تازيون خبرون

Daily Archives: February 9, 2015

پنو عاقل: پوليس مقابلو، 4 ڏوهاري مارجي ويا

پنو عاقل(رپورٽر) پنوعاقل ويجهو مسافر ڪوچ مان ڦر ڪندڙ 4 ڏوهاري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا. دادلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ 4 نامعلوم ڏوهاري مارجي ويا جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي پنوعاقل لياقت عباسي ٻڌايو ته دادلوءِ لڳ قومي شاهراهه تي نامعلوم ڏوهاري ڦر جي ارادي سان ٻيٺل هئا جيڪي پوليس موبائيل کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 اڻڄاتل ڏوهاري مارجي ويا جن جي سڃاڻپ اڃا تائين ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مارجي ويل ڏوهارين جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. ٻي طرف عام رائي مطابق پوليس ٻي حد جي پوليس جي وانگار وهندي جڙتو مقابلا ڪري ڏوهاري ڄاڻائي ماريا ويندا آهن اهڙن جڙتو مقابلن جي جاچ ٿيڻ گهرجي….

 

مٺي اسپتال ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙن جون حياتيون کسجي ويون

ٿرپارڪر(م.ڊ) ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٻارن تان موٽ ٽارو نه ڪيو، مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 3 ٻارن جون حياتيون کسجي ويون، ڇاڇري ۾ 15 ڏينهن جو ٻارڙو فوت، اڄوڪي ڏينهن ۾ فوت ٿيل ٻارن جو انگ 4 ٿي ويو.. مٺي جي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٽن ڏينهن جي گيتا، 8 ڏينهن جي سڀاڳي چانڊيو ۽ 5 ڏينهن جو بابو ڀيل فوت ٿي ويا… ڇاڇري جي ڳوٺ تڙ احمد ۾ 15 ڏينهن جو ٻارڙو خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويو آهي. اڄ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ چئن مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ 4 سو 14 ٿي ويو آهي. ڏڪاريل ڏيهه ٿر تان موت ٽارو ناهي ڪيو، حڪومتي بي حسي سبب روز ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن….

 

ڪراچي ۾ پئسن جي تڪرار تان جوابدار هٿان ڀاءَ ۽ پيءُ قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ پئسن جي تڪرار تان جوابدار پنهنجي ڀاءُ ۽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. چيو وڃي ٿو ته جوابدار پئسن جي سلسلي ۾ پنهنجي پيءُ سليم ۽ وڏي ڀاءُ آصف سان ملڻ جي لاءِ آيو هو پر پئسن جو تڪرار حل نه ٿي سگهيو جوابدار چڙ ۾ اچي ڀاءُ ۽ پيءُ تي چاقو جا وار ڪري  قتل ڪري ڇڏيو پوليس اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪندي قاتل کي گرفتار ڪري ورتو ۽ لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال موڪلي ڇڏيو

 

حيدرآباد ڀرسان ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي

حيدرآباد(بيورو) حيدرآباد جي علائقي هالا ناڪا ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه مسافر  موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي فوتين  کي سول اسپتال پهچايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي وئي.

 

هدايتڪار اقبال ڪاشميري جي ڊگهي عرصي کان رڪيل اردو فلم ديوداس جي نمائش جلد ٿيندي

لاهور (شوبز نيوز) هدايتڪار اقبال ڪاشميري جي ڊگهي عرصي کان رڪيل اردو فلم ديوداس جي نمائش جلد ٿيندي، ان فلم ۾ ٽي وي اداڪار نديم شاهه ديوداس جو مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته ريما ۽ ميرا پڻ فلم جي3اهم ڪاسٽ ۾ شامل آهن، فلم ديوداس جي تياري ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو آهي، نديم شاهه جو چوڻ آهي ته اها فلم عوام کي بيحد پسند ايندي

 

ڀارتي اداڪار شاهه رخ خان کي ممبئي ميونسپل ڪارپوريشن گهر جي ٻاهران رڪاوٽون هٽائڻ جو نوٽس ڏيئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي فلم نگري جي ڪنگ شاهه رخ خان کي ممبئي ميونسپل ڪارپوريشن گهر جي ٻاهر کان رڪاوٽون هٽائڻ جو نوٽس ڏنو آهي، ممبئي ۾ شاهه رخ جي بنگلي منت جي ٻاهران قائم وزارتن خلاف مقامي ماڻهن شڪايت داخل ڪرائي آهي، ميونسپل ڪارپوريشن چيو آهي ته اهي رڪاوٽون ٽريفڪ جام ۽ شهرين لاءِ تنگي جو باعث بڻجي رهيون آهن، نوٽس ۾ چيو ويو آهي ته رڪاوٽون نه هٽايون ته انهن کي ڪرايو ويندو.

 

هالي ووڊ جي نئين ايڪشن فلم سيونٿ سن رليز ڪئي وئي

نيويارڪ(شُوبز نيوز)هالي ووڊ جي ايڪشن فلم سيونٿ سن رليز ڪئي وئي ايڪشن ۽ ايڊونچر سان ڀرپور فلم جي ڪهاڻي جوزف ڊيلانيجي ناول مان کنئي وئي آهي فلم جي ڪهاڻي هڪ نوجوان جي چوڌاي گهمي ٿي جيڪو شيطاني طاقتن سان مهاڏ اٽڪائي ٿو جادو جي دنيا سان جڙيل فلم ۾ بين برنز، جيف برجز ۽ جولياني مور مرڪزي ڪردار ڪري رهيا آهن، 95 ملين ڊالر سان ٺهندڙ ايڪشن فلم جي ڊائريڪشن سرگئي بوڊروف ڏني آهي.

 

اداڪار غلام محي الدين جي فني ڪيريئر جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي 2015ع جو ڪئلينڊر جاري

لاهور(شوبز نيوز) فلم انڊسٽري جي گرجدار آواز رکندڙ اداڪار غلام محي الدين جي پرستارن سندس فلمي ڪيريئر جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي 2015ع جو ڪئلينڊر جاري ڪري ڇڏيو. اهو ڪئلينڊر ڪراچي جي هڪ مشهور هفتيوار اخبار نگار شايع ڪيو آهي جيڪو ڏسندڙن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. غلام محي الدين پنهنجي ڪيريئر جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي خدا ۽ پنهنجن پرستارن جو شڪريو ادا ڪيو آهي. واضح رهي ته غلام محي الدين جي پهرين فلم ”شڪوه” هئي جيڪا وچولي درجي فلم ثابت ٿي پر کيس اصل شهرت هدايتڪار شباب ڪيرانوي جي فلم ”ميرا نام هي محبت” مان ملي جنهن ۾ سندس هيروئن بابره شريف هئي

 

پاڪستاني ٽيم کي هڪ ٻيو نقصان: محمد حفيظ زخمي ٿيڻ سبب ٽيم کان ٻاهر

سڊني(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ جي لاءِ آسٽريليا ۾ موجود پاڪستاني ٽيم کي هڪ وڌيڪ نقصان محمد حفيظ زخمي ٿيڻ سبب ميگا ايونٽ شروع ٿيڻ کان پهرين  ٽيم کان  ٻاهر ٿي ويو. هڪ کان پوءِ هڪ نقصان، هڪ کان پوءِ هڪ رانديگر آئوٽ، جنيد کان پوءِ حفيظ آئوٽ. ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل بئٽنگ آل رائونڊر محمد حفيظ انجري جي ڪري ورلڊ ڪپ مقالبن مان ٻاهر ٿي ويو آهي. کيس ڊاڪٽرن 3 هفتا آرام ڪرڻ جو مشورو  ڏنو آهي ۽ ان دوران پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ جا چار مئچون  کيڏي چڪي هوندي ۽ پهرين رائونڊ جي قسمت جو فيصلو به ٿي چڪو هوندو. ذريعن مطابق ٽيم مئنيجمينٽ ڪرڪيٽ بورڊ کي حفيظ جي زخمي ٿيڻ بابت ڄاڻ ڏيئي چڪي آهي. حفيظ جي زخمي ٿيڻ آسٽريليا پهتل پاڪستاني ٽيم کي هي ٻيو نقصان پهتو آهي. ان کان پهرين بالر جندي خان زخمي هئڻ جي ڪري ٽيم کان ٻاهر آهي ۽ ان جي جاءِ تي راحت علي کي موڪليو ويو آهي.

 

سليڪشن ڪميٽي جي ڪم ۾ مداخلت ناهيان ڪندو: چيئرمين پي سي بي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته سليڪشن ڪميٽي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندو آهيان، معين خان، وقار يونس، مصباح الحق ۽ ٽوئر ڪميٽي محمد حفيظ جي متبادل طور ناصر جمشيد جي نالي تي اتفاق کانپوءِ مونسا رابطو ڪيو جنهن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، محمد حفيظ جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ سليڪشن ڪميٽي کي چيو ته اوهان وٽ موقعو آهي، سعيل اجمل کي کڻي سگهو ٿا، پر هن چيو ته اوپنگ بيسٽمين جي جاءِ تي متبادل طور اوپننگ بيٽسمين ئي گهرجي، سعيد اجمل بلڪل ڪليئر ٿي ويو آهي، پاڪستاني ٽيم جيڪڏهن هارائي رهي آهي ته فتح به حاصل ڪئي آهي پر شڪست فتح جو مون سان ڪو به تعلق نه آهي رانديگرن جي زخمين ٿيڻ جون خبرون صرف پاڪستاني ٽيم جو نه پر ٻيون ٽيمون به شڪار ٿي رهيون آهن، قذافي اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل محمد حفيظ جي زخمي هجڻ جو ٽيڪنيڪي جائزو وٺندو جنهن کانپوءِ حتمي طور تي ٻڌايو ويندو پر محمد حفيظ جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ناصر جمشيد جو متبادل طور فيصلو ڪيو آهي ۽ هو ڪجهه ڏينهن ۾ ٽيم جوائنٽ ڪندو، ناصر جمشيد لاءَ ويزا جو مسئلو نه آهي صرف راحت علي جو مسئلو هو جنهن لاءِ آسٽريلين هاءِ ڪمشنر سان ڳالهه ڪئي ۽ هن خاطري ڪرائي ته 24 ڪلاڪن ۾ ويزا جا معاملا مڪمل ڪيا ويندا، هن چيو ته سعيد اجمل جو ڪليئر هئڻ خوشي جي ڳالهه آهي ۽ سعيد اجمل وڏو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته سعيد اجمل ٻڌايو ته هو فيصل آباد وڃي رهيو آهي جتي هو هڪ 2 ڪلب جون ميچون کيڏندو ان کانپوءِ ٻين ميچن ۾ حصو وٺندو ته جئين سندس نئون ايڪشن سيٽ ٿي سگهي، سعيد اجمل جو ايڪشن ڪليئر ٿيڻ پاڪستان ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ جي وڏي ڪاميابي آهي.