تازيون خبرون

Daily Archives: January 30, 2015

جماعت الدعويٰ ۽ جماعت اسلامي جو گستاخانه خاڪن خلاف سڄي ملڪ ۾ گڏيل جدوجهد تي اتفاق

لاهور (م.ڊ) جماعت الدعوت ۽ جماعت اسلامي گستاخانه خاڪن جي خلاف سڄي ملڪ ۾ گڏيل جدوجهد تي اتفاق راءِ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سموري ملڪ جي مذهبي ۽ سياسي جماعتن جو جلد اجلاس طلب ڪري گڏيل لائحه عمل ترتيب ڏنو ويندو اهڙي طرح 5 فيبروري تي پنجن ئي صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ ڪشمير ڪانفرنسن ۽ ريلين جو انعقاد ڪرڻو پوندو ۽ تحريڪ آزادي ڪشمير جي خلاف ٿيندڙ سازشون ڪنهن به صورت ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين گذريل ڏينهن امير جماعت اسلامي سراج الحق وفد سان مرڪز القادسيه چوبرجي ۾ جماعت الدعوت پاڪستان جي امير پروفيسر حافظ محمد سعيد سان ملاقات ڪئي. هن توهين آميز خاڪن جي شايع ٿيڻ ڪشمير مسئلي جي خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ان موقعي تي جماعت اسلامي جو مرڪزي اڳواڻ لياقت بلوچ جماعت الدعوت سياسي معاملن جي اڳواڻ پروفيسر حافظ عبدالرحمان مڪي تحريڪ حرمت رسول صلعم جي ڪنوينر مولانا امير حمزه جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر سيد وسيم اختر ۽ حافظ خالد وليد به موجود هو هنن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مسلم حڪمران اقوام متحده ۽ او آءِ سي سميت هر فورم تي آواز بلند ڪن ۽ تحفظ حرمت رسول صلعم جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪن.

 

ايم ڪيو ايم جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ شٽربند هڙتال، ٽرانسپورٽ روڊن تان غائب

ڪراچي (نمائندن وٽان) ايم ڪيو ايم جي سڏ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال  رهي، رابطا ڪميٽي شام چئين وڳي کان ڪاروبار کولڻ جي اپيل ڪري ڇڏي .ايم ڪيو ايم پاران سندن ڪارڪن سهيل احمد جو لاش ملڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو ويو، جڏهن ته  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال رهي، ڪراچي ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا، ۽ ٽرانسپورٽ به معمول کان گهٽ رهي جنهن سبب شهري سخت ڏکيائن کي منهن ڏنو، ايم ڪيو ايم جي سوڳ واري سڏ تي ڪراچي يونيورسٽي، لياري، وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ رٿيل پيپرز ملتوي ڪيا ويا .ڪراچي جيان سنڌ جي ٻين شهرن، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الهيار، جهڏو جي مخصوص علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز نه کلي سگهيا، جڏهن ته ٽرانسپورٽ به معمول کان گهٽ رهي.ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن سهيل احمد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.الطاف حسين پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهري شام چئين وڳي کانپوءَ معمول واريون سرگرميون شروع ڪن ته جيئن اڄ حيدرآباد يونيورسٽي جي افتتاح جي تياري ڪري سگهجي

 

فوجي عدالتن خلاف سڄي ملڪ ۾ وڪيلن پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي فوجي عدالتن خلاف سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، وڪيل برادري پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ريليون ڪڍيون ويون، 21 هين آئيني ترميم ذريعي فوجي عدالتون قائم ڪرڻ خلاف پاڪستان بار ڪائونسل جي اپيل تي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، اسلام آباد، پشاور، لاهور، راولپنڊي، ملتان، فيصل آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرا  ڪيا ويا، ڪراچي جي سمورين عدالتن ۾ ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، حيدرآباد جي سمورين عدالتن ۾ عدالتي ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو، جڏهن ته وڪيل برادري پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ميرپورخاص، دادو، نوشهري فيروز، سکر، نوابشاهه ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد وڪيل برادري احتجاج ڪيو، لاڙڪاڻي، قمبر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، . وڪيلن جو چوڻ هو ته 21 هين آئيني ترميم آزاد عدليه تي حملو آهي جنهن ڪري ملٽري ڪورٽس بدران موجوده عدالتن کان ئي ڪم ورتو وڃي.

 

ملير ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثي جي 27 فوتين جا سڃاڻپ ٽوڪن جاري، 7 فوتين جي وارثن مڙهه وصول ڪري ورتا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملير ڀرسان 3 هفتا اڳ پيش آيل خوفناڪ روڊ حادثي ۾ سڙي فوت ٿيل 63 ڄڻن مان وارثن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي 27 فوتين جا سڃاڻپ ٽوڪن جاري ڪيا ويا، جن مان 7 فوتين جي وارثن مڙهه وصول ڪري ورتا، واقعي جي جاچ آفيسر چيو آهي ته سڃاڻپ ٽوڪن رکندڙ وارث ڪراچي پهچي پيارن جا مڙهه وصول ڪن. ٽي هفتا اڳ ملير ڀرسان آئل ٽينڪر ۽ بس وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 63 ڄڻا فوت ٿيا هئا، جن مان 25 ڄڻن جي ڊي اين اي ٽيشت ذريعي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. واقعي جي جاچ آفيسر چيو آهي ته سڃاڻپ ٿيل لاش جا واڙن کي اطلاع ڏنا وي آهن، جيڪي سهراب ڳوٺ ۾ ايڌي سرد خاني پهچي پنهنجي پيارن جا لاش وصول ڪن.

 

خوبصورت جي ناڪامي باوجود فواد کي 5 ڀارتي فلمون ملي ويون

ڪراچي(شوبز نيوز)فواد خان جون بالي ووڊ ۾ مصروفيتون هاڻ ايتري قدر وڌي ويون آهن جو هاڻ مستقبل ۾ پاڪستان اچڻ ناهي رهيو خيال اهو ئي هو ته خوبصورت جي ناڪامي کانپوءِ پاڪستاني فلمن طرف توجهه ملي سگهن پر اتي ان جي صلاحيتن کي سڃاتو ويو ۽ پروڊيوسرن طرفان ان کي پنج فلمون سائن ڪرايون ويون ان جي ٻئين فلم به انيل ڪپور پروڊڪشن جي آهي جنهن ۾ سونم ڪپور سان گڏ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. ان جي ٻي فلم ڪرڪيٽر ڌوني جي زندگي ٺاهي ويندي ان ۾ فواد خان، سيف علي خان سان گڏ نظر ايندو ان ۾ هو پوليس واري جو ڪردار ادا ڪندو ڌوني جي هيروئن عاليه ڀٽ هوندي جڏهن ته هدايتڪار نيرج پانڊي آهي، فواد کي ساحر لڌيانوي جي زندگي تي تيار ٿيندڙ فلم ۾ اهم ڪردار لاءِ چونڊيو ويو آهي.

 

پيرس فيشن ويڪ ۾ ماڊلز جي نئين انداز ۾ ريمپ تي واڪ

پيرس(شُوبز نيوز)پيرس فيشن ويڪ جي نئين انداز ۾ شروعات ٿي جڏهن فيشن هائوس شينل جي ماحول دوست شو ۾ ماڊلز اسٽيج تي گل ٽڙائي ڇڏيا پيرس فيشن ويڪ گذريل ڪجهه سالن کان نوان تصور ڏئي رهيو آهي، هن ڀيري به هڪ ڊگهي ريمپ بجاءِ گولائي ۾ سجيل اسٽيج ۽ ڪاغذي ٻوٽن ۽ گلن جدت جو نئون انداز ثابت ٿيا، ان اسٽيج کي بڻائڻ ۾ جرمن ڊيزائنر ڪارل ليگرفيلڊ کي 6 مهينا لڳا ۽ لباسن جي بهار شو کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

 

اداڪارا فريدا پنٽو جي ريگستاني ڊانسر واري زندگي تي بڌل فلم جو ٽريلر جاري ٿي ويو

نيويارڪ ( شوبز نيوز) ڀارت ڄائي هالي ووڊ اداڪارا فريدا پنٽو جي ريگستاني ڊانسر واري زندگي تي بڌل فلم جو ٽريلر جاري ٿي ويو آهي، ٽريلر ۾ 30 سالن جي  فريدا پنٽو جي ايراني دٻيل معاشري ۾ ڊانس ڪندي زندگي خطري ۾ پوندي ڏيکاريو ويو آهي. فلم ۾ ٻارن کي عام زندگي ۾ رقص ڪندڙ افشان غفرين کي اسڪول ۾ رقص ڪرڻ تي سزا ملندي ڏيکاريو وڃي ٿو، پر ٻارجن ۾ فريدا پنٽو به شامل هئي،  مائيڪل جيڪسن، جين ڪيلي ۽ افشان سميت ڪجهه دوستن جي وڊيوز ڏسي رقص سکن ٿا. بعد ۾ پنٽو روڊولف سان گڏجي رقص ڪمپني کولي ٿي. رچرڊ ريمنڊ جي هدايتڪاري ۾ فلم آرلنگٽن ٿيٽر  سانتا باربرا انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ 17 اپريل تي آمريڪا ۾ پيش ڪئي ويندي.

 

فلم ”هيپي نيو ايئر“ ۾ پنهنجي اداڪاري مان مطمئن ناهيان: شاهه رخ خان

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جو چوڻ آهي ته فلم هيپي نيو ايئر سميت 2014ع ۾ رليز ٿيندڙ سمورين فلمن ۾ هو سٺي اداڪاري ناهي ڪري سگهي ان لاءِ هن سال هو پاڻ کي ڪنهن ايوارد جو مستحق به نه ٿو سمجهي، ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته ان جي فلم هيپي نيو ايئر 2014 ۾ تمام سٺو بزنس ڪيو پر هڪ اداڪار جي حيثيت سان هو سمجهي و ته فلم ۾ هن اهڙو ڪم نه ڪيو جنهن جي ان کان اميد ڪئي وڃي ٿي، ان لاءِ هو پاڻ کي هن سال ڪنهن ايوارڊ جو مستحق به نه ٿو سمجهي.

 

آءِ سي سي محمد عامر کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

دبئي(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث فاسٽ بالر محمد عامر جي سزا ۾ 6 مهينن جي مهلت ڏيندي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، دبئي ۾ آءِ س سي بورڊ ميٽنگ جي اجلاس ۾ اينٽي ڊوپنگ ۽ اينٽي ڪرپشن قانونن جي منظوري جي منظوري ڪئي وئي آءِ سي  سي جي اجلاس ۾ فاسٽ بالر محمد عامر جي سزا ۾ نرمي جي حوالي سان به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پوءِ فاسٽ بالر جي سزا ۾ 6 مهينا نرمي ڪندي ان کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي آءِ سي سي اينٽي ڊوپنگي اينڊ اينٽي ڪرپشن  ڪميٽي جو چوڻ هو ته محمد عامر نه صرف پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو پر ڪرپشن جي خاتمي ۾ تعاون به ڪيو محمد عامر جو رويو مثبت رهيو ۽ اميد آهي ته عامر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ آئنده به تعاون جاري رکندو

 

آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ميلي ۾ باقي14 ڏينهن بچيا، ڀارتي ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪندي

سڊني/واشنگٽن(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع جي ميلي ۾ باقي 14ڏينهن بچيا آهن. ڪرڪيٽ جو عالمي ميلو 14 فيبروريءَ کان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏيل طور شروع ٿيندو، ڀارتي ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪندي، ميگا ايونٽ شروع ٿيڻ ۾ 14 ڏينهن رهجي ويا. تفصيل مطابق آءِ سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع ۾ ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي چڪو آهي، ورلڊ ڪپ جو ميلو ويلن تائن ڊي 14 فيبروريءَ تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏيل طور لڳندو. ڀارت 2011ع ۾ منعقد ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. آءِ سي سي مطابق ڪرڪيٽ تي ايندڙ 4 سال جيڪا به ٽيم حڪمراني ڪندي ان تي انعامن جي بارش ٿيندي. سڀئي ٽيمون ڪرڪيٽ جي وڏي دنگل لاءِ وڏا وڏا خواب اکڙين ۾ سمائي ڇڏيا آهن. 2015ع ۾ ورلڊ ڪپ جو ٽائٽل کٽندڙ ٽيم کي آءِ سي سي 48 لک ڊالر جي انعامي رقم ڏيندو. رنر اپ کي 25 لک، سيمي فائنلز ۾ هارائيندڙ ٽيمن کي 7 لک 66 هزار ۽ ڪوارٽر فائنلسٽ کي 3 لک 83 هزار ڊالر ملندا. ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن کي ٻن مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اَي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، دفاعي چيمپئن ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن. ورلڊ ڪپ جي شروعات 14 فيبروري تي گروپ اَي جي ٽيم سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ، انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ افتتاحي ميچ سان ٿيندي. گروپ بي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي سفر جي شروعات 15 فيبروريءَ تي هڪٻئي خلاف ايڊيليڊ اوول گرائونڊ ۾ ميچ سان ڪندا. آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وٽ ميزبان هئڻ سبب ٽائٽل کٽڻ جو سنهري موقعو آهي پر ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان ۽ سريلنڪا به ٽائٽل جي ڊوڙ ۾ مضبوط اميدوار آهن.