تازيون خبرون

Daily Archives: January 29, 2015

ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيشنل هاءِ وي جي ڀرسان نواب ڳوٺ ۾ پوليس مقابلي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا آهن. ايس ايس پي ملير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نواب ڳوٺ ۾دهشتگردن جي موجودگي جي خفيه اطلاع تي ڪارروائي ڪي وئي ۽ آپريشن  ۾ 500 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ۽ ڪمانڊوز حصو ورتو. هن چيو ته پوليس جون گاڏيون جيئن جي علائقي ۾پهتيون ته جوابدارن دستي بم سان حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪئي جڏهن ته پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا. رائوانوار جو چوڻ هو ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي جن جي قبضي مان دستي بم، ٽي ٽي پستول ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويو آهن.

 

ڊاڪٽر شڪيل اوج ۽ پروفيسر سبط جعفر جو قاتل گرفتار ، تعلق سياسي پارٽي سان آهي: غلام قادر ٿيٻو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي پوليس جـَي سربراهه غلام قادر ٿيٻي، ڊاڪٽر شڪيل اوج ۽ پروفيسر سبط جعفر جو قاتل گرفتار ڪرڻ جِي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته جوابدار پنهنجو تعلق ايم ڪيو ايم سان ٻڌايو آهي پر ان حوالي پوليس وٽ ڪي به ثبوت ناهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام قادر ٿيٻي چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي ڊين پروفيسر شڪيل اوج ۽ پروفيسر سبط جعفر جَي قاتلن مان هڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هـُن چيو ته ٻنهي علمي شخصيتن کي قتل ڪندڙ جوابدار منصور لياقت آباد جي سرڪاري اسپتال ۾ ملازم آهي. پوليس چيف چيو ته جوابدار 1993ع ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي جي 3 ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. غلام قادر ٿيٻي چيو ته جوابدار رينجرز تي فائرنگ سميت ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهي. ڪراچي پوليس جي سربراهه وڌيڪ چيو ته گرفتار ڪيل جوابدار پنهنجو تعلق ايم ڪيو ايم سان ٻڌايو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان پوليس وٽ ڪي به ثبوت ناهن. غلام قادر ٿيٻو چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل اوج جي قتل ۾ ڪل 5 جوابدار ملوث آهن، جنهن مان هڪ محمد منصور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فهيم جبل پوري ۽ احتشام سميت 4 ڄڻا روپوش آهن. ڪراچي جي صورتحال بابت ڳالهائيندي غلام قادر ٿيٻي چيو ته شهر اندر ٽارگيٽ ڪلنگ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هـُن چيو ته پوليس اڻ ٿڪ ڪوششن سبب ڪراچي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ گهٽ ٿي آهي. واضح رهي ته پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل اوج کي گذريل سال 18 آڪٽوبر تي يونيورسٽي روڊ تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي قاتلن جي گرفتاري تي سنڌ سرڪار پاران 50 لک رپين جو انعام رکيو ويو هو

 

لاهور مان گرفتار ڪيل داعش ڪمانڊر يوسف السلفي پاران آمريڪا ۾ رابطن ۽ فنڊ وٺڻ جو اعتراف

اسلام آباد (بيورو) لاهور ۾ گذريل مهيني گرفتار ٿيندڙ داش جي مبينا ڪمانڊر يوسف السلفي آمريڪا ۾ رابطن ۽ فنڊ ملڻ جو اعتراف ڪيو آهي يوسف السلفي پڇا ڳاڇا دوران ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ تنظيم کي هلائڻ ۽ شام ۾ ويڙهه لاءِ نوجوانن جي ڀرتي لاءِ ان کي رقم ملندي رهندي آهي ،پاڪستان ڄائو شامي يوسف السلفي ترڪي رستي پنج مهينا اڳ پاڪستان ۾ داخل ٿيو هو هو ترڪ ي۾ پڪتو ويو هو پر اتان فرار ٿي پاڪستان پهچي ويا، سلفي کي آمريڪا مان فلڊ ملڻ وارو معاملو آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري جي هاڻوڪي اسلام آباد دوري دوران به اٿاريو ويو، آمريڪي سينٽرل ڪمان جي سربراهه جنرل لائيڊ آسٽن جي اسلام آباد دوري دوران به اهو معاملو اٿاريو ويو، سلفي پڇا ڳاڇا دوران اعتراف ڪيو ته هو هڪ پاڪستاني امام مسجد سان ملي شام ۾ ويڙهه لاءِ نوجوانن کي ڀرتي ڪندو هو ۽ هر ڀرتي تي ان کي 600 ڊالر ملندا هئا اخبار مطابق آمريڪا دهشتگرد تنظيم داعش ۽ اسلامڪ  اسٽيٽ جي سرگرمين جي سخت مذمت ته ڪري ٿو پر انهن تنظيمن کي پنهنجي ملڪ مان فنڊن نه ٿو روڪرائي سگهي، آمريڪا کي هي تاثر ختم ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجن مفادن لاءِ ڄاڻايل گروپ کي رقم ڏئي رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هو تنظيم خلاف عراق ۾ ته ڪارروائي ڪري ٿو پر شام ۾ نه ذريعن مطابق اهي به اطلاع آهن ته داعش بين ملڪن کان علاوه لبيا، افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت جي شهرن کي شام ۾ ويڙهه لاءِ ڀرتيون ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ مختلف شهرن ۾ ديوارن تي داعش جا پوسٽر به لڳايا ويا آهن، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامڪ اسٽيٽ سرگرم آهي ان تنظيم جون سرگرميون سنجيدگي سان نه روڪيو ته ملڪ کي هڪ نئين جنگ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، يوسف السلفي ۽ لاهور ۾ ان جي ساٿي امام مسجد جي گرفتاري تصديق ڪري ڇڏي آهي ته داعش پاڪستان ۾ پنهنجي جڙ مضبوط ڪري رهي آهي.

 

عمرڪوٽ جي ڳوٺ عطا محمد پلي ۾ زهريلي چانهه پيئڻ سبب 3 ٻارڙا فوت، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

عمرڪوٽ (رپورٽر) سامارو ۾ چيما فارم ويجهو ڳوٺ عطا محمد پلي ۾ زهريلي چانهه پيئڻ سبب 3 ٻارڙا فوت، گذريل رات عطا محمد پلي ۾ زهريلي چانهه پيئڻ سبب هڪ ئي گهر جا 2 ٻارڙا جن ۾ پنج سالا ملجي ۽ 3 سالا هريش ولد لڇمڻ ۽ ٻئي گهر جو چار سالا رجني ٻائي ولد هريرام فوت ٿي وئي، گذريل رات گهر ۾ چانهه پيئڻ کانپوءِ انهن ٽنهي ٻارن جي تبيعت خراب ٿيڻ تي انهن کي تعلقه اسپتال سامارو منتقل ڪيو ويو هو جتي انهن جي حالت خراب ٿيڻ سبب انهن کي حيدرآباد سول اسپتال ۾ ريفر ڪيو ويو هو جتي هنن دم ڌڻي حوالي ڪيو، لڇمڻ جي گهر ٻن ٻارڙن جا لا پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ٻارن جي ماءُ ريشمي کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.

 

جيستائين صحت اجازت ڏني فلمن ۾ ڪم ڪندس: اميتاڀ بچن

لنڊن(شوبز نيوز)ڀارت جي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن پنهنجي ايندڙ فلم شميتاڀ جي مشهوري واري مهم جي موقعي تي لنڊن جي تاج هوٽل ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ نوجوان باصلاحيت آهن پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکن ٿا مون کي نوجوانن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي، هن چيو ته ڀارت جي فلم ديوداس ۾ ڪافي وڏا وڏا اداڪار ڪم ڪري چڪا آهن هن جي خواهش آهي ته جيڪڏهن ٻيهر هي فلم ٺهي هت ان ۾ ڪم ڪري خوشي محسوس ڪندس، هن ٻڌايو ته ماڻهو هن کي ليجنڊ مڃن ٿا جڏهن ته هو اڄ به پاڻ کي عام فنڪار سمجهي ٿو.

 

خوبصورت اداڪارا شرڌا ڪپور کي شوٽنگ مهانگي پئجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) فلم ”عاشقي ٽو ۽ حيدر“ ۾ بهترين اداڪاريءَ سان نالو ڪمائيندڙ خوبصورت اداڪارا شرڌا ڪپور کي شوٽنگ مهانگي پئجي وئي ۽ هو نئين فلم ”اي بي سي ڊي-ٽو“ جي شوٽنگ دوران ڪري زخمي ٿي پئي، بالي ووڊ حسينا شرڌا ڪپور اڄ ڪلهه نئين فلم ”ايني باڊي ڪين ڊانس-ٽو“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، ڊانس جي پريڪٽس دوران اداڪارا اسٽيج تان هيٺ ڪري پئي ۽ سندس پير به مڙي پيو، ڊانس تي ٺهندڙ ان فلم ۾ شرڌا ڪپور سان ورن ڌون مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ريمو ڊسوزا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هيءَ فلم 19 جون تي سينيما گھرن جي زينت بڻبي.

 

فلم ”جذبه“ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ سينيما گھرن جي زينت بڻبي

ممبئي (شوبز نيوز) فلم ”جذبه“ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ سينيما گھرن جي زينت بڻبي. فلم ۾ ايشوريا راِءِ بچن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مداحن کي جلوا ڏيکاريندي، 2010ع کان فلمي اسڪرين تان غائب بالي ووڊ اداڪارا جلد ئي سنجي گپتا جي فلم جذبه ۾ نظر ايندي، جنهن ۾ سندس مقابلي ۾ عرفان خان هوندو، جيڪو پڻ هن فلم بابت تمام پرجوش آهي، صحافين سان ڳالهائيندي بالي ووڊ اداڪارا جو چوڻ هو ته اپريل ۾ فلم جي شوٽنگ ختم ٿي ويندي، فلم سيپٽمبر تي سينيما گھرن جي زينت بڻبي.

 

بالي ووڊ جي نئين فلم لکنوي عشق جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي نئين فلم لکنوي عشق جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو جنهن ۾ فلم جي سموري ڪاسٽ شرڪت ڪئي. فلم لکنوي عشق جي ڪهاڻي دهلي جي هڪ ڇوڪري ۽ تي ٻڌل آهي جيڪو لکنو جي هڪ شادي ۾ شرڪت ڪندو آهي جتي کيس لکنوي ڇوڪري سان عشق ٿي ويندو آهي  ۽ اهو عاشق جنوني بڻجي ويندو آهي فلم لکنوي عشق ۾ اداڪارا آڌيان سمن ۽ڪرشما ڪوٽڪ اهم ڪردار  ادا ڪيو آهي هن فلم کي لکنو ۾ فلمايو ويو آهي ۽ فلم جو ڪجهه حصو ممبئي ۾ به فلمايو ويو لکنوي عشق ڪجهه وقت ۾ سنيما گهرن جي زينت بڻجڻ اچي رهي آهي.  خاص شو کي ڏسڻ لاءِ ٻين سان گڏ اداڪاره ڪرسٽين اسڪاٽ ۽ ٻيون اهم شخصيتون موجود هيون، جڏهن ته گيورگيو ارماني ماڊلز سان گڏ اسٽيج تي آيو ته سڀني کيس ڀرپور داد ڏنو.

 

پراميد آهيان ته جلد آءِ سي سي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندي؛فاسٽ بالر محمد عامر

لاهور(اسپورٽس نيوز)اسپاٽ فڪسنگ ڪيس سبب پاپندي کي منهن ڏيندڙ نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته هو گهڻو پراميد آهي ته آءِ سي سي پاران ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ملڻ بعد هو پنهنجي فٽنس ۽ فارم حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪندو. پنجاب جي شهر گوجر خان ۾ جنم وٺندڙ فاسٽ بالر محمد عامر 2009۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ قدم رکيو۽ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب جلد قومي ٽيم جو اهم ميمبر ٿي ويو. ڏيڍ سال جي ڪريئر ۾ محمد عامر 14 ٽيسٽ ميچز ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندي 51 وڪيٽون حاصل ڪيون. سندس بهترين بالنگ 84 رنز عيوض ڇهه وڪيٽون آهن. محمد عامر 15ون ڊي ميچز ۾ 25 وڪيٽون، جڏهن ته 18 ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ 23 وڪيٽون حاصل ڪيون. واضح رهي ته محمد عامر مٿان 2010 ۾ انگلينڊ خلاف لارڊز ٽيسٽ ميچ ۾ اسپاٽ فڪسنگ جي الزام ثابت ٿيڻ  سبب آءِ سي سي پاران پنج سالن جي پاپندي مڙهي وئي.

 

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2015 جي آفيشل ”ايپ” جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جي آفيشل ”ايپ” جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن وسيلي سمارٽ فون يا ٽيبليٽ ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ هر صارف ورلڊ ڪپ ايونٽ جي هر سرگرمي کي سڌي ريت ڊائون لوڊ ڪري سگهندو. ان ايپ ذريعي هر صارف کي ميگا ايونٽ بابت تازي خبر ۽ سرگرمي بابت هر وقت ڄاڻ ملي سگهندي.