تازيون خبرون

Daily Archives: February 16, 2015

شڪارپور شهيدن جي وارثن ۽ شهداءَ ڪاميٽي طرفان 50 گاڏين جو قافلو ڪراچي روانو

شڪارپور (ڊ.ر) شڪارپور امام بارگاهه ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي کان پوءِ شهيدن جي وارثن طرفان جوڙيل شهداءِ ڪاميٽي طرفان شڪارپور ضلعي ۾ دهشتگردن خلاف فوجي آپريشن سميت پنهنجي ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ اعلانيل لانگ مارچ جي حوالي سان 50 کان وڌيڪ گاڏين تي مشتمل ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ شڪارپور جي مرڪزي امام بارگاهه ڪربلا کان منجهند ڌاري شهداءِ ڪاميٽي جي چيئرمين علامه مقصود ڊومڪي ۽ مجلس وحدت المسلمين جي مرڪزي اڳواڻ امين مشهدي جي اڳواڻي ۾ 50 کان وڌيڪ گاڏين جن ۾ ڪوسٽر، بسون، ويگنون، مزدا ۽ ڪاريون شامل آهن وارو قافلو روانو ٿيو، قافلي ۾ سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارث عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا. قافلي ۾ شڪارپور شهر کان سواءِ خانپور، ڳڙهي ياسين، مدئجي، ڊکڻ، لکي غلام شاهه سميت ڀرپاسي جي علائقن جا ماڻهو به شامل آهن، هوڏانهن لانگ مارچ جي روانگي کان اڳ ۾ شهداءِ ڪاميٽي جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٻه هفتن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو پر اڃان تائين دهشتگردن ۽ انهن جي ساٿارين خلاف انتظاميه ڪا به ڪاروائي نه ڪئي صرف وڏي وزير سميت سنڌ جون اعلي اختياريون ٺلها آسرا ۽ دلاسا ڏيندا رهيا هنن چيو ته اسان شڪارپور ضلعي ۾ فوج ذريعي آپريشن ڪرائڻ جي لاءِ ئي هي لانگ مارچ ڪري ڪراچي وڃي رهيا آهيون ۽ سي ايم هائوس آڏو تيسيتائين ڌرڻو هڻنداسين جيسيتائين فوج ذريعي آپريشن نه ٿيندو هنن چيو ته شڪارپور هن وقت دهشتگردن جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي ۽ اسين هتي غيرمحفوظ آهيون ۽ ڪنهن وقت به ڪو ٻيو واقعو ٿي سگهي ٿو.

 

راولپنڊي ۾ اهلسنت والجماعت راولپنڊي جو ترجمان قتل، مڇريل ڪارڪنن جو سپريم ڪورٽ آڏو لاش رکي ڌرڻو

راولپنڊي(بيورو)  اهلسنت والجماعت راولپنڊي جو ترجمان اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب مارجي ويو ۽ ان جو هڪ ساٿي زخمي ٿي پيو  آهي اهلسنت والجماعت جي مرڪزي ترجمان حافظ اُنيب فاروقي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته راولپنڊي جي ترجمان مظهر صديقي، محمد ابراهيم ۽ شير دل تي اڻڄاتل ماڻهن طرفان فائرنگ پير وڌائي موڙ ويجهو ڪئي وئي مظهر صديقي موقعي تي مارج يويو جڏهن ته ٻيا 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا لاش ۽ زخمين کي پمز اسپتال اسلام آباد منتقل ڪيو ويو  آهي اسلام آباد پوليس مطابق ٻن اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوارن طرفان فائرنگ سوشل سيڪيورٽي اسپتال ويجهو رڪشي تي ڪئي وئي سبزي منڊ يٿاڻي جي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي اهلسنت والجماعت جي سربراهه علامه احمد لڌيانوي قتل جي واقعي جي ڀرپور مذمت ڪندي قاتلن جي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي جو چوڻ آهي ته هو مولانا مظهر صديقي جي قتل جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا حڪومت ملڪي امن تباهه ڪندڙ عنصرن خلاف فوري قدم کڻي. قتل واري واقعي کانپوءِ اهلسنت والجماعت جي ڪارڪنن مولانا مظهر جو لاش سپريم ڪورٽ آڏو رکي ڌرڻو هنيو مظاهرين جو مطالبو هو ته  چيف جسٽس آف پاڪستان مولانا مظهر جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي جڏهن ته نادرا چوڪ وٽ اهلسنت والجماعت جا وڏي تعداد ۾ ڪارڪن نڪري آيا جن روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو پوليس پاران کيس روڪڻ تي مظاهرين ۽ اهلڪارن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران پوليس اهلڪارن مظاهرن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس استعمال ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا.

 

سنڌي قوم پرامن آهي ان کي پرتشدد واري دڳ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: نياز ڪالاڻي

هنڱورجا(نمائندو)  جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌ صوفين، درويشن ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي ۽ سنڌي ماڻهو هميشه مذهبي انتهاپسندي کي نديو آهي. مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشت گردي جو اسان کي صوفي ازم جي پيغام ذريعي مقابلو ڪرڻو پوندو. ڳوٺ کرڙي ۾ جسقم جي شهيد اڳواڻ عزيز ڦل جي 13 هين ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هڪ سازش تحت دهشت گردي جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي. دهشت گرد بيگناهه انسان جو خون وهائي خبر ناهي ڪنهن کي خوش ڪرڻ چاهن ٿا هن چيو ته سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن کي بيگناهه کنڀي اغوا ڪرڻ بعد انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ به بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌي قوم پرامن آهي ان کي پرتشدد واري دڳ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته شڪارپور سانحي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جيڪا حڪومت جي ناڪامي آهي. جلسي کي جنرل سيڪريٽري ساگر حنيف بڙدي خطاب ڪندي چيو ته شاهه لطيف، سچل سائين ۽ شهيد شاهه عنايت جي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي سنڌ جي صوفين هميشه امن ۽ پيار جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ مذهبي انتهاپسندي کي نديو آهي. جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي مڙني مسئلن جو حل سنڌوديش جي آزادي ۾ آهي سنڌي قوم کي سائين جي ايم سيد جي نظريعي هيٺ هڪ پليٽ فارم تي متحد ۽ منظم ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. جلسي کي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ محبوب ابڙو، غلام نبي کٽي، فقير امداد منگي، علي رضا خاصخيلي، شريف ڦل، امجد مهيسر، ايوب لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪيو. هن کان اڳ جسقم جي مرڪزي قيادت ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ شهيد عزيز ڦل جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي مغفرت جي دعا گهري

 

ڪراچي: حساس هنڌن سميت اهم جاين تي 25 هزار ڪيمرا لڳائڻ جي سفارش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر جي حساس هنڌن سميت ٻين جاين تي 25 هزار ڪيمرا لڳائڻ لاءِ سفارشون اماڻيونويون، 4 سئو هنڌن تي نون ۽ جديد 2 هزار ڪيمرا لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو ڊسمبر تائين آپريشنل ٿي ويندو، تفصيل مطابق، ڪراچي جي حساس هنڌن جي مانيٽرنگ لاءِ 25 هزار ڪيمرا لڳائڻ لاءِ سفارشون تيار ڪري اعليٰ عملدارن کي اماڻيون ويون، ان ڏس ۾ سنڌ پوليس جي انفارميشن ٽيڪنالي جي هڪ آفيسر ٻڌايو ته ڪراچي وڏو شهر آهي، لڳل ڪيمرائن جو انگ اٽڪل 4 هزار آهي جنهن جي مانيٽرنگ لاءِ 25 هزار ڪيمرا هئڻ گهرجي، شهر جي حساس هنڌن جي مڪمل مانيٽرنگ ٿي سگهندي، شهر جي 4 سئو هنڌن جي نشاندهي ڪري اتي جديد ڪيمرا لڳائڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، ڄاڻايل ڪيمرائن جي ريزيوليشن هاءِ آهي ۽ ان جا پلسلز به ڪافي وڌيڪ آهن جنهن سبب بهتر نتيجا آڏو انيدا، جن 4 سئو هنڌن تي ڪيمرا لڳايا پيا وڃن انهن ۾ اهي به علائقن شامل آهن جيڪي نهايت حساس سمجها وڃن، انهن علائقن ۾ ڪيمرائون لڳايون وينديون جن علائقن جي مانيٽرنگ اڻٽر آهي.

 

مدر ٽريسا جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿي : جيڪو لين فرنينڊنس

ممبئي(شوبز نيوز) ”ڪڪ” گرل جيڪولين فرنينڊنس چيو آهي ته هوءَ مدر ٽريسا جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. ميڊيا جي رپورٽن مطابق فلم ”راءِ” جي پرومو دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن کيس ڪا بايوپڪ ڪرڻي هوندي ته هوءَ مدر ٽريسا جو ڪردار ادا ڪرڻ پسند ڪنديس جيڪو نهايت دلچسپ تجربو هوندو ڇاڪاڻ ته مون کي ان بابت گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته مدر ٽريسا ڀارتي تاريخ ۾ انتهائي اهم شخصيت رهي آهي.

 

هالي ووڊ جي ڪاميڊي فلم هاٽ پرسوٽ جو پهريون ٽريلر جاري

لاس اينجلس(شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ۽ پروڊيوسر ريس ويدر اسپون ۽ صوفيه ورگرا  جي ڪاميڊي سان ڀرپور ايڊونچر ايڪشن فلم هاٽ پرسوٽ جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي هدايتڪاره عيني فليچر جي ان فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي پوليس آفيسر جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا منشيات جي اسمگلنگ جي هڪ وڏي ڊيل کي روڪڻ لاءِ ڊرگه ڊيلر جي زال جي مدد حاصل ڪري وٺي ٿي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿي ڊينا فاڪس، برونا پاپنڊريا ۽ ريس ويدر اسپون جي گڏيل پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ ان فلم جي ڪاسٽ ۾ صوفيه ورگرا ۽ ريس ويدر اسپون کان علاوه مائيڪل موسلي، جوڊي ليئن، رچرڊ ٽي جونز ۽ ميٿيو ڊيل شامل آهن. ايڪشن سان ڀرپور فلم 8 مئي تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

هالي ووڊ ايڪشن فلم ”هٽ مين ايجنٽ فورٽي سيون“ جو پهريون ٽريلر جاري

نيويارڪ(شُوبز نيوز) هالي ووڊ جي ايڪشن سان ڀرپور فلم هٽ مين ايجنٽ فورٽي سيون جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي فلم وڊيو گيمز سيريز هٽ مين جي ڪردار يجنٽ 47 تي ٻڌل آهي اداڪاره رپرٽ فرينڊ ايجنٽ 47 جو ڪردار ادا ڪيو آهي فلم هلندڙ سال 28 آگسٽ تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

بالي ووڊ اداڪاره انوشڪا شرما فلم جي شوٽنگ دوران زخمي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره انوشڪا شرما فلم جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پئي ڀارتي ميڊيا مطابق انوشڪا شرما پنهنجي فلم اين ايڇ ٽين جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پئي ان کي اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن ان کي مڪمل آرام جو مشورو ڏيندي ٻڌايو ته ان جي چيلهه ۾ ڌڪ لڳو آهي جنهن کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو زخمي ٿيڻ سبب فلم جي شوٽنگ ملتوي ڪئي وئي آهي جڏهن ته هوءَ پنهنجي چيلهه جي تڪليف کان ڇوڪٽاري لاءِ فزيو ٿراپي به ڪرائي رهي آهي.

 

آءِ سي سي رلڊ ڪپ 2015ع ۾ ڏکڻ افريڪا زمبابوي کي 62 رنسن تان هارائي ڇڏيو

هيملٽن(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي رلڊ ڪپ 2015ع ۾ ڏکڻ افريڪا زمبابوي کي 62 رنسن تان هارائي ڇڏيو، پروٽيز ڊيوڊ ملر ۽ جين پال ڊومني جي شاندار سينچرين عيوض مقرر 50 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 339 رنسون ٺاهيون، ملر 138 ۽ ڊومني 115 رنسن جي اننگز کيڏي. جواب ۾ رنسن جو هماليه جبل عبور ڪندي زمبابوي جا بيٽسمين سگهه وڃائي ويٺا، ڀرپور جدوجهد باوجود سڄي ٽيم 48.2 اوورن ۾ 277 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. هيملٽن ماسا ڪڊز ۽ چامو چڀا چڀا ففٽيون ٺاهيون. ڊيوڊ ملر کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

 

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ (اڄ) آمهون سامهون ٿيندا

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ) سومر تي واحد ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون نيلسن واري هنڌ آمهون سامهون ٿينديون، ميگا ايونٽ ۾ (سڀاڻي) اڱاري تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو، تفصيل موجب يارهين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ جاري اهي، ايونٽ ۾ (اڄ) سومر تي واحد ميچ ۾ گروپ بي جي ٽيمن ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ وچ ۾ مقابلو ٿيندو، ٽورنامينٽ ۾ (سڀاڻي) اڱاري تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ گروپ اي جي ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ مقابلو ٿيندو.