تازيون خبرون

Daily Archives: February 10, 2015

ٻارنهن مئي واقعن سميت دهشتگردي جا سمورا سنگين ڪيس فوجي عدالت ڏانهن اماڻيا وڃن: شهريار مهر جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جَي اڳواڻ شهريار مهر، 12 مئي سميت دهشتگردي جا سمورا سنگين ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي جَي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار مهر چيو ته 12 مئي وڏو سانحو هو، جنهن ۾ ملوث دهشتگردن خلاف هلندڙ ڪيس فوجي عدالتن ۾ منتقل ڪيا وڃن. هـُن چيو ته دهشتگردن جو تعلق  ڪهڙي به جماعت سان هجي انهن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. پيپلزپارٽي سان اتحاد بابت فنڪشنل ليگ اڳواڻ چيو ته متحده پ پ سان ڀلي اتحاد ڪري هو نه ڪندا. شهريار مهر چيو ته گرفتارين واري عمل سان پ پ – ايم ڪيو ايم اتحاد تي ڪو به فرق نه پوندو.

 

سمنڊ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ۽ سوين ڳوٺ ڳڙڪائي ويو:روينيو کاتي جي ڪميٽي کي آگاهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سمنڊ، سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ۽ سوين ڳوٺ ڳڙڪائي ويو، سنڌ جَي روينيو کاتي، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي آگاهي ڏني آهي ته عربي سمنڊ جو چاڙهه روڪڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا ته ٺٽو ۽ بدين دنيا جي نقشي تان ميسارجي ويندا ۽ پوءِ ڪراچيءَ جو بچڻ به ڏکيو هوندو، سنڌ جي رپورٽ پيش ٿيڻ بعد سينيٽ ڪميٽي معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل آڏو اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين  ساجد مير جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس دوران سنڌ بورڊ آف روينيو جَي سيڪريٽري رپورٽ پيش ڪندي آگاهي ڏني ته سمنڊ،سنڌ جي 10 هزار ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عربي سمنڊ، سنڌ جي ساحلي پٽي وارن ضلعن بدين ۽ ٺٽي جا ڪيترائي ڳوٺ به ڳهي چڪو آهي، جيڪڏهن سمنڊ جو چاڙهه روڪڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا ته ٻئي ضلعا دنيا جي نقشي تان ميسارجي ويندا. روينيو بورڊ جي سيڪريٽري اجلاس کي اهو به ٻڌايو ته ملير ضلعي ۾ به سمنڊ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي،جنهن بابت اسٽڊي ڪئي پئي وڃي. روينيو بورڊ جي ميمبر سيد غضنفر چيو ته 4 ورهين دوران سمنڊ 31 هزار ايڪڙ زمين ڳهي چڪو آهي. سنڌ جي روينيو کاتي جي رپورٽ ڏسڻ کانپوءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ڪامران قريشي چيو ته معاملو انتهائي ڳنڀير ٿي ويو آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنوگرافي جي چيئرمين آصف انعام ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته سال جا 3 سئو ڏينهن پاڻي سجاول کان هيٺ لهي ئي نٿو. هـُن چيو ته عالمي طور زميني پاڻي ڪڍڻ جو معيار 17 ڪيوبڪ ڪلو ميٽر آهي، پر پاڪستان ۾ 64 ڪيوبڪ ڪلوميٽر ڪڍيو وڃي ٿو، جيڪو 4 سئو سيڪڙو وڌيڪ ۽ سمنڊ جي اڳتي وڌڻ جو اهم سبب پڻ آهي. آصف انعام چيو ته سمنڊ پائڻ ڪري گجرات جي سامونڊي پٽيءَ تي اڪثر طوفان ايندا رهن ٿا،جن جو اثر سنڌ تي به پوي ٿو. سندس چوڻ هو ته اهو سچ آهي ته ڊيم ۽ بئراج ٺهڻ سبب سنڌو درياهه جو پاڻي سمنڊ تائين نٿو وڃي،وٽن انگ اکر رڳو ڪوٽڙي بئراج جا آهن، تنهنڪري خبر ناهي ته سمنڊ ۾ پاڻي ڪيترو ٿو وڃي؟ آصف انعام چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ فرق آهي، سنڌ ۾ سمنڊ وڌي رهيو آهي پر بلوچستان ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو ته 1992ع واري پاڻي ٺاهه تي ان جي روح موجب عمل ٿيڻ گهرجي،سنڌ جي 22 هزار ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. تاج حيدر چيو ته بدين جي ڪئنالن ۾ پاڻي ناهي،ٿورو به مينهن وسي ٿو ته ايل بي او ڊي ابتو وهڻ شروع ڪري ٿو. پي پي سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا چيو ته 40 کان 50 سالن اندر ٺٽي ۽ بدين جي ڌرتيءَ تان ميسارجڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي،جنهن ۾ باقي 25 سال رهجي ويا آهن. هـُن چيو ته ادارا سست رفتاري سان اسٽڊي ڪندا ته ڇا بچندو، اکيون نه کوليون ويون ته ٺٽي ۽ بدين سان گڏ ڪراچي جو وجود به خطري ۾ پئجي ويندو. سنڌ جي نمائندن جو موقف ٻڌڻ بعد سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ سمنڊ طرفان زمين ڳڙڪائڻ وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل آڏو اٿارڻ لاءِ وزيراعظم کي خط لکڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.

 

سنڌ حڪومت دهشتگرد کي دهشتگرد سمجي ٿي ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي: سڪندر مينڌرو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت دهشتگرد کي دهشتگرد سمجي ٿي، ڇو نه ان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي، دهشتگردي خلاف ڪارروايئ جاري رهندي، ٽارگيٽيڊ آپريشن ۾ لساني، مذهبي گروهه کي حدف نه پيو بڻايو وڃي، اها ڳالهه سنڌ جي پارلياماني معاملن جي وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد حسين جي توجه ڏياريو نوٽيس تي ڪئي، محمد حسين پنهنجي توجه ڏياريو نوٽيس ۾ چيو ته ڪراچي ۾ جاري آپريشن دوران ايم ڪيو ايم جا همدرد، ڪارڪن ۽ پوليس اهلڪار قتل ٿي رهيا آهن، خاص ڪري اورنگي ٽائون، قبصبا علي ڳڙهه ۽ ناظم آباد ۾ کين نشانو بڻايو پيو وڃي، هڪ به ٽارگيٽ ڪلر گرفتار نه ڪيو ويو آهي، پارلياماني وزير چيو ته ڪيترائي ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ٿي چڪا آهن، اها حقيقت آهي ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي تنهنڪري دهشتگردن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اورنگي، قصبا علي ڳڙهه ۽ ناظم آباد ۾ 2013 کان هن وقت تائين ايم ڪيو ايم جا 12 ڪارڪنن، جڏهن ته پوليس جا 27 اهلڪار شهيد ٿيا، انهن علائقن مان 33 دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم ميمبر انجنيئر صابر حسين قائمخاني جي توجه ڏياريو نوٽيس تي ناڻي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ مالي سال دوران حيدرآباد جي ترقياتي پيڪيج لاءِ هڪ ارب 94 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن انهن مان هن وقت تائين 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جاري ٿي چڪا آهن، گذريل 5 سالن ۾ هن پيڪيج لاءِ 3 ارب 65 ڪروڙ رپيا رکيا ويا هئا، جڏهن ته 2 ارب 49 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا هئا، سنڌ  حڪومت حيدرآباد جي ترقي ۾ خاص دلچسپي وٺي رهي آهي، ايم ڪيو ايم جي ميمبر نشاط محمد ضيا جي توجه ڏياريو نوٽيس تي نثار احمد کهڙو چيو ته ڪراچي جي علائقي گرين ٽائون ۾ ٻن اسڪولن تي لينڊ مافيا قبضو ڪيو هو ته ۽ هي سلسلو 2013 کان هلي رهيو هو، حڪومت قبضو ختم ڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻ اتي 16 ڪمرن جو اسڪول ٺهي رهي آهي، حڪومت ٻيهر قبضو ڪرڻ نه ڏيندي، ايم ڪيو ايم جي سليم ٽالپر جي توجه ڏياريو نوٽيس تي شرجيل ميمڻ چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن سکر ۽ نيو سکر ميونسپل ڪارپوريشن کي آڪٽراءِ اينڊ ضلعي ٽيڪس جي متبادل طور ساليانو 3 ڪروڙ 55 لک رپيا ملن ٿا، انهن جي پگهارن جا خرچ 4 ڪروڙ 88 لک 62 هزار رپيا آهن، گنجائش کان وڌيڪ ڀرتيون ڪرڻ سبب پگهارون ۽ پينشنون ادا ڪرڻ جو مسئلو پيدا ٿيو آهي ۽ ادارا ڪمزور ٿيا آهن.

 

سرگودها ۾ عورت مڙس ۽ 2 ٻارن سميت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، عورت فوت

سرڳوڌا(م.ڊ) سرگودها ۾گهريلو اڻبڻت تان هڪ عورت مبينا طور تي مڙس ۽ 2 ٻان سميت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، عورت اسپتال ۾دم ڏنو، جڏهن ته مڙس ۽  ٻن ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، پوليس مطابق نواحي ڳوٺ ۾مبينا طور تي گهريلو اڻبڻت تان هڪ عورت مبينا طور پنهنجي مڙس ۽ ٽن سالن جي ڌيءَ ۽ 5 سالن جي پٽ کي باهه ڏئي ڇڏي، عورت زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾فوت ٿي وئي، جڏهن ته مڙس ۽ ٻن  ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

87 هون آسڪر ايوارڊ تقريب 22 فيبروري تي ٿيندي

لاس اينجلس(شوبز نيوز)هالي ووڊ اڪيڊمي ايوارڊز آسڪر جي تقريب جو هر ڪو بي صبري سان انتظار ڪري رهيو آهي، انتظاميه مهمانن لاءِ تمام گهڻو تياريون ڪيون آسڪر ايوارڊ جي تقريب ۾ مهمانن جي کاڌن سان سان خاطر توازع ڪئي ويندي وينيو کي ڪهڙي طرح  سجايو ويو آهي اهي سڀ تياريون سامهون اچي ويون آهن آسڪر ۾ ايندڙ ڏيڍ هزار مهمان مزيدار روايتي کاڌا ۽ طرح طرح جي ڪاڪ  ٽيل جو  مزو وٺي سگهندا تقريب ۾ پراڻن اداڪارن جي تصويرن سان گڏوگڏ انهن جي هينڊ رائيٽنگ سان لکيل نوٽ به رکيا ويندا، 87 هون اڪيڊمي ايوارڊ تقريب 22 فيبروري تي ٿيندي

 

شاهد ڪپور جا ٽوئيٽر تي پرستار 50 لک ٿي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور جي پرستارن جو انگ وڌي 50 لک ٿي ويو آهي، ٽوئيٽر تي پنهنجي فالوورز جو انگ 50 لک تائين آڻڻ بعد شاهد ڪپور ٽوئيٽر تي پنهنجي پرستارن جو شڪريو پڻ ادا ڪيو آهي، سندس مشهوري ۾ فلم حيدر کان پوءِ اضافو ٿيو آهي، شاهد ڪپور مطابق سندس ايندڙ فلمن ۾ شاندار، فرضي، اڙتا پنجاب ۽ مسٽر چالو شامل آهن.

 

بالي ووڊ فلم مسٽر چالو جي عڪسبندي التواع جو شڪار ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم مسٽر چالو جي عڪسبندي التواع جو شڪار ٿي وئي آهي، فلم جي هدايتڪاره ريما گگتي آهي، جنهن مطابق مرڪزي ڪاسٽ جي مصروفيتن سبب فلم جي شيڊول مطابق عڪسبندي جي شروعات دير جو شڪار ٿي وئي آهي، فلم جي مک ڪاسٽ لاءِ پهرين سيف علي خان جو نالو رکيو ويو هو، پر نامعلوم سببن جي ڪري سيف جي جاءِ تي هاڻي شاهد ڪپور ان ۾ شامل ٿيو آهي، جڏهن ته ٻي ڪاسٽ ۾ ڪنگنا رناوت پڻ شامل آهي.

 

سونم ڪپور هدايتڪار رام مڌواني جي نئين فلم ۾ ڪاسٽ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور کي هدايتڪار رام مڌواني پنهنجي نئين فلم ۾ ڪاسٽ ڪري ورتو آهي، رام مڌواني 2002ع کان پوءِ پهريون فلم ٺاهي رهيو آهي، ان فلم لاءِ پهرين ڪاجول کي ڪاسٽ ڪرڻ جون خبرون گردش هيٺ هيون، پر ڪاجول جي ترديد کان پوءِ رام مڌواني پنهنجي بيان ۾ چيو ته سندس فلم ۾ سونم ڪپور مرڪزي ڪردار ادا ڪندي، فلم ۾ سندس نالو نيرجا هوندو ۽ ان فلم جي اسڪرپٽ لکڻ ۾ ڏيڍ سال جو عرصو لڳندو.

 

عالمي ڪپ جي وارم اپ مئچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

سڊني(اسپورٽس نيوز)عالمي ڪپ جي وارم اپ مئچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. آسٽريلوي شهر سڊني ۾ کيڏيل وارم اپ مئچ ۾ بنگلاديشي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان کي 247 رنسن جو هدف ڏنو. بنگلاديش طرفان محمود الله 83 ۽ تميم اقبال 81 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. فاسٽ بالر محمد عرفان 5، ياسر شاهه 2، جڏهن ته وهاب رياض ۽ سهيل خان هڪ – هڪ بنگلاديشي بيٽسمين کي واپسي جو رستو ڏيکاريو. جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 247 رنسن جو ٽارگيٽ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 49 هين اوور ۾ مڪمل ڪيو. صهيب مقصود 93 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته عمر اڪمل ۽ حارث سهيل 39 – 39 ، يونس خان 25 ۽ شاهد آفريدي 24 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش طرفان مشرفي مرتضيٰ ۽ تسڪين احمد 2 – 2 جڏهن ته محمود الله، روبيل حسين ۽ شڪيب الحسن هڪ هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو.

 

عالمي ڪپ جي شروعات 14 فيبروري کان نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) هلندڙ مهيني شيڊول آءِ سي سي ورلڊڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي شروع ٿيڻ ۾ باقي ئي ڏينهن رهجي ويا اهن. سڄي دنيا وانگر ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي سحر ۾ پاڪستاني عوام پڻ مبتلا آهي. عالمي ڪپ جي شروعات 14 فيبروري کان نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ ٿيندي. پاڪستاني ٽيم 15 فيبروري تي روايتي مخالف ڀارت خلاف ميچ سان مهم شروعات ڪندي. هن وقت سڄي دنيا جون نظرون ورلڊڪپ تي آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ گرين شرڪٽس جي خريداري لاءِ سڄي ملڪ جي دڪانن تي رش لڳي وئي آهي. ورلڊڪپ شرٽ جو اوريجنل برانڊ 900 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته جيئن جيئن ان جي طلب ۾ اضافو ٿي رهيو آهي دڪاندار ان کي مهانگن اگهن تي وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.