تازيون خبرون

Daily Archives: February 17, 2015

دهشتگردي خلاف هلندڙ جنگ ۾ ناڪامي جي گنجائش ناهي: نواز شريف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم ميان نواز شريف، دهشتگردي خلاف جنگ هر صورت ۾ کٽڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته ملڪي بقا لاءِ جاري ويڙهه ۾ ناڪامي جِي ڪا به گنجائش ناهي، بلديا فيڪٽري سانحي ۾ شهيد ٿيلن جَي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو. گورنر هائوس ڪراچي ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جــِي آءِ ايس ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، ڊي جي آءِ بي، آءِ جــِي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به اجلاس ۾ موجود هو. اجلاس دوران سڪيورٽي عملدارن امن امان بابت قدمن ۽ ان ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي  وزيراعظم ميان نواز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سياسي ۽ فوجي قيادتون هڪ پيج تي آهن. هـُن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ جوڙيل قومي ايڪشن پلان ڪنهن هڪ پارٽي جو نه پر سڄي قوم جو آهي. نواز شريف چيو ته دهشتگردي وڏو چئلينج آهي پر ان باوجود هن جنگ ۾ ناڪامي جي هاڻ ڪا به گنجائش نه آهي. وزيراعظم بلديا سانحي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته فيڪٽري سانحو انتهائي سنگين آهي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت کيس تفصيلي بريفنگ ڏئي. ميان نواز شريف پڇاڻو ڪيو ته بلديا سانحي بابت چالان دير سا ڇو پيش ٿيو، پراسيڪيوشن وارا ڇا ڪري رهيا آهن؟ وزيراعظم چيو ته سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم ڪري ذميوارن کي انجام تي پهچايو ويندو. اجلاس کانپوءِ سنڌ سرڪار پاران بلديا سانحي سميت دهشتگردي جا 64 ڪيس وزيراعظم کي فراهم ڪري بريفنگ ڏني وئي.

 

ڪراچي ۾ امن لاءِ پوليس کي غير سياسي ٿيڻو پوندو: آرمي چيف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪندي چيو آهي ته بهتر نتيجن لاءِ پوليس کي با اختيار ڪري غير سياسي بڻايو وڃي. گورنر هائوس ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي آرمي چيف چيوته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف بنا فرق جي آپريشن ڪيو پيو وڃي، پوليس کي بااختيار ڪري ان کي غير سياسي بڻايو وڃي. آرمي چيف چيوته ڪراچي ۾ مقرريون ۽ بدليون سياسي مداخلت تي نه ٿيڻ گهرجن ۽ اهي مقرريون ايپيڪس ڪميٽي ذريعي ڪيون وڃن. آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪي معيشت ۾ ڪراچي جو وڏو حصو آهي، ڪراچي ۾ امن جو مطلب ملڪ جي خوشحالي آهي. جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته سياسي وابستگي کان مٿاهون ٿي بنا فرق ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ سياسي ڌريون ڪردار ادا ڪن، رينجرز جي آپريشن سان ديرپا امن لاءِ اميد پيدا ٿيندي. ان کان اڳ آرمي چيف جنرل راحيل شريف رينجرز هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي کيس ڪراچي آپريشن دوارن هٿ ڪيل جديد هٿيارن جو معائنو ڪرايو ويو. وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي فوجي اختيارين کين شهر ۾ ٿيندڙ انٽيليجنس ڪارروائين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڊي جِي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم سليم باجوه موجب وزيراعظم نواز شريف فائيو ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جــِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر به موجود هئا. ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار وزيراعظم کي قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ شهر ۾ ٿيندڙ انٽيليجنس ڪارروائين تي تفصيلي بريفنگ ڏني.

 

آصف زرداري جي وزيراعظم سان نويڪلائي ۾ ملاقات، امن امان جي صورتحال تي ويچاريو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم ميان محمد نوازشريف سان سومر تي گورنر هائوس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملاقات ڪئي نهايت باخبر ذريعن مطابق ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪ جي جملي سيڪيورٽي ۽ سياسي صورتحال نيشنل ايڪشن پلان سينيٽ جون چونڊون سنڌ خاص ڪري ڪراچي آپريشن ۽ بين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت پاران گلگت بلتستان ۾ ورتل  اپائن تي پارٽي جي تحفظات کان آگاهه ڪيو وزيراعظم آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته سنڌ جون ٻه وڏيون سياسي جماعتون پيپلزپارٽي ۽ متحده قومي مووميٽ وچ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ٿيڻ خوش آئيند عمل آهي هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا اتهاد سان سنڌ جا مسئلا حل ٿيندا ۽ صوبو ترقي ڪندو وزيراعظم سنڌ جي ترقي لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته سنڌ جي ترقي ۾ وفاقي حڪومت خاص ڪردار ادا ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪمران جماعت ۽ پيپلزپارٽي گڏجي ملڪ کي چئلينجز مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون ان لاءِ ضروري آهي ته ٻنهي پارٽين ۾ ورڪنگ رليشن شپ وڌائي وڃي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پيپلزپارٽي پاران مختلف اشوز تي پيش ڪيل تحفظات دور ڪرڻ جو يقين ڏياريو ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ملڪ کي آڏو ايندڙ چئلينجز مان ڪڍڻ ملڪ ۾ جمهوري عمل مضبوط ڪر۽ ٻين عوامي اشوز تي هلڻ لاءِ گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين ۽ سمورا مسئلا ڳالهه ٻولهه سان حل ڪيا ويندا ملاقات ۾ ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران تعاون نه ڪرڻ تي به وزيراعظم آصف علي زرداري سان شڪايت ڪئي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سينيت چونڊن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.

 

وزيراعظم سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي ملاقات، سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن تي شڪايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي ايڪشن پلان جي حوالي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ سومر تي ٿيل اجلاس کان اڳ وزيراعظم سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ملاقات ڪئي ذريعن مطابق ملاقات ۾ ڪور ڪماندر ڪراچي وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن تي شڪايت ڪئي ذريعن مطابق ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار وزيراعظم کان شڪايت ڪئي ته سنڌ حڪومت جي انتظامي ۽ نااهلي سبب معاملا هلائڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي سنڌ حڪومت گذريل هڪ مهيني دوران 3 ڀيري گهرو سيڪريٽري تبديل ڪيا آهن جنهن جي ڪري انتطامي معاملا هلائڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.

 

دهشتگردي رڳو خيبرپختونخواهه جو نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته بلديه سانحي بابت جوائنٽ انويسٽيگيشن رپورٽ وزيراعظم جي ڪراچي دوري جي ايجنڊا جو حصو آهي، سانحي جي متاثرن کي انصاف ملڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي ڪراچي جي دوري جو مقصد شهر  امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف، دوري دوران بلديه سانحي بابت جي آءِ ٽي رپورٽ جو به جائزو وٺندو، متاثرن کي انصاف ملڻ گهرجي.هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته دهشتگردي رڳو خيبرپختونخواهه جو نه پر سڄي ملڪ جو  مسئلو آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ پوندو. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين سينيٽ اليڪشن دوران هارس ٽريڊنگ روڪڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ميچ بابت سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته  قومي رانديگرن جو حوصلو وڌائڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي ٽيمون سڪيورٽي خدشن سبب پاڪستان نٿيون اچن، ملڪ کي مضبوط بڻائڻو آهي، جيئن عالمي رانديگر پاڪستان اچي سگهن.

 

ريلوي ڪرپشن ڪيس: سپريم ڪورٽ نيب جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، ريلوي ۾ 45 ڪروڙ گهوٻين واري ڪيس ۾ نيب جي جاچ رپورٽ رد ڪندي اربع تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته هڪ سال مڪمل ٿيڻ باوجود جاچ مڪمل ناهي ٿي، رڳو 2 ٺيڪيدار پڪڙيا ويا آهن، ڇو نه نيب چيئرمين کي گهرايو وڃي. جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ ريلوي پاران اسٽيل مل کان لوهه خريد ڪرڻ واري معاملي ۾ 45 ڪروڙ گهوٻين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر نعمان ظهير عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي، 45 ڪروڙ رپين جي گهوٻين ۾ ريلوي جا 6 آفيسر، اسٽيل مل جا 2 آفيسر ۽ 2 ٺيڪيدار ملوث آهن، جن مان ٻن ٺيڪيدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جسٽس ثاقب نثار رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته نيب ٻين جو احتساب ڪري ٿو، هن آفيسرن جو احتساب ڇو نه ٿو ٿئي؟. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي ڪهڙي جاچ آهي جو سال کان وڌيڪ جو عرصو گذرڻ باوجود مڪمل ناهي ٿي، هـِي انساني آزادي جو معاملو آهي، ماڻهو گرفتار ٿين ٿا پر جاچ مڪمل نه پئي ٿي. عدالت، نيب جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته  احتساب بيورو جا ٻين تائين هٿ نٿا پهچن، رڳو ٻن ٺيڪيدارن کي پڪڙيو ويو آهي، ڇو نه نيب چيئرمين کي گهرايو وڃي. عدالت، نيب کان تفصيل رپورٽ طلب ڪندي آفيسر کي هدايت ڪئي ته جاچ رپورٽ ۾ دير جا ڪارڻ 18 فيبروري تي پيش ڪيا وڃن، جنهن بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

 

بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ۾ ٿيل اختلافن کي رد ڪري ڇڏيو

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداري پ پ قيادت وچ ۾ اختلافن جي خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي ڏئي ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو ته قيادت خلاف ڳالهيون ڪندڙ پارٽي جا دوست ناهن. پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ بلال ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي متحد آهي، اختلافن جون خبرون پکيڙيندڙ ۽ قيادت خلاف ڳالهيون ڪندڙ پارٽي سان مخلص ناهن. هڪ ڪارڪن جي تنقيد جو جواب ڏيندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ان پاران کيس اهڙي اميد نه هئي.

 

لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش، سنڌ آرمز ترميمي بِل 2015ع منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي، سنڌ آرمز ترميمي بِل 2015ع منظور ڪري ورتو، جڏهن ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2013ع به ايوان ۾ پيش ڪيو ويو،بِل تحت مڪاني چونڊن ۾ پينل سسٽم ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران صوبائي وزير سڪندر مينڌري سنڌ آرمز ترميمي بل 2015ع پيش ڪيو ويو، جيڪو منظور ڪيو ويو. پ پ ميمبر ڊاڪٽر سڪندر شوري اسيمبلي ميمبرن کي ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ ڏيڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو ايوان پاس ڪري ورتو. سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ بل 2013ع پڻ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن تي بحث جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. بل تحت مڪاني چونڊن ۾ پينل سسٽم ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هر شهري آزاد حيثيت ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهندو. ترميمي بل موجب يونين ڪميٽيز ۽ يوسيز کي وارڊ ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن ته نين تڪبندين جو اختيار اليڪشن ڪميشن کي هوندو. بل موجب يوسيز، يونين ڪميٽيز ۽ وارڊ جي تڪبندي روينيو بلاڪ تحت تعلقي اندر هوندي. ترميمي بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين گڏيل اميدوار هوندا، جڏهن ته چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ شو آف هينڊ ذريعي ٿيندي. بل موجب يونين ڪائونسل، يونين ڪميٽي ۾ وارڊز جي بنياد تي چار جنرل ڪائونسلرز چونڊيا ويندا. عورتن، ليبر ۽ نان مسلم اميدوارن جو تڪ يوسي ۽ يونين ڪميٽي تي ٻــَڌل هوندو، جڏهن ته 22 سيڪڙو عورتون ۽ پنج سيڪڙو سيٽون غير مسلم اميدوارن لاءِ رکيون وينديون. سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتي ڪوٽا تي عملدرآمد نه ٿيڻ بابت فنڪشنل ليگ اميدوار نندڪمار ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. نندڪمار چيو ته سرڪاري کاتن ۾ ڪوٽا موجب ملندڙ نوڪرين جا تفصيل ٻــُڌايا وڃن. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته نوڪرين ۾ اقليتي ڪوٽا مقرر آهي، ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا آهن. هن چيو ته سرڪاري ڪوٽا تي عمل ڪيو ويندو آهي، سڄي سال ۾ ڪيتريون نوڪريون ڏنيون ويون ان جو جواب بعد ۾ ڏنو ويندو. سنڌ جي جيلن ۾ مقرر ڊاڪٽرن جي انگ بابت فنڪشنل ليگ ميمبر مهتاب اڪبر راشدي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. مهتاب اڪبر راشدي چيو ته ڊاڪٽرن جي ترقي ۽ سروس اسٽرڪچر بابت تفصيل ايوان ۾ ٻــُڌايا وڃن. صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته 27 نوڪريون پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪيون ويون، جيل کاتي جا پنهنجا قانون ناهن، سنڌ حڪومت جي قانونن موجب ڊاڪٽرز ڀرتي ڪيا ويندا آهن. منظور وساڻ چيو ته جيل ۾ پنج سال تجربو رکندڙ ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪيو ويندو آهي. صحت کاتي تحت هلندڙ هيلٿ پروگرام بابت اپوزيشن ليڊر شهريار مهر ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته هيپاٽائيٽس پروگرام جي چئن ڪانٽريڪٽ ملازمن کي هٽائي ٻيا ملازم ڀرتي ڪيا ويا. شهريار مهر چيو ته نون ملازمن بدران پراڻن ملازمن جا ڪانٽريڪٽ ڇو نه وڌايا ويا ؟ جنهن تي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته سنڌ ۾ صحت کاتو 12 پروگرام هلائي رهيو آهي. ڄام مهتاب ڏهر چيو ته چائلڊ هيلٿ پروگرام ۾ اڍائي هزار ملازمن کي مستقل ڪيو ويو آهي، عارضي ملازمن کي لاڳو ٿيل قانونن تحت مرحليوار مستقل ڪيو پيو وڃي. خيرپور ضلعي ۾ ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن بابت فنڪشنل ليگ ميمبر پير راشد شاهه ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. راشد شاهه ايوان ۾ خيرپور سان تعلق رکندڙ مبينا پاٿاريدار جون تصويرون ايوان ۾ ڏيکاريون ۽ لاڳاپيل وزيرن کان جواب طلب ڪيو. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته خيرپور ضلعي جا 24 مغوي بازياب ڪرايا ويا آهن، 16 ڌاڙيل گرفتار ڪيا ويا ۽ 12 مقابلن ۾ ماريا ويا. نثار کهڙي چيو ته 13 ڌاڙيلن جا چالان عدالتن ۾ پيش ڪيا ويا آهن، سياسي الزام تراشي ڪرڻ جي ضرورت ناهي، جيڪو ڪير ڪنهن کي ڇڏي ٻي پارٽي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ته تڪليف ضرور ٿيندي آهي. صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته جنهن شخص جون تصويرون ايوان ۾ ڏيکاريون ويون اهو پهريان ڪنهن پارٽي سان تعلق رکندو هو. منظور وساڻ چيو ته اهو شخص فنڪشنل ليگ ۾ هو ته فرشتو هو، هاڻي پيپلز پارٽي ۾ آيو ته پاٿاريدار ڪيئن بڻجي ويو؟ منظور وساڻ جي بيان تي فنڪشن ليگ ميمبر پير راشد شاهه احتجاج ڪيو. اجلاس دوران سنڌ حڪومت طرفان ٽه ماهي بجيٽ خرچن جي رپورٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي. رپورٽ آڪٽوبر 2014ع کان ڊسمبر 2014ع تي ٻڌل آهي، جڏهن ته مخالف ڌر ميمبرن مطالبو ڪيو ته رپورٽ تي بحث لاءِ وقت ۽ ڏينهن مقرر ڪيو وڃي. ان کان اڳ ايوان ۾ صوبائي وزير مراد علي شاهه ۽ نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. نصرت سحر عباسي چيو ته لاڳاپيل وزيرن جي موجودگي ۾ ٻيو ڪو وزير بيان نه ٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته صوبائي وزير جڏهن چاهين اسيمبلي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪن، ڪو نوٽيس نه ٿو وٺي. نصرت سحر عباسي چيو ته ڄام مهتاب ڏهر جي جڳهه تي مراد علي شاهه جو جواب ڏيڻ اسيمبلي قاعدن جي خلاف آهي. ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽراستعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر شازيه هنجراهه استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، شازيه هنجراهه چيو آهي ته ڪيس کي ڄاڻي واڻي خراب ڪيو ويو آهي. بلديا سانحي بابت 2 سال اڳ مقرر ٿيل اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر شازيه هنجراهه استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي پر  ان استعيفيٰ جو سبب نه  ڄاڻايو آهي. اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پنهنجي استعيفيٰ قانون واري سيڪريٽري کي پيش ڪري ڇڏي آهي. استعيفي ٰ ڏيندڙ شازيا هنجراهه چيو آهي بلديا سانحي ڪيس کي ڄاڻي واڻي خراب ڪيو ويو آهي ۽ اڍائي سالن بعد کيس پتو پيو ته ڪيس جا 950 شاهد آهن. هن چيو ته بلديا سانحي ڪيس جو جاچ آفيسر  ساڻس سهڪار نه پيو ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ  بلديا سانحي جي ڪيس جو فيصلو هڪ سال اندر ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ اهو ڪيس  ٽرائل ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.

 

سيڪيورٽي خدشا، اسلام آباد جا 41 مدرسا بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزارت، سڪيورٽي خدشن سبب اسلام آباد جي 41 مدرسن کي عارضي بنيادن تي بند رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته 23 مارچ تي رٿيل پريڊ سبب 18 کان 24 مارچ تائين مدرسا بند رهندا. آءِ جي  اسلام آباد پاران وفاقي گهرو وزارت ڏانهن رپورٽ موڪلڻ بعد اسلام آباد جي 41 مدرسن کي عارضي  بنيادن تي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 18 کان 24 مارچ تائين اسلام آباد جي علائقي آءِ نائين ۾ واقع 18 ۽ شهزاد ٽائون جا 23 مدرسا بند رکيا ويندا. ترجمان ٻڌايو ته مدرسا بند رکڻ جو 23 مارچ جي پريڊ ۽ فيصلو سڪيورٽي خدشن سبب ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ هٿياربندن جي فوجي پريڊ رٿيل آهي، امڪان آهي ته چين جو صدر به پريڊ ۾ شرڪت ڪندو.