تازيون خبرون

Daily Archives: February 6, 2015

ڪراچي: ملير ۾ مقابلو، 2 اهلڪار شهيد، 2 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واريَ علائقي ۾ مقابلي دوران 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 ڏوهاري مارجي ويا. ڀينس ڪالوني ۾ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن اهلڪارن، چئن شڪي جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڏنو. روڪڻ تي هٿياربندن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي جواب ۾ اهلڪارن به ڪارروائي ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 ڏوهاري ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته ٻئي اهلڪار زخمي ٿي پيا جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هــُو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ جيڪب آباد واسي سعيد بروهي ۽ سيالڪوٽ واسي اعجاز چيما شامل آهن جيڪي ســُکن ٿاڻي تي مقرر هئا. ايس ايس پي ملير رائو انوار موجب مارجي ويل جوابدارن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٻئي جوابدار قتل، ڀنگ عيوض اغوا ۽ ٻين ڏوهن ۾ گهــُربل هئا.

 

ٿر ۾ موت جو راڄ برقرار، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت انگ 384 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واريَ علائقي ۾ مقابلي دوران 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 ڏوهاري مارجي ويا. ڀينس ڪالوني ۾ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن اهلڪارن، چئن شڪي جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڏنو. روڪڻ تي هٿياربندن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي جواب ۾ اهلڪارن به ڪارروائي ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 ڏوهاري ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته ٻئي اهلڪار زخمي ٿي پيا جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هــُو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ جيڪب آباد واسي سعيد بروهي ۽ سيالڪوٽ واسي اعجاز چيما شامل آهن جيڪي ســُکن ٿاڻي تي مقرر هئا. ايس ايس پي ملير رائو انوار موجب مارجي ويل جوابدارن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٻئي جوابدار قتل، ڀنگ عيوض اغوا ۽ ٻين ڏوهن ۾ گهــُربل هئا.

 

پنجاب حڪومت جو دهشتگردي بابت 55 ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪلڻ جو فيصلو

لاهور (م.ڊ) پنجاب حڪومت دهشتگردي بابت 55 ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو چونڊيل ڪيس سڄي صوبي خاص ڪري لاهور راولپنڊي ۽ گجرانوالا ۾ دهشتگردي ٽوڙ جي 14 عدالتن ۾ پهريان کان ٻڌڻي هيٺ آهن ان ۾ 3 مارچ 2009 ۾ سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم تي حملو، 12 جولاءِ 2012 تي لاهور ۾ خيبرپختونخواهه مان آيل تربيت هيٺ 10 وارڊنز جو قتل ۽ 15 جنوري 2013 راولپنڊي جي راجا بازار ۾ فرقيواريڻي تڪرار جو ڪيس به شامل آهي خانگي ٽي وي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته دهشتگردي ٽوڙ کاتي چونڊيل مقدمن جي لسٽ گهروکاتي کي اماڻي ڇڏي آهي صوبائي حڪومت کي هن وقت تائين وفاقي گهرو کاتي يا فوج پاران عسڪري عدالتن جي قيام جو باضابطا نوٽيفڪيشن موصول ناهي ٿيو ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي طئي ٿيل طريقيڪار تحت اهڙن ڪيسن جي چونڊ ۽ اڳتي وڌڻ جو اختيار دهشتگردي ٽوڙ کاتي وٽ آهي طريقيڪار مطابق کاتو اهڙا ڪيس منتقل ڪرڻ کان پوءِ ان جي لسٽ آءِ جي پوليس کي اماڻيندو جيڪو گهرو کاتي کي وزيراعليٰ جي منظوري جي درخواست ڪندو ان کان پوءِ گهرو کاتو پنهنجي لسٽ گهرو وزارت کي اماڻيندو جتي هڪ ڪميٽِ انهن ڪيسن جو جائزو وٺندي ۽ پوءِ آخر ۾ گهرو وزير حتمي منظوري ڏيندو.

 

ڊي آءِ جــِي لاڙڪاڻي، شڪارپور سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو، چوڌري نثار جو الزام رد

شڪارپور(ڊ.ر) ڊي آءِ جــِي لاڙڪاڻي، شڪارپور سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو، سائين رکيو ميراڻي جو چوڻ آهي ته دهشتگرد شڪارپور مان ضرور گذرندا هوندا، پر شهر دهشتگردن جو ڳڙهه بڻجي وڃڻ وارِي گهرو وزير چوڌري نثار جي ڳالهه درست ناهي. شڪارپور ۾ ايس ايس پي ثاقب اسماعيل ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سائين رکئي ميراڻي چيو ته چوڌري نثار پاران شڪارپور بابت ڏنل بيان سراسر غلط آهي. هـُن چيو ته شڪارپور مان دهشتگرد گذر ضرور ڪندا آهي پر پر شهر دهشتگردن جو حب بڻجي وڃڻ وارِي گهرو وزير چوڌري نثار جي ڳالهه درست ناهي. شڪارپور سانحي بابت ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ کي پوليس جي ڪوتاهي قرار ڏيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جو اڃا تائين ڪو به پتو نه پوڻ پوليس جي ڪوتاهي آهي. هــُن چيو ته پوليس ڳجهن ادارن سان گڏجي دهشتگردن کي سهولتون فراهم ڪندڙن جي ڳولا ڪري رهي آهي. سائين رکئي ميراڻي چيو ته واقعي واري هنڌ تان ڪجهه شيون مليون آهن، جن جي بنياد تي شڪ جي بنياد تي 6 درزين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ ڏينهن تائين ڪو به سنڌي دهشتگرد منظرعام تي ناهي آيو، جنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته شڪارپور سانحي ۾ ڪو به سنڌي ملوث ناهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي تي حملو ذاتي دشمني جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته حاجن شاهه ماڙي واري کي شيعو هجڻ ڪري نشانو بڻايو ويو

 

اداڪارا  عمائما ملڪ جي بهترين اداڪاري مان متاثر ٿي ڪيترن فلمسازن عمائما کي ڀارتي فلمن جي آڇ ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)پاڪستان جي بين لاقوامي شهرت يافتا اداڪارا  عمائما ملڪ جي بهترين اداڪاري مان متاثر ٿي ڪيترن فلمسازن عمائما کي ڀارتي فلمن جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي فلم انڊسٽري جي ٽن فلمساز ادارن پاران عمائما ملڪ کي فلمن جو اسڪرپٽ موڪليو ويو آهي پر عمائما ملڪ پاران ڪنهن به فلم لاءِ هاڪار نه ڪئي وئي آهي ٻئي پاسي عمائما ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  ممبئي ۾ رهائش دوران ڪيترائن ئي فلم ڊائريڪٽرن پاران سندن فلمن ۾ اهم رول ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر هو ڪنهن به فلم کي سائن ڪرڻ لاءِ جلد بازي نه ڪندي سندس چوڻ هو ته هو ڀارت جي ٽن فلمن جو اسڪرپٽ هن وقت تائين پڙهي رهي آهي،  جنهن مان هڪ فلم  جي حوالي سان هو جلدي پنهنجي مداحن کي خوشخبري ڏيندي، عمائما ملڪ جو چوڻ هو ته هو ڀارتي فلمن سان گڏ پاڪستاني فلمن تي به ڌيان  ڌئي رهي آهي  سندس هڪ فلم جي شوٽنگ پاڪستان ۾ جاري آهي  اميد آهي ته هو پنهنجي ايندڙ فلم ۾ ڪردار سان انصاف ضرور ڪري وٺندي.

 

ڀارت ۾سخت تنقيد بعد ”روسٽ شو“ کي يو ٽيوب تان هٽايو ويو

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت ۾سخت تنقيد بعد ڪاميڊي پروگرام ”روسٽ شو” کي وڊيو شيئرنگ جي ويب سائيٽ يو ٽيوب تان هٽايو ويو. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق اسٽينڊاپ ڪاميڊي گروپ”اي آءِ بي” تازو بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور ۽ رنوير سنگهه کي شو ۾ دعوت ڏني هئي. ان شو جي رڪارڊنگ هزارين ماڻهن آڏو ڪئي وئي. ساڄي ڌر جي تنظيمن ۽ ٽوئٽر صارفين شو ۾ اڻ وڻندڙ مذاق تي تنقيد ڪئي هئي. اهو شو امريڪي روسٽ شو جو نقل آهي جنهن ۾ مشهور شخصيتن جو نقل ڪيو ويندو. تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته شو ۾ حد کان وڌيڪ اڻ وڻندڙ مذاق ۽ اعتراض جوڳي ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي. ڀارتي اخبار مطابق مهاراشٽر جي حڪومت چيو آهي ته اها شو جو جائزو وٺڻ بعد فوري ڪارروائي ڪندي.

 

مهرين جبار ٽيلي فلم ”لالا بيگم“ جي شوٽنگ ۾ مصروف

ڪراچي(شوبز نيوز)پاڪستان جي ڊرامه ۽ فلم انڊسٽري جي ناليواري هدايتڪار مهرين جبار اڄ ڪلهه پنهنجي نئين ٽيلي فلم لالا بيگم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي مهرين جبار ان وقت فيچر فلم رام چند پاڪستاني ٺاهي جڏهن پاڪستاني فلم انڊسٽري پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ ان جي رام چند پاڪستاني اها واحد فلم آهي جنهن کي هڪ ئي وقت ڀارت ۽ پاڪستاني سئنيمائن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو هو ان جي ٽيلي فلم کي هڪ ڀارتي چينل پروڊيوس ڪيو آهي ان جي ڪهاڻي سيد محمد احمد لکي آهي فلم جي ڪاسٽ ۾ مرينا خان، سونيا رحمان، همايون سعيد، شهريار زيدي ۽ ٻيا شامل آهن

 

وڏين فلمن ۾ ڪم ملڻ جي ڪري فنڪار کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي: جيڪولين فرنينڊس

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار جيڪولين فرنينڊس چيو آهي ته وڏيون فلمون هڪ اداڪار لاءِ پاڻ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن. پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته وڏين فلمن ۾ ڪم ملڻ جي ڪري فنڪارکي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ پاڻ کي بهتر بڻائڻ جو موقعو ملي ٿو. کيس اهڙي قسمت ملي آهي جو اداڪار اميتاڀ بچن سان پهرين فلم ”اله دين“ ۾ ڪم ڪيو. جنهن کانپوءِ کيس ڪيترن ئي وڏن فلمي پراجيڪٽس ۾ وڏن فلمي ستارن سان گڏ ڪرڻ جو موقعو مليو جن ۾ سيف علي خان، اڪشي ڪمار، سلمان خان، ارجن رامپال ۽ رنبير ڪپور شامل آهن. جن کان هن گهڻو ڪجهه سکيو آهي.

 

ورلڊ ڪپ دوران تجزئي لاءِ شعيب ملڪ جو ڀارتي چينل سان معاهدو

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ٽيڪ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شعيب ملڪ ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ تجزئي لاءِ ڀارتي ٽي وي چينل سان معاهدو ڪري ورتو آهي ۽ رڪارڊنگ ڪرائڻ لاءِ هو سڀاڻي ڀارت روانو ٿي ويندو قذافياسٽيڊيم لاهور ۾ ڳالهائيندي شعيب ملڪ چيو ته ڀارت جي نجي چينل سان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڳالهه هلي رهي هئي جنهن کي فائنل ڪيو ويو  هن جو چوڻ هو ته چينل انتظاميه مون کي ميگا ايونٽ لاءِ سائن ڪيو جنهن دوران ۾ ورلڊ ڪپ جي ميچن دوران پنهنجي راءِ ڏيندس

 

جنيد خان جي جاءِ تي راحت علي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل

سڊني(اسپورٽس نيوز(قومي ٽيم جي زخمي فاسٽ بالر جنيد خان جي جاءِ تي راحت علي کي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو جڏهن ته امڪاني طور تي ٽيم جو حصو بڻجندڙ بلاول ڀٽي به ٽيم مان جاءِ نه ٺاهي سگهيو، فاسٽ بالر راحت علي کي زخمي جنيد خان جي جاءِ تي 15 رڪني اسڪواڊ  ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته امڪاني طور تي بلاول ڀٽي کي ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جو حصو بڻائڻ جو امڪان هو پر نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ بيٽسمينن طرفان مار سبب بلاول ڀٽي سليڪٽرز جي اعتماد تي پورو نه لهي سگهيو