تازيون خبرون

Daily Archives: January 26, 2015

نئين فلم ”چل گورو هو جا شروع“ کي اتر کنڊ ۾ ٽيڪس فري قرار ڏنو ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين فلم ”چلو گورو هو جا شروع“ کي اتر کنڊ ۾ ٽيڪس فري قرار ڏنو ويو آهي. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق اتر کنڊ جي وزيراعليٰ ذاتي طور تي ڄاڻايل فلم جي اسڪريننگ کان پوءِ ان کي رليز جي هڪ هفتو اڳ باضابطا طور ٽيڪس فري قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار هيمنت پانڊي چيو آهي ته فلم کي ٽيڪس فري قرار ڏيڻ جو فيصلو فلم جي سموري ٽيم لاءِ همٿائڻ واري ڳالهه آهي

 

بالي ووڊ فلم گرينڊ مستي کي نيٺ ٽي وي تي ڏيکارڻ جي اجازت ملي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ هدايتڪار اندر ڪمار جي فلم گرينڊ مستي جي رليز ٿيڻ جي 17 مهينن کان پوءِ نيٺ ان کي ٽيليويزن تي ڏيکارڻ جي اجازت ملي وئي، ممبئي جي هڪ اخبار مطابق ٽي وي تي ڏيکارڻ کان پهرين سينسر بورڊ ان فلم جا 2 سئو کان به وڌيڪ منظر ۽ ڊائلاگ ڪٽڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سينسر بورڊ جي هڪ عملدار ٻڌايو ته فلم کي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو پر پهرين فلمساز ڪمپني فلم مان اعتراض جوڳيون شيون هٽائي سينسر بورڊ کي ڏيکاريندي. واضح رهي ته ان کان اڳ ڊرٽي پڪچرز، گينگز آف واسع پور ۽ دهلي بيلي کي پڻ ٽي وي تي ڏيکارڻ کان اڳ اعتراض جوڳا منظر هٽايا ويا هئا.

 

هلندڙ سال بالي ووڊ جا 3 خان سلمان خان، شاهه رخ خان ۽ عامر خان 50 سالن جا ٿي ويندا

ممبئي (شوبز نيوز) هلندڙ سال بالي ووڊ جا 3 خان سلمان خان، شاهه رخ خان ۽ عامر خان 50 سالن جا ٿي ويندا، ميڊيا جي رپورٽن مطابق عمر گذرڻ سان گڏ انهن ٽنهي خانن ۾ نکار اچي رهيو آهي ۽ هن عمر ۾ پڻ ٽئي خان نه رڳو هٽ فلمون ڏئي رهيا آهن بلڪه نئين نسل کي انهن سان سخت چيلينج پڻ درپيش آهي، ڀارتي فلمي تاريخ تي نظر رکندڙ راجا ڀارتن چيو آهي ته شاهه رخ خان جي شخصيت ۾ هر نئين فلم کان پوءِ نکار ايندو رهيو، عامر خان سوچ ويچار کان پوءِ فلمون ڪيون ۽ سلمان خان ۾ هميشه هڪ سنهري ڪرشمو رهيو.

 

قومي ڪرڪيٽرز عارضي سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل رانديگر پي سي بي جي 3 مهينن جي عارضي ڪانٽريڪٽ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن جو اسرار آهي ته کين سڄي سال جو ڪانٽريڪٽ ڏنو وڃي، مصباح الحق جي قيادت هيٺ قومي ٽيم ٻن ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ نيوزي لينڊ ۾ آهي، سيريز بعد قومي ٽيم آسٽرليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ گڏيل طور تي ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندي، ٽيم ۾ شامل رانديگرن پي سي بي پاران ڏنل 3 مهينن جي عارضي سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

 

ٽي ملڪي سيريز انگلينڊ ۽ آسٽريليا  وچ ۾ هوبارٽ ۾ ميچ کيڏي وئي

هوبارٽ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۾ هلندڙ ٽي ملڪي سيريز ۾ ڪرڪيٽ جي  روايتي حريف ملڪن انگلينڊ ۽ آسٽريليا  وچ ۾ هوبارٽ ۾ ميچ کيڏيوئي، جنهن ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي انگلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، انگلينڊ جي اين بيل 141، جو روٽ 69 ۽ بٽلر جي 25 رنسن جي مدد سان مقرر ڪيل اوورن ۾ 303 رنسون ٺاهيون، شروعات ۾ انگلينڊ جي بيٽنگ ڏسي اهو اندازو پئي لڳايو ويو ته هو 350 کان به وڌيڪ رنسون ٺاهي ويندا پر پوءِ آسٽريليائي بالرن کين 303 تائين محدود ڪيو، جواب ۾ آسٽريليائي ٽيم جي اوپنرن 76 رنسون ٺاهي سٺي شروعات ڪئي پر پوءِ هنن جا 92 تي 3 رانديگر آئوٽ ٿي پيا، جنهن بعد سندن وقتي ڪپتان اسٽيون سمت ميدان تي آيو جنهن گلين ميڪسول سان 69، جيمز فالڪنر سان 55 ۽ بريڊ هيڊن سان 55 رنسن جي ڀائيواري ڪري ٽيم کي سوڀ جي راهه تي آندو. اسٽيون سمٿ شاندار سينچري ٺاهي جنهن ۾ هن 102 رنسون ٺاهيون ، هن آسٽريليا کي اهم ميچ  ۾ 3 وڪيٽن تان سوڀ ڏياري ٽي ملڪي سيريز جي فائنل ۾ پهچايو. آخر ۾ ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي آسٽريليا جي وقتي ڪپتان اسٽيون سمٿ کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

 

ڳڙهي خيرو ۾ پهرين رتن ڪمار سنڌ بلوچستان فٽبال ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ کيڏي وئي

ڳڙهي خيرو(اسپورٽس نيوز) ڳڙهي خيرو ۾ پهرين رتن ڪمار سنڌ بلوچستان فٽبال ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ کيڏي وئي. افتتاحي ميچ ڪاڪڙ فٽبال ڪلب زيارت بمقابلا براهوي فٽبال ڪلب خضدار وچ ۾ کيڏي وئي.ميچ ۾ ڪاڪڙ ڪلب زيارت جي ٽيم چار گول ڪري سوڀ ماڻي. افتتاحي ميچ جو خاص مهمان اڳوڻو تعلقي ناظم مير علي نواز شهلياڻي هو.

 

وومين ڪرڪيٽ، انگلش ٽيم ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي، انگلش ٽيم دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف آءِ سي سي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جي سلسلي ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي، انگلش ٽيم ميزبان ٽيم خلاف 2 اضافي هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز پڻ کيڏندي، آءِ سي سي ويمن چيمپين شپ ۾ هيستائين کيڏيل ميچن کان پوءِ آسٽريلوي ٽيم مسلسل 6 ميچون کيڏي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي آهي، ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 6 مان ٽي ميچون کٽي ٻئين، ويسٽ انڊيز ٽيم 6 مان 3 ميچون کٽي ٽئين ۽ پاڪستان جي ٽيم 6 مان 3 ميچون کٽي چوٿين نمبر تي آهي.

 

تعليم جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا وڃن…!

 

تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو چيو آهي ته اسان تعليم کاتي اندر ملينيم گول پورا نه ڪري سگهيا آهيون، ان ۾ سڀ ذميوار آهيون. اسان وٽ وسيلا ٿورا آهن جن کي مس مئنيج ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته حمام ۾ اسان سڀ ننگا آهيون جنهن لاءِ سڀني کي ذميواري قبول ڪرڻي پوندي. لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تعليم کاتي ۾ مئنيجمينٽ ڪيڊر متعارف ڪرائڻ تعليم جي ڀلائي ۾ آهي، جنهن ۾ بهتر اڳڀرائي اها ٿي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ استاد تنظيمن جي پٽيشن تي جاري ڪيل اسٽي ختم ڪري ان درخواست کي سنڌ سروسز ٽربيونل ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مان استاد تنظيمن کي وري به گذارش ڪريان ٿو ته کاتي جي رولز ۾ استادن کي ڪو نقصان نه آهي. استاد جڏهن پاڻ کي پڙهائڻ تائين محدود رکندا ته انهن جي عزت ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته استادن لاءِ ڳالهين جا دروازا اڃا به کليل آهن. اسان استادن جي ترقين ۽ پوسٽن کي نه گهٽايو آهي، جيڪڏهن استاد تنظيمن جا اڳواڻ چاهن ته وري ڳالهين جي ميز تي ويهي سگهن ٿا. هن چيو ته والدين پنهنجي ٻارڙن کي پڙهائڻ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن، ايئن نه ٿئي جو اهي استادن جي نه پڙهائڻ خلاف روڊن تي نڪري اچن. ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو جو چوڻ هو ته اهو چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ اڻ ڳڻيا اسڪول بند آهن جن جو اڳ تعداد 5 هزارن کان وڌيڪ هو هاڻ استادن جي نئين ڀرتين کانپوءِ ڪي اسڪول کلڻ جا اطلاع مليا آهن. پر انهن جي تصديق ڪئي ويندي. هن چيو ته تعليم کاتي ۾ مانيٽرنگ جي نظام کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت ايندڙ 15 ڏينهن اندر ڪال سينٽر ڪم شروع ڪندو، جنهن ذريعي استادن جي لوڪيشن مانيٽر ڪري سگهبي. هن چيو ته اسڪولن جي نگراني لاءِ مانيٽر به مقرر ڪيا پيا وڃن، جيڪي اسڪولن جا دورا ۽ نگراني ڪري ٿڏي تي کاتي کي آن لائين رپورٽ ڏيندا. پهرين مرحلي ۾ اهي مانيٽر سنڌ جي لاڙڪاڻي، نواب شاهه، سکر سميت پنجن ضلعن ۾ مقرر ٿيندا. هن چيو ته ارلي چائلڊ اسڪول به کوليا ويندا، جتي ليڊي ٽيچرس مقرر ڪيون وينديون. هن چيو ته مئنيجمينٽ ڪيڊر متعارف ڪرائڻ بعد بهتري اچڻ لڳي آهي. استاد ڊيوٽين تي وڃڻ لڳا آهن ۽ ڪيترن ئي گوسڙو استادن جي نشاندهي به ٿي وئي آهي. هن چيو ته استادن کي اجايو اعتراض آهي، اسان مئنيجمينٽ ڪيڊر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو آهي، ڪي تپيدار مقرر نه ٿيا آهن جو اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پنجين درجي جي شاگردن جي ٽيسٽ وٺڻ لاءِ ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، جنهن جي فارم ۾ ڪلاس ٽيچر جو نالو لکڻ جو ڪالم به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سان پتو پوندو ته استادن جي پڙهائڻ جو معيار ڪيترو آهي، جنهن جو معيار ڪمزور هوندو اهو استاد وائکو ٿيندو ۽ جيڪي استاد پڙهائڻ ۾ ڀڙ هوندا تن کي مڃتا ايوارڊ ڏينداسين.

 

ايڊيٽر ڏانهن خط؛ مسٽر شهزاد علي ڪراچي

1

ريل سفر جو ڪلچر بحال ٿيڻ گهرجي ؛لياقت راڄپر

دنيا ۾ جدت اچڻ سان ترقي ٿي آهي، جيڪا دنيا جي ختم ٿيڻ تائين جاري رهندي جنهن جي ڪري نئين ايجاد پراڻي سسٽم کي پوئتي ڌڪي ڇڏي ٿي ۽ ڪڏهن ته ان جو وجود بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو. دنيا ۾ ڪميونيڪشن ۾ ترقي ڪرڻ سان سفر جون سهولتون تيز ۽ وڌيڪ ٿي ويون آهن ۽ هاڻي دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ وانگر ٿي پئي آهي ۽ توهان دنيا جي هڪ ڇيڙي کان آخري ڪنڊ تائين ٿوري وقت ۾ پهچي وڃو ٿا جڏهن ته ڪنهن زماني ۾ انسان جي زندگي پوري ٿي ويندي هئي پر هو پوري دنيا نه ڏسي سگهندو هيو.پاڪستان ۾ انگريزن ريلوي نظام کي آڻي سفر جون سهولتون پيدا ڪري ڇڏيون جڏهن ته هن وقت هوائي جهاز به تيز اچي ويا آهن ۽ اسان سڄي پاڪستان اندر ڪلاڪن ۾ اچي وڃي سگهون ٿا ۽ ان کان علاوه سڄي ملڪ اندر روڊن ۽ رستن جو ڄار وڇائجي ويو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ جا ننڍڙا ڳوٺ به هڪٻئي سان ملي ويا آهن ۽ ملڪي معيشت کي فائدو مليو آهي پر جڏهن رڳو ريل جي سواري هئي ته ان جو سفر ڏاڍو مزو ڏيندو هيو ۽ ماڻهن لاءِ هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ لاءِ اهو ئي واحد تڪڙو سفر هيو. مون کي ياد آهي ته جڏهن مان هوش سنڀاليو ته پهريون ريل گاڏي جو سفر لاڙڪاڻي کان سکر لاءِ ڪيو جنهن لاءِ پنهنجي گهروارن سان ٽانگي تي چڙهي لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن پهتس، ريل گاڏي کان اڳ گهوڙي گاڏي جو مختصر سفر به وڏي مزي جو هيو. بهرحال منهنجو نانو قادر بخش کوکر جيڪو ويسٽرن ريلوي جو ملازم هيو تنهن کي سفر لاءِ ٽڪيٽ تي Concession ملندي هئي. اهو به هڪ دور هيو جڏهن ريل گاڏي پري کان ايندي هئي ته مسافر اڳ ۾ ئي سامان هٿ ۾ کڻي اٿي بيهندا هيا ۽ سڀ کان پهريان عورتن جي دٻي ڏي ڀڄندا هيا ڇو جو عورتن ۽ ٻارڙن کي سيٽ تي ويهاري پوءِ اچي هو مردن جي دٻي ۾ جاءِ ڳولي ويهندا هيا.جيئن ئي ريل گاڏي پيلٽ فارم تي پهچندي هئي ته لهندڙ ۽ چڙهندڙ مسافرن جو هڪ وڏو هجوم ڪِوِلين سان گڏ چرندو ۽ ڀڄندو نظر ايندو هيو. لهندڙ مسافرن کي وٺڻ لاءِ گهر وارا پليٽ فارم تي اڳ ئي بيٺا هوندا هيا جيڪي اسٽيشن تي اچڻ لاءِ ٽڪيٽ وانگر هڪ پليٽ فارم وٺندا هيا نه ته ٽڪيٽ چيڪر انهن کي بغير ٽڪيٽ جي سفر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري پوليس جي حوالي ڪندو هيو ۽ پوءِ اتي هو پاڻ ڏنڊ وٺندا هيا يا وري چالان ڪري مئجسٽريٽ وٽ ڪيس ٺاهي موڪليندا هيا. ريلوي جي پنهنجي پوليس ۽ مئجسٽريٽ هوندا هيا. ننڍن ريلوي اسٽيشن تي گاڏي ٿوري وقت لاءِ بيهندي هئي جڏهن ته وڏي اسٽيشن تي ڪجهه وقت وڌيڪ Stay ڪندي هئي ۽ ان دوران مسافر ماني وٺندا يا کائيندا هيا ۽ چانهه پيئڻ لاءِ، پاڻي ڀرڻ لاءِ گاڏيءَ مان لهي ايندا هيا. جڏهن ته گارڊ جيڪو ريل گاڏيءَ جو انچارج هوندو هيو اهو به چانهه يا ماني جي وقفي کي آرام لاءِ استعمال ڪندو هيو.هر اسٽيشن تي هڪ اچڻ ۽ وڃڻ جي وڏي گيٽ هوندي هئي جتي ٽڪيٽ ڪليڪٽر ٽڪيٽ وٺندو هيو. ان کان علاوه ٻاهر وڃڻ جي ٻين رستن تي ٻيا ريلوي جا ملازم ٽڪيٽ وٺندا هيا. قانون جو احترام ۽ خوف هيو ان لاءِ گهڻي قدر ماڻهو ٽڪيٽ وٺندا هيا. گاڏي ۾ سوار مسافرن ۾ ٻار ڪوشش ڪري دٻي جي دريءَ وٽ ويهندا هيا ۽ وڏا وري درن تي به بيهندا هيا ته جيئن هلندڙ ٽرين مان ٻاهر جا نظارا ڪري سگهن. حالانڪه هلندڙ گاڏيءَ ۾ ٻاهران مٽي تمام گهڻي اندر ايندي هئي پر ان جي به پرواهه نه ڪئي ويندي هئي. گاڏي بيهڻ سان ئي شين کپائڻ وارن جا آواز تيز ٿي ويندا هيا جنهن ۾ خاص ڪري چانهه کپائڻ وارا، ماني ۽ مٺائي وڪڻڻ وارا، ڇولن وارا ۽ شربت وڪڻن وارا به هوندا هيا.ريل ۾ dining Car هوندي هئي جتي وري امير ماڻهو وڃي ماني کائيندا هيا يا چانهه پيئندا هيا. هڪڙيون گاڏيون ايڪسپريس هونديون هيون جيڪي ننڍن اسٽيشنن تي نه بيهنديون هيون ۽ ٻيون وري پئسنجر هيون جيڪي هر اسٽيشن تي بيهي رهنديون هيون ۽ انهن ۾ سفر ڪرڻ سان وقت گهڻو لڳندو هيو. ريل جي دٻن ۾ درين کي شيشا لڳل هوندا هيا جيڪڏهن چاهيو ته اهي بند ڪري ڇڏيو ۽ خاص ڪري سياري جي موسم ۾، هر دٻي ۾ ڪافي روشني لاءِ بلب لڳل هوندا هيا ۽ واش روم ۾ پاڻي وڏي مقدار ۾ هوندو هيو، ڪجهه ويهڻ جون سيٽون ۽ ڪجهه ان جي مٿان سمهڻ لاءِ سيٽون هيون. پرائمري ۾ پڙهڻ وقت مون هڪڙو سبق پڙهيو هيو جنهن ۾ ريل گاڏيءَ جو ذڪر هيو ۽ جڏهن اهي منظر مون اکين سان ڏٺا ته وڏو مزو آيو. سبق ۾ هيو ته جڏهن ٽرين جو گارڊ سيٽي وڄائي ۽ وري سائي جهنڊي ڏيکاري ٿو ته ريل گاڏي هلي ٿي ۽ جڏهن ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري ٿو ته ريل بيهي ٿي ۽ انجڻ جو ڊرائيور گارڊ جي اشاري تي هلندو هيو. اڇي ۽ صاف ورديءَ ۾ گارڊ جنهن جي مٿي تي ڪيپ ۽ ڪپڙن مٿان نيري رنگ جو ڪوٽ پائي ايندو هيو ته ڏاڍو سهڻو لڳندو هيو. پر ان جي مقابلي ۾ انجڻ جي ڊرائيور جي حالت پگهريل ۽ پريشان هوندي هئي ڇو جو انجڻ جي اندر گرمي هوندي هئي ۽ انجڻ کي هلائڻ لاءِ ڪوئلو استعمال ٿيندو هيو جيڪو پٿر وانگر سخت هيو. هر وڏي ريلوي اسٽيشن تي لڳل وڏن ڊگهن نلڪن منجهان انجڻ ۾ پاڻي ڀريو ويندو هيو.ريلوي اسٽيشن به هڪ تفريح گاهه وانگر هئي جتي ٻاهر ٽانگن جون قطارون هيون ۽ مسافرن جي اچڻ سان ٽانگي وارا زور زور سان آواز لڳائيندا هيا ۽ پوءِ جنهن به ٽانگي تي ويهڻو هوندو هيو، ان تي قلي جيڪي ڳاڙهي قميص پهريل هوندا هيا ۽ انهن جي ٻانهن تي پتل جي ٽڪلي ٻڌل هوندي هئي جنهن تي نمبر لڳل هيو، سامان ٽانگي ۾ رکندا هيا. ان وقت گهڻي قدر ماڻهو سامان قلين کان کڻائيندا هيا. گاڏين جي اچڻ سان اڳ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ وڏي قطار هوندي هئي پر عورتون ٽڪيٽ نه وٺنديون هيون. عورتن ۽ ٻارن لاءِ ويٽنگ روم هئي ۽ مردن لاءِ الڳ انتظار گاهه هيا، جيڪي سيڪنڊ ڪلاس ۽ فرسٽ ڪلاس سيٽن ۽ دٻن وانگر الڳ هوندا هيا.اسٽيشن تي اسٽيشن ماسٽر ۽ ٽڪيٽ ڪليڪٽرن جون الڳ الڳ آفيسون هيون ۽ ريل جي اچڻ جي اطلاع لاءِ هڪ سسٽم هيو جنهن تي آڱر سان ڪجهه ٽائپ ڪرڻ وانگر آڱر هلائبي هئي ۽ پوءِ ٽائيم جي خبر پوڻ کان پوءِ اسٽيشن ماسٽر ڪانٽا بدلائڻ واري ڏي اطلاع موڪليندو هيو جيڪو سگنل کي هيٺ ڪري سائي بتي ٻاريندو هيو ۽ ان سان گڏ ڦاٽڪ وارو ڦاٽڪ بند ڪندو هيو ۽ پوءِ اسٽيشن ماسٽر پاڻ سائي جهنڊي کڻي اچي پليٽ فارم تي بيهندو هيو ته جيئن ريل گاڏي اچي ۽ پوءِ مسافر تيار ٿي سامان کڻي بيهندا هيا پر ان سان گڏ هڪ گهنڊ به وڄندو هيو جيڪو ريل اچڻ جو اطلاع سمجهبو هيو. پليٽ فارم تي هڪ اسٽال، هڪ پاڻي پيئڻ جي مشين، اخبارن جو اسٽال، ماڻهن جي ويهڻ لاءِ سائي رنگ جون ڪاٺ واريون بينچون به هيون. ان کان علاوه اتي هڪ ڪلاڪ روم به هيو جتي ٻاهران ايندڙ سامان يا وري موڪلڻ وارو سامان پيو هوندو هيو جنهن جي کڻڻ لاءِ لوهه جون ٽراليون هونديون هيون ۽ سامان کڻڻ وارا پورٽر نيري رنگ جي وردي پهريل هوندا هيا. خاص ڪري اونهاري ۾ شام کانپوءِ شهر جا ماڻهو ريلوي اسٽيشن جو رخ ڪندا هيا جتي هو ٺهيل لوهي پل تي ويهي هوا هلڻ جو انتظار ڪندا هيا پر جڏهن ريل ايندي هئي ته هو ٻاهر نڪري ويندا هيا. ريل مان لهندڙ ۽ چڙهندڙ ماڻهن وارو منظر ڏاڍو ڀلو هيو، ڪي پنهنجن سان ملڻ اچن پيا ۽ ڪي وري پنهنجن کان موڪلائي سفر تي ويندا هيا. هي ڏک ۽ سک وارو منظر وڻندڙ هيو.ريل گاڏيءَ جي دٻن منجهان ٻاهر منهن ڪڍيل ماڻهو جڏهن ڪنهن ڳوٺ يا شهر مان گذرندا هيا ته اتان جا هلندڙ ماڻهو هنن کي آڌر ڀاءُ لاءِ هٿ لوڏي سلام ڪندا هيا. ريل جي انجڻ جڏهن سيٽي وڄائيندي هئي ته ڄڻ دل کي فرحت ملندي هئي هن ڪوڪو ڪرڻ لاءِ انجڻ اندر هڪ تار لڳل هئي جنهن کي ڇڪڻ سان هي پيارو آواز نڪرندو هيو. هن کي هلائڻ لاءِ ٻه ڄڻا ڊرائيور هوندا هيا جيڪي گاڏي جي ڇڪ ڇڪ پيدا ڪري رفتار وڌائڻ ۽ گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا هيا. ريل سان گڏ هلندڙ بابو، ڊرائيور، پوليس وارا به مسافرن وانگر پنهنجن سان ملڻ لاءِ هڪ هڪ پل جو انتظار ڪندا رهندا هيا. هنن جي ڊيوٽي به اپ ۽ ڊائون هوندي هئي جنهن جي رهڻ لاءِ ريلوي وارن ڪوارٽرن جو انتظام ڪيو ويو هيو ۽ جڏهن ته پوليس وارن لاءِ خاص الڳ پوليس ٿاڻو به هوندو هيو جتي هو چورن ۽ بغير ٽڪيٽ جي سفر ڪرڻ وارن کي رکندا هيا. پليٽ فارم تي ٽپال خانو به هيو، جتي خط ايندا هيا ۽ اتان ٽپال ٽرين ۾ موڪلبي هئي.ريل جي وڏي سفر دوران مسافر هڪ ٻئي جا دوست ٿي ويندا هيا ۽ جيڪڏهن انهن ۾ ڪو شاعر يا سگهڙ هوندو هيو ته پنهنجي ڪلامن سان ويٺل مسافرن کي تفريح مهيا ڪندو هيو. سفر دوران فقير اڪثر ڀٽائي جا ڪلام ٻڌائي خيرات گهرندا هيا ۽ شين وارا به هوڪا ڏيندا هيا ان زماني ۾ گهڻو ڪري ڳنڍ ڪپڻ وارا هوندا هيا ۽ ٿوري گهڻي سامان جي به چوري ڪندا هيا ۽ مسافر ڀڄندا ڀڄندا گاڏي تي سوار ٿي در تي ئي بيهي رهندا هيا. اڪثر شاگرد ڄامشوري يا وري ڪراچي ۾ پڙهڻ لاءِ ريل جي سفر کي پسند ڪندا هيا ڇو جو انهن لاءِ ڪرايو اڌ هوندو هيو. مون کي اڄ به ياد آهي ته پليٽ فارم تي ڪجهه پوسٽر لڳل هوندا هيا جن منجهان هڪ تصوير ۾ قلي سامان کنيو وڃي ٿو ۽ مسافر پڃري ۾ بند ٿيل طوطي کي کنيو وڃن ٿا، جنهن لاءِ طوطي جي زباني هڪ تحرير هئي ته Look master you have forgotten to book us all.لاڙڪاڻو جنڪشن ريلوي اسٽيشن هئي، جنهن ۾ پراڻو ۽ نئون اسٽيشن شامل هيون. لاڙڪاڻي کان قمبر علي خان، شهدادڪوٽ کان ٿيندي ٽرين جيڪب آباد ويندي هئي ان کان علاوه گاڏيون حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي کان ٿيندي ڪراچي پهچنديون هيون ۽ خاص ڪري ڄامشوري وٽ شاگرد يونيورسٽي وڃڻ لاءِ لهي پوندا هيا ۽ ڪجهه مسافر جڏهن سپر هاءِ وي ٺهيو ته بس ۾ چڙهي ڪراچي وڃڻ لڳا نه ته ڪراچي لاءِ ريل ۾ ئي ويندا هيا. ڪراچي کان بولان ميل ڪوئٽه لاءِ ويندي هئي جنهن لاءِ لاڙڪاڻي مان هڪ بوگي لڳندي هئي. لاهور ۽ پنڊي وڃڻ لاءِ ڪوٽڙي وڃڻو پوندو هيو ۽ پو وري ڪجهه سهولتون وڌيڪ مليون ته ۽ ٻيون پئسنجر گاڏيون هلنديون هيون. مسافرن لاءِ وڏي سهولت هئي. لاڙڪاڻي مان اناج ۽ ٻيو سامان موڪلڻ لاءِ مال گاڏيون هيون ۽ ان لاءِ هڪ ڊراءِ پورٽ قائم ڪيو ويو. اسٽيشن جي ٻاهران سٺو پارڪ ٺاهيو ويو جتي مسافر ۽ شهري ويهندا هيا. پهريان جيڪي اسٽيم ڪاري رنگ جي انجڻ هئي جنهن کي صرف هڪ منهن هوندو هيو جنهن جي رخ کي تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ لوڪو شيڊ به هيو.ريل گاڏي ۾ سفر ڪرڻ به هڪ تفريح هيو ۽ وي آءِ پي ۽ بزنس مين به ان ۾ سفر فيملي سان گڏ ڪندا هيا ۽ هرڪو پاڻ سان گڏ گهر جي ماني پچائي ساڻ کڻي ويندو هيو ۽ جڏهن کان ممتاز علي ڀٽو ريلوي جو وزير ٿيو ته ريلوي جو نظام اڃا وڌيڪ بهتر ٿي ويو ۽ هو پاڻ به ريل ۾ سفر ڪندو هيو. ڀٽي صاحب جي زماني ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ صدر محمد ايوب ۽ پوءِ ٻاهرين ملڪن جا سربراهه جنهن ۾ شهنشاهه ايران ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن لاڙڪاڻي ايندا هيا ته ريل جي سفر کي پسند ڪندا هيا. ان کان علاوه جڏهن به ڪو وي آءِ پي ڪيڏانهن ويندو هيو ته هو لاڙڪاڻي ۽ موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ ضرور ايندو هيو ۽ وزير به ريل رستي سيلون ۾ ايندا هيا جتي رهڻ کائڻ سان گڏ هر سهولت موجود هوندي هئي ۽ انهن جو سيلون اچي لوڪو شيڊ ڀرسان ٺهيل پليٽ فارم تي بيهنديون هيون جتي هڪڙو ننڍڙو پارڪ به ٺهيل هوندو هيو.

ڀٽي صاحب جي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ روڊن ۽ رستن جو ڄار وڇائجي ويو ۽ روڊ ٽرانسپورٽ کي ترقي ملي ۽ سڄي ملڪ سميت لاڙڪاڻي مان به ڪوچون ۽ ويگنون هلڻ لڳيون ۽ زميندارن ۽ ڪامورن کي گاڏيون ملي ويون ڇو جو پئسي جي ريل پيل وڌي وئي. (جاري)

.