تازيون خبرون

Daily Archives: February 13, 2015

وفاقي حڪومت نيشنل ٽيڪس نمبر ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ناڻي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پهرين جولاءِ کان شهرين لاءِ نيشنل ٽيڪس نمبر ختم ڪيا پيا وڃن ايندڙ بجيٽ ۾ منظوري ورتي ويندي اين ٽي اين صرف ڪمپنين کي ڏنا ويندا عام شهرين جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ئي ان جو نيشنل ٽيڪس نمبر هوندو حڪومت غريبن جي امداد 12 هزار مان وڌائي 18 هزار رپيا ڪئي آهي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ خوش آئِند آهي فرنس آئل تي 5 سيڪڙو ليوي مان 5 ارب رپيا رڪوري ٿيندي چاڪليٽ ۽ ڪاسميٽنڪس اليڪٽرانڪس جو سامان امير طبقو استعمال ڪري ٿو سيلز ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي سان اسان کي صرف 46 ارب رپيا حاصل ٿيندا شاٽ فال 165 ارب رپين جو آهي ڪوئي به ٽيڪس يا ريگيوليٽري ڊيوٽي آئين ۽ قانون کان مٿانهين ناهي لڳائي ويئي اسان سڀ آئين جا پابند آهيون جڏهن ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد نويد قمر چيو ته ناڻي وزير پاران ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻ تي خوشي ٿي آهي عوام ۽ پارليامينٽ جي مفاد کي نظر ۾ رکڻ گهرجي حڪومت کي تيل جي اگهن ۾ لاٿ سان واڌ جي شرح ۾ اضافي جو موقعو مليو آهي ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ٿيندي ٽيڪسن ۾ واڌ کي رد ڪيون ٿا فوري طور تي واپس ورتيون وڃن خميس تي قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته سي اين جي ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانا عدالت هليا ويا ڀاڻ جي قيمت حڪومت جي ڪوششن سان 1900 مان گهٽائي 1766 ڪئي ويئي هن چيو ته صوبن کي ڪيش رقم بدران گذريل ٻن سالن ۾ صوبن کي 1700 ارب رپيا بونس شيئر ڪيا ويا هن چيو ته هو هي شيئر اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وڪروڪري سگهن ٿا هن معاملي تي به هن عدالت سان رجوع ڪيو ان ڏس ۾ اسان کي 31 ارب رپين جو شاٽ فال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي هن چيو ته اسان جي آس پاس جي ملڪن به ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي رٿابندي ڪئي آهي. تيل شين جي پاڪستان ۾ قيمتون صرف خطي پر دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي ڀارت ۾ 103 رپيا 45 پئسا في ليٽر آهي سريلنڪا ۾ 91 نيپال ۾ 102 ۽ پاڪستان ۾ 70 رپيا آهي اسان کي ان سموري صورتحال جي حقيقتن کي نطر ۾ رکي جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين جولاءِ کان پوءِ لڳايل ريگيوليٽري ڊيوٽي جو ڪل روينيو 8 سيڪڙو ملي ٿو هن چيو ته پهرين جولاءِ 2015 کان سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ئي اين ٽي اين نمبر هوندو جنهن جي ايندڙ بجيٽ ۾ منظوري ورتي ويندي. پيپلزپارٽِ جي اڳاوڻ سيد نويد قمر چيو ته اسان کي خوشي آهي ته ناڻي وزير ايوان کي اعتماد ۾ ورتو آهي ٻي صورت ۾ اسان کي هي احساس ٿي رهيو هو ته حڪومت جي نظر ۾ پارليمانيٽ جي ڪائي عزت نه آهي هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪسن ۽ ڊيوٽي ۾ ڦيرڦار ايس آر اوز سان ڪرڻي آهي ته بجيٽ اجلاس جي ڪائي معنيٰ نٿي رهي عوام ۽ پارليامينٽ جي مفاد کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.

 

حڪمران پاڻ دهشتگردن جي پٺڀرائي رهيا آهن، سنڌ ۾ ظلم ٿي رهيو آهي:عمران خان

شڪارپور (ڊ ر) تحريڪ انصاف، شڪارپور سانحي جي شهداءَ ڪميٽي جي لانگ مارچ جي حمايت ڪري ڇڏي، عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪمران پاڻ دهشتگردن جي پٺڀرائي رهيا آهن، سنڌ ۾ ظلم ٿي رهيو آهي، نوجوان اڳتي اچن ۽ تبديليءَ لاءِ تيار رهن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان شڪارپور پهچي دهشتگردي جو شڪار ٿيل امام بارگاهه ڪربلا معليٰ جو دورو ڪيو جڏهن ته شهيدن جي وارثن سان عذر خواهي پڻ ڪئي. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته هــُو شهداءِ ڪميٽي پاران شڪارپور کان ڪراچي تائين اعلانيل لانگ مارچ جي حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته سنڌ پوليس کي سياسي بڻائي تباهه ڪيو ويو آهي، پوليس جي نظام کي درست ڪرڻو پوندو نه ته دهشتگردي جو خاتمو ناممڪن آهي. عمران خان چيو ته سنڌ ۾ ماڻهن کي اغوا ڪرڻ سڀ کان وڏو ڪاروبار بڻيل آهي، حڪومت پاڻ دهشتگردن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت شهيد ڀٽي جي نالي تي عوام جو رت چوسي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ جو پئسو هارين کي نه پيو ملي، وڏيرا ۽ سياستدان سنڌ جو پئسو کاهي رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ 257 ماڻهن کي زنده ساڙيو ويو، نواز شريف ڇا پيو ڪري؟ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم به پوليس کي سياسي بڻايو آهي. عمران خان چيو ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف ملڪ ۾ رهي عوام جا مسئلا حل ڪن. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سينيٽ چونڊن جي ٽڪيٽن تي ڪرپشن ٿي رهي آهي، 20 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري سينيٽر بڻجندڙ عوام جي ڪهڙي خدمت ڪندو؟.

 

جماعت اسلامي سراج الحق کي سينيٽ جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

لاهور (م.ڊ) سينيٽ چونڊن جي حوالي سان جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي پارليماني بورڊ جو اجلاس المرڪز اسلامي پشاور ۾ ٿيو اجلاس جي صدارت جنرل سيڪريٽري جماعت اسلامي ۽ پارليماني بورڊ لياقت بلوچ ڪئي جماعت اسلامي خيبرپختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري شبير احمد خان پاران جاري ڪيل بيان مطابق اجلاس ۾ جماعت  اسلامي خيبرپختونخواهه جو امير پروفيسر محمد ابراهيم خان نائب امير ڊاڪٽر محمد اقبال خليل، مشتاق احمد خان جماعت اسلامي فاٽا جي امير صاحبزاده هارون رشيد سميت جماعت اسلامي جي صوبايئ اسيمبلي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي شبير احمد خان ٻڌايو ته اجلاس ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته امير جماعت اسلامي سراج الحق جماعت پاڪستان پاران سينيٽ جو اميدوار هوندو جڏهن ته امير جماعت اسلامي خيبرپختونخواهه پروفيسر محمد ابراهيم خان ڪورنگ ڪينڊيڊيٽ هوندي ان حوالي سان ڪئمپن ڪميٽي به جوڙي ويئي آهي جنهن جو سربراهه صوبائي سينيئر وزير ۽ وزير بلديات عنايت الله خان هوندو جيڪو ان حوالي سان ڪئمپن هلائيندو.

 

اورنگي ٽائون ۾ ٽينڪر ٽن ٻارڙن مٿان چڙهي ويو ، ٿڏي تي فوت، ڊرائيور گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ ٽينڪر ٽن ٻارڙن مٿان چڙهي ويو پوليس ٽينڪر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو ضياءَ ڪالوني اورنگي ٽائون ۾ هي حادثو پيش آيو هڪ ئي گهر جا 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا ضياءَ موڙ تي واٽر ٽينڪر چڙهائي تي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ ڪنٽرول مان نڪري ويو ۽ گهٽي ۾ کيڏندي ٽن معصوم ٻارڙن مٿان چڙهندي ديوار سان وڃي لڳو اکين ڏٺل شاهدن مطابق ٽئي ٻارڙا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ڊرائيور جو چوڻ هو ته حادثو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو ٻارڙن جي موت تي افسوس آهي فوتين ٻارڙن ۾ 8 سالن جو عثمان ڇهن سالن جي مريم ۽ ڇهن سالن جو باسط شامل آهي ٽنهي ٻارڙن جا لاش سول اسپتال پهچايا ويا جتي قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن کي ڏنا ويا.

 

بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس ۽ ارجن رامپال پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”راءِ“ جي پروموشن جي لاءِ نئين دهلي ۾ مصروف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس ۽ ارجن رامپال پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”راءِ“ جي پروموشن جي لاءِ نئين دهلي ۾ مصروف رهيا. ٻنهي اداڪارن فلم جي پروموشن بابت برائيڊل جيولري جي نئين ڪليڪشن پڻ معتارف ڪرائي. شريم جيولرز جو چوڻ هو ته کين فلم ”راءِ“ جي پروموشن جي لاءِ ٻنهي اداڪارن کي پنهنجي خدمتون پيش ڪرڻ تي بيحد خوشي ٿي آهي.

 

بالي وو ايڪشن فلم ”اب تڪ ڇپن 2“ جو ٽريلر جاري

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ايڪشن فلم اب تڪ ڇپن ٽو جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي فلم ۾ نانا پاٽيڪر پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار ڪيو آهي فلم 27 فيبروري تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

پاڪستاني اداڪاره مديحه شاهه شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪاره مديحه شاهه آخرڪار شادي ڪري ئي ڇڏي، شادي جي موقعي تي هوءَ تمام گهڻو خوش پئي نظر آئي اداڪاره جو چوڻ هو ته ان جو مڙس انتهائي نفيس انسان آهي ۽ هن کي سندس فلم انڊسٽري ۾ رهڻ کان ڪوبه اعتراض ناهي، شادي جي موقعي تي شوبز سان تعلق رکندڙ ٻين اداڪارن به شرڪت ڪئي ۽ نئين جوڙي کي مبارڪون ڏنيون.

 

اڄ تائين ڪوبه غير اخلاقي گانو ناهي ڳايو: حميرا چنا

لاهور(شوبز نيوز)ڳائڻي حميرا چنا چيو آهي ته مون اڄ تائين فلمن ۾ نه غير اخلاقي گانا ڳايا ۽ نه ئي آئنده ايئن ڪرڻ جو ڪو ارادو آهي هن چيو ته مون کي ٻالڪپڻ کان ئي ڳائڻ ۾ دلچسپي هئي ان لاءِ مون باقاعده ميوزڪ جي تعليم حاصل ڪئي ڳائڻ دوران ڪيترائي ڀيرا مون کي اداڪاره طور ڪم ڪرڻ جي به آفر ٿي پر منهنجي ترجيح هميشه ڳائڻ رهيو، مون کي سياست ۾ به آفر ٿيندي رهي پر منهنجي ويجهو هڪ سٺي ۽ سچي فنڪار کي سياست کان پي رهڻ گهرجي.

 

يارهون ورلڊ ڪپ ڪرڪٽ ٽورنامينٽ سڀاڻي کان شروع ٿيندو، 14 ٽيمون اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهنديون

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) عالمي دنيا جو اهم ايونٽ يارهون ورلڊ ڪپ ڪرڪٽ ٽورنامينٽ (سڀاڻي) ويلنٽائن ڊي 14 فيبروي کان شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ 14 ٽيمون اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ مقابلا ڪنديون. عالمي ڪپ کٽيندڙ ٽيم لاءِ 48 لک ڊالرن جي رقم مختص، جڏهن ته رنر اپ لاءِ 25 لک ڊالر، سيمي فائنل هاريندڙ ٽيمن لاءِ 7 لک 66 هزار ڊالر رکيا ويا آهن. ورلڊڪپ شروع ٿيڻ ۾ باقي 11 ڏينهن رهجي ويا آهن. جنهن ۾ 14 ٽيمون اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ مقابلا ڪنديون. جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، ڀارت، ڏکڻ آفريقا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات جون ٽيمون شامل آهن. پاڪستان پنهنجي ورلڊڪپ جي شروعات 15 فيبروري تي ايڊيليڊ اوول گرائونڊ م ڀارت سان ميچ کيڏي ڪندو. ميگا ايونٽ جو پهريون ڪوارٽر فائينل 18 مارچ، پهرين سيمي فائينل ميچ 24 مارچ، ٻي ميچ 26 مارچ ۽ فائينل 29 مارچ تي کيڏيو ويندو. ورلڊ ڪپ ڪرڪٽ جي دنيا ۾ هن وقت تائين آسٽريليا جي قسمت ٻين ٽيمن جي ڀيٽ ۾ اڳڀري رهي آهي. مجموعي طور تي 10 ورلڊڪپ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ آسٽريليا 6 ڀيرا فائينل ۾ آيو 4 کٽيائين ۽ 2 هارايائين. جڏهن ته ڀارت 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو ، 2 ڀيرا کٽيو هڪ ڀيرو هارايو. اهڙي ريت ويسٽ انڊيز به 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو 2 کٽيائين ۽ هڪ هارايائين. سريلنڪا 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو هڪ ڀيرو کٽيائين ۽ 2 ڀيرا هارايائين. پاڪستان 2 ڀيرا فائينل ۾ آيو هڪ ڀيرو کٽيائين ۽ هڪ ڀيرو هارايائين جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم 3 ڀيرا فائينل ۾ آئي آهي ۽ بدقسمتي سان هڪ به ميچ نه کٽي اٿس. 1975ع واري پهرين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ ويسٽ انڊيز 17 رنسن تان ڪاميابي ماڻي. 1979ع ۾ کيڏيل ٻئين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ ويسٽ انڊيز 92 رنسن تان ڪاميابي ماڻي. 1983ع ۾ کيڏيل ٽئين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ ڀارت 43 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، 1987ع ۾ کيڏيل چوٿين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ آسٽريليا 7 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.. 1992ع ۾ کيڏيل پنجين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ مصابلو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان 22 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 1996ع ۾ کيڏيل ڇهين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ سريلنڪا ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ سريلنڪا 7 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي. 1999ع ۾ کيڏيل ستين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ آسٽريليا ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ آسٽريليا جي ٽيم 8 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 2003ع ۾ کيڏيک اٺين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ آسٽريليا جي ٽيم 125 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 2007ع ۾ کيڏيل نائين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ آسٽريليا ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ آسٽريليا جي ٽيم 53 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 2011ع ۾ کيڏيل ڏهين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ڀارت ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي.جنهن ۾ ڀارت جي ٽيم 6 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.

 

وارم اپ ميچ ۾ آئرلينڊ هٿان بنگلاديش کي شڪست

سڊني(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ وارم  اپ ميچ ۾ آئرلينڊ بنگلاديش کي 4 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو بنگلاديش ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 48.2 اوورن ۾ 189 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي جڏهن ته هدف جي حاصلات ۾ آئرلينڊ 46.5 ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي اسڪور پورو ڪري ورتو، بنگلاديش جو سرڪار 45 ۽ مشفيق الرحيم 26 رنسن سان نمايان رهيا جڏهن ته آئرلينڊ جي بالرن ۾ موني ۽ سوريسن 3،3 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ آئرلينڊ جي بيٽسمين ۾ بيلبيرين 63 ۽ جوائس 45 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ بنگلاديشي بالرن ۾ اسلام 2 ۽ شڪيب الحسن هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي