري روڊ تي حملي آورن فائرنگ ۽ دستي بم سان حملو ڪندي امام بارگاهه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته بمبار کي امام بارگاهه ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو ته ان پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخيم ٿيا، شهيدن ۾ غلام رسول ۽ عبدالشڪور شامل آهن، اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته امام بارگاهه ۾ فائرنگ جو آواز ٻڌندي نمازين امام بارگاهه جو مين گيٽ بندڪري ڇڏيو جنهن بعد حملي آور دستي بم سان حملو ڪيو ۽ هو پاڻ به ان دستي بم جو نشانو بڻجي ويو ۽ ان جي خودڪش جيڪٽ نه ڦاٽي، جڏهن ته حملي آور بچي نه سگهيو، سيڪيورٽي فورسز بمبار جو لاش تحويل ۾ وٺي جيڪيٽ کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، ذريعن مطابق حملا آور جو لاش سڃاڻپ جوڳو آهي، ذريعن مطابق حملا آور جو ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن کي ڳولڻ لاءِ سرچ آپريشن ڪيو ويو، ڌماڪي وقت مغرب جي نماز ادا ڪئي پئي وئي، مارجي ويل عبدالشڪور نمازي ۽ غلام رسول سيڪيورٽي گارڊ هو. اکين ڏٺل شاهد ٻڌايو ته جيئن بمبار اندار داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان ماڻهن کي مسجد مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو هن ٻڌايو ته حملي وقت مسجد ۾ 35 کان 40 ماڻهو هئا، بمبار جي عمر 20 سال ٿي سگهي ٿي ۽ هي سرائڪي ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف ڌماڪي جي مذمت ڪندي فوتين جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين کي بتهرين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

جهنگ ۾ وين کي باهه لڳي وئي، 3 سڳا ڀائر ۽ ڀيڻ سڙي فوت

جهنگ (م.ڊ) مهاراجه ڳڙهه ۾ ڪيري ۾ باهه لڳڻ سبب 3 ڀيڻ، ڀاءُ فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هڪ خاندان جي ماڻهو شادي جي تقريب مان واپس پنهنجي گهر وڃي رهيا هئا ته مهاراجه ڳڙهه ويجهو ڪيري ۾ پيٽرول ليڪيج سبب باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڀيڻ،ڀاءُ فوت جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوت ٿيندڙ ٻارڙن ۾ 13 سالا زهره، 5 سالا گڙيا ۽ 3 سالا پٽ عباس سامل آهن زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

نوابشاهه ۾ معصوم نينگر واهه ۾ ٻڏي فوت، 10 ڪلان کانپوءِ لاش هٿ

نوابشاهه (ڊ.ر) جمشيد ڪالوني نوابشاهه جي رهواسي سونو جو 8 سالن جو معصوم پٽ ڪشور مبينه طور گاجر واهه ۾ ٻڏي فوت ٿئي  ويو جنهن جو لاش وارثن پاران نواز ڏاهري  وٽان واهه مان  هٿ ڪري نوابشاهه اسپتال آندو جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي معصوم ڪشور جي وارثن چيو ته اسان جي نينگر کي پاڙي جي نوجوان عمير ملڪ ساٿي سان گڏ گاجر وراهه ۾ ڌڪ ڏيئي ان کي قتل ڪيو آهي ۽ اسان  بي سيڪشن پوليس کي سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيو آهي ۽ پوليس  جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ لا۽ تيار نه آهي ۽ اسان کي شڪ آهي ته بي سيڪشن پوليس ڏوڪڙ وٺي اسان جي معصوم نينگر جو خون لوڙهي ڇڏيندي هنن چيو ته نوابشاهه ۾ اقليتي  برادري سان ظلم ٿئي رهيو آهي پر ميڊيا کانسوا۽ ٻيو ڪوبه اسان جي مدد نٿو ڪري هنن مطالبو ڪيو ته ڪشور کي بئرانچ ۾ ڌڪو ڏيئي ٻوڙي قتل ڪندڙ جوابدار عمير ملڪ ۽ ان جي ساٿين خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته فوت ٿيل ڪشور کي گهوٽ وانگي مٿي تي موڙ ٻڌي هٿن پيرن تي ميندي هڻي هنڌو مآهب جي ريستن رسمن بعد هنڌن جي قبرستان ۾ دفنايو ويو

 

اوستا محمد: ڪارنهن الزام هيٺ مڙس زال ماري ڇڏي

جعفر آباد(م.ڊ) اوستا محمد ۾ مبينه ڪارنهن جي الزام ۾ هڪ شخص فائرنگ ڪري پنهنجي گهر واريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او  محمدعلي جمالي مطابق اربع ڏينهن اوستا محمد جي علائقي ڳوٺ محمد نواز ۾ هڪ شخص عبدالخالق مبينه ڪارنهن جي الزام ۾ فائرنگ ڪري پنهنجي گهر واري مسمات مريم کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. پوليس لاش قبضي ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائيءَ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

 

ويرات ڪوهلي سان لاڳاپن جي قدر ڪريان ٿي: انوشڪار شرما

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره انوشڪا شرما ڀارتي ڪرڪيٽ ويرات ڪوهلي سان لاڳاپن جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته منهنجا ويرات ڪوهلي سان لاڳاپا آهن ۽ مان انهن جي قدر ڪريان ٿي، هن چيو ته مان انهن لاڳاپن بابت ان ڪري گهڻو ڳالهائن پسند ناهيان ڪندي ڇو ته اڃان اسان ٻئي پنهنجين حدن جي باري ۾ نه ٿا ڄاڻون هن چيو ته مون کان هر هر جڏهن ان حوالي سان پڇيو ويندو آهي ته مان تنگ ٿي ويندي آهيان ڇو ته هي منهنجو ذاتي معاملو آهي، هن چيو ته مان چڱي طرح ڄاڻان ٿي ته مون کي ڇو ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ان لاءِ ٻين کي ان باري ۾ ڳالهائڻ جو ڪوبه حق ناهي.

 

پاڪستان فلم انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪار آغا طالق جي 17هين ورسي اڄ ملهائي ويندي

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستان فلم انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪار آغا طالق جي 17هين ورسي اڄ (خميس) تي ملهائي ويندي. آغا طالش جو اصل نالو آغا علي عباس قزلباش ۽ هن جو آبائي وطن اوڀر پنجاب ڀارت جو شهر لڌيانه هو. ورهاڱي کان اڳ ئي کيس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جوشوق ممبئي وٺي ويو. مرحوم کي شعر ۽ ادب سان پڻ شوق هو. آغا طالش ورهاڱي کانپوءِ پهرين پشاور ۽ پوءِ لاهور ۾ رهائش اختيار ڪئي. هو پشاور ريڊيو سان پڻ لاڳاپيل رهيو. لاهور ۾ سندس پهرين فلم ”نٿ“ هئي. ان فلم ۾ ان سان گڏ اداڪار حفيظ جهان، صادق علي پرنس ۽ اداڪار ظريف پڻ ڪم ڪيو. اها فلم 1952ع ۾ رليز ٿي، ان کانپوءِ هو 1995ع ۾ ”جهيل ڪناري“ ۽ پوءِ 1956ع ۾ ”ديار حبيب“ ۾ اداڪاره ياسمين شوڪت سان گڏ هيرو آيو. مرحوم 40 سالن کان فلم نگريءَ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. آغا طالش ساهه جي بيماري، جگر جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ سبب 19 فيبروري 1998ع تي لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. آغا طالش جي ورسيءَ جي موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پڻ خاص مضمون شايع ڪيا ويندا.

 

پاپ ميوزڪ جي راڻي ليڊي گاگا پنهنجو همسفر ڳولي ورتو

نيويار(شوبز نيوز)پاپ ميوزڪ جي راڻي ۽ منفرد لباس سان پاڻ کي متعارف ڪرائيندڙ ليڊي گاگا به پنهنجو همسفر ڳولي ورتو، پاپ موسيقي جي راڻي ليڊي گاگا اعلان ڪيو آهي ته هوءَ جلد شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي ۽ هن همسفر چونڊي ورتو، 28 سالا ڳائڻي ٻڌايو ته ويلنٽائن ڊي تي شوبز سان لاڳاپيل 33 سالا ٽيلر ڪيني ان کي هيري جي منڊي ڏئي پرپوز ڪيو جنهن تي هوءَ انڪار نه ڪري سگهي گاگا اعلان ڪيو ته هوءَ جلد ٽيلر ڪيني سان شادي ڪندي ۽ شادي جي ڏينهن پنهنجي والده جو شادي وارو جوڙو پائيندي.

 

هالي ووڊ اداڪاره اينجلينا جولي 24 سال فلم نگري تي راڄ ڪرڻ کانپوءِ اداڪاري کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪمبوڊيا(شوبز نيوز)هالي ووڊ اداڪاره اينجلينا جولي 24 سال فلم نگري تي راڄ ڪرڻ کانپوءِ اداڪاري کي الوداع چئي ڇڏيو آهي، اينجلينا جولي جو چوڻ هو ته ذاتي سببن جي ڪري اداڪاري کي الوداع چئي رهي آهيان جڏهن ته فلم نگري سان منهنجو رشتو ختم ناهي ٿيو ڇو ته هاڻ مان اداڪاري نه پر ماڻهن کان اداڪاري ڪرائينديس جنهن لاءِ فلمن جي هدايتڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اينجلينا جولي جو چوڻ هو ته هاڻ هوءَ پنهنجي سموري توجهه هدايتڪاري ۽ فلاحي ڪمن ۾ صرف ڪندي.

 

ورلڊ ڪپ ۾ گروپ اي جي هڪ ميچ ۾ بنگلايش افغانستان کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪينبرا(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ ۾ گروپ اي جي هڪ ميچ ۾ بنگلايش افغانستان کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي ڪينبرا ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ بنگلاديش افغانستان کي ڪاميابي لاءِ 268 رنسن جو هدف ڏنو جواب ۾ افغان ٽيم 42.5 اوورن ۾ 162 رنسن تي ڍير ٿي وئي، بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو اوپنر انعام الحق ۽ تميم اقبال 47 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي تميم اقبال 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وي، جلد ئي بنگلاديش کي هڪ ٻيو نقصان کڻڻو پيو انعام الحق 29 رنسون ٺاهي پويلين جي راهه ورتي، سوميا سرڪار ۽ محمود الله ٽئين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 50 رنسون ٺاهي ٽيم جي پوزيشن کي ڪنهن حد تائين مستحڪم ڪيو ان موقعي تي سومر 28 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿيو محمود الله گهڻي دير نه بيهي سگهيو ۽ 23 رنسون ٺاهي پويليون واپس هليو ويو شڪيب الحسن ۽ مشفق الرحيم پنجين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 114 رنسون ٺاهي ٽيم کي مشڪلات مان ڪڍيو ۽ مجموعي اسڪور 233 رنسن تائين پهچايو شڪيب الحسن 63  ۽ مشفق الرحيم 71 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ايئن بنگلاديش جي پوري ٽيم قرر 50 اوورن ۾ 267 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي افغانستان طرفان حامد حسن، شاپور زادران، آفتاب عالم ۽ اشرف 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، 268 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ افغانستان جي بيٽنگ جي شروعات تباهه ڪندڙ رهي ۽ صرف 3 رنسن تي 3 رانديگر ائوٽ ٿي وئي افغانستان طرفان سميع الله شنواري 42، محمد نبي 44 ۽ نوروز مينگل 27 رنسون ٺاهي نمايان رهيا مشرفي مرتضيٰ 3 ۽ شڪيب الحسن 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

 

اڄ گروپ بي جون ٽيمون يو اي اي ۽ زمبابوي نيلسن ۾ آمهون سامهون ٿينديون

نيلسن (اسپورٽس نيوز) يارهين آءِ سي سي ورلڊڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي هڪ هڪ مئچ کيڏي ويندي. ان سلسلي ۾ اڄ خميس ڏينهن کيڏجندڙ مئچ ۾ گروپ بي جون ٽيمون يو اي اي ۽ زمبابوي نيلسن ۾ آمهون سامهون ٿينديون، پاڪستاني وقت مطابق اها مئچ صبح سوير 3 وڳي شروع ٿيندي. ميگا ايونٽ ۾ سڀاڻي جمعي ڏينهن به هڪ مئچ کيڏي ويندي جنهن ۾ گروپ اي ۾ شامل ٽيمون نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ويلنگٽن ۾ کيڏنديون. اها مئچ به پاڪستاني وقت مطابق صبح سوير ٽي وڳي شروع ٿيندي. ميگا ايونٽ جي مين رائونڊ جو پهريون ڪوارٽر فائينل م ئچ 18 مارچ تي ۽ ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائينل مئچ 24 مارچ تي ايڊن پارڪ، آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ميگا ايونٽ جي ٻن فائنلسٽ ٽيمن وچ ۾ فائينل مئچ 29 مارچ تي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويندي