تازيون خبرون

Daily Archives: February 5, 2015

قذافي اسٽيڊيم ۾ نوجوان 2 نارين کي سندن امڙ سميت قتل ڪري ڇڏيو

لاهور(م.ڊ) لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ نوجوان 2 نارين ۽ سندن امڙ کي قتل ڪري پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏي، هڪ عورت زخمي، پوليس موجب اهي سڀ ماڻهو گڏجي قذافي اسٽيڊيم آيل هئا، ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿيڻ تي نوجوان فائرنگ ڪري ڪار ۾ ويٺل ٻه ڀيڻن کي قتل ڪيو، سندن امڙ زخمي ٿي پئي، نارين کي قتل ڪرڻ بعد نوجوان پاڻ کي به گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي، فوتين جا لاش ۽ زخمي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، خودڪشي ڪندڙ بشير نارين جي والد جو دوست هو، مارجي ويل ناري جو تعلق باغبان پوره جو رهواسي هيون.

 

پشاور: گاڏي تي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا، چڪرين ۾ اهم ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور/بنون (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بنون جي جاني خيل واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ اهم ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، جاني خيل واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي اهم ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب،معمول واري گشت دوران دهشتگردن پاران حملو ڪيو ويو، مارجي ويل ڪمانڊر جاني خيل ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جو اهم ليڊر هو. ٻئي طرف پشاور ۾ هڪ گاڏي تي فائرنگ ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، ذريعن مطابق پشاور جي علائقي تهڪال ۾ اڻڄاتل جوابدارن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

 

ميو اسپتال جي نرس مبينا زيادتي کانپوءِ قتل

لاهور(م.ڊ) ميو اسپتال جي نرس ناديه کي مبينا زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو شروعاتي جاچ کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته نرس ناديه 31 جنوري تي ڊيوٽي ختم ڪري واپس هاسٽل وئي هئي پر ان کانپوءِ واپس نه آئي ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ ناري جو لاش پاڪپتن مان هٿ آيو ناري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي سڃاڻپ تحسين جي نالي سان ٿي آهي جيڪو ميو اسپتال ۾ ئي صحت کاتي جو ملازم آهي تحسين پنهنجي ساٿي سان گڏجي نرس کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو ۽ لاش کي ايمبولينس ۾ کڻي  ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ شهر ۾ گهمندو رهيو ۽ لاش کي ميو اسپتال جي مرده خاني ۾ جمع ڪرائڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هر طرف کان ناڪامي کانپوءِ لاش کي نرس جي اباڻي ڳوٺ پاڪپتن ويجهو ڇڏي فرار ٿي ويو شيراڪوٽ ٿاڻي ۾ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ پوليس گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي.

 

ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ وڌيڪ ٻه ٻارڙيون خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويون

ٿرپارڪر(رپورٽر) ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ وڌيڪ ٻه ٻارڙيون خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويون، هڪ نينگري مٺي سول اسپتال ۽ هڪ ننگرپارڪر جي تعلقي اسپتال ۾ فوت ٿي ويون، چئن مهينن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 4 سئو 6 وڌي ويو آهي. مٺي جي سول اسپتال ۾ جئي رام جي چئن ڏينهن جي ٻارڙِي خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي وئي، جڏهن ته ننگر پارڪر جي تعلقي اسپتال ۾ ٽن ڏينهن جي غلام فاطمه پڻ خوراڪ جي کوٽ ۽ اسپتالن اندر سهولتون نه هئڻ ڪري دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. وڌيڪ 2 ٻارڙيون فوت ٿيڻ کانپوءِ چئن مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 4 سئو 6 ٿي ويو آهي. ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال جيئن جو تئين برقرار آهي، ٻارڙا فوت ٿيڻ جو سلسلو هڪڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويو آهي، پر سنڌ حڪومت توڙي مڪاني انتظاميا طرفان تڪڙا اپاءُ ناهن ورتا ويا…..

 

ميوزڪ ذريعي امن جو پيغام پهچائڻ زندگي جو مقصد آهي: سلميٰ آغا

لاهور(شوبز نيوز): مشهور اداڪاره ۽ گلوڪاره سلميٰ آغا چيو آهي ته فن ڪنهن سرحد جو محتاج ناهي هوندو اهو ئي سبب آهي جو فن سان لاڳاپيل ماڻهن جا چاهيندڙ پوري دنيا ۾ موجود هوندا آهن اهڙن خيالن جو اظهار سلميٰ آغا گذيل ڏينهن هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته ميوزڪ جو شعبو ان لحاظ سان تمام گهڻو نمايان آهي ته ان سان لاڳاپيل ڳائڻا ۽ موسيقار پنهنجين صلاحيتن ذريعي سڃاتا ويندا آهن.

 

جراسڪ پارڪ سيريز جي چوٿين فلم ”جراسڪ ورلڊ“ جو نئون ٽريلر جاري

لاس اينجلس (شوبز نيوز)هالي ووڊ سائنس فڪشن ۽ ايدوينچر فلم جراسڪ پارڪ سلسلي جي چوٿين فلم ”جراسڪ ورلڊ“ جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. سڌ سما4 وارن ذريعن مطابق فلم جي ڪاسٽ ۾ ڪرس پريٽ، برائس ڊلاس هاورڊ، ونينٽ ڊي اونو فريو، نڪ روبن سن، جيڪ جانسن ۽ بالي ووڊ اداڪار عرفان خان شامل اهن. اسٽيون اسپيلبرگ، فرينڪ مارشل ۽ پيٽرڪ ڪرولي جي گڏيل پروڊڪشن ۾ ٺهيل ان فلم جي ڪهاڻي گذريل فلمن وانگر هن ڀيري به شهر کان پري ٻيٽ م قائم ڪيل هڪ اهڙي جراسڪ ٿيم پارڪ جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن جي تباهي کي 22 سالن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو هوندو آهي تنهن هوندي به ان کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو آهي. ڊائنو سارز سان ڀريل ان جراسڪ ٿيم پارڪ تي ڪيل معمولي غلطي ۽ قانون جي پابندي نه ڪرڻ انتهائي سنگين نتيجن جو ڪارڻ بڻجي وڃي ٿي جيڪا ان خطرناڪ مخلوق کي مڇرائي ڇڏيندي آهي. 150 ملين ڊالر جي لاڳت سان تيار ڪيل اها سائنس فڪشن ايڊوينچر فلم يونيورسل پڪچرز تحت 12 جون تي رليز ٿيندي

 

هارورڊ يونيورسٽي جي عامر خان کي فلم ”پي ڪي“ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ دعوت

ممبئي (شوبز نيوز) هارورڊ يونيورسٽي جي انتظاميه بالي ووڊ اداڪار عامر خان کي فلم ”پي ڪي“ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ دعوت ڏني آهي. ڀارت جي ڄاڻو ذريعن مطابق عامر خان جي فلم ”پي ڪي“ باڪس آفيس تي نوان رڪارڊ قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪري رهي اهي. هارورڊ يونيورسٽي جي انتظاميه فلم ۾ عامر خان جي ڪردار کان متاثر ٿي جنهن سبب ان عامر خان کي ڄاڻايل فلم تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرائي ورتو آهي.

 

عمران خان جي گهرواري ريحام خان هاڻ پشتو فلمون ٺاهيندي

اسلام آباد(شوبز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گهرواري ريحام خان صحافت کانپوءِ هاڻ فلم انڊسٽري جي دنيا ۾قدم رکڻ جو فيصلو ڪيو اهي ۽ هوءَ پشتو ۽ اردو فلمون ٺاهيندي، عمران خان سان شادي کانپوءِ رحام فلميون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ريحام جي پهرين فلم مشهور پشتو شاعر خوشحال خان خٽڪ جي زندگي تي ٺاهيندي، ان کان علاوه هوءَ ٻن مقامي پروڊڪشن هائوسز سان گڏجي به فلمون پروڊيوس ڪندي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ ريحام خان جو چوڻ هو ته هوءَ پشتو ثقافت ۽ تاريخ کي جديد ڪرڻ جي خواهشمند آهي اهو ئي سبب آهي جو هن خوشحال خان خٽڪ جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي هن جو چوڻ هو ته پشتو کان علاوه نجي ادارا گڏجي هڪ اردو مزاحيه فلم تي به ڪم ڪري رهيا آهن

 

پهاڙ تان پٿر اڇلائڻ جي مشق مون کي فاسٽ بالر بڻايو: سهيل خان

لاهور(اسپورٽس نيوز)پهاڙن تان پٿر اڇلائڻ جي مشق سهيل خان کي فاسٽ بالر بڻائي ڇڏيو جوڙن جي مضبوطي لاءِ تري درياهه ۽ نديون پار ڪندو رهيو، اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف صلاحيتون نکارڻ لاءِ ڪم ڪيو سهيل خان کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ زبردست ڪارڪردگي جي بنياد تي اوچتو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو هو پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق مالاڪنڊ ايجنسي سان تعلق رکندڙ فاسٽ بالر کي پنهنجي علائقي ۾ ڪرڪيٽ جي بنيادي سهولت ئي حاصل نه هئي هن سهولتون نه هجڻ باوجود پنهنجو شوق پورو ڪيو ۽ قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هڪ انٽرويو ۾ سهيل خان ٻڌايو ته ننڍي هوندي کان ئي ڪرڪيت ۾ نالو ڪمائڻ جو شوق هو پر گرائوند ۽ جم جهڙيون سهولتون نه هيون، ڪنهن مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن مان وڌ کان وڌ پٿر اڇلائڻ جي مشق ڪريان ته جوڙ فاسٽ بالنگ لاءِ فائديمند ثابت ٿي ويندا، جسم کي مشق جو عادق بڻائڻ لاءِ دريائن ۽ ندي ۾ ترندو به رهيس ڪنهن رشتيدار جي مشوري تي قسمت آزمائڻ لاءِ ڪراچي آيس جتي ٽيلينٽ هنٽ پروگرام ۾ شرڪت کانپوءِ راشد لطيف جي محفوظ هٿن ۾ اچي ويس، اڳوڻي ڪپتان منهنجين صلاحيتن کي وڌيڪ نکارڻ لاءِ ڪم ڪيو هن نئين بال جي استعمال سميت مختلف گر سيکارڻ لاءِ وڏي رهنمائي ڪئي اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان راشد لطيف جي ڪري آهيان

 

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام فٽبال چئمپين شپ جو فائنل سي پي ڊي فائيٽرز کٽي ورتو

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام فٽبال چئمپين شپ جو فائنل سي پي ڊي فائيٽرز کٽي ورتو. تفصيل موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ آل فئڪلٽي فٽبال چئمپين شپ جو فائنل سي پي ڊي فائيٽرز ۽ انجنيئرنگ فئڪلٽي ٽائيگرز وچ ۾ کيڏيو ويو. راند شروع ٿيندي ئي ٻنهي ٽيمن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ راند جي پهرين هاف ۾ سي پي ڊي فائيٽرز جي محمد اعظم گول ڪري ٽيم کي هڪ گول جي برتري ڏياري. راند جي ٻئين هاف ۾ انجنيئرنگ فئڪلٽي جي ٽيم گول ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ ٻئين هاف ۾ راند ختم ٿيڻ جي ڪجهه منٽن کان پهرين سي پي ڊي جي بحرام ٻيو گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح مستحڪم ڪري ڇڏي ۽ اهڙي طرح اهو فائنل ڪراپ پراڊڪشن فئڪلٽي ٻڙي ٻه تان کٽي ورتو. هن چئمپين شپ ۾ ڊي وي ايم مان 3، سي پي ڊي مان 2، انجنيئرنگ فئڪلٽي مان 2، سي پي ٽي مان 2، سوشل سائنسز مان 2، ايف ٽي مان هڪ ۽ آءِ ٽي سي جي 2 ٽيمن حصو ورتو. ان موقعي تي مهمان خاص سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ٻنهي ٽيمن ۾ ٽرافي ۽ انعام ورهايا ۽ پنهنجي خطاب ۾ راندين جي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۽ يونيورسٽي ۾ راند جي سهولت کي وڌائڻ تي زور ڏيندي شاگردن کي پنهنجي طرفان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته ترقي يافته قومون پڙهائي سان گڏوگڏ راندين جي اهميت تي به يقين رکن ٿيون. ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار خانزادي مهمان خصوصي ۽ سمورن آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي سي پي ڊي جي ڊين ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، ڊين سي پي ٽي ۽ چيئرمين ايس ايم سي ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي، ڊاڪٽر ابراهيم ڪيريو، ڊاڪٽر فرمان چانڊيو، ڊاڪٽر مولچند ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ مئچ ڏسي لطف اندوز ٿيا