تازيون خبرون

Daily Archives: February 2, 2015

راولپنڊي ۾ گيس سلينڊر ڌماڪو، پيءُ ۽ 3 ٻار فوت، والده زخمي

راولپنڊي(م.ڊ) پيپلز ڪالوني جي گهر ۾ گيس سلينڊر جي ڌماڪي سبب لڳندڙ باهه جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ 3 ٻار سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته ماءُ زخمي ٿي پيا گيس جي لوڊشيڊنگ سبب راولپنڊي جي علائقي پيپلز ڪالوني ۾ گهر وارن سلينڊر هلائڻ لاءِ باهه ڏني ته زوردار ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ باهه لڳي وئي ۽ ويجهو ويٺل 3 ٻارڙا سڙي موقعي تي ئي فوات ٿي ويا جڏهن ته والدين زخمي ٿي پيا امدادي ٽيمن جي اهلڪارن زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو جتي بارن جو پيءُ به زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا جڏهن ته والده کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

 

سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي ڪراين ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير مير ممتاز حسين جکراڻي چيو آهي ته پيٽروليم شين جي تازي گهٽتائي کان پوءِ مختلف روٽن تي هلندڙ انٽر سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ، گڊز ٽرانسپورٽ، رڪشا، ٽيڪسي ۽ اسڪول وين جي ڪراين ۾ 5 کان 8 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي ڪراين ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ سمورن ريجنل ٽرانسپورٽ سيڪريٽريز کي هدايت ڪئي آهي ته هو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي کان پوءِ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ان گهٽتائي جا ثمرات هر سطح تي عوام کي ملڻ گهرجن.

 

ملڪ ۾ تيل جي ڪابه کوٽ ناهي، ترجمان وزارت پيٽروليم

اسلام آباد (بيورو) پيٽروليم وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جي ڪا به کوٽ نه آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته آچر تي منجهند تائين پيٽرول پمپن کي 14 هزار 728 ميٽر ٽن پيٽرول فراهم ڪيو ويو، ترجمان چيو ته ملڪ ۾ روزانو سراسري ٻارنهن هزار ميٽرڪ ٽن پيٽرول جي کپت آهي. هن چيو ته آئل ڪمپنين وٽ 9 هزار ميٽرڪ ٽن پيٽرول موجود آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي 32 ميٽرڪ ٽن واڌو پيٽرول لاٿو پيو وڃي. هن مهيني دوران وڌيڪ يارنهن تيل کڻندڙ بحري جهاز ساڍا ٽي لک ميٽرڪ ٽن پيٽرول کڻي پاڪستان پهچندا.

 

صوابي چاهيندڙ شادي نه ٿيڻ تي ڪنوار کي قتل ڪري ڇڏيو، پاڻ به آپگهات ڪيو

صوابي (م.ڊ) شوخي هانڊه جي علائقي ۾ شادي جي تقريب ۾ نوجوان فائرنگ ڪري ڪنوار کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي، صوابي جي علائقي شوخي بانڊه ۾ شادي جي تقريب جاري هئي ته ارشد نالي نوجوان فائرنگ ڪري ڪنوار کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پاڻ کي به گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي فائرنگ جي واقعي ۾ 3 ٻارڙيون به زخمي ٿيپيون جن کي طبي امداد لاءِ فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس جو چوڻ هو ته ارشد ڪنوار سان شادي جو خواهشمند هو پر پسند جي شادي نه ٿيڻ تي ڪنوار کي قتل ڪري پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

پريانڪا چوپڙا جو ”اي بي سي“ سان 25 ڪروڙ رپين جو معاهدو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪاره پريانڪا چوپڙا آمريڪي چينل اي بي سي سان هڪ پروگرام لاءِ 25 ڪروڙ رپين جو معاهدو ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب پريانڪا چوپڙا آمريڪي چينل اي بي سي اسٽوڊيو جو هڪ شو ڪرڻ لاءِ 3 مهينن تائين لاس اينجلس ۾رهندي ۽ کيس ان شو لاءِ 25 ڪروڙ رپين جي رقم ملندي. ان بابت پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته اي بي سي جهڙي اهم ۽ وڏي اسٽوڊيو سان ڪم ڪرڻ عزت جي ڳالهه آهي. هن اهو پڻ چيو ته مون کي خوشي آهي ته مان پنهنجي ٽيلنٽ جو استعمال اي بي سي جهڙي عالمي پليٽ فارم تي ڪنديس.

 

مشهور ڳائڻي شڪيرا جي گهر پٽ  جي پيدائش ٿي آهي،

بارسلونا(شوبز نيوز)ڪولبيا سان تعلق رکندڙ مشهور ائڻي شڪيرا جي گهر پٽ  جي پيدائش ٿي آهي، ان جي پٽ جي پيدائش ڪالهه صبح جو ٿي جنهن جو نالو ساشاپيڪ رکيو ويو آهي ان جي آفيشل ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ماءُ ۽ پٽ ٻنهي جي صحت بهتر آهي جڏهن ته نئين ڄاول ٻارڙي لاءِ چونڊيل نالي جو مطلب ويڙهاڪ ۽ انسانيت جو محافظ آهي ياد رهي ته ان کان اڳ شڪيرا ۽ فٽبالر جيرار جي گهر جنوري 2013ع ۾ هڪ پٽ جي پيدائش ٿي هئي.

 

پاڪستاني ڊراما ڪهاڻي ۽ اسڪرپٽ سبب تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا: ڪاجول

ڪراچي: پاڪستاني ڊراما جتي پوري دنيا ۾ پنهنجو مقام بڻائي رهيا آهن ۽ ماڻهن ۾ مقبوليت جون حدون پار ڪري رهيا آهن اتي ئي ڀارتي اداڪار به پاڪستاني ڊرامن جي سحر ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڀارت جي ناليواري اداڪاره ڪاجول چيو ته پاڪستاني ڊرامه پنهنجي ڪهاڻي ۽ اسپرڪٽ سبب ان کي تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا ۽ هوءَ سمجهي ٿي ته ڀارتي ٽي وي پروڊيوسرز کي انهن کان سکڻ گهرجي، هن ٻڌايو ته ان جي سس به پاڪستاني ڊرامن جي تمام وڏي مداح آهي جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جي ڊرامن جو مقابلو ڪيو وڃي ته پاڪستان کي برتري حاصل ٿيندي.

 

فلم هوائي زاده رليز ٿيڻ تي پهرين ڏينهن رڳو 75 لک رپين جو بزنيس ڪري سگهي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”هوائي زاده“ باڪس آفيس تي رليز ٿيڻ جي پهرين ڏينهن رڳو 75 لک رپين جو بزنس ڪري سگهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي سائنسدانن جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ڏسندڙن کي متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. فلم ۾ ايوشما کرانا هڪ سائنسدان جو ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته مٿن چڪرورتي جي موجودگي ۾ به فلم باڪس آفيس تي پهرين ڏينهن 75 لک رپيا ڪاروبار ڪيو. فلمي حلقن جو چوڻ اهي ته ناقص پروموشن فلم جي ناڪامي جو سبب بڻي

 

گرلز ڊگري ڪاليج ۾ سالياني راندين جو هفتو مڪمل، 100 ميٽر هڊلز ۾ حنا پهرين پوزيشن حاصل ڪئي

سانگهڙ (اسپورٽس نيوز) گرلز ڊگري ڪاليج ۾ سالياني راندين جو هفتو مڪمل، 100 ميٽر هڊلز ۾ حنا پهرين، صبا ٻين، روبينا ٽين، ۽ ثانيه چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته 100 ميٽر ريس ۾ حرا رضا پهرين، حنا ٻين، صبا ٽين۽ ثاديه چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته 50 ميٽر ريس ۾ ڪنول پهرين، انم ٻين ۽ ثاديه ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، شاٽ پٽ جي مقابلي حرا رضا پهرين، حصال ٻين، ماوري ٽين ۽ ڪلثوم چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي، راندين ۾ حرا رضا ٻه فرسٽ پوزيشن کڻي بيسٽ ايٿليٽ رهي، فائنل ۾ ايگل (پري ميڊيڪل ) ڪرڪٽ، والي بال ۽ بيڊ منٽن جڏهن ته فائيو اسٽار (پري انجينيئرنگ) کٽيا، ان موقعي تي خاص مهمان ليڪچرار تانيا ، ليڪچرار ثاديا، ليڪچرار فرحت سلطان، لڪچرار صبا ۽ صنم کڻيندڙ رانديگرياڻين ۾ انعام ورهايا.

 

محمد عامر پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ کيڏي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ محمد عامر پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ کيڏي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو. ان سلسلي ۾ ڪالهه پابندين کان آجو ٿيل ڪرڪيٽر محمد عامر پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ لاهور ۾ پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ کيڏي. محمد عامر يونيورسٽي آف انجنئرنگ جي هڪ ميچ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي ميچ ۾ بالنگ ڪرائيندي محمد عامر 16 رنسون ڏيندي ٻه وڪيٽون ورتيون. ياد رهي ته محمد عامر اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث ٿيو هو، جنهن جو ڀانڊو ڦاٽڻ تي مٿس 5 سال پابندي لڳائي وئي هئي، محمد عامر کي آءِ سي سي سزا ۾ رعايت ڏيندي 6 مهينا اڳ ئي سندس سزا ختم ڪري ڇڏي