تازيون خبرون

Daily Archives: February 17, 2015

ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته سنڌ جو ڪنٽرول آرمي سنڀالي پر ايئن نه ٿيندو: آغا سراج دراني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مڪاني نظام واري قانون ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو، سنڌ آرمز ايڪٽ ترميمي بل  ۽  گئس ليوي جي وصولي روڪڻ بابت ٺهراءَ منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته  امتياز شيخ شڪارپور سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ لانگ مارچ ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران صوبائي وزير نثار کهڙي مڪاني نظام ۾ ترميم وارو بل پيش ڪيو، جنهن تي بحث ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو. اجلاس دوران صوبائي وزير نثار کهڙي سنڌ آرمز ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪيو،جنهن جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني وئي. پ پ ايم پي اي خيرالنساءُ مغل  وفاق پاران واهپيدارن کان گيس تي ليويز جي وصولي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي به اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. پ پ ايم پي اي سڪندر شوري اسپيڪر ، ڊپٽي اسپيڪر ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ جاري ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران امتياز شيخ شڪارپور سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ لانگ مارچ ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته شڪارپور سانحي کانپوءِ سنڌ حڪومت فوري اپاءُ ورتا ۽ لانگ مارچ ڪري معاملي کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چاهن ٿا ته سنڌ جو ڪنٽرول آرمي سنڀالي پر ايئن نه ٿيندو. امتياز شيخ شهيدن جي وارثن کي سنڌ حڪومت پاران چيڪ ڏيڻ جي ساراهه ڪندي چيو ته ملير بس حادثي جي  متاثرن کي به معاوضو ڏنو وڃي. فنڪشنل جي نصرت سحر عباسي سکر ريجن ۾ اڻ رجسٽرڊ 100اسڪولن بابت التوا واري رٿ پيش ، جنهن جي تعليم واري وزير نثار کهڙي پاران مخالفت ڪرڻ سبب ان کي رد ڪيو ويو. سوالن جوابن جي وقفي دوران صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر اعتراف ڪندي چيو سندس کاتي ۾ ٻه نمبري ڪم ٿئي پيو، جنهن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج چيو ته هن ڪجهه ڏينهن اڳ اجلاس ملتوي ڪيو ته سندس خلاف واويلا ڪئي وئي .

 

سنڌ ۾ لساني تنظيم پنهنجي ڪجهه ميمبرن جي ڪري وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي ڪم نٿي ڪرڻ ڏي: سراج الحق

لاهور (بيورو) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته سينيٽ چونڊن لاءِ ڳجهي ووٽنگ ڪرڻ گهرجي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته هو سينيٽ چونڊن کي ڌانڌلي کان پاڪ ۽ پئسي جي تجارت بنائڻ کان روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي سنڌ حڪومت بلديه ٽائون سانحي تي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ سياسي مصلحت جي تحت سينيٽ چونڊن لاءِ ايم ڪيو ايم سان رابطو ڪري ورتو ۽ نئون اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي لاهور ۾ مڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته قوم کي صرف امن گهرجي ۽ امن تڏهن ئي قائم ٿيندو جڏهن ته ڪاري ۽ گوري ۽ بااثر ۽ بي اثر لاءِ جدا جدا قانون هجڻ بدران هڪجهڙو قانون هوندو جيڪڏهن حڪومت سياسي مصلحت ۾ اچي بدليه ٽائون سانحي تي جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ڪارروائي نه ڪئي ته عوام هي پڇڻ جو حق رکي ٿو ته موجوده حڪومت به انصاف نٿي ڪري سگهي ۽ ان سان قيام امن جو ايجنڊا اڻپورو رهجي ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ لساني تنظيم پنهنجي ڪجهه ميمبرن جي ڪري وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي ڪم نٿي ڪرڻ ڏي اڄ ڪراچي قتلگاهه بڻجي چڪو آهي ۽ انهن واقعن جو تلسلسل اڄ به جاري آهي انگن اکرن مطابق اتي 24 هزار ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.

 

گوادر ويجهو ايمبولينس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت

گوادر(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اورماڙه ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي ايمبولينس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر سبب 3 ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو، مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي اورماڙه ويجهو تيز رفتار ايمبولينس مخالف سائيڊ کان ايندڙ ٽڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ايمبولينس ۾ سوار 3 ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو فوت ٿيندڙن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، واقعي جي اطلاع ملڻ تي مقامي ماڻهن لاشن ۽ زخمي کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

 

سکر ريجن ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽريشن ۾ ڪائي بيقاعدگي نه ٿي آهي: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر تعليم واري وزير نثاراحمد کهڙو چيو آحي ته سکر ريجن ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽريشن ۾ ڪائي بيقاعدگي نه ٿي آهي هو سومر تي سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي ميمبر نصرت سحر عباسي جي تحريڪ التوا تي بيان ڏيئي رهيو هو تحريڪ التوا ۾ چيو ويو ته هڪ اخباري رپورٽ مطابق سکر ۾ 100 کان وڌيڪ اسڪول غير قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ هلي رهيا آهن نثار کهڙو ان تحريڪ التوا جي مخالفت  ڪئي ۽ چيو ته سکر رينجن ۾ 12 سئو پرائيويٽ اسڪول آهن گذريل ٽن مهينن ۾ وڌيڪ 20 اسڪولن جي رجسٽريشن ٿي آهي رجسٽريشن ۾ ڪائي بيقاعدگي نه ٿي آهي جيڪڏهن اسان کي ڪوئي بيقاعدگي جي نشاندهي ڪري ڏي ته اسان ڪارروائي ڪنداسين هن چيو ته هي تحريڪ التوا ضابطي جي خلاف آهي ڇو ته ان ۾ هڪ نه پر ڪيترائي معاملا اٿاريا ويا آهن ۽ هي تازو واقعو نه آهي ڊپٽي اسپيڪر هي تحريڪ التوا ضابطي جي خلاف قرار ڏيئي ڇڏي.

 

عامر خان ”پي ڪي“ فلم جي پوسٽر ذريعي سني ليون کي به شرمسار ڪري ڇڏيو: پوجا ڀٽ

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي اداڪاره پوجا ڀٽ هڪ شو  دوران غلط ڳالهائن تي پنهنجي ڀيڻ عاليه ڀٽ سميت ٻين نوجوان اداڪارن تي ڪيس داخل ٿيڻ تي ذري برابر به پريشان ناهي پر هن جو چوڻ آهي ته اهو عامر خان جهڙن منافق جي ڪري ٿيو آهي جيڪي پنهنجي فلم دهلي بيلي جي گاني ۽ پي ڪي فلم جي پوسٽر ۾ اخلاق جي هيٺين حد کي ڇهن پيا اداڪاره جو چوڻ آهي ته عامر خان پي ڪي فلم ۾ ايتري قدر بي شرمي جو مظاهرو ڪيو جو ان جي پوسٽر سني ليون کي به شرمسار ڪرڻ لاءِ ڪافي هو پوجا جو خيال آهي ته ان جي ڀيڻ تي داخل ڪيل ڪيس به اهڙن ئي ڪجهه ماڻهن طرفان داخل ڪيو ويو آهي جيڪي محنت سان ڪم ڪندڙ ماڻهن جا پير ڪڍڻ چاهين ٿا ۽ انهن جو مقصد عدالت جي وقت کي ضايع ڪرڻ کان علاوه ڪجهه ناهي هن ٻڌايو ته ان ئي طرح 1999ع ۾ ان کي هڪ فلم ۾ مبينا خراب منظر ڪشي ڪرڻ تي عدالت گهرايو ويو هو ۽ مون بنا خوف جي عدالت ۾ پنهنجو دفا ڪيو.

 

ايراني ڊائريڪٽر جي فلم برلن فيسٽيول ۾ بهترين قرار

برلن(شوبز نيوز)ايراني ڊائريڪٽر جعفر پناهي جي فلم ٽيڪسي برلن جي فلمي ميلي ۾ بهترين فلم جو گولڊن بيئر ايوراڊ کٽي ورتو جعفر پناهي تي ايراني حڪومت اسلامي نظام خلافپروپيگنڊا تي 20 سال کان پابندي مڙهي ڇڇڏي آهي برلن ۾ جعفر جي ڀائيٽي ايوارڊ وصول ڪيو ٽيڪسي فلم تهران ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگي جي ڪهاڻي آهي.

 

پريانڪا چوپڙا جي اي ايف بوسٽن اسڪول شاگردياڻين جي تعليم جي حوالي سان تقرير

بوسٽن(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا اي ايف بوسٽن اسڪول جي 50هين سالگره جي موقعي تي ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان 30 منٽن جي شاندار تقرير ڪندي زبرست داد حاصل ڪيو. ذريعن مطابق اي ايف جي 50هين سالگره جي تقريب ۾ پريانڪا چوپڙا کي ٻين مهمانن جيان گهرايو ويو. ان موقعي تي هن ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان 30 منٽن جي شاندار تقرير ڪئي ان تقريب ۾ اڍائي هزار مهمان هئا. پريانڪا چوپڙا اي ايف بوسٽن اسڪول آف بزنس جي شاگرياڻي رهي چڪي آهي.

 

بالي ووڊ اداڪاره جيڪولين فرنينڊز پاران شادي ڪرڻ جو فيصلو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي اداڪاره جيڪولين فرنينڊز شادي جو فيصلو ڪري ورتو ذريعن مطابق جيڪولين فرنينڊز هڪ ڀارتي بزنس مين جي ڪنوار بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان جي ٿيڻ واري مڙس جو شوبز سان ڪوبه تعلق ناهي جيڪولين مطابق هن پنهنجي حوالي سان ايندڙ بي بنياد خبرن کان بچڻ لاءِ ئي شادي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جلد ئي هوءَ ان حوالي سان باقاعده اعالن ڪندي سلمان خان جي فلم ڪڪ سان فلمسازن جي نظر ۾ ايندڙ اداڪاره جو چوڻ آهي ته هوءَ نوبل انعام حاصل ڪندڙ سماجي ورڪر مدر ٽريسا جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيندي سريلنڪن حسينا اهي ڳالهيون پنهنجي فلم راءِ جي پرموشن دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چئي.

 

11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ جاري آهي

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ) اڱاري تي واحد ميچ گروپ اي ۾ شامل نيوزيلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيمن وچ ۾ دونيڊن ۾ کيڏي ويندي، ميگا ايونٽ ۾ (سڀاڻي) اربع تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو،11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ جاري آهي، ايونٽ ۾ (اڄ) اڱاري تي واحد ميچ ۾ گروپ اي جي ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيمن وچ ۾ يونيورسٽي اوول، ڊونيڊن ۾ کيڏي ويندي، ٽورنامينٽ ۾ (سڀاڻي) اربع تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ افغانستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

 

عورتن جي 3 ميمبرن واري ٽيم جونيئر فيڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي: خالد رحماني

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي سيڪريٽري خالد رحماني چيو آهي ته 3 ميمبرن واري قومي ٽينس ٽيم جونيئر فيڊ ڪپ جي پري ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ شرڪت ڪندي، ايونٽ 2 مارچ کان ملائيشيا ۾ شروع ٿيندو، ٽن ميمبرن واري ٽيم ۾ مهين آفتاب، حنا نويد ۽ علينا آفتاب شامل آهن، جڏهن ته محبوب احمد خان ٽيم سان ڪوچ نان پلينگ هوندو، هن چيو ته ٽيم جي رانديگرن جي چونڊ ٽرائلز کان پوءِ ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وئي آهي ۽ اميد آهي ته رانديگرياڻيون پري ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪنديون.