تازيون خبرون

Daily Archives: February 18, 2015

آبادگارن کي سارين ۽ ڪمند کانپوءِ ڪڻڪ ۾ به نقصان پهچايو پيو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبن وٽ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود هئڻ باوجود وفاق يوڪرين مان غيرمعياري ڪڻڪ گهرائي، جڏهن ته فنڪشنل ليگ ميمبرن نصرت سحر عباسي کي ٺهراءَ جي اجازت نه ملڻ تي احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس دوران ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي شاهه ايوان کي آگاهي ڏيندي چيو ته وزيراعظم  ڪڻڪ معاملي تي اسحاق ڊار کي سنڌ سرڪار سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو پر هو ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مراد علي شاهه چيو ته صوبن وٽ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود هئڻ باوجود وفاقي سرڪار يوڪرين مان غير معياري ڪڻڪ خريد ڪئي. هن چيو ته ڪڻڪ ايڪسپورٽ نه ٿيڻ سبب لکين مڻ گدامن ۾ پيل آهي ۽ هلندڙ سال 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙي آگاهي بعد پ پ ايم پي اي مراد علي شاهه چيو ته آبادگارن کي سارين ۽ ڪمند کانپوءِ ڪڻڪ ۾ نقصان پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2لک ٽن گهٽ ڪڻڪ خريد ڪرڻ سان ننڍن آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان پهچندو ۽ ڪڻڪ 13سئو بدران 5 کان 6سئو رپين ۾ وڪرو ٿيندي. اجلاس دوران صوبائي وزير نثار کهڙي ايوان کي ٻڌايو ته هنن ڀٽ شاهه ۾ لانگ مارچ ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون پر لانگ مارچ ڪندڙ ضد تي آهن ته هو هر صورت ۾ ڪراچي پهچندا.

 

زوب جي جابلو علائقي مان 3 ڏينهن ا ڳ اغوا ٿيل پوليو ٽيم جي 4 ورڪرن جا لاش مليا

زوب (م.ڊ) بلوچستان جي علائقي توده قبزئي جي جابلو علائقي مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پوليو ٽيم جي چئن رضاڪارن جا لاش هٿ آيا ليوز عملدارن مطابق علائي تودئي قبزئي جي جبلن مان چئن ڄڻن جا لاش مليا جن کي ڀرسان کان گوليون هڻي ماريو ويو هو لاش ويجهي اسپتال پهچايا ويا جتي انهن جي سڃاڻپ 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پوليو ٽيم ۾ شامل ٻه سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ هڪ ڊرائيور جي طور ٿي هڪ لاش جي سڃاڻپ اڃا رهيل آهي ذريعن مطابق واقعي جي خبر جهنگ ۾ باهه وانگر پکڙجي ويئي ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو هوڏانهن بلوچستان حڪومت ڪوئيٽا، زوب شيراني ۽ سبي ضلعن ۾ پوليو مهم ملتوي ڪري ڇڏي.

 

شڪارپور شهداءِ ڪميٽي جو لانگ مارچ ڪراچي ويجهو، ريڊ زون سيل، قلم 144 لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شڪارپور شهداءِ ڪميٽي جو مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل لانگ مارچ جو قافلو ڀٽ شاهه ۾ رات ترسڻ کانپوءِ مٽياري کانپوءِ حيدرآباد جي حدن کان ٿيندو ڪراچي پهتو، جڏهن ته حڪومتي وفد ڳالهين ذريعي لانگ مارچ روڪرائڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام بڻجي ويو. ڀٽ شاهه ۾ رات ترسڻ دوران حڪومتي وفد سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، ضياءُ الحسن لنجار جي اڳواڻي ۾ شهداءُ ڪميٽي سان ڳالهين لاءِ پهتو، پر اڳواڻن حڪومتي وفد سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهداءُ ڪميٽي جو مارچ ڀٽ شاهه ۾ رات ترسڻ کانپوءِ مٽياري پهتو، قافلي ۾ سانحي جي شهيدن جون وارث عورتن به شامل هيون، پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ شهداءُ ڪميٽي جي چيئرمين علامه مقصود احمد ڊومڪي چيو ته سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي چڪي آهي، سنڌ جي وڏي وزير کي فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته 19 ڏينهن کانپوءِ سنڌ حڪومت جاڳي آهي، ڳالهين لاءِ حڪومتي وفد پهتو پر رات جي اونداهي ۾ حڪومت سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن، ان ڪري هنن ڳالهين کان جواب ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته شڪارپور، خيرپور ۽ شهدادڪوٽ ۾ دهشتگردن جا اڏا موجود آهن، سنڌ حڪومت فوري طور تي انهن خلاف آپريشن شروع ڪري، نه ته حالتون اڃا به وڌيڪ خراب ٿي وينديون. سنڌ حڪومت پاران ڪراچيءَ جي ريڊ زون کي سيل ڪري قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ کي ڪراچيءَ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ تياريون ڪيون ويون.

 

ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ سبب 2 ٻارڙا فوت

ٿرپارڪر (رپورٽر) ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ سبب اڄ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن ٿر ۾ بک ۽ مختلف بيمارين سبب ٻارن جي موت جو سلسلو ناهي رڪجي سگهيو، سول اسپتال مٺي ۾ اڄ به 2 نوان ڄاول ٻارڙا غذائي کوت سبب فوت ٿي ويا آهن فيبروري مهيني ۾ فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو تعداد 23 ٿي ويو آهي.

 

فلم ”رائي“ ٻن ڏينهن ۾ 21.56 ڪروڙ جو بزنس ڪيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”رائي“ ٻن ڏينهن ۾ 21.56 ڪروڙ جو بزنس ڪيو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق هدايتڪار ڪرمجت سنگهه جي فلم ڀارت جي 2500 سئنيما گهرن ۾ رليز ٿي جنهن رليز ٿيڻ جي پهرين ڏينهن 10.40 جڏهن ته ٻئي ڏينهن 11.16 ڪروڙ جو بزنس ڪيو. ان فلم ۾ رنبير ڪپور ۽ جيڪو لين فرينڊ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

نيويارڪ فيشن ويڪ، سپر ماڊل نائومي ڪيمبل جا ريمپ تي جلوا

نيويارڪ(شوبز نيوز)آمريڪي سپر ماڊل نائومي ڪيمبل نيويارڪ فيشن ويڪ ۾ لباسن جي نمائش ڪئي، پيرس هلٽن شو کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا نيويارڪ فيشن ويڪ ۾ نائومي ڪيمبل لباسن جي نمائش ڪئي خوبصورت لباسن کي شوقينن تمام گهڻو ساراهيو مائيڪل روڊريگز، روساريو ڊائوسن ريمپ تي جلوا وکيريا، پيرس هلٽن جي موجودگي سان فيشن شو جي رونق وڌي وئي، فيشن فار رليف اداڪارن جي طرفان ايبولا جي خاتمي لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي مهم جو حصو آهي.

 

سني ليون جي نئين فلم ”ايڪ پهيلي ليليٰ“ رليز جي تيارين ۾

ممبئي (شوبز نيوز) سني ليون جڏهن بگ باس کان پوءِ بالي ووڊ ۾ پير پاتو هو تڏهن سندس جاندار شخصيت ۽ خوبصورتيءَ بالي ووڊ جو ماحول گرمائي ڇڏيو هو، سني ليون هميشه ڪنهن نه ڪنهن طريقي ميڊيا جي نظرن ۾ رهي آهي، جڏهن ته ميڊيا پاران سندس فلمن جي ڪري به کيس ڪوريج ملندي رهي آهي. هن ڀيري ويلنٽائين ڊي تي پڻ ساڳي صورتحال آهي، سني ليون جي نئين فلم ”ايڪ پهيلي ليليٰ“ به رليز جي تيارين ۾ آهي، سني ليون سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ويلنٽائين ڊي بابت ڪجھه تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ هوءَ پنهنجي مڙس ڊنيئل ويبر سان سڪيٽنگ ڪندي نظر اچي رهي هئي، هن لکيو ته مڙس سان لمحا گذاريندي تمام مزو اچي رهيو آهي، ان دوران هن وڊيوز به شيئر ڪيا.

 

ڪترينه ڪيف جي جاءِ تي شرڌا ڪپور کي ويٽ ايمبيسڊر طور تبديل ناهي ڪيو ويو: ڪمپني

ممبئي(شوبز نيوز) ويٽ ڪمپني جي ترجمان چيو آهي ته بالي ووڊ اداڪاره ڪترينه ڪيف جي جاءِ ي شرڌا ڪپور کي ويٽ ايمبسيڊر طور تبديل ناهي ڪيو ويو. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ويٽ ڪمپني جي ترجمان چيو آهي ته اداڪاره شرڌا ڪپور اشتهاري مهم جو حصو آهي پر ڪترينه ڪيف لڳاتار ويٽ ايمبسيڊر ٿي آهي. هن چيو ته ميڊيا ان ڳالهه کان چڱيءَ ريت آگاهه آهي ته شرڌا ڪپور کي اشتهاري مهم لاءِ رکيو ويو آهي ۽ کيس ڪترينه ڪيف جي جاءِ تي تبديل ناهي ڪيو ويو.

 

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اڄ هڪ ميچ کيڏي ويندي

ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) يارهين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي (اڄ) اربع واري ڏينهن هڪ ميچ کيڏي ويندي. جنهن ۾ گروپ اي جون ٽيمون افغانستان ۽ بنگلاديش ۾ ڪينبرا ۾ آمهون سامهون ٿينديون، جڏهن ته ميگا ايونٽ ۾ وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. تفصيل مطابق يارهين آءِ سي سي ورلڊ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي. ايونٽ ۾ (اڄ) اربع واري ڏينهن واحد ميچ گروپ اي جي ٽيمن افغانستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ مانوڪا اوول ڪينبرا ۾ کيڏي ويندي.

 

شين وارن کي بالي ووڊ ۾ اداڪاري جي پيشڪش

سڊني(اسپورٽس نيوز): ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پنهنجي بالنگ سان شهرت جي اونچائي کي ڇهندڙ آسٽريليا جي اڳوڻي ناليواري ليگ اسپنرشين وارن کي هڪ ڀارتي فلم ۾ اداڪاري جي پيشڪش ڪئي وئي آهي ڀارتي ميڊيا مطابق شين وارن ڀارتي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي پيشڪش جي تصديق ڪندي چيو آهي ته مون کي هڪ ڀارتي فلم ۾ اداڪاري لاءِ پيشڪش ٿي آهي شين وارن جو چوڻ هو ته هينئر تائين اداڪاري لاءِ ها ناهي ڪئي جڏهن ته ان حوالي سان ڪرڪيٽ جي ميگا ايونٽ کانپوءِ غور ڪندس.