تازيون خبرون

Daily Archives: January 28, 2015

تيل اگهن ۾ 8 کان 12 رپيا في ليٽر لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) پيٽروليم شين جَي اگهن ۾ لاٿ وارو سفر جاري آهي، حڪومت تيل جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 کان 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، اوگرا پاران پيٽرول 8 کان 10 رپيا ليٽر سستو ڪرڻ جي سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻي وئي آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 8 رپيا 50 پئسا سستو ٿيڻ جا امڪان آهي. ذريعن موجب لائيٽ ڊيزل 11 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

پ پ سان سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن: چوڌري شجاعت

لاهور (بيورو) پ پ پنجاب جي صدر منظور حسين وٽو مسلم ليگ قاف جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪري سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد تي ڳالهيون ڪيون آهن، ٻنهي اڳواڻن خواهش ظاهر ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان به سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺي. سينيٽ چونڊون ويجهو ايندي ئي سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۾ اتحاد لاءِ ميل ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پ پ پنجاب جي صدر منظور وٽو لاهور ۾ مسلم ليگ قاف جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو ته پ پ سان سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڪا به حڪومت يا معاشرو مخالف ڌر کانسواءِ نٿا هلي سگهن، حڪومت جي هر غلط قدم جي مخالفت ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي منظور وٽو چيو ته سينيٽ چونڊن لاءِ مختلف پارٽين سان ڳالهيون هلندڙ آهن، سندس خواهش آهي ته عمران خان اسيمبلي ۾ موٽي اچي ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ منظور وٽو چيو ته گذريل ڏينهن دوران ٿيل بجلي بريڪ ڊائون جو مثال نٿو ملي،  حڪومت لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر بجلي ئي ختم ڪري ڇڏي آهي.

 

خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهاز جي بمباري، 16 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي جي وادي تيره واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهاز ذريعي بمباري جي نتيجي ۾ 16 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن 5 ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب، جيٽ جهازن ذريعي خيبر ايجنسي جي وادي تيره واري علائقي ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو. ذريعن موجب، بمباري جي نتيجي ۾ اهم ڪمانڊر سميت 16 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا. بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 5 ٺڪاڻا پڻ تباهه ٿي ويا.

 

ناقص انجنيئرنگ سبب قومي ايئرلائين جا 15 ڏينهن اندر هڪ ايئر بس سميت 4 جهاز پرڏيهه ۾ گرائونڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناقص انجنيئرنگ سبب قومي ايئرلائين جا 15 ڏينهن اندر هڪ ايئر بس سميت 4 جهاز پرڏيهه ۾ گرائونڊ ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب انجنيئرنگ جون گهربل ضرورتون پوريون نه ٿيڻ ۽ جهازن جي ڀروسي جوڳي مرمت نه ٿيڻ ڪري جهازن کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي. گذريل 15 ڏينهن دوران ناقص انجنيئرنگ سبب قومي ايئرلائين جي ايئربس سميت 4 جهازن کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب، سعودي عرب ۾ جده ايئرپورٽ تي قومي ايئرلائين جي سيالڪوٽ ڏانهن ايندڙ اڏام پي ڪي 7 سئو 46 گذريل 25 ڪلاڪن کان فني خرابي سبب جده ايئرپورٽ تي بيٺل آهي.  ذريعن موجب، 17 جنوري تي ساڳئي ئي ايئرپورٽ تي قومي ايئرلائين جي ايئربس 7سئو 77 ڀروسي جوڳي مرمت نه ٿيڻ ڪري جهاز کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي.   ذريعن موجب، 20 جنوري تي قومي ايئرلائين جي اڏام پي ڪي 3سئو 10 کي کي فني خرابي سبب بيجنگ ايئرپوٽ تي گرائونڊ ڪيو ويو.   گذريل 15 ڏينهن دوران ناقص انجيئرنگ سبب قومي ايئرلائين جي 4 جهازن کي پرڏيهه ۾ گرائونڊ ڪيو ويو آهي.

 

ريتڪ روشن ”موئن جو دڙو“ جي شوٽنگ شروع ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)ريتڪ روشن ڳچ عرصي جي آرام کانپوءِ آخرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اسڪرين طرف رخ ڪري ورتو آهي ۽ ان جي فلم موئن جو دڙو جي شوٽنگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي انڊين ميڊيا مطابق ريتڪ روشن جي فلم موئن جو دڙو جي شوٽنگ راجسٿان جي ڳوٺ ڀوج ۾ شروع ٿي وئي، ياد رهي ته هن فلم جي شوٽنگ مسلسل التوا جو شڪار ٿيندي پئي اچي هاڻ ريتڪ روشن جي مڪمل طور تي صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ان جي شروعات ٿي وئي آهي، بالي ووڊ جي هن خوبصورت ترين اداڪار کي آخري ڀيرو 2014 ۾ فلم بينگ بينگ ۾ ڏٺو ويو هو موئن جو دڙو جي ڊائريڪٽر آشوتوس گواريڪر آهي ۽ هو ريتڪ سان پهرين به سپر هٽ فلم جوڌا اڪبر بڻائي چڪو آهي.

 

هندي فلم انڊسٽري نون اداڪارن کي انصاف جي بنياد تي موقعا فراهم ڪندي آهي: ايوشمان کرانه

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ايوشمان کرانه چيو آهي ته هندي فلم انڊسٽري نون اداڪارن کي انصاف جي بنيادي تي موقعا فرهام ڪندي آهي ته جيئن هو پنهنجي فنڪاري وارين صلاحيتن کي مڃرائي سگهن. بالي ووڊ اداڪار ايوشمان پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو ته هندي فلم انڊسٽري هڪ اهڙي انڊسٽري بڻجي چڪي آهي جتي نه صرف نون اداڪارن جي آجيان ڪئي ويندي آهي پر انهن کي موقعو پڻ ڏنو ويندو آهي ته اهي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي سگهن.

 

آمريڪي صدر بارڪ اوباما به شاهه رخ خان جو مداح نڪتو

نئين دلي(شوبز نيوز)آمريڪي صدر بارڪ اوباما به بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ  خان جو مداح نڪتو ۽ پنهنجي ڀارتي دوري دوران هڪ تقريب ۾ هن شاهه ر خ جو فلمي ڊائلاگ به چوندو رهيو، ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق ڀارتي دوري تي آيل آرميڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي دوري دوران نئين دلي جي ٽائون هال ۾ خطاب ڪندي هندي ٻولي ۾ ڪنگ خان جي فلم دل والي دلهنيا لي جائينگي جو ڊائيلاگ سينوريٽا بڙي بڙي ديشون ۾ ايسي ڇوٽي ڇوٽي باتين هوتي رهتي هين چوڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته هو صرف سينوريٽا بڙي بڙي ديشون ۾ ئي چئي سگهيو.

 

علي ظفر پشاور جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گانو ”اُڙين گي“ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار ۽ گلوڪار پشاور جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گانو ”اُڙين گي“ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. بالي ووڊ اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي تي کيس ڏک ٿيو آهي. دهشتگردن معصوم ٻارن ۽ استادن کي پنهنجي ظلم جو نشانو بڻايو ۽ بي درديءَ سان کين شهيد ڪيو. هو خوش آهي ته ان گاني لاءِ جيڪو هن شهيدن کي خصوصي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڳايو آهي جي وڊيو ۾ فلم انڊسٽري جي شخصيتن، گلوڪارن ۽ راندين سان لاڳاپيل شخصيتون هن سان گڏ يڪجهتي لاءِ گڏ ٿيون آهن جنهن تي هو انهن جو شڪرگذار آهي. علي ظفر گذريل سال ريليز ٿيل فلم ”ڪل دل“ هئي جنهن رڪارڊ بزنس ڪيو.

 

نيوزيلينڊ بورڊ پريزيڊنٽ اليون ٻئين وارم اپ ميچ ۾ به پاڪستان کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي

لنڪولن(اسپورٽس نيوز)نيوزيلينڊ بورڊ پريزيڊنٽ اليون ٻئين وارم اپ ميچ ۾ به پاڪستان کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ نيوزيلينڊ پهچندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ٻئين ٽوئر ميچ ۾ به نيوزلينڊ بورڊ پريزيڊنٽ اليون هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪئي پر معمول مطابق پاڪستان جا شروعاتي بيٽسمين سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ اوپنر محمد حفيظ صرف 18 جڏهن ته سرفراز احمد بغير ڪا رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، يونس خان، صهيب مقصود ۽ حارث سهيل به اسڪور ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري سگهيا، هڪ ڀيرو ٻيهر ڪپتان مصباح الحق ۽ عمر اڪمل ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ ٻنهي رانديگرن وچ ۾ ڇهين وڪيٽ لاءِ 116 رنسن جي پارٽنرشپ ٿي، عمر اڪمل 77 جڏهن ته مصباح الحق 88 رنسون ٺاهيون پاڪستان مقرر اوورن ۾ 267 رنسون ٺاهيون نيوزيلينڊ بورڊ پريزيڊنٽ اليون مائيڪل پولارڊ جي شاندار 153 رنسن سبب 268 رنسن جو گهربل هدف 9 وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور ۾ پورو ڪري ورتو پاڪستان طرفان محمد عرفان ۽ بلاول ڀٽ ي3، 3 جڏهن ته سهيل خان 81 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ هڪ وڪيٽ ياسر شاهه جي حصي ۾ آئي آءِ سي سي طرفان شڪي ايڪشن سبب پابندي جو شڪار محمد حفيظ به 7 اوور ڪيا جڏهن ته ڪابه وڪيٽ نه ملي سگهي

 

صوفي بزرگ ۽ الستي شاعر پير تقي شاهه جيلاني جي عرس مبارڪ تي ملهه ملاکڙي جو بندوبست ڪيو ويو

باڊهه (اسپورٽس نيوز) صوفي بزرگ ۽ الستي شاعر پير تقي شاهه جيلاني جي 155 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ جي ثقافتي راند ملهه ملاکڙي جو بندوبست ڪيو ويو، ملاکڙي ۾ سنڌ جي ناليوارن ملهه پهلوانن زور آزمائي ڪئي، ملهه ملاکڙي ۾ ملهه پهلوان مجيد اعواڻ جو مقابلو شوڪت سيال سان ٿيو ٻنهي پهلوانن وچ ۾ ڀرپور طاقت سان زور آزمائي ٿي، جتي پهلوان مجيد اعواڻ شوڪت سيال کي ڦيراٽي ڏئي دسي رکيو ۽ ملهه ماري، جڏهن ته ٻين مقابلن ۾ غلام سرور بهڻ جو اڪرم علي سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ غلام سرور بهڻ زور آزمائي ۾ ڪامياب ٿيندي اڪرم علي کي ملهه ماري ڪاميابي ماڻي، ٻئي مقابلي ۾ مور اعواڻ جو اصغر شاهه سان مقابلو ٿيو مقابلي ۾ مور اعواڻ اصغر شاهه کي ملهه ماري ڪاميابي حاصل ڪئي، جتي مقابلي دوران اصغر شاهه بيهوش ٿي ويو، ٻئي مقابلي ۾ ملهه پهلوان گل دستو جو مقابلو رفيق سيال سان ٿيو جتي سخت زور آزمائي بعد رفيق سيال کي ملهه ماري شڪست ڏنائين ۽ ميدان ماري اچڻ تي ملاکڙي ۾ موجود تماشائين کان داد حاصل ڪيائين، ان موقعي تي ملاکڙو ڪرائيندڙ سيد محرم علي شاهه ملهه کٽيندڙ پهلوانن کي انعامن سان نوازيو. ٻئي طرف سنڌ جي ناليواري ملهه پهلوان مجيد اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملهه راند سنڌ جي ثقافتي راند آهي جتي صدين کان ملهه جي راند مشهور ترين آهي، خاص ڪري ٻهراڙين، ميلن توڙي ثقافتي پروگرامن ۾ ملهه راند جا مقابلا ٿيندا پيا اچن، هن وقت تائين سنڌ ۾ ڪيترائي ناليوارا ملهه پهلوان پيدا ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ هن وقت به ثقافتي راند ملهه کي ماڻهو پسند ڪن ٿا پر افسوس جو سنڌ سرڪار توڙي ثقافت کاتي جي بي ڌياني ۽ دلچسپي نه وٺڻ سبب ملهه پهلوان هن وقت بيروزگاري سبب فاقا ڪشي تي مجبور آهن، ڇاڪاڻ ته پهلوانن کي طاقت آزمائي لاءِ خوراڪ جي سخت ضرورت هوندي آهي پر غربت ۽ بيروزگاري سبب پهلوانن کي خوراڪ نه ٿي ملي.