تازيون خبرون

Daily Archives: February 11, 2015

چاغي ۾ سڪيورٽي فورسز جو سرچ آپريشن ، هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ اهلڪار شهيد، 15 هٿياربند مارجي ويا ڪ اهلڪار شهيد

چاغي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي چاغي ۽ بسيما ۾ سڪيورٽي فورسز  ۽  ڳجهن ادارن جي سرچ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي ٽن اهم ڪمانڊرز سميت 15 هٿياربند مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، چاغي، بسيما ۽ وشڪ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي سرچ آپريشن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 اهم ڪمانڊرز سميت 15 هٿياربندن مارجي ويا. ايف سي ترجمان موجب، سرچ آپريشن دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ايف سي ترجمان موجب، ڪارروائي دوران ڳرا هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.

 

بلديا سانحو: جــَي آءِ ٽي رپورٽ ٽرائل ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، بلديا سانحي جــِي جــَي آءِ ٽي رپورٽ ٽرائل ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته جــَي آءِ ٽي رپورٽ عدالتي ڪارروائي جو حصو آهي ۽ ان تي فيصلو ٽرائل ڪورٽ ڪندي. بلديا ٽائون فيڪٽري سانحي جي جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جي رپورٽ منظر عام تي اچڻ بعد فيڪٽري مالڪن، ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ٽرائل ڪورٽ ۾ منتقل ڪئي وڃي،ڇاڪاڻ ته ان ۾ بلديا سانحي جو ڪيس هلندڙ آهي. عدالت، جــَي آءِ ٽي رپورٽ ٽرائل ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته رپورٽ عدالتي ڪارروائي جو حصو آهي ۽ ان تي فيصلو ٽرائل ڪورٽ ڪندي. عدالت، ٽرائل ڪورٽ کي ٽن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ميڊيا کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي درست رپورٽنگ ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران وڪيل فيصل صديقي عدالت ۾ دليل ڏيندي ٻڌايو ته جوابدار رضوان قريشي کي غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هن بلديا سانحي بابت انڪشاف ڪيو آهي. وڪيل پنهنجي دليلن ۾ وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽي بلديا سانحي بابت نه هئي پر رضوان قريشي جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته هن کي ٻئي ڪنهن ماڻهو بلديا سانحي بابت ڄاڻ ڏني. وڪيل عدالت ۾ چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ تي عوام ۽ ميڊيا کي گمراهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فيڪٽري مالڪن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

هاڻي مارشل لا جو زمانو نه آهي، جيڪڏهن لڳي ته حمايت ڪندس: پرويز مشرف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف چيو ته هاڻي مارشل لا جو دور نه آهي جيڪڏهن جنرل راحيل شريف مارشل لا لڳايو ته ان جي حمايت ڪندس موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽس حڪومت قائم ڪئي وڃي ڌانڌلي روڪڻ لاءِ فوج جي نگراني ۾ چونڊون ڪرايون وڃن پارليماني نظام حڪومت پاڪستان لاءِ مناسب نه آهي مان پاڪستان ۾ اطمينان سان ويٺو آهيان جنهن آرٽيڪل 6 جو ڪيس هلائڻو آهي هلائي اسامه بن لادن کي پاڪستان مان هٿ اچڻ تي مون کي شرمساري ٿي آهي خانگي ٽي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي پرويز مشرف چيو ته ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي عمران خان ٺيڪ ۽ سچ چوي ٿو اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري ڌانڌلي ۾ ملوث هو. چونڊ نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي ان لاءِ ملڪ ۾ آئيني ترميمون ڪرڻ گهرجن ۽ چونڊون فوج جي نگراني ۾ ٿيڻ گهرجن ڇو ته جڏهن به فوج چونڊون ڪرايون آهن ان تي ڪنهن اعتراض ناهي ڪيو هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي 3 کان 4 دفعا حڪومت ملي پر انهن ملڪ جو ڪهڙو حال ڪري ڇڏيو آهي هي سڀني آڏو آهي هن وقت نئين چوندن بدران ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قائم ڪئي وڇي جيڪا ملڪ ۾ سڌارا آڻي ۽ ان لاءِ هڪ ٽائيم فريم ڏنو وڃي جيڪو ٻن سالن کان وٺي پنجن سالن تائين ٿي سگهي ٿو.

 

ميرپور بٺورو لڳ ٽريڪٽر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

ميرپور بٺورو(رپورٽر) ميرپور بٺورو کان 20 ڪلوميٽر دور جيلاني موري تي ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ماڻهو فوت، تفصيل موجب ميرپور بٺورو کان 20 ڪلوميٽر دور جيلاني موري تي ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتجي ۾ 2 ماڻهو نعمان ولد سليم ڪاڪي ٽي ۽ عبد الحسيب ولد مناف ڪاڪاٽي فوت ٿي ويا جن کي تعلقي اسپتال بٺورو آند و ويو جنهن کي پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاشن  کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو.

 

رنبير ڪپور پهريون ڀيرو ڪترينه ڪيف سان مڱڻي جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار رنبير ڪپور پهريون ڀيرو ڀيرو ڪترينه سان مڱڻي وارين خبرن کي رد ڪيو آهي. ڀارتي اخبار مطابق پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ رنبير ڪپور باربي ڊول ڪترينه سان مڱڻيءَ وارين افواهن کي رد ڪندي چيو ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ مداخلت نٿو چاهي. هن چيو ته هو جڏهن به مڱڻي يا شادي ڪندو ته ان جو باضابطه اعلان ڪندو. واضح رهي ته بالي ووڊ ۾ ان جوڙي جي مڱڻي بابت خبرون عام آهن.

 

عرفان خان پهريون ڀيرو فلم ”قصه“ ۾ پڳ پاتي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار عرفان خان پنهنجي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو فلم ”قصه“ ۾ پڳ پاتي. ڀارتي اخبار مطابق فلم پنجابي ٻوليءَ ۾هوندي، جنهن کي انوب سنگهه ڊائريڪٽ ڪري رهيو آهي. عرفان خان چيو ته ان فلم ۾ هو بلڪل مختلف ڪردار ۾ نظر ايندو. فلم جو موضوع وارث جي ڳولا آهي. عرفان خان ٻُڌايو ته هو فلم ۾ نبر سنگهه بڻجندو.

 

فيصل خان ڪشمير جي موضوع تي ٺهندڙ فلم ذريعي بالي ووڊ ۾ ٻيهر انٽري جي ڪوشش ڪندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار فيصل خان ڪشمير جي موضوع تي ٺهندڙ فلم ”چنار- داستان عشق“ ذريعي بالي ووڊ ۾ ٻيهر انٽري جي ڪوشش ڪندو. ڀارتي ميڊيا مطابق فيصل خان گذريل سال کان بالي ووڊ کان پري آهي جڏهن ته هن ڪشمير جي موضوع تي ٺهدنڙ فلم ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان فلم ۾ سندس مرڪزي ڪردار ”جمال“ جو آهي. فلم هلندڙ سال مئي ۾ رليز ٿيندي، فلم جي شوٽنگ سري نگر ۾ ٿي رهي آهي. فلم ۾ ڪشمير جي ثقافت ۽ خوبصورتي ڏسڻ ۾ ايندي.

 

فلم جذبه ۾ اهم ڪردار ڪري رهي آهيان، جيڪو منهنجو خواب هو: پريا بيز جي

چنائي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار پريا بيز جي چيو آهي ته هو سنجي گپتا جي فلم ”جذبه“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪو سندس خواب هو. فلم جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ ايشوريا راءِ بچن شامل آهي، جڏهن ته پريا سائڊ هيروئن جو رول ڪري رهي آهي. اداڪاره جو چوڻ آهي ته ان فلم ذريعي هندي فلم انڊسٽريءَ ۾ سندس ڊريم انٽري هوندي ۽ فلم ۾ سندس ڪردار پسند ڪيو ويندو. جنهن جو هن خواب ڏٺو هو. هن چيو ته فلم ۾ سندس ڪردار کي آسانيءَ سانه واري سگهبو. هنچيو ته سندس وڌيڪ سين شبانه اعظمي سان گڏ آهن.

 

ڀارت جي بدترين ڪارڪردگي ڏسندي پاڪستان وٽ دفاعي چئمپين کي ورلڊ ڪپ ۾ شڪست ڏيڻ جو بهترين موقعو آهي: ظهيرعباس

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ايشين بريڊ مين جي نالي سان مشهور عظيم پاڪستاني بيٽسمين ظهير عباس چيو ته ڀارت جي آسٽريليا ۾ تازي ڪاررڪردگي ڏسندي پاڪستان وٽ دفاعي چئميپن کي ورلڊ ڪپ ۾ شڪست ڏيڻ جو بهترين موقعو آهي تفصيل مطابق پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ اڄ تائين انڊيا کان ناهي کٽي سگهيو ۽ ان کي هن وقت تائين ٿيل پنجن مقابلن ۾ شڪست ملي ٻئي ٽيمون 15 فيبروري تي ايڊليڊ اوول ۾ ٿيندڙ مئچن ۾ آمهون سامهون ٿينديون جيڪو ٻنهي ٽيمن جو عالمي ايونٽ ۾ پهريون مقابلو هوندو ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ڀارت ناهي کٽي سگهيو جڏهن ته ان وٽ ان جمود کي ٽوڙڻ جو سنهري موقعو آهي مان آسٽريليا ۽ پهرين پريڪٽس مئچ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي ڏٺي آهي انهيءَ لاءِ مان اهو چئي رهيو آهيان هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجو بهترين ڪابينيشن جلد تلاش ڪرڻو پوندو ڇو ته زخمي رانديگرن جي لسٽ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي.

 

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام والي بال ٽيم جوڙي ڇڏي

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام والي بال ٽيم جوڙي ڇڏي، ٽيمآل پاڪستان انٽر يونيورسٽي والي بال زون ايڇ چئمپين شپ ۾ شرڪت ڪندي. خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوارحسين خانزادي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان ٿيندڙ ٿيندڙ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي والي بال زون ايڇ چئمپين لاءِ يونيورسٽي جي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏي آهي، اهڙي ٽيم جو اعلان راند هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي 3 ڏينهن واري اوپن ٽرائيل جي آخري ڏينهن ڪيو ويو. جوڙيل ٽيم ۾ ڪئپٽن شجاعت علي قادري جڏهن ته رانديگرن ۾ ناصر خان، عدنان خان، ممتاز علي، امتياز علي، محمد الياس، ممتاز الرحمان، عماد خان ۽ روح الله شامل آهن، جڏهن ته مئنيجر غلام محمد هوندو. والي بال ٽيم مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿيندڙ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي والي بال زون ايڇ چئمپين شپ ۾ شرڪت ڪندي.