تازيون خبرون

Daily Archives: February 3, 2015

فوجي عدالتن خلاف اڳ ۾ جيڪي فيصلا ڏنا ويا اهي حالتن موجب ٺيڪ هئا: اعتزاز احسن

لاهور (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته فوجي عدالتن خلاف اڳي جيڪي فيصلا ڏنا ويا اهي حالتن موجب ٺيڪ هئا ۽ هاڻي جيئن ته ملڪ جنگ واري حالت ۾ آهي، تنهنڪري انهن جي حمايت ۾ ايندڙ فيصلا  هاڻي وارين حالتن ۾ درست آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته جيڪڏهن دهشتگردي ٽوڙ عدالتون تحفظ پاڪستان آرڊيننس مطابق جلد فيصلا ڪن ته حڪومت تي دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو پر انهن ايئن نه ڪيو تنهنڪري فوجي عدالتون قائم ڪرڻيون پيون. هن چيو ته فوجي عدالتن جو اختيار محدود رکيو ويو آهي، حڪومت فيصلو ڪندي ته ڪهڙا ڪيس فوجي عدالتن ۾ اماڻيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خير جون دعائون ڪندڙ هاڻي فوجي عدالتن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، جيڪو سمجهه ۾ نه ٿو اچي.

 

اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري واري طريقڪار ۾ تبديلي جي سفارش

اسلام آباد (بيورو) ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي،اعليٰ عدليه ۾ جج مقرر ڪرڻ واري طريقيڪار ۾ تبديليءَ جي سفارش ڪندي جسٽس فيصل عرب کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ جسٽس مقبول باقر کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ججز جي مقرري بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر حاجي عديل جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو. پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس دوران ججز جي مقرري وارو موجوده طريقيڪار تبديل ڪرڻ لاءِ ماتحت ڪميٽيءَ جي رپورٽ منظور ڪئي،جنهن موجب جج مقرر ڪرڻ لاءِ هاڻي هاءِ ڪورٽ جي سطح تي ڪميٽي قائم ٿيندي. ڪميٽي ۾ جج، وڪيل ۽ حڪومت جا نمائندا شامل هوندا،جيڪا جج مقرر ڪرڻ لاءِ نالا جڊيشل ڪميشن ڏانهن اماڻي سگهندي. ڄاڻايل ڪميٽي جڙڻ بعد مستقبل ۾ عدالتي ڪميشن پنهنجي مرضي موجب جج نامزد نه ڪري سگهندي. اجلاس دوران جسٽس فيصل عرب کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، هاڻوڪي چيف جسٽس مقبول باقر کي سپريم ڪورٽ جو جج ۽ جسٽس رياض احمد خان کي وفاقي شرعي عدالتي جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.

 

بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومتي دور ۾ مير مرتضيٰ خلاف آپريشن جي اجازت ڏني هئي: غنويٰ ڀٽو جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چيئر پرسن ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي گهرواري غنويٰ ڀٽو انڪشاف ڪيو آهي ته پنهنجي ڀاءُ خلاف آپريشن جي اجازت اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ڏني هئي جنهن جو انڪشاف پاڻ بينظير پنهنجي زندگي ۾ ئي ان سان ڪيو هو ۽ مرتضيٰ جي موت کانپوءِ بينظير ان اجازت نامي تي تمام گهڻو روئيندي هئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جو ذميوار سعودي عرب آهي جڏهن ته پاڪستاني سياست آمريڪي سفارتخانو هلائي رهيو آهي جڏهن ته پ پ جي اڳواڻن غنويٰ ڀٽو جي الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته اهي صرف افواهون آهن ڊان نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ غنويٰ ڀٽو چيو ته مير مرتضيٰ جي قتل جو انصاف نه ملڻ جو ذميوار سسٽم آهي، بينظير ڀٽو پنهنجي وزارت عظميٰ دوران پاڻ ئي پنهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو خلاف آپريشن جي اجازت ڏني هئي موت کانپوءِ هوءَ ان اجازت نامي تي روئندي هئي جنهن جو اعتراف بينظير ڀٽو پاڻ غنويٰ سان ڪيو هو، غنويٰ ڀٽو جو چوڻ هو ته پوليس اختياريون مير مرتضيٰ جي گرفتاري لاءِ آڦريشن ڪرڻ چاهين پيون جنهن جي اجازت انهن بينظير ڀٽو کان گهري، هو پاڻ ان سسٽم کان متاثر هئي جنهن سبب حمايت تي مجبور ٿي وئي، غنويٰ ڀٽو چيو ته بدقسمتي آهي ته اڄ به اهو ئي سسٽم هلي رهوي آهي، پاڻ بينظير به ان ئي سسٽم جي ور چڙهي وئي سسٽم ۽ حڪمران اپوزيشن کي بردشت نه ٿا ڪن، ڪلفٽن سانحي جي ذميواري به ان وقت جي حڪومت هئي  جڏهن ته ڪلفٽن سانحي جا شاهد به ماڊل ٽائون سانحي وانگر ضايع ڪيا ويا هن سوال ڪيو ته جوڊيشل ڪميشن جي فائنڊنگز رپورٽس عدالتن ۾ پيش ڇو نه ڪيون پيون وڃن؟ بينظير اپوزيشن ۾ هئي، مشرف جي حڪومت هئي ۽ ان جي ئي حڪومت جو نمائندو ڪلفٽن سانحي جو به ذميوار آهي، غنويٰ ڀٽو جو چوڻ هو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سبب آهي عمران خان جي ڌرڻي سبب حڪومت مشڪلاتن ۾ هئي ۽ ان جو پلان سي ڪافي حد تائين ڪامياب رهيو سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ نواز شريف جي مدد ڪري ٿو پئسو به ڏئي ٿو ۽ ٻئي طرف طالبان کي به سپورٽ ڪري ٿو جڏهن ته پاڪ آرمي ضرب عضب شروع ڪري ٿي عمران خان جي حڪومت واري صوبي خيبرپختونخواهه ۾ اسڪول جي ٻارن ۽ هٿياربند فوج جي جوانن تي حملي کناپوءِ عمران خان ڌرڻو ختم ڪي ڇڏي ٿو ۽ حڪومتي مشڪلات گهڻي حد تائين گهٽ ٿي وڃي ي، هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سياست آمريڪي سفارتخانو هلائي رهوي آهي بلاول تعاون گهريو ۽ ٻيو رابوط ٿيو ته پيشڪش قبول ڪنداسين، غنويٰ ڀٽو جي دعويٰ تي بينظير ڀٽو جي پراڻي ساٿي ناهيد عباسي جو چوڻ هو ته غنويٰ ڀٽو جو احترام ڪريان ٿي پر هوءَ ان جون ڳالهيون دل سان قبول نه ٿي ڪري سگهان ڇو ته ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ ۾ ڪافي ويجهڙائپ هئي ۽ پاڻ ۾ اختلاف ختم ٿي چڪا هئا بينظير جي اهڙي فطرت نه هئي ته ڪنهن جي موت جي اجازت ڏئي هن جو چوڻ هو ته ڀٽو خاندان جا خانداني معاملا آهن ۽ وڌيڪ ڪجهه چوڻ نه ٿي چياه جڏهن ته هوءَ يقين سان چئي سگهي ٿي ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو زنده هجي ها ته هوءَ مير مرتضيٰ جي قتل جي ضرور جاچ ڪرائي ها هوءَ اهو به واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته 6 نومبر تي بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ به مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کي استعمال ڪيو ويو ناهيد جو چوڻ هو ته مائنس ڀٽو فارمولو اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين ماڻهن شروع ڪيو  ان کانپوءِ هاڻ پيپلز پارٽي جيئن هلي رهي آهي سڀني جي سامهون آهي. سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته هي صرف افواهون آهن ان ۾ ڪابه حقيقت ناهي، ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو مقدس ترين رشتن مان هڪ آهي. (ڊان نيوز جي ٿورن سان)

 

ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي دهشتگردي ٿي رهي آهي، جمهوريت يرغمال آهي: سراج الحق

رحيم يارخان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت يرغمال آهي. رحيم يار خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي دهشتگردي ٿي رهي آهي. هن واضح ڪيو ته ملڪ کي ڪنهن مولوي نه پر وڪيل ٺاهيو آهي، تنهنڪري وڪيل ئي ان جو دفاغ ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت يرغمال بڻيل آهي.

 

راحت جي آواز سان فلم کي چار چنڊ لڳي ٿا وڃن: سونم ڪپور

ڪراچي(شوبز نيوز)ڀارتي اداڪاره سونم ڪپور چيو آهي ته بالي ووڊ جي 100 سالن ۾ 10 سال راحت فتح علي خان جا به آهن، گذريل 10 سالن ۾ راحت ڀارتي فلمن کي ڪيترن ئي يادگار گيتن سان غير معمولي ڪاميابي ڏياري آهي، ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ان جي آواز سان فلم کي چار چنڊ لڳي وڃن انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن دبئي ۾ راحت فتح علي خان سان هڪ ملاقات جي موقعي تي ڪيو ان موقعي تي ان سان گڏ ڀارتي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ارباز خان به موجود هو هن چيو ته منهنجي نئين فلم ڊولي ڪي ڊولي ۾ راحت نينا ڪافر هوگئي ڳائي فلم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن

 

مهيش ڀٽ طرفان اداڪار علي افضل کي ڪتاب جو تحفو

ممبئي (شوبز نيوز) هالي ووڊ فلمساز مهيش ڀٽ اداڪار علي افضل کي ڪتاب جو تحفو ڏنو اهي. ڀارتي فلمساز مهيش ڀٽ پنهنجي فلم ”خاموشيان“ جي هيرو علي افضل کي ڪتاب ”آئيسٽ آف لائف“ جو تحفو ڏنو. اداڪار علي افضل پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو ته سندس مهيش ڀٽ سان دوستي فلم خاموشيان جي شوٽنگ دوران ٿي اهي، هن طرفان ڪتاب جو تحفوظ هن لاءِ تمام گهڻو انمول آهي. اها پاڻ ۾ ڪتابن جي ڏي وٺ جي ڳالهه ناهي پر پيار ۽ خلوص جي ڳالهه آهي.

 

ايراني ماڊل مندنا ڪريمي فلم ”راءِ“ ۾ مختصر ڪردار ادا ڪندي

ممبئي(شوبز نيوز)ايران جي مشهور ماڊل مندنا ڪريمي بالي ووڊ فلم راءِ ۾ هڪ مختصر پر واضح ادبي ڪردار ۾ نظر ايندي، ان کان اڳ مندنا ڪريمي کي ايڪتا ڪپور جي مزاحيه فلم سيريز ڪيا سپر ڪول هين هم ۾ به ڪاسٽ ڪيو ويو آهي ۽ هوءَ ان سلسلي جي ٽئين فلم ڪيا سپر ڪول هين هم 3 ۾ هڪ اهم ڪردار ۾ نظر ايندي نون اطلاعن مطابق هي ايراني حسينا هاڻ وڪرم جيت سنگهه جي فلم راءِ ۾ به نظر ايندي هن فلم ۾ بالي وُڊ جي وڏي ڪاسٽ  شامل آهي جنهن ۾ رنبير ڪپور، ارجن رامپال  جيڪولين فرنينڊس شامل آهن رپورٽ مطابق ايراني خوبصورت ماڊل مندنا ڪريمي ڊائريڪٽر وڪرم جيت سنگهه جي ان فلم راءِ ۾ راجن رامپال جي گرل فرينڊ جو ڪردار ادا ڪندي  ايراني ماڊل مندان هڪ انڊين ايراني مڪس خاندان جي ناري آهي مندنا ڪريمي جي والده ايراني جڏهن ته ان جو والد هڪ هندوستاني آهي ۽ 28 سالا مندنا تهران ۾ ئي 19 مئي 1986ع ۾ پيدا ٿي هئي

 

طلاق ٻارن لاءِ فائديميند ثابت ٿي سگهي ٿي: ڪيٽ ونسليٽ

لاس اينجلس(شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ڪيٽ ونسليٽ جو چوڻ آهي ته طلاق ٻارن لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي ڇو ته ان طرح سان انهن کي اها خبر پئجي ويندي آهي ته مشڪل حالتن ۾ زندگي ڪيئن گذاري وڃي ٿي، ڪيٽ ونسليٽ جو چوڻ هو ته پنهنجي زندگي ۾ منفي تجربن سبب مثبت نظرين ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ڇو ته پنهنجي ذاتي زندگي کي بلڪل به بدلائڻ نه ٿي چاهيم ۽ مان اهو سمجهان ٿي ته ٻان کي زندگي جي مشڪل حالتن ۾ جدوجهد ڪرڻ لاءِ طلاق تمام گهڻي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي هالي ووڊ اداڪاره جو چوڻ وه ته ان کان ڪوبه فرق نه ٿو پوي ته اسان کي زندگي ۾ گهڻا ڀيرا ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو پر جيترا ڀيرا به اسان کي ان قسم جو تجربو سامهون هوندو ته ان سان اسان کي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جو بهترين موقعو ملندو.

 

محمد عامر جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ ڪابه درخواست ناهي ڏني: شهريار خان

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته پي سي بي عامر کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ڪابه درخواست ناهي ڏني محمد عامر ڏوهه تي شرمندگي جو اظهار ڪيو ۽  ان کي ان جي سزا به ملي وئي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار خان چيو ته محمد عامر قانوني تقاضائون پوريون ڪري آءِ سي سي ۽ پي سي بي سان تعاون ڪيو آهي ۽ اهن پنهنجي ڏوهه تي شرمندگي جو اظهار به ڪيو آهي شهريار جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ سي سي کي ڪمائي ڏيندڙ چئن ملڪن ۾ شامل آهي ۽ آءِ سي سي جي آمدني وڌي آهي جنهن سبب پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي به فائدو ٿيندو، شهريار خان چيو ته هو 12 فيبروري کي اسلام آباد وڃي رهيو آهي جتي هو ٽيسٽ نيشن جي سفيرن ملاقات ڪندو اميد آهي ته ايندڙ 4 کان 5 سالن ۾ پرڏيهي ٽيمون پاڪستان اچڻ شروع ٿي وينديون ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته نيپال ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيم به پاڪستان اچي کيڏندي ڀارت به پنهنجي ايم او يو مطابق ٻيهر کيڏڻ جو يقين ڏياريو آهي هن چيو ته نيشنل اسٽيڊيم  ۾ پرڏيهي ٽيمن  جي رهائڻ جا انتظام ڪنداسين ۽ ان سلسلي ۾ گورنر سنڏ به سيڪيورٽي جي انتظامن جو يقين ڏياريو آهي.

 

جنيد خان فٽنيس ٽيسٽ ۾ ناڪام، ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ٻاهر

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جو فاسٽ بالر جنيد خان فٽنيس ٽيسٽ ۾ ناڪامي کانپوءِ ورلڊ ڪپ اسڪواڊ کان ٻاهر ٿي ويو آهي جنيد خان کي گذريل سيريز دوران فٽنيس مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ هو ميچ دوران گرائونڊ مان ٻاهر اچي ويو هو جنيد خان اڄ هڪ ڀيرو ٻيه رپي سي بي جي چوڻ تي فٽنيس ٽيسٽ ڏني پر هو ڀرپور فٽنيس جو مظاهرو نه ڪري سگهيو جنهن جي بنياد تي ان کي مڪمل آرام جو مشورو ڏئي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ٻاهر ڪيو ويو آهي قومي ٽيم وٽ هن وقت صرف بلاول ڀٽي ۽ وهاب رياض جي صورت ۾ 2 فاسٽ بالر بچيا آهن جڏهن ته سعيد اجمل پابندي سبب ٽيم مان ٻاهر آهي ۽ محمد حفيظ به آءِ سي سي جي پابندي سبب ميگا ايونٽ ۾ بالنگ کان محروم رهندو