تازيون خبرون

Daily Archives: January 23, 2015

اسحاق ڊار ٻڌائي ته حڪومت ڌانڌلين بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ کان ڇو ڊڄي رهي آهي: شرين مزاري

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري چيو آهي ته اسحاق ڊار ٻڌائي ته حڪومت، ڌانڌلين بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ کان ڇو ڊڄي رهي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري چيو ته اسحاق ڊار الزامن واري سياست بند ڪري. هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن جي حوالي سان پي ٽي آءِ جو موقف ساڳيو آهي،پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل مسودي سڀ تفصيل موجود آهن. تحريڪ انصاف جي ترجمان شيرين مزاري جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو پهرين ڏينهن کان ئي آزاد عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن

 

ڪراچي ۾ فائرنگ ۽ تشدد جا واقعا، وڌيڪ 4 ڄڻا مارجي ويا، 15 گرفتار ، هٿيار هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچيءَ ۾ فائرنگ ۽ تشدد جي واقعن ۾ هڪ ٻار سميت وڌيڪ 4 ڄڻا مارجي ويا، مختلف علائقن ۾ رينجرز ٽارگيٽڊ ڪارروائين دوران 7 ڏوهارين سميت 15 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس موجب گارڊن واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اڻڄاتل شخص مارجي ويو. ريڪسر ندي ۽ لياري ندي مان تشدد ٿيل هڪ ٻار سميت ٻن ڄڻن جا لاش مليا، جڏهن ته ڀينس ڪالوني مان اڻڄاتل شخص جو گوليون لڳل لاش مليو جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. رينجرز ترجمان موجب ملير جي علائقي باون شاهه ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن جن جي قبضي مان ايس ايم جــِي گن سميت ٻيا هٿيار، منشيات ۽ شراب برآمد ٿيو آهي. هوڏانهن گلستان جوهر جي علائقي پهلوان ڳوٺ ۾ رينجرز سرچ آپريشن ڪيو، ان دوران علائقي ڏانهن ويندڙ سمورن رستن کي سيل ڪيو ويو ۽ ڪجهه رهائشي عمارتن ۾ ڇاپا به هنيا ويا. ان دوران 8 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي جڏهن ته حراست ۾ ورتل ماڻهن جي سڃاڻپ نه ٻــُڌائي وئي آهي

 

21هين ترميم تان خدشا ختم ڪرڻ لاءِ 22 وهين ترميم اڻٽر آهي: مولانا فضل الرحمان

چيچا وطني (م.ڊ) جمعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياسي هم آهنگي ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايڪيهين ترميم کانپوءِ ٻاويهين ترميم آڻڻي پوندي، هو گذريل ڏينهن جامع رشيديا ساهيوال ۾ مختلف وفدن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو، ان موقعي تي اڳوڻو وفاقي وزير مولا عطاءُ الله، مولان ڪليم الله، قاري بن شهيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جمهوري نظام جي بقا لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏنو پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته پرڏيهي ايجنڊا جي تڪميل ۽ ديني مدرسن خلاف ٿيندڙ ڪاررواين تي اسان خاموش تماشائي بڻجي وڃون، ايڪيهين ترميم تي تحفظات دور ڪرڻ لاءِ 22 وهين ترميم اڻٽر آهي.

 

يو اي اي اختيارين عزير بلوچ کي انٽرپول حوالي ڪري ڇڏيو

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) يو اي اِي اختيارين عزير بلوچ کي انٽرپول حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عزير بلوچ کي ايران کان دبئي پهچڻ تي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو. سنڌ حڪومت عزير بلوچ جي حوالي سان سمورا دستاويز پرڏيهي وزارت حوالي ڪريا ڇڏيا. واضح رهي ته پاڪستاني حڪومت پاران عزير بلوچ جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪيو ويو هو. عزير بلوچ ڪراچي ۾ گينگوار جو مرڪزي جوابدار سمجهيو وڃي ٿو.

 

امرتا رائو رڻوير سنگهه کي ڪشور ڪمار جو ٻيو روپ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره امرتا رائو جيڪا اميتاڀ بچن ۽ شاهه رخ خان جهڙن سپر اسٽارز سان ڪم ڪري چڪي آهي ان جو چوڻ آهي ته آئون رڻوير سنگهه سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي بيچين آهيان ڇو ته هو ليجنڊ اداڪار ڪشور ڪمار جي ياد تازي ڪري ڇڏيندو آهي اها ڳالهه هن هڪ تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي اداڪاره جو چوڻ هو ته مون پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ اميتاڀ بچن ۽ شاهه رخ خان جهڙن سپر اسٽارز ان گڏ ڪم ڪيو، اهي ٻئي مون کي تمام گهڻا پسند آهن پر ان جي باوجود ڪشور ڪمار جي تمام وڏي پرستار آهيان ۽ رڻوير سنگهه جي اداڪاري ڏسي ڪشور ڪمار ذهن ۾ اچي ويندو آهي.

 

هالي ووڊ فلم جوپيٽر اسينڊنگ 6 فيبروري تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي

نيويارڪ(شوبز نيوز)هالي ووڊ اداڪاره ملا ڪيونس ۽ مشهور اداڪار چيننگ ٽيٽم هاڻ نئين فلم جوپيٽر اسينڊنگ ۾ گڏ نظر ايندا جيڪا 6 فيبروري تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي، جوپيٽر اسينڊنگ جي ڪهاڻي غير معمولي صلاحيتون رکندڙ هڪ اهڙي ناري جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن کي ڪائنا جو ايندڙ اڳواڻ چونڊيو وڃي ٿو جنهن کانپوءِ ناري ٻئي سياري کان آيل طاقتور شخص سان مهاڏو اٽڪائي ٿي هاڻ ڪامياب ڪير ٿيندو اهو ڏسڻ لاءِ شوقينن کي 6 فيبروري تائين انتظار ڪرڻو پوندو

 

آئون وڌ کان وڌ ميگزين جي زينت ۽ فلمن جو حصو بڻجڻ چاهيان ٿي: هما قريشي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره هما قريشي چيو آهي ته شهرت جي معاملي ۾ هوءَ لالچي عورت آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق اداڪاره هما قريشي پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو ته هو وڌ کان وڌ ميگزين جي زينت ۽ فلمن ۽ اشتهاري مهم جو حصو بڻجڻ چاهي ٿي. هن چيو ته هوءَ شهرت جي معاملي ۾ لالچي آهي ۽ هن کي هميشه وڌ کان وڌ طلب هوندي آهي.

 

ڪرن جوهر 70 واري ڏهاڪي جي فلم ”دوسرا آدمي“ جو ريميڪ ٺاهيندو

ممبئي(شوبز نيوز) ڪرن جوهي ماضي جي هڪ ٻي فلم دوسرا آدمي جو ريميڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي فلم دوسرا آدمي ۾ رشي ڪپور جو ڪردار ان جو پٽ رنبير ڪپور ادا ڪندو 70ع واري ڏهاڪي جي رومينٽڪ فلم دوسرا آدمي ۾ مرڪزي ڪردار رشي ڪپور ادا ڪيو هو هاڻ ريميڪ ۾ رنبير ڪپو ادا ڪندو جڏهن ته راکي جي ڪردار لاءِ ايشوريا راءِ جو نالو ورتو پيو وڃي فلم جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ رنبير ڪپو جي والد نيتو سنگهه به هئي ۽ خبر پئي آهي ته ڪرن جوهر ان ڪردار لاءِ انوشڪا شرما سان رابطو ڪري رهيو آهي.

 

ڏکڻ آفريڪا هڪ طرفي مقابلي بعد ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ اهم ميچ ۾ ميزبان ڏکڻ آفريڪا هڪ طرفي مقابلي بعد ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچز سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ڏکڻ آفريڪا جي شهر ايسٽ لنڊن ۾ کيڏي ويل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ ۾ويسٽ انڊيز جي ٽيم جي ڪپتان هولڊر ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ويسٽ انڊيز جي ٽيم جا بيٽسمين ڏکڻ آفريڪي بالرز آڏو بيوس نظر آيا ۽ 33 ڏهائي 4 اوورس ۾ صرف 122 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران مارلن سموئلز 26، ڪارٽر 18، هولڊر 17۽رسل 16 رنز جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيا،جڏهن ته ڪرس گيل هڪ رنز ٺاهي سگهيو. ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاران عمران طاهر 7ڏهائي 4 اوورس ۾ 28 رنز ڏئي 4، وڪيٽون حاصل ڪيون، فلينڊر 3، ڊيل اسٽين 2، جڏهن ته مورني مورڪل هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ڏکڻ آفريڪي ٽيم ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران مليل 123 رنز جو ٽارگيٽ 24 ڏهائي 4 اوورس ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ميچ ۾ ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري سيريز  به پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ڏکڻ آفريڪا پاران هاشم عاملا 61۽ ڊيو پلاسيز 51 رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڏکڻ آفريڪا فاسٽ بالر ورنر فلينڊر کي بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

 

ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندس: ڪين وليمسن

ڊونيبن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين آل رائونڊر ڪين وليمسن چيو آهي ته سيريز جي ايندڙ ميچن ۾ بهترين ڪارڪردگي سبب ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندس. هن چيو ته سريلنڪن ٽيم جي خلاف چوٿين ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي آهي. هن چيو ته سندس ٽيم سريلنڪن مهمان ٽيم کي پنجين ميچ ۾ هارائي سيريز ۾ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائيندي. هن چيو ته ستن ميچن جي سيريز ۾ 1-2 جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ٽيم جي کٽڻ جو چانس وڌيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ٽيم مهمان ٽيم خلاف ون ڊي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ راند جي هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن پوري ٽيم جي تعريف ڪئي. ڪين وليمسن چيو ته سريلنڪا جي خلاف پنجين ميچ ۾ ٽيم جي رانديگرن جي ڪارڪردگيءَ کي برقرار رکڻو پوندو ۽ هو ٽيم مان پراُميد آهي ته رانديگر ون ڊي سيريز جي باقي ميچن ۾ بهترين ڪارڪردگي کي برقرار رکندي سيريز پنهنجي نالي ڪندا.